تاج جويو
سوانح
تاج محمد جويي، اسڪولي رڪارڊ موجب 6 سيپٽمبر 1954ع تي نوابشاهه ضلعي جي ڳوٺ ”پير ڪولاچين“ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو حاجي خان جويو آهي، جيڪو هاري هو. انهيءَ پسمنظر ۾ تاج جويي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم دوران عام هارين جي ٻارن وانگر گاهه ڪيو ۽ مال چاريو. سندس گهراڻو هارپي تي مدار رکندو آهي، ان ڪري وقت بوقت لڏپلاڻ جو شڪار ٿيندو رهيو ۽ اڳتي هلي ڳوٺ ”مجيد ڪيريي“ ۾ مستقبل رهائش اختيار ڪيائين. تاج جويي پهرئين کان وٺي پنجين ڪلاس تائين پهرين سن ۽ پوءِ ”پير ڪولاچين“ جي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي. ڇهين کان نائين ڪلاس تائين ناز هاءِ اسڪول قاضي احمد ۽ ميٽرڪ سن هاءِ اسڪول مان ڪيائين. باقي انٽر، بي. اي ۽ ايم . اي خانگي طور ڪيائين. ايم. اي (سنڌي) 1978ع ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪري چانسلر ۽ وائيس چانسلر گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. تنهن کان سواءِ اديب سنڌي، اديب عالم سنڌي ۽ اديب فاضل سنڌي (1976ع) ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن حال ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. تاج جويو ننڍي هوندي کان ئي انتهائي ذهين۽ هوشيار هوندو هو. جيڪو اڳتي هلي سندس سٺي تعليمي ڪيريئر جو سبب بڻيو.
تاج جويو، 1972ع ۾ پرائمري استاد طور سرڪاري ملازمت ۾ گهڙيو ۽ 1979ع کان 1981ع تائين سيڪنڊري استاد رهيو. 1984ع ۾ هو ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ 1996ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور پروموشن ٿيس. انهيءَ وچ ۾ 1997ع کان 2000ع تائين سنڌي لئنگيج اٿارٽي جو سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو. 2001ع کان ٻيهر گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪيائين، جتان 10نومبر2008ع تي ٻيو ڀيرو سنڌي لئنگيج اٿارٽي جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، ان دوران 13نومبر 2008ع تي سندس 19گريڊ ۾ ايسوسيئٽ پروفيسر طور تي ترقي ٿي.
ادبي اوسر
تاج جويي کي لکڻ جو اُتساهه پرائمريءَ دوران استادن جي همت افزائي، وٽائن انعام ۾ مليل ڪتابن، وڏي ڀاءُ خاڪي جويي جي علمي ۽ ادبي ذوق ۽ راشد مورائيءَ جي صحبت ۽ ڳوٺاڻي اڻ برابريءَ واري ماحول ۾ حاصل ٿيو. پاڻ ڇهين ڪلاس دوران ئي سائين جي .ايم. سيد جا ڪجهه ڪتاب ۽ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌي سٻاجهڙا“، سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام ۽ ڳچ ٻاراڻو ادب پڙهيائين. ان وقت ڳوٺ جو چڱو مڙس پير شاهنواز جيلاني روزانو رات جو ”امير حمزي جو وڏو داستان“ کيس وڏي آواز سان پڙهائيندو هو. ائين گڏيل سڏيل ماحول ۾ کيس لکڻ جو چاهه جاڳيو. ڇهين ڪلاس ۾ کيس ”آئينه ادب موري“ جي پير ڪولاچي شاخ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو، ۽ خاڪي جويي ۽ راشد مورائيءَ پاران ڪرايل ”سنڌي سٻاجهڙا“ ڊرامي ۽ ”سنڌي سٻاجهڙا ٻالڪ سنگت“ ۾ پڻ حصو ورتائين.
تاج جويي جي پهرين ٻاراڻي لکڻي 67-1966ع ڌاري ’مهراڻ‘ اخبار جي ”معصومن جي مجلس“ ۾ ڇپي، جيڪا هڪ ”منظوم ڳجهارت“ هئي. سندس باقاعدي لکڻي 1968ع جي ”اديون“ رسالي ۾ هڪ طرحي غزل ”بهار آيو، گلستان جي فضا ٿي خوشگوار آهي“ شايع ٿيو. ائين تاج جويي جو شروع ٿيل ادبي سفر اڃا تائين جاري آهي. تاج جويي جو پهريون ڪتاب ”سوچون سرها گل“ (شاعري) اياز گل سان گڏ، پريم ساگر (سامي خاص نمبر، وليرام ولڀ سان گڏ) ترتيب ڏنائين. تاج جويي جو هڪ اهم ڪم ”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“ پاران سنڌ جي مايه ناز عالمن ۽ اديبن بابت ڇپرايل ڪتاب آهن: جن جي سهيڙ ۽ ترتيب تاج جويي جي ڪيل آهي. اهڙن ڪتابن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ –هڪ مثالي عالم (ٻه ڀاڱا)، عالمن جو آفتاب (علامھ غلام مصطفى قاسمي بابت ڪتاب) 3)انسان دوست اديب ۽ بيياڪ صحافي محمد عثمان ڏيپلائي (4)سٻاجهو ساڃهه وند: محمد ابراهيم جويو، (5) موحد شاعر: مولانا حاجي احمد ملاح، (6)نسيم کرل: وڏو ڪهاڻيڪار ۽ انسان، نهايت اهميت وارا آهن. تاج جويي جا اهي ترتيب ڏنل ڪتاب سنڌي ادب، سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ عظيم شخصيت کي نه رڳو سٺي ڀيٽا آهن، پر سنڌي ادب ۾ هڪ نمايا ۽ اهو مقام والارين ٿا.
اياز شناسي
تاج جويي کي شيخ اياز جي گهڻو ويجهو رهڻ جو به موقعو مليو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو تاج جويي کي اياز شناسي جي به سٺي ڄاڻ آهي ۽ اياز شناسي ۽ شاهه، سچل ۽ ساميءَ بابت اياز جي نثري توڙي شاعراڻي لکڻين جي چونڊ مختلف ڪتابن جي صورت ۾ پڻ تاج جويي ڪئي آهي. اهڙن ڪتابن ۾ ”جر ۾ ٿو جرڪان“ (شيخ اياز جو شاهه لطيف کي نثر ۽ شاعري ۾ خراج تحسين، (2)سامي ويس سلوڪڙا (شيخ اياز جو ساميءَ کي نثر توڙي نظم ۾ پِيش ڪيل خراج تحسين) (3) آءُ درازا هل (شيخ اياز جو سچل سرمست کي نثر ۽ نظم ۾ پيش ڪيل خراج عقيدت-2004ع) شامل آهن، ان کانسواءِ شيخ اياز بابت مختلف ليکڪن جي مضمونن جو ترتيب ڏنل ڪتاب’ آڪاش کان وڏو شاعر (2003ع)‘ پڻ شيخ اياز فائونڊيشن پاران ڇپرايو ويو آهي. ان کانسواءِ سندس اياز بابت هڪ طبعزاد مضمونن جو مجموعو ”مان ورڻو هان، مان ورڻو هان“ به ڇپيل آهي.
سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي
تاج جويي جي سنڌي ادبي سنگت سان وابستگي 1973ع کان رهي آهي ۽ جڏهن 1983ع ۾ ڊگهي ماٺار کان پوءِ سنگت جو مرڪز ٻيهر فعال ٿيو ته، خيرپور ميرس ۾ ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ تاج جويو سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو. ان وقت ملڪ ۾ مارشلا لاڳو هئڻ سبب سنڌي ادبي سنگت جي اهميت وڌي وئي ۽ هر سياسي ڌر، سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان پنهنجي سرگرمين کي جاري رکڻ جي ڪوشش ڪئي. تاج جويي پنهنجي انهيءَ پهرئين دور ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ نئون روح ڦوڪيو. ڪيتريون ئي نيون شاخون کوليون. تاج جو اهو دور تنظيمي حوالي سان نهايت سرگرم رهيو. تاج جويو ٻيو ڀيرو 1985ع ۾، ٽيون ڀيرو 1990ع ۾ ۽ چوٿون ڀيرو 2003ع ۾ سنگت جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو.
