رئيس شمس الدين ”بلبل“
رئيس شمس الدين ’بلبل‘ 21 فيبروري 1857ع ۾ ميھڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو بھادر خان شينو ابڙو ھو. سندس وڏا اصل ۾ ڀاڳناڙي، بلوچستان جا ھئا، جتان لڏي اچي فريد آباد ۾ رهيا ھئا، دستوري تعليم عربي، فارسي ۽ سنڌي پرائي، انجنيئري کاتي ۾ داروغو مقرر ٿيو. ھو جلد ئي پنھنجي علمي استعداد ۽ ذھانت ڪري سنڌ مدرسة السلام جي باني خانبھادر حسن علي افنديءَ جي چوڻ تي محمدن ائسوسيئيشن جي تبليغي رسالي ”معاون“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ ان کي ڪاميابيءَ سان ھلايائين، ان کان سواءِ ڪيترين ھفتيوار اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رهيو، طنزيہ اصلاحي شاعري ۽ قصيدہ گوئيءَ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو، سندس مشھور تصنيفون ’ديوان بلبل‘، ’ڪريما نيچرل‘، ’رحيما ما مقيما‘، ’قلندر جو ميلو‘، ’چٽ سوال پٽ جواب‘، ’ڪليات بلبل‘، ’مزاحيات بلبل‘، ’جامِ جم‘ وغيرہ آھن، بلبل صاحب ڀرپور عملي زندگي گذاري. ھن صاحب طرز اھل قلم، جدت طراز شاعر، صحافي ۽ باڪمال طنز گو شاعر، 13 سيپٽمبر 1919ع تي وفات ڪئي .
- جنم: 1857-02-21
- ورسي: 1919-09-13
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل