46 کان 60
صبوح جون اکيون مھٽيندي، مان سنڌوءَ جي پسار ڪرڻ لاءِ گهران نڪتس. جڏهن ڳوٺ جي ڀر واري باغ وٽان لانگهائو ٿيس تہ پير زمين ۾ چڪ هڻي بيھي رهيا ۽ نگاهون گلور ول جي وٿين مان گهتون هڻنديون وڃي هڪ سندر ناريءَ جي سندر مکڙيءَ تي رڪيون، جيڪا پنھنجين سھيلين سان گڏ گلاب ۽ رابيل جي ٻوٽن ۾ بيٺي هئي. سندر ناريءَ جهڪي، گلاب جو گل پٽيو هو. جهڪڻ جو اصل مطلب سمجهہ ۾ مون کي ان ڏينھن ئي آيو هو. گلن ۽ پنن تي شبنم جا قطرا- سندرتا جي ورکا ڪري رهيا هئا. وڻن جي ٻاهرينءَ قطار هيٺان واهي وَهي رهي هئي، جنھن تي ٻُڪن ۽ کيروليءَ جا غاليچا وڇايل هئا. پاسي وارن انبن جي جهڳٽي ۾ ڪوئل صبوح جو راڳ ڇيڙي، مون کي دل کولي مشاهدي ماڻڻ جون دعوتون ڏئي رهي هئي. هڪ انب جي پور مان چھنب ٻاهر ڪڍي هڪ طوطو شور مچائي رهيو هو. منھنجون نگاهون نم تي چڙهيل گلور ول جي ڳڙکين مان پار پونديون، انھن دوشيزائن جو جلوو پسي رهيون هيون. ان وقت فطرت سورنھن ئي سينگار ڪري، ڪنوار بڻجي، اچي منھنجي اڳيان بيٺي هئي.
اوچتو منھنجي نظر ٻہ ڪانا مٿي چڙهي آيل، سج تي وڃي پئي، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي سندرتا کي تحفظ ڏيڻ بابت ڪوٺايل هڪ سماجي ميڙ ۾ مون کي ڳالھائڻو هو، ان ڪري تڪڙيون، تڪڙيون وکون ڀريندو مان ڳوٺ ڏانھن موٽڻ لڳس.
47
مان ۽ منھنجي محبوبا توت جي وڻ هيٺيان هڪ ٻئي تي محبت جي گلن جي ورکا ڪري رهيا هئاسين. چيٽ جي ٻاٽ اوندھہ ۾ ستارا آسمان تي جهرمر لايو بيٺا هئا. موڪلائڻ وقت محبوبا جي گج تي مٿو ڍرڪائي کيس چيو هيم: ”شام ويلي او...... هنن پکن جي قطار آڏو، مان جڏهن ٽيلار ڪندو آهيان تہ تون پنھنجي پکي جي در تي بيھي مون کي درشن ڇو نہ ڪرائيندي آهين؟“
محبوبا وراڻيو هو: ”منھنجو پکو ‘سچوءَ’ جي محبوبا وارو گهر ناهي جنھن جي دريءَ دريءَ منجهان مان تو کي ديدار ڪرائيندي رهان. تو کي جيڪڏهن منھنجو ديدار ڪرڻو آهي، تہ پوءِ ڏينھن تتي جو ڏنڊي هٿ ۾ ڪري، هلي مون کي ڳوٺ واريءَ کڏ مان مٽي ڍوراءِ.”
48
هڪ ڏينھن ڏسان تہ ڪاٺ ۽ ڄاريءَ مان جوڙيل پڃري جي مٿئين خاني ۾ ميان مٺو ۽ هيٺيون خانو چيھن سان ڀريو پيو هو. پٽ کي چيم تہ: ”بابڙا! ڪنھن ساهدار کي قيد نہ ڪبو آهي. آزاد ڪري اڏائي ڇڏين. ڏس تہ کليل فضا ۾ اڏامندي، پکي تو کي ڪيڏا سھڻا ٿا لڳن!“
ٿورن ڏينھن کان پوءِ مون وارو ڪِڪو مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو:
”بابا! اڄ ڪھڙي خوشيءَ ۾ ٻٽيرا پيا کائو؟“
ان ڏينھن منھنجي شاعري مون تي کلڻ لڳي هئي.
49
هڪ پينو فقير خدا جو واسطو وجهي مون کان پنج رپيا گهريا. مون کيس چيو تہ پنھنجي خدا کي چؤ تہ سڀ کان پھريان اَن، اوڇڻ ۽ اَجهي جو ڌرتيءَ جي سڀني انسانن لاءِ هڪ جيترو انتظام ڪري، تہ پوءِ سندس نالي تان پنج روپيا تہ ڇا منھنجي جان بہ حاضر آهي.
50
مون کي جذبات ۾ ڏسندي مون کان ديسي دوست پڇيو: ”ايڏي ٻٽاڪ پيو هڻين، ڇا تو سنڌ کي چڱيءَ طرح ڏٺو وائٺو آهي؟“
کيس جواب ڏنم:
”ادا! هائو، مون سنڌ کي عينڪ لڳائي بہ ڏٺو آهي تہ عينڪ لاهي بہ.”
چيائين: ”تو وٽ اهڙو ڏانءُ يا ڪو نسخو آهي. جيئن مان بہ جهٽ پٽ ۾ سنڌ کي ڏسي سگهان.“
مان سندس هٿن تي ڀٽائيءَ جو رسالو رکي، خاموش ٿي ويس.
51
شعر منھنجي شعور ۾ ولوڙيو رهندو آهي ائين جيئن ماٽيءَ ۾ مھي. جڏهن ڪاڳر تي ايندو آهي تڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪنھن طوطن جي ولر کي آزاد ڪيو اٿم.
52
هڪ ڏينھن ڀٽائيءَ چيو:
”پُٽ! توکي ڪھڙيءَ کٽيءَ کنيو آهي جو آيو آهين منھنجو شاگرد ٿيڻ؟“
ڳچيءَ ۾ ور وجهي چيومانس:
”مان اهو گستاخ ۽ نہ ڇڏُو شاگرد آهيان، جيڪو سواءِ شاگرد ٿيڻ جي واپس ڪڏهن بہ نہ ويندو.“
پڇيائين: ”نالو ڇا ٿئي؟“
چيومانس:
”نالو کنڀات، پيءُ جو نالو ڪاموڏ ۽ ذات جو کاهوڙي آهيان.“
”شاباس!“
پڇيائين:
”سچ چئي ڄاڻين؟“
وراڻيم:
”هائو، مان سنڌي آهيان، ابن ڏاڏن کان وٺي سنڌ جو رهاڪو آهيان ۽ سنڌوءَ جو پاڻي پيئندو آهيان.“
شاباس!!
پڇيائين:
”پٽڙا! ٻيو بہ ڪو هنر ڄاڻندو آهين؟“
وراڻيم:
”ٻين آڏو هٿ ٽنگڻ بدران سنڌ جي وڻن مان ڏُٿُ چونڊي بہ گذر سفر ڪري ڄاڻان. اوڇڻ نہ هوندو اٿم تہ پاهڻن تي پاسا کوڙي، قرار جون ننڊون ڪندو آهيان.“
شاباس!!!
پوءِ ڀٽائي کِليو ۽ مون کي پنھنجي اوتاري ۾ وٺي ويو. ڏسان تہ اتي مون کان اڳ ۾ ئي هڪ گنڀير شاعر ويٺو هو، جيڪو هڪ وڏو هندي پستڪ پڙهي رهيو هو.
53
تون مرڻ کان پوءِ وري ڄمندين!
چريو ٿيو آهين ڇا؟
ڀلا ٻڌاءِ تہ تنھنجي مرڻ ۽ وري ڄمڻ جي وچ ۾ ڪيترو وقفو هوندو؟
تنھنجي ان سوال جو جواب هُو سج اٿئي، جيڪو ڄاڻ بادلن مان ٻاهر نڪتو.
54
تنھنجو چندن هار مان چورايو ئي تڏهن آهي تہ، تون پاڻ اچي پنھنجي مينديءَ رڌل هٿڙن سان منھنجي اڱڻ ۾ هيءَ چندن جي چڪي پوکين.
هان، اڄ تنھنجي وارن ۽ ڪاراين ۾ گجرا ڪونھن! اڙي تون مون سان ڳالھائين ڇو نہ ٿي؟؟
مان سمجهان ٿو تہ تون منھنجي شاعراڻي مزاج ڪري مونتي سخت ناراض آهين.
55
هڪ درويش جنت جون خوبيون بيان ڪري رهيو ھيو. چئي:
اتي هر ڪنھن انسان کي پنھنجن ذاتي عملن جو ڦل ملندو.... مون کيس روڪيندي چيو:
ڀلا ٻڌاءِ تہ سھي، اتي انسان، انسان جي ڪم ايندو؟
چيائين:
ڪھڙو ڪفر پيو بڪين!
مون کيس ٻڌايو تہ، قبلا! مون اڳ ۾ ئي وصيت ڪري ڇڏي آهي تہ مان جڏهن مري وڃان تہ منھنجو لاش ڪنھن اونھيءَ کڏ ۾ ڦٽو ڪري، ڳجهن، سرڻين ۽ ڪانگن جي حوالي ڪري ڇڏجو جيئن مرڻ کان پوءِ بہ مان ڪنھن جي ڪم اچي سگهان.
56
تون مون کان گيت کسڻ آيو آهين ۽ پوءِ ماچيس جي تيلي ٻاري کين ساڙي ڇڏيندين، ڇو تہ مون ”سچ“ لکيو آهي. سچ کي ساڙيو ويندو آهي يا کيس سوريءَ تي لٽڪايو ويندو آهي. پر تون مون کان منھنجا گيت نہ کسي سگهندين. مان ڪو ماکيءَ جو مکو ناهيان جو ڀُون ڀُون ڪري توکي ڊيڄاريان. مون ۾ وڏي سگهہ اٿئي. هاڻي مان هڪ وحشي راڙ ