جي - ايم - سيد
اهي لفظ سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز، سنڌ جي هڪ ٻي عظيم انسان محترم جي-ايم-سيد جي باري ۾ لکيا آهن.
جنم
غلام مرتضى شاهه سيد، جنهن کي عام طورتي جي-ايم-سيد جي نالي سان ڄاتو سُڃاتو ويندو آهي. 17جنوري 1904ع تي، پنهنجي اباڻي ڳوٺ”سن“ تعلقي ڪوٽڙي ۾،سيد محمد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. سيد صاحب اڃا ٻن سالن جو مس هو، جو سندس والد کي خانداني دشمنيءَ سبب شهيد ڪيو ويو ۽ سال کانپوءِ سندس وڏو ڀاءُ احمد شاهه پڻ وفات ڪري ويو.
تعليم
جي-ايم-سيد ابتدائي تعليم، سنڌي ڇهه درجا ماستر ڌرمداس، ماستر ريواچند ۽ ماستر وشنمل وٽ پڙهائين. عربي ۽ فارسي تعليم مولوي محمد هاشم سنائي، مولوي محمد صالح سيال ۽ مولوي الله بخش وٽ حاصل ڪيائين. انگريزي تعليم مولوي حامد علي هالاڻيءَ واري وٽ پڙهيائين.
سياست ۾ دلچسپي
جي-ايم-سيد اڃا چوڏهن سالن جو مس هو، جو قوم ۽ وطن جي عشق جي شروعات ٿي. 1919ع ۾ پاڻ ”لاڙڪاڻه خلافت ڪانفرنس“ ۾ شامل ٿيو ۽ پاڻ انهيءَ کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو هڪئي مهيني اندر پنهنجي ڳوٺ سن ۾ مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي صدارت هيٺ هڪ وڏي ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنهن ۾ ڪيترن ئي ناليوارن خلافتي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
1921ع ۾ هن مٽياري سيدن جي ڪانفرنس سڏائي ’انجمن سادات مٽياري‘ جوبنياد وڌو، جنهن جو مقصد، مٽياري سيدن جي سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي حالتن کي بهتر بنائڻ هو. ائين سيد صاحب جي سياسي ۽ سماجي خدمتن جي شروعات ٿي، جنهن جا اثر پوءِ نه رڳو سنڌ، پاڪستان، پر سڄي برصغير تي پيا.
سيد صاحب پنهنجون سرگرميون رڳو ’انجمن سادات مٽياري‘ تائين محدود نه رکيون، پر 1924ع ۾ جيڪا صوبائي تعليمي ڪانفرنس، حيدرآباد ۾، سرابراهيم رحمت الله جي صدارت هيٺ ٿي، ان ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتائين ۽ عملي طور تي26-1925ع ڌاري سن ۾ انگريزي اسڪول ۽ نائيٽ اسڪول کولائي، بورڊنگ هائوس جو بنياد وڌائين. تنهن کان سواءِ پنهنجي جد بزرگوار ’سيد حيدر شاهه سنائي‘ جي سالياني عرس کي به عوام جي سماجي، اقتصادي ۽ تعليمي ترقي جي لاءِ هڪ تنظيمي ڪانفرنس ۾ بدلائي ڇڏيائين.
جي-ايم-سيد 1925ع ۾ پهرين تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر، پوءِ پريزيڊنٽ ۽ اڳتي هلي 1929ع ۾ ضلع لوڪل بورڊ، ڪراچي جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ پوءِ پريزيڊنٽ چونڊيو. پاڻ ڪراچي لوڪل بورڊ جي ميمبري توڙي پريزيڊنٽيءَ جي سڄي عرصي ۾ هر قسم جا عوام جي سماجي ڀلائي واسطي ڪم ڪيائين.
اڳتي هلي 1930ع ڌاري، هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ ميرپور خاص ۾ مسٽر جمشيد مهتا، گوڪلي، ڄيٺمل، پرسرام، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ عبدالقادر بلوچ سان گڏجي ’هاري ڪميٽيءَ‘ جو بنياد وڌائين.
1930ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو نئون دور شروع ٿيو ۽ ڪانگريس ملڪ جي مڪمل آزادي جو ٺهراءُ بحال ڪيو. پاڻ يڪدم انهيءَ هلچل ۾ ۽ ڪانگريس جي سڄي پروگرام ۾ ڀرپور حصو ورتائين. 1931ع ۾ سڀاش چندر بوس ۽ سردار ڀڳت سنگهه جي قائم ڪيل ”يوٿ ليگ“ جو ميمبر بنيو.
سنڌ، بمبئي کان جدا ٿي ته پاڻ هندن ۽ مسلمانن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوششن واسطي ’اتحاد پارٽيءَ‘ جي نالي سان سياسي جماعت قائم ڪرائي، ان جي پليٽ فارم تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. ڪجهه وقت کانپوءِ ڪانگريس جي رويي کان مايوس ٿي، مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ 1938ع کان وٺي هو سنڌ مسلم ليگ جو پرجوش ۽ سرگرم صدر ٿي رهيو ۽ سنڌ جي اسيمبليءَ ۾ سڄي هندستان ۾ سڀ کان پهرين پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪرايائين. جڏهن پاڪستان بنجڻ جو وقت آيو ته جناح صاحب کيس ۽ سندس ترقي پسند ساٿين کي گرم ۽ کاٻي ڌر وارا سمجهي مسلم ليگ مان ئي ڪڍي ڇڏيو.
سنڌي ادب لاءِ ڪوششون
جي-ايم-سيد کي، سنڌي ثقافت ۽ ادب جي لاءِ وڏو عشق هو. مارچ 1940ع ۾ جڏهن پاڻ ڪجهه عرصي جي لاءِ وزير تعليم ٿيو ته ’سنڌ يونيورسٽي‘ برپا ڪرڻ جي لاءِ ڪاميٽي مقرر ڪيائين ۽ ’سينٽرل ايڊوائيزري بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر‘ برپا ڪيائين. اڳتي هلي انهيءَ بورڊ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان مستقل ۽ آزاد حيثيت ڏياريائين. جنهن جو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ وڏو ڪردار رهيو آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ
سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائيندڙ محترم جي-ايم-سيد، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مستقل جي ڳڻ ڳوت ڪندي ’ڪراچي‘ کي سنڌ کان ڌار ڪري ’پاڪستان‘ جي گاديءَ جو هنڌ بنائڻ جي اسڪيم جي مخالفت ڪئي ۽ قوم کي انهيءَ سازش کي ناڪام بنائڻ واسطي سنڌ جي دوري تي نڪتو ته کيس 18جون 1948ع تي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٽي مهينا بند رکي 18آگسٽ 1948ع تي آزاد ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن خود غرض سياستدانن ون يونٽ جي رٿا ٺاهي سنڌ کي دائمي، پنجاب جي غلاميءَ ۾ ڏيڻ جا جتن ڪيا ته سيد صاحب، سنڌي قوم کي سندس وجود خلاف ٿيندڙ سازشن کان آگاهه ڪيو ۽ منصوبي جي خلاف مزاحمت جو اعلان ڪيو، جنهن کان گهٻرائجي حڪومت ون يونٽ ٺهڻ کان اڳ ۾ 3نومبر 1954ع ۾ سيد کي گرفتار ڪري ورتو. ون يونٽ ٺهڻ جي ٻن سالن اندر ئي سيد صاحب وڏين ڪوششن سان، سندن ئي خالقن هٿان، مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ”ون يونٽ“ جي خاتمي ۽ صوبن جي بحاليءَ جي لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرايو.
آڪٽوبر 1958ع ۾ جڏهن ايوب خان ملڪ ۾ مارشلا لاڳو ڪئي ته جي-ايم-سيد کي گرفتار ڪري هڪ سال چار مهينا سينٽرل جيل ڪراچيءَ ۾ قيد رکيو. پوءِ صحت جي خرابي جي بنياد تي گهر ۾ ڇهه سال ٽي مهينا نظربند رکي 12فيبروري 1966ع تي آزاد ڪيو.
آزاد ٿيڻ کان پوءِ سيد صاحب ”بزم صوفياءِ سنڌ“ ٺاهي عوام ۾ قومي شعور پيدا ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سنڌ جي صوفين جي درگاهن تي ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس ڪوٺائي، عوام ۾ سياسي، ثقافتي ۽ قومي جاڳرتا واسطي ڪم شروع ڪيائين، ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ جي پليٽ فارم تان سنڌ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون. پوءِ کيس 23 جون 1967ع تي گرفتار ڪري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو.اها نظر بندي ٻه سال اٺ مهينا هلي ۽ 26 جنوري 1969ع تي کيس آزاد ڪيو ويو.
جڏهن بنگلاديش ۾ فوجي قدم کنيو ويو ته اُن وقت فوجي آپريشن هلندي، سائين جي-ايم-سيد کي 18 مئي 1971ع ۾ گهر ۾ اٺ مهينا نظربند رکي، ڊسمبر 1917ع ۾ بنگلاديش جي ٺهڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو.