تصنيف ۽ تاليف
تاج جويي، پنهنجي ادبي ڪيريئر دوران ڪيترن ئي ڪتابن ۽ رسالن جي ترتيب ۽ سهيڙ پڻ ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي اديبن جا ڪتاب تاج جويي جي محنت جي نتيجي ۾ سهيڙ جي ڇپجي پڌرا ٿيا. انهيءَ سلسلي ۾ استاد پبليڪيشن جو ڪتاب ”انصاف جو گهنڊ“،راشد مورائيءَ سان گڏ ترتيب ڏنائين. ماهوار ”ڪينجهر“ جا ڪجهه پرچا نصير سارنگ ۽ آسي زمينيءَ سان گڏ، هفتيوار سنڌوءَ جا 32پرچا (زيب سنڌيءَ سان گڏ) عبرت مئگزين جا ڪجهه پرچا، ”پريم ساگر“ جو سامي خاص نمبر وليرام ولڀ سان گڏ ترتيب ڏيڻ کانسواءِ ”سامي تي هڪ نئين نظر“ ڪتاب به ترتيب ڏنو اٿس.
شاهه لطيف تي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران، سنڌ ثقافت کاتي جي سهڪار سان هر سال ڀٽ شاهه تي هڪ سر تي مقالا پڙهايا ويندا آهن. تاج جويي اهڙن پنجن سرن: (1) سر سورٺ (2) سر رپ (2004ع)(3)سر مومل راڻو (4) حسينيءَ جي هاڪ (5) ديسي سيڻ ڪجن کان سواءِ شاهه بابت مضمونن جو مجموعو ”شاهه لطيف هڪ تحرڪ، هڪ تحريڪ (2004ع) ترتيب ڏنا آهن. اهي ڪتاب لطيف جي مٿين سرن ۽ لطيف جي مجموعي شاعريءَ کي سمجهڻ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا.
تاج جويي جا ڪتاب
مٿين ڪتابن کانسواءِ تاج جويي جي اصلوڪن، ترتيب ڏنل ۽ ترجمو ٿيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
(1)واڄٽ ويراڳين جا (سائين جي ايم سيد ۽ محمد امين کوسي جا خط، عبدالواحد آريسر سان گڏ ترتيب ڏنل) (2)سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ (شاهه سچل سامي امن ڪانفرنس 2004ع ۾ هند کان آيل ۽ سنڌي اديبن جو تعارفي ڪتاب) (3) مرزاقليچ بيگ، (امين لغاري سان گڏ ترتيب ڏنل (4)جنم - ڪهاڻيون (زيب سنڌي سان گڏ ترتيب ڏنل) (5)دنيا جون انقلابي عورتون (ترجمو) 1982ع (6) قوم چوي ٿي ٻول (استاد بخاري جي شخصيت ۽ شاعري) (7) نيڻ مهٽي، خيال جاڳيا (جديد سنڌي شاعري جو مطالعو) (8)تلسين جي سرهاڻ (جديد (2000ع) (10) اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي (ڪالمن جو مجموعو) (11)باهيون بيراڳين جون (12) سنڌي گيت (ايم. اي لاءِ لکيل مونو گرام) سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال (مرتب: 2009ع) وغيره. اهڙيءَ طرح سنڌ جي ادب، ٻولي، شخصيتن ۽ ادبي صنفن تي سندس ٽيهه طبعزاد ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب ڇپائيءَ جا منتظر آهن.