سفرناما

سِڪ سڄڻ يار جي

”سڪ سڄڻ يار جي“ اصل ۾ 1956ع ۾ پنڌ ڪيل حج جو سفرنامو آهي جنهن جو ليکڪ حاجي عبد الڪريم سنگهار آهي.
هي ڪتاب 2016ع ۾ سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ساحل پرنٽرز وٽان ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون مور ساگر ۽ يوسف سنڌيءَ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book سِڪ سڄڻ يار جي

باب ٽيون : هڪ عجيب لقاءُ

هڪ گهر ۾ اٽي پيسائيءَ لاءِ پهتس. اُن گهر ۾ جنڊ ڪو نه هو، باقي اَن جي گسائي واري پليٽ هئي. اُهو گهر ڪنهن غريب ماڻهوءَ جو هو ۽ انهيءَ گهر کي سنڀالڻ واري به اڪيلي عورت هئي، جيڪا ڪم ڪري رهي هئي. ۽ مون ڏٺو ته اُها اڪيلي عورت هڪ ئي وقت ٽي ڪم ڪري رهي هئي. اُن عورت کي گوڏ ٻڌل هئي ۽ چولي جو به رڳو آڳو پيڇو هو، جنهن کي بغلن تائين سَڳن (ڌاڳن) سان ٽوپا ڏنل هئا ۽ مٿي تي رومال ٻڌل هوس. هوءَ ساڳئي وقت کير به ولوڙي رهي هئي ته ٻار کي به لوڏي رهي هئي ۽ گڏوگڏ اٽو به گسائي ڪڍي رهي هئي. پر شاباش هجي هُن جي عقل کي، هڪ گول ڪدو، جنهن جي مُرليءَ وانگر چهنب وڌيل هئي، جنهن ۾ هٿ پئجي سگهي. ڪدوءَ کي ٻاهران سُٽ جي ڄاري ٻڌل هئي. اُهو ڪدو ڌاڳن سان ساڄي پاسي کٽ جي اِيسَ ۾ ٻڌل هو. کاٻي پاسي چادر جي لوڏ ٻڌل هئي، جنهن ۾ ٻار سُتل هو. وچ تي اٽي گسائن واري پٿر جي پليٽ رکي هئي. پُسيل جوئر پليٽ جي مٿئينءَ حصي ۾ جمع ٿيل هئي. گوڏا هيٺ کوڙي چڪ سان جوئر گسائيندي هيٺ رکندي وڃي. ساڄي پاسي واري ٺونٺ ڪدوءَ کي هڻيو ڇڏي ته ڪدو پيو لُڏي ۽ ڇِڙ ڇڙِ پيو ڪري ته کير پيو ولوڙجي. وري کاٻي پاسي واري ٺونٺ ٻار جي لوڏ کي هڻيو ڇڏي ته ٻار به پيو لُڏي ۽ ماٺ ڪريو آرام پيو ڪري. هيڪانڌا ٽي ڪم، اُها عورت هڪ ئي وقت ڪري رهي هئي.
اتي جنڊ ته هو ڪونه، جو آئون اٽو پيسائي ڪريان. تنهن ڪري واپس وڃڻ لڳس. پر اُن عورت مونکي سڏ ڪري چيو ته ”يا اَخي طالِ هِنا“ (اي ڀاءُ، هيڏانهن اچ) آئون موٽي کيس ويجهو ويس. اُن عورت مون کان سڄي جوئر وٺي، ان جي عيوض تندور مان مانيون ڪڍي مون کي ڏنائين ۽ چيائين ته مسڪين بابا هي مانيون کائي مون کي دعا ڪجانءِ. آئون مانيون کڻي رفيقن وٽ پهتس ۽ گڏجي ماني کاڌي سين. منهنجا رفيق مون کي جوئر يا ٻاجهريءَ جي پيسائيءَ لاءِ اُن ڪري موڪليندا هئا جو آئون عربي ڳالهائڻ به سکي ويو هوس. ٻيو عربي لباس پائيندو هوس ۽ ٽيون ته نوجوان ڏسي مون سان عورتون کِل ڀوڳ ۽ چرچا به ڪنديون هيون. ۽ وري منهنجي ماءُ، پيءُ ۽ ڀينر جي پُڇا ڪنديون هيون. اِهي ته ٽيئي منهنجا ڪو نه هئا. پوءِ چونديون هيون ته ”هٰذا يَتِيمُ.“ گهڻو ڪري عورتون مون کي اٽو پيسائي ڪري ڏينديون هيون. جيستائين اٽو پيسائي ٿئي، تيستائين جيڪڏهن ماني کائڻ جو وقت هوندو هو ته ماني به کارائينديون هيون. پوءِ اچي رفيقن سان ملندو هوس. منهنجا رفيق گهڻو ڪري پني ماني کائيندا هئا پر آئون پنهنجي لاءِ پاڻ اٽو پيسائي ڪندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن رفيق مون کان به اٽو وٺندا هئا. ان جي عيوض ڪڏهن ڪڏهن انهن جا پنيل ٽڪر به کائي وٺندو هوس.
هڪ جاءِ تي رستو ڀلجي وياسين. اُتي هڪڙي پوڙهي عورت ڳئون چاري رهي هئي. جنهن کي انگريز صاحبن وارو ڦڙهن جو ٺهيل ٽوپلو پاتل هو ته جيئن سج جي تپش کان بچي سگهي. اُن پوڙهيءَ عورت سڏ ڪري اسان کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ اسان کي اڳيان وڃڻ وارو رستو سمجهايو. جنهن وقت اُن پوڙهيءَ جي مون تي نظر پيئي ته مون کان عربيءَ ۾ پڇيائين ته ”ماءُ اٿئي؟“ مون چيو ته ”نه.“ وري پڇيائين: ”پيءُ اٿئي؟“ مون چيو: ”نه“ تڏهن هُن عورت منهنجي مٿي تي شفقت جو هٿ گهمائي چيو ”هيءُ ويچارو يتيم آهي.“ ۽ پوءِ مون کي پنهنجي گهر وٺي وئي. سندس ڳئون گهر کي ويجهو ئي چري رهيون هيون. جڏهن پوڙهيءَ جي گهر پهتس ته اتي ٻه نوجوان ڇوڪريون ويٺيون هيون. انهن کي چيائين ته ”ڏسو هيءُ نوجوان ڇوڪرو پنهنجو ملڪ ڇڏي پيرين پنڌ حج ڪرڻ وڃي رهيو آهي.“ ڪدوءَ ۾ تتل ڳائو گيهه پيل هو، سو تَري ڀري منهنجي مٿي تي مالش ڪيائين. اُهو ڪدو بوتل جو ڪم ڏيئي رهيو هو. وري ڇوڪرين کان پُڇيائين ته ماني موجود آهي؟ پوءِ هنن مونکي ٻاجهريءَ جون ٻه مانيون ڏيئي روانو ڪيو. ڪنهن ڪنهن علائقي ۾ اهڙا رحمدل ماڻهو به هئا. اِها يمن جي حد هئي، پر ڪٿي ته رات جو اسان جو سامان به چوري ڪري ويندا هئا. تنهنڪري مون هڪڙو رسو ورتو هو. سڀني رفيقن جي ٿانوَن جي ڪڙنِ مان رسو مٽائي، اهو رسو پنهنجي پٺيءَ هيٺان رکي سمهندو هوس. چور جڏهن هڪڙي برتن کي هٿ وجهندو ته سڀني جو آواز ٿي وڃي ۽ ماڻهو سجاڳ ٿي وڃي. اهڙي نموني ۾ به سفر ڪيوسين.
ڪٿي ته اهڙو علائقو به هو جو ڏهه ڏهه، پندرهن پندرهن ميل سمنڊ جي ريل (ڪناري) تان هلڻو پوندو هو. سو به تڏهن، جڏهن سمنڊ جي وِيرَ آلڙ ٿيندي هئي. ماڻهو ته ڇا، پر وزن واريون لوڊ گاڏيون به تيستائين بيٺيون هونديون هيون. ريل جي زمين اهڙي سخت، جهڙو پڪو روڊ. ريل تان لوڊ گاڏيون اُن ڪري هلنديون هيون جو وڏا وڏا جبل هئا ۽ ٻيو ڪو گس ڪو نه هو. ڪٿي ته اهڙو به علائقو هو جو رڳو واري هوندي هئي، ماڻهو ته نڪري ويندو هو، پر لوڊ گاڏين لاءِ وري 8 فوٽ ڊگهيون لوهه جون چادرون اڳيان وڇائبيون هيون ۽ لوڊ گاڏي انهن تان هلندي هئي. وري پٺيان چادرون ڪڍي اڳيان وڇائبيون هيون. ٻه ماڻهو اُهي چادرون رکندا ويندا هئا. اهڙي نموني جا رستا به تڏهن هئا. هيءَ 1956ع جي ڳالهه آهي. ڪٿي ڪٿي ته آئون سرديءَ کان بچڻ لاءِ واريءَ ۾ ڊگهي کڏَ ٺاهي، ان ۾ ليٽي مٿان ڪنبل وجهي ۽ واري واري سُمهي پوندو هوس. سڄي رات سنئون سڌو پيو هوندو هوس. پاسي ورائڻ ڦيرائڻ جو سوال ئي نٿي پيدا ٿيو.
سمنڊ جي ريل تان عجيب قسم جا ڪوڏ، ڪوڏيون، سپيون مون لڌيون جن مان ڪن تي باقاعده عربي زبان ۾ قرآني آيتون لکيل هيون يا عجيب قسم جا گل ٺهيل هوندا هئا. هڪڙو ٽڪو به مٽاسٽا ۾ مون کي هٿ لڳي ويو، جنهن جي هڪ پاسي تي ”مملڪته العربيه الهاشميه“ ۽ ٻئي پاسي تي امام حسين ابنِ علي لکيل هو. اُهو ٽڪو به مون ڪوڏن ۽ ڪوڏين سان گڏ رکي ڇڏيو هو. صالح سوڍائيءَ پنهنجي سامان جون ٽوال ۾ ٻه هڙون ٺاهيون هيون. جن مان هڪڙيءَ ۾ عام سامان هوندو هو، ۽ ٻيءَ ۾ سندس ڪو خاص سامان پيل هو. جيڪا هُو ڪڏهن ڪڏهن ئي کوليندو هو. مون پنهنجو سامان يعني ڪوڏا، ڪوڏيون ۽ ٽڪو به اُن کي ڏنو ته قابو ڪري رکي ۽ مڪي شريف پهچي مونکي ڏج. مزي جهري ڳالهه ته هڪڙي رات هڪڙي جاءِ تي اندازاً سٺ ستر پانڌيئڙا اچي گڏ ٿياسين. هڪڙي نئين ۾ مٺو پاڻي به موجود هو. وهنجي سهنجي، ڪپڙا وغيره ڌوئي، مٿي چاڙهه زمين تي ٽولا ٽولا ٺاهي سُمهي پياسين. سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جا پانڌيئڙا هئاسين. هر هڪ ٽولي ۾ پنج ڏهه يا پندرهن ڄڻا هئاسين. هڪ ٻئي کان ڇڊا، ڪجهه قدمن تي الڳ الڳ سمهي پياسين. رات جو ڪي ڇهه چور آيا. جوڙي جوڙي ٿي چوري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٻه چور اسان جي ٽولي تي به آيا. اسان وٽ ٻي ڪا گهڻي ملڪيت ته ڪانه هئي. باقي ڪپڙا پائڻ جا، رڌ پچاءَ جا ٿانوَ ۽ ڪجهه پئسه ڏوڪڙ. سي به ڪن وٽ هئا ته ڪن وٽ ڪو نه به هئا. اسان جو ساٿي صالح سوڍائي سڄي سفر ۾ اسان کان ٿورو ڇڊو ٿي سمهندو هو، ڇاڪاڻ ته ننڊ ۾ هو تمام وڏي آواز جا کونگهرا هڻندو هو. سندس ٽوال ۾ هڪ هڙ ٻڌل هئي، جنهن ۾ سندس ڪپڙا، ڪجهه پئسا ۽ مون واريون ڪوڏيون، ٽڪو وغيره ٻڌل هئا. هو اُها هڙ ڪنڌ هيٺان رکي سمهندو هو. پر ان رات اتفاق سان هَڙ تان سندس ڪنڌ لهي ويو. ٽوال جو اڌ زمين تي وڇائي پاڻ سمهندو هو. چورن ٽوال جو هڙ وارو پاسو خنجر سان وڍي، هڙ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هڙ ۾ ٽوال جو ٿورڙو حصو اڃا ڦاٿل هو. سو چورن جهڙو ڇڪيو ته صالح سجاڳ ٿي پيو، پر تيستائين چور هڙ کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. صالح وٺي گهوڙا گهوڙا ته ڪئي، پر چيائين پئي ته ڀولڙا منهنجو سامان کڻي ويا آهن. هو ڪجهه پٺيان ڊوڙيو به، پر چورن پٿر اڇلي هنيا ۽ ڀڄي ويا. اسين سڀ به سجاڳ ٿي پٺيان ڊوڙياسين. پر گس ڪو نه هو. ٿوهر جا وڻ هئا. ڪا به خبر ڪا نه ٿي پيئي. صبح جو ٻين پانڌيئڙن به پنهنجو سامان سنڀاليو ۽ پيرا ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي سين. پر جابلو علائقو، پيرن جا نشان ڪو نه مليا. ڳوٺ به تمام پري پري هئا. ڇا ٿي ڪري سگهياسين. ماٺ ڪري ويهي رهياسين. چور منهنجون قيمتي يادگار ڪوڏيون ۽ ٽڪو به چورائي ويا هئا. هيءُ علائقو يمن حڪومت هو هو.
اتان اٿي اڳتي روانا ٿياسين. هرڪو ٽولو پنهنجي مُنهن روانو ٿيو. هر ڳوٺ کان گس الڳ الڳ ويندو هو. ڇو ته ڳوٺ ڏانهن لاڙو زياده هوندو هو. اُن ڪري جو هڪ ته کاڌو ملي سگهندو هو ۽ خاص سبب پاڻيءَ جو هو. ترسڻ لاءِ پاڻيءَ جو هجڻ ضروري هو. تنهنڪري لوڊگاڏيءَ وارو رستو ڇڏي، ڳوٺن جي ڀر ورتي سون. لوڊ گاڏيءَ واري رستي تي پاڻيءَ جي تنگي هئي. مختلف ڳوٺن مان ٿيندا حضرت اويس قرني رحمت الله عليھ جي درگاهه تي پهتاسين. اسين پاڻ ۾ ٽن عمراڻين سميت نَوَ ڄڻا هئاسين. حضرت اويس قرنيرضه، اهو شخص هو، جنهن حضور سائينصه جي پرپٺ دوستي قبولي هئي. روايت آهي ته حضور سائينصه جن جو جنگ ۾ هڪ ڏند مبارڪ شهيد ٿيو هو. جڏهن اِها خبر اويس قرنيرضه کي پيئي، تڏهن پاڻ به پنهنجو هڪڙو ڏند ڀڃي ڇڏيائين. پر کيس خبر پئجي نه سگهي حضور سائينءَصه جن جو ڪهڙو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو هو. پوءِ پاڻ هڪڙو هڪڙو ڪري سڀ ڏند ڀڃي ڇڏيائين. اسين جڏهن اتي پهتاسين، دعا گهري سين. مسجد ۾ نفل پڙهياسين. جنهن سان اويس قرنيرضه پنهنجا ڏند ۽ ڏاڙهون ڀڳيون هيون. ان پٿر جو وزن اندازاً ٻه ڪلو کن هو. اهو سائي رنگ جو پٿر هو. رومال ۾ ويڙهي کڻي آيو هو. اسان ان جي زيارت ڪئي.
اسين اُتي پورا پندرهن ڏينهن رهياسين. جوئر جو لابارو ڪري لائي وٺندا هئاسين. اُتي مون قرآن مجيد پڙهي پورو ڪري، حضرت اويس قرنيرضه جي روحن کي بخش ڪيو. قبي جي اندر مون هڪڙو گل ٺاهيو هو ۽ پاسي ۾ ٺاهيندڙ جي حيثيت ۾ پنهنجو نالو لکي ڇڏيو هوم. 1957ع ۾ جڏهن جنگيسر وارو حاجي اسحاق اوٺو ۽ حاجي محمد سمون گهوڙا ٻاريءَ وارو (پُراڻي ٻاري) پيادل حج پڙهڻ ويا هئا ۽ حضرت اويس قرنيرضه جي درگاهه تي پهتا هئا. تڏهن سندن نظر گل تي پئي هئي ۽ ٺاهيندڙ طور منهنجو نالو ڏٺائون. هو جڏهن حج پڙهي واپس ڳوٺ پهتا هئا، تڏهن آئون ساڻن ملڻ ۽ مبارڪون ڏيڻ ويو هوس. انهن مون کي ٻڌايو ته اسان تنهنجو ٺاهيل گل ۽ تنهنجو نالو حضرت اويس قرنيرضه جي قبي اندر ڏٺو هو. حضرت اويس قرنيرضه جن جي قبر اجائي ڊگهي هئي ۽ ٻن قبرن جي برابر هئي.
اتان وري سفر جي تياري ڪئي سين. حضرت اويس قرنيرضه کان اولهه طرف ”زبيدي“ جو شهر هو. اتي وڃي پهتاسين. وچين نماز جو وقت ٿيڻ وارو هو. مون کي رفيقن چيو ته پاسي واري گهر مان پاڻي وٺي اچ ته وضو ڪري نماز پڙهون. اُها جاءِ سڄي گنب مٽيءَ جي ٺهيل هئي. گهر جي ٻاهران به هڪڙو وڏو گنب مٽيءَ جو ڪوٽ ٺهيل هو. ڪوٽ جي ڀت ايتري سيلي (ويڪري) ٺهيل هئي جو ڪتو ان ديوار تي ڊوڙيو پئي. آئون جڏهن ڪوٽ جي دروازي تي پهتس ته ڪتو مونکي ڏسي مٿي ڀت تي بيهي ڀونڪڻ لڳو، پر هيٺ لهي ڪو نه آيو. اُنهيءَ ڪوٽ مان هڪڙي اڌڙوٽ عورت ٻاهر نڪري آهي. شايد نوڪرياڻي هئي. پر تمام خوبصورت هئي. مون کيس وضوءَ جي پاڻيءَ لاءِ چيو. نوڪرياڻي واپس اندر ويئي ۽ وري خالي هٿن واپس آئي. مون کي اچي چيائين: ”مسڪين بابا، توهان کي گهر جي اندر پيا گهرائين.“ ۽ مون کي وٺي اندر ويئي. ڏسان ته هڪڙي نوجوان عورت پلنگ تي ويٺي هئي. ڪرسيون به پيون هيون. هڪڙو ننڍڙو معصوم ڇوڪرو فرش تي سُرندو ڪڏي رهيو هو. پر مون کي حشمت نه پئي ٿئي جو آئون پلنگ تي حسين عورت جي چهري ۾ نهاري سگهان. مون کي ڪرسيءَ تي ويهڻ جو حڪم مليو ۽ آئون ويهي رهيس. ايتري حسين شهزادي ته ڪنهن شاهي گهراڻي جي ڌيءَ يا شايد ڪنهن وزير جي گهرواري ئي ٿي سگهي ٿي.