جڏهن 1972ع ۾ ’سنڌي ٻوليءَ بل‘ کان پوءِ، سنڌي زبان جي خلاف غنڊه گرديءَ جو مظاهرو ٿيو، ان وقت سيد صاحب، سنڌي عوام کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ منظم ۽ متحد ڪرڻ خاطر سنڌ جي دوري تي نڪتو. انهيءَ ۾ کيس مسلم ڪاليج اندر بم اڇلائي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر جڏهن قاتلانه حملن هوندي به پنهنجو پروگرام منسوخ نه ڪيو ته کيس آگسٽ 1972ع ۾ گرفتار ڪري گهر ۾ نظربند ڪيائون ۽ پنج مهينا نظربند رکڻ کان پوءِ کيس جنوري 1973ع ۾ آزاد ڪيو ويو. چئن مهينن کان پوءِ کيس 6مئي 1973ع تي ٻيهر گهر ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ اها نظربندي چوڏهن سال هلي ۽ کيس 1987ع ۾ آزاد ڪيو ويو. ڊسمبر 1987ع پاڻ بيمار هوندي به سنڌ جي دوري تي نڪتو، جنهن جي نتيجي ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ 1988ع جي شروع ۾ کيس آزاد ڪيو ويو. آڪٽوبر 1988ع ۾ سيد وري، سنڌ جي دوري تي نڪتو، پر کيس هٿرادو جهنڊي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. 1990ع ۾ کيس نگران حڪومت آزاد ڪيو. 1992ع ۾ وري، نشتر پارڪ ڪراچي ۾ سالگرهه ملهائڻ جي ڏوهه ۾ نظربند ٿيو، جيڪا نظربندي وفات تائين قائم رهيس. قيد دوران کيس ايمنسٽي انٽرنيشنل ”ضمير جو قيدي“ قرار ڏنو.
سائين جي-ايم-سيد 25 اپريل 1995ع ۾ ڊگهي علالت کان پوءِ جناح اسپتال ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
تصنيف ۽ تاليف
جي-ايم-سيد هڪ وڏو اديب ۽ تاريخ نويس هو. هو سڄو صوفي رنگ ۾ رچيل هو. کيس سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان شيخ اياز جي لفظن ۾: ”ائين پيار ڪندوآهي، جيئن ڪوئي ٻار، ڪنهن جيئري ڪوسي ڪُک سان ڪندو آهي.“
جي-ايم-سيد جي لکيل ڪتابن کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
(1)اهي ڪتاب جيڪي هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جي لاهين چاڙهين ۽ تجربن کي پوءِ، ملڪي ۽ قومي سياست جي باري ۾ جيڪي ڪجهه مشاهدو ڪيو، انهن کي پنهنجن تجربن جي روشنيءَ ۾ قلمبند ڪيو.
(2)پنهنجي تاريخي، مذهبي ۽ فلسفي جي بنياد جي آڌار تي، سندس جيڪا ذهني ۽ روحاني تربيت ٿي، ۽ ”وحدت ۾ ڪثرت، ٿي وحدت ڪثرت ڪل“ جي نظريي ۽ انهن جي پرچار واسطي لکيائين.
سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
(1)محال مانجهند جو تعليمي ۽ تنظيمي پروگرام، (2)انتظامي کاتي کان عدالتي کاتي جي جدائي ، (3)پاڪستان ۽ مسلمان (ترجمو)، (4)نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، (5)پيغام لطيف، (6)جيئن ڏٺو آهي مون، (7)جديد سياست جا نو رتن، (8)سنڌ جا سورما، (9)موجوده سياسي مسئلا، (10)جنب گذاريم جن سين (ٻه ڀاڱا)، (11)رهاڻ (ميران محمد شاهه جا خط)، (12)شاهه لطيف جون ڪافيون ۽ وايون، (13)سنڌ جي بمبئي کان جدائي، (14)خط ۽ مضمون (پير علي محمد راشديءَ جا)، (15)ساهڙ جا سينگار (علامه آءِ، آءِ قاضي جا خط)، (16)سنڌي ڪلچر، (17)بزم صوفياءِ سنڌ جا خطبا، (18)چونڊ سياسي مضمون ۽ تقريرون، (19)ديارِ دل ۽ داستان محبت، (20)پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ، (21)چونڊ ادبي مضمون، (22)جديد مشاهير عالم، (23)اسلامي سربراهه ڪانفرنس، (24)جناح صاحب سان لکپڙهه (اڻ ڇپيل)، (25)ڪجهه خط (سنڌ ۽ هند جي سياستدانن ۽ ڪارڪنن جاخط)، (26)تاريخ متعلوي سادات، (27)واڄٽ ويراڳين جا (محمد امين کوسي جاخط) ٻه ڀاڱا، (28)سنڌو جي ساڃاهه (ٻه جلد)، (29)شهيدان سنڌ، (30)مٽياري سيدن جي تاريخ، (31)رهبر، (32)مسلم ليگ کان جدائي، (33)سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ؟، (34)اڄ پڻ چڪيم چاڪ (خط)، (35)قوميت جي مسئلو، (36)جديد عالمي سياست، (37)هاڻ پاڪستان ٽٽڻ گهرجي، (38)رهنما اصول، (39)سنڌ جا مسئلا، (40)سنڌ جي ڪهاڻي ،(41)خطبات سيد، (42)ون يونٽ جي ڪهاڻي ، (43)سنڌ ڳالهائي ٿي، (44)پاڪستان جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي طائرانه نظر، (45)مسلم ليگ جي مخالفت ڇو؟ وغيره.
مٿين ڪتابن مان اڪثر ڪتابن جا اردو ۽ انگريزي ترجما پڻ ڇپجي چڪا آهن.