آئون عربي ٻولي ڄاڻندو هوس. پهريائين ته مون کان پڇيائين ته ڪهڙي ملڪ جو آهين. مون کيس ٻڌايو ته آئون پاڪستان جو آهيان. وري پڇيائين ته تنهنجا ماءُ پيءُ زنده آهن ۽ مون کيس ٻڌايو ته نه. وري پڇيائين ته ڪيڏانهن پيا وڃو؟ مون چيو ته حج پڙهڻ لاءِ نڪتا آهيون. وري چيائين ته هتي، اسان جي گهر توهان ڇا جي لاءِ آيا آهيو؟ مون کيس وِضوءَ جي پاڻيءَ لاءِ عرض ڪيو. وري چيائين ته تون اڃا ڇوڪرو آهين. هينئر حج تي نڪتو آهين؟ مون کيس چيو ته لبيڪي سڏ ٿيو آهي. سائينءَصه جي سڪ ويهڻ نٿي ڏي. پوءِ کِلي ڀوڳن مان چيائين ته ”منهنجو ننڍڙو به حج پڙهائڻ لاءِ کڻيو وڃ.“ مون چيو ته ”هيءُ اڃان معصوم آهي. ڀلي وڏو ٿئي.“ وري چيائين ته ”منهنجو کجين جو باغ آهي، جي سنڀالينءَ ته توکي پگهار به ڏينداسين.“ مون چيو ته ”حال هڪيو ته آئون حج پڙهڻ نڪتو آهيان، سا سِڪَ پوري ڪريان. حج پڙهڻ بعد جيڪڏهن هتي روزي لکيل هوندي ته واپس ايندس.“ اهڙي طرح هُن جا بادشاهاڻا خيال ٻڌم. آخر نوڪرياڻيءَ کي چيئاين ته هن کي پاڻي جي گهگهي ڀري ڏي. پوءِ چيائين ته ”اڄ رات ماني اسان وٽ کائج.“ چيو مانس ته اسان پاڻ ۾ نَوَ ڄڻا آهيون، تن ۾ ٻه عورتون به آهن. تڏهن وري چيائين ته ”انهن عورتن کي اندر موڪلي ڏيو. اسين ماني سڀني کي کارائينداسين.“ آئون پاڻي کڻي ٻاهر ويس ۽ ٻن عورتن کي وٺي وڃي گهران شهزاديءَ سان ملايم. پوءِ انهن عمراڻي عورتن نوڪرياڻي سان گڏجي ماني تيار ڪرڻ جو بندوبست شروع ڪيو. ڪا به طمع يا تاتِ ڪا نه هئي. رڳو بادشاهاڻا خيال هئا. هوءَ ڪا وڏ گهراڻي، خوش طبع ۽ کِلَ مذاق واري عورت هئي. صبح جو مون کي ۽ انهن ٻن عورتن کي خرچي به ڏنائين. اُهو گهر زبيدي شهر جي وچ ۾ ڪو نه هو. پر شهر کان ٻاهر ڏکڻ ۾ هو. آئون نوجوان، وري عربي لباس پهريل ۽ عربي به ڄاڻندو هوس. سو مون سان نوجوان ڇوڪريون به کِلَ مذاق ڪنديون هيون ۽ پوڙهيون ته منهنجي نراڙ تي چميون ڏينديون هيون ته ننڍي ڄمار ۾ حج پڙهڻ نڪتو آهي، شاباش هُجيس.
انهيءَ شهزاديءَ کان موڪلائي ”بيت الفقيره“ شهر پهتاسين. اُهو شهر ٺٽي شهر جيڏو هو. هڪڙي کوهه مان ڍڳي ڪوسَ (چمڙي جو ڏول) سان پاڻي پئي ڪڍيو. سيمينٽ جي وڏي حوض ٺهيل هئي. اُن ۾ ڍڳي هلائڻ وارو ماڻهو پاڻي لاهيندي آيو. ڍڳو سيکاريل هو. هو خودبخود اچي بيهندو هو. مون کوهه جي ماپ قدمن جي حساب سان ڪئي جنهن مطابق کوهه گهٽ ۾ گهٽ چاليهه گز هيٺ اونهو هو. ٽانڪيءَ ۾ نلڪا لوهه يا ٽامي جا ڪو نه هئا، پر ڪاٺ جون پَٽَ وراڪڻيون لڳل هيون. شايد شهر ۾ اهڙا ٻيا کوهه به هوندا. اسان شهر گهمي ڪو نه ڏٺو هو. هڪ پاسي کان ڏسندا هليا وياسين. بيت الفقير کان اڳيان به هڪ شهر هو، پر ان جي اڏاوت نئين ٺهي رهي هئي. اڳيان پڻ ننڍا ننڍا شهر هئا: تهتهه، وهي، ڪناويس، وادي مور وغيره. هنن علائقن ۾ هنداڻا (ڇانهيون) جام هئا. هزارين ايڪڙن ۾ برسات تي اُڀڙن ۽ اتي ئي پچن ۽ وري مورن. غريب طبقي جا ماڻهو زمين جا ٽُڪرَ ٽُڪرَ هٿ ڪري، ننڍڙيون ڀونگيون اڏي ويٺا هوندا هئا. هنداڻا پٽي ڪنهن ويجهي شهر موڪلي ڏيندا هئا. کائڻ ۽ کڻڻ جي ڪنهن کي منع ڪا نه هوندي هئي. زمين وري ڳاڙهي رنگ جي هوندي هئي. اُهي هنداڻن جا آرڻ ويندي ”حديده“ شهر تائين پکڙيا پيا هئا. حديده جو شهر ٺٽي کان وڏو شهر هو. هڪ جاءِ تي مون ڏٺو ته زنانين چادرن تي ”پاڪستان زنده باد“ جو ٺپو هڻي رهيا هئا. اُن مان معلوم ٿيو ته پاڪستان جي شين جو اتي به مان هو.
اسين حديده جي شهر مان روانا ٿياسين. پر پوءِ به ڇانهين جا آرڻ جيڏانهن ڪيڏانهن ڏسڻ ۾ پئي آيا. اتان هلي اچي ”ميندي جي شهر“ ۾ پهتاسين ته اسان جو هڪڙو رفيق آچار گُجڙيو وفات ڪري ويو. اُن کي ميندي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. تنهن کان پوءِ هلي اچي ”حرض“ شهر ۾ پهتاسين. هيءُ به چڱو شهر هو ۽ آس پاس ۾ ڳوٺ به جام هئا. هيءُ شهر يمن ۽ سعوديه جي بارڊر تي هو. اڳتي سعودي عرب جي سرزمين هئي. تنهنڪري پيادل حاجين کي اڳيان پوليس ڪا نه پيئي ڇڏي ۽ جيڪي به حاجي کين هٿ آيا ٿي تن کي ڪاهيو اچيو يمن جي حد ۾ ڇڏيو ٿي ويا. اُتي حرض جي مسجدن جي ٻاهران هزارن جي تعداد ۾ پاڪستاني، سوڊاني، يمني، هندوستاني ۽ ٻين ملڪن جا پيادل حاجي ترسيا پيا هئا. رڪاوٽ جو هيءُ سبب پئي ڄاڻايو ويو ته جيڪي به غريب پيادل حاجي مڪي شريف ۾ پهچندا، تن جي رهائش جو ڪو به انتظام ڪونهي. بيماريون به پکڙنديون ۽ ٻيو ته هي حاجي شهر ۾ پنندا. تنهنڪري مڪي شهر جا ماڻهو تنگ ٿي پوندا. سو هي ماڻهو رمضان شريف کان پوءِ ڀلي سفر ڪن ته جيئن حج جي ٽائم تي پهچي سگهن. اُها سعودي حڪومت جي پاليسي هئي. رمضان کي اڃا چار مهينا پيا هئا. اسان کي حرض جي مسجد جي ٻاهران ويهندي هفتو کن ٿي ويو هو. منهنجو اتي جي ڳوٺ وارن ٻن چئن ماڻهن سان سٺو تعلق ٿي ويو هو. انهن مان هڪڙي مون کي ٻڌايو ته ”طائف شريف“ تائين هڪڙو اهڙو گس آهي، جنهن تي نڪا پوليس ۽ نه وري ڪو لوڊگاڏيءَ جو رستو آهي. فقط ماڻهوءَ جو گس آهي. توهان کي ڳوٺن وارا ماني به کارائيندا ۽ اڳيان گس جو به ڏس پتو ٻڌائيندا. پوءِ آئون وڃي هڪڙو سفيد ڪاغذ وٺي آيس، جنهن تي گس جي صورتحال ۽ نقشو ٺاهي تيار ڪيم ۽ اچي پنهنجي رفيقن سان صلاح مشورو ڪيم. رفيقن چيو ته اسين پيرسن ماڻهو آهيون. اسان کان ايتري تڪليف برداشت ڪانه ٿيندي. هيءُ وري به لوڊگاڏيءَ جو رستو آهي. ڏينهن توڙي رات هلڻ ۾ آساني ٿيندي. اڃا ڪافي وقت پيو آهي. جڏهن سعودي حڪومت اجازت ڏيندي ته پوءِ هتان اڳيان روانا ٿينداسين. تڏهن مون رفيقن کي چيو ته ٺيڪ آهي. توهان ڀلي هتي ترسو ۽ مون کي موڪل ڏيو ته آئون انهيءَ تڪليف واري رستي کي آزمائي ڏسان. رفيقن مون کي اجازت ڏني. منهنجو جيڪو ڀائيوارو سامان هو، تئو، ديڳڙي، ڪِٽِلي، پرڻي، گهگهي وغيره سو سڀ انهن کي ڏيئي ڇڏيم. مون رڳو هڪ ڪمبل، هڪ پاڻيءَ جو ڏٻو، جنهن تي چمڙو چڙهيل هو، هڪڙي لٺ ۽ ڪپڙن جو جوڙو پاڻ سان کڻي کانئن موڪلايو. اُها مسجد ڇڏي، اڳتي وري ٻي مسجد وٽ پهتس ته اتي ”ڇِني“، ضلع دادو، سنڌ جا شاهاڻي بلوچ ٻارن ٻچن سان ويٺا هئا.
مون اچي هوڪو لڳايو ته آهي ڪو جوان، لڪي ڇپي حج پڙهڻ وارو، جيڪو مون سان گڏ هلي.“ انهن مان ٻه نوجوان ڇوڪرا تيار ٿي پيا. هڪڙي جو نالو عيسيٰ هو ۽ ٻئي جو نالو ياد ڪونهي. بازار ۾ آياسين. ڀائيوارو ڪري سامان ورتوسين: تِرَ، کند، ڦودنيون (ڦودني جون ٽڪيون). تِرَ اُن ڪري ورتاسين ته اُهي کنڊ سان ملائي کائون ۽ پيٽ ۾ سور پوي ته ڦودنيون کائون. بک جي پرواهه ڪا نه هوندي هئي. ٽي ڏينهن ماني نه ملي ته به خير هو. رڳو ٻه يا ٽي تريون ڀُڳل ترن يا جوئر جون کنڊ ملائي کائي، پاڻي پيتوسين ته سڄو ڏينهن آرام سان گذري ويندو هو ۽ ڪا به بک ڪا نه لڳندي هئي. اهڙي طرح سفر ۾ ڪا به گهڻي تڪليف ڪا نه ٿيندي هئي.
اسان، هڪ سنگهار ۽ ٻه شاهاڻي ”حرض“ جي شهر کان موڪلائي، هڪ نئين کان نڪري مٿي ٿياسين. اُها نئين ’وادي‘ خشڪ هئي، جيڪا يمن ۽ سعوديءَ جو بارڊر پڻ هو. اتر ۾ سعودي عرب ۽ ڏکڻ ۾ يمن هو. اُها خشڪ وادي پار ڪري اسان کي اوڀر طرف وڃڻو هو. پريان اتر طرف کان لوڊ گاڏيءَ جي رستي تان ٻه پوليس وارا گڏهن تي چڙهيو پئي آيا. وٽن رائفلون پڻ هيون. اُهي سترهن ارڙهن حاجين کي ڪاهيو پئي آيا. انهن ۾ پاڪستاني، يمني ۽ سوڊاني حاجي هئا. ساڻن عورتون به هيون. جنهن وقت اسان تي پوليس وارن جي نظر پيئي ته هڪدم رائفلون اڀيون ٿي ويون ۽ هڪل ڪري چيائون ته واپس ٿيو. مون اڳتي وڌي ساڻن عربيءَ ۾ ڳالهايو ته ”اسان کي خبر آهي ته اڳتي وڃڻ جي منع آهي. پر اسين ايترو وقت ڪٿي گذاريون؟ هو پريان اوڀر ۾ جيڪو ڳوٺ آهي، اتي مون مزوري ڪرڻ جو ڳالهايو آهي. اسين ٽيئي اتي اُن ڳوٺ ۾ رهي مزوري ڪري وقت گذارينداسين ۽ پوءِ جڏهن اجازت ملندي، تڏهن اڳتي روانا ٿينداسين.“ هنن کي منهنجي ڳالهه تي اعتبار اچي ويو، پر ڌمڪي ڏنائون ته جيڪڏهن وري اسان جي هٿ آيا ته اوهان کي ”خشب“ ۾ وڌو ويندو. عربيءَ ۾ خشب ڪاٺ کي چوندا آهن. اُهو ڪاٺ هڪڙي قسم جو جيل هوندو آهي. ڪاٺ وچان ٻن حصن ۾ چيريل هوندو آهي. ان ۾ هڪڙي ٽنگ پير سميت ڦاسائي، ٻئي پاسان نڪتل سرين ۾ ڪُلف هڻي ڇڏيندا آهن. ٽنگ قابو ته مڙس قابو.
پوليس وارا اسان کي ڇڏي ويا. اسان جو گس به واقعي ان ڳوٺ وٽان ئي هو. جڏهن اُن ڳوٺ وٽ پهتاسين ته سج لهي ويو. سانجهيءَ جي نماز ڳوٺ واري مسجد ۾ پڙهي ويئي. رات جي ماني اسان کي ڳوٺاڻن کارائي. رات جو آرام ڪيوسين. صبح جو اڳتي وڃڻ لاءِ ڳوٺ وارن کان گس به معلوم ڪيوسين. پر مون ڏٺو ته بلوچ ڀائر پاڻ ۾ بلوچي ڪرڻ لڳا. مون ڪجهه ڪجهه لفظ سمجهيا پئي. آئون سمجهي ويس ته منهنجا ساٿي واپس ويندا ۽ جڏهن پرهه ڦٽيءَ مهل مون کين جاڳايو ته چيائون ته ”اسين واپس پنهنجي قافلي ۾ ٿا وڃون. ڇو ته هِتي ئي اچي پوليس ورايو آهي. اڃان منزل ته ڏور آهي. هروڀرو خشب جيل ۾ پئجي وڃون. قافلي وارا به مسخري ڪندا. سو اسين مرڳو واپس ٿا وڃون. توکي به چئون ٿا ته واپس ٿيڻ ئي بهتر ٿيندو.“ مون کين چيو ته ”واپس ورڻ لاءِ منهنجو عقل نٿو چئي. مون کي منهنجا تر، کنڊ ۽ ڦودنيون ورهائي ڏيو. آئون اڳتي ويندس.“ پوءِ مون مسجد ۾ ويهي قرآن پاڪ جو دور ڪيو. بعد ۾ ويهي ويچار ڪيم ته اڪيلو آهيان. لڪي ڇپي نٿو وڃان. مٿئين عام خاص لوڊگاڏيءَ واري رستي سان وڃڻ گهرجي. پوءِ کٽن ڀاڳ. اهو سوچي واپس هلي اولهه طرف اچي رستي تي چڙهيس. جنهن وقت به لوڊ گاڏي يا جيپ جو آواز يا گهڻا ماڻهو ڏسندو هوس ته رستي پرڀرو ٿي ٿوهرن جي ٻوٽن پٺيان پيشاب ڪرڻ جو بهانو ڪري ويهي رهندو هوس. اهڙي طرح سان اچي سج لٿو. اونڌاهي ٿي ويئي. تيستائين هڪڙي شهر اچي مُنهن ڪڍيو. ڪُتن مون کي اچي تنگ ڪيو. نيٺ هڪڙي جامع مسجد ڏسي، ان ۾ گهڙي ويس. ڪمبل، لٺ ۽ پاڻيءَ جو دٻو هڪ پاسي ڪري رکيم. وضو ڪري نماز پڙهيم. عربي لباس جي ڪري مون کي ڪير مسڪين بابا ڪو نه سمجهندو هو. تِرَن جا ٻه ٽي تولا کائي مسجد ۾ سمهي پيس. فجر جي اذان آئي ته اُٿيس ۽ جماعت سان نماز پڙهيم. قرآن شريف جو سيپارو کن دؤر ڪيم. خيال ڪيم ته هاڻي ٻاهر نڪري ”جيزان“ شهر جو رستو معلوم ڪجي. هڪڙو ڳوٺ، جنهن جو ذڪر ڪرڻ کان رهجي ويو، جيڪو سعوديه جي بارڊر تي هو ”في لمجن“. هن ڳوٺ جي اردگرد کوهه تمام ننڍا هئا. پنجن ڇهن فوٽن تي پاڻي ڏيندا هئا. زمين وارياسي هئي. هر کوهه تي موري پوکيل هوندي هئي، جنهن کي ڳوٺ وارا وڪرو ڪندا هئا.
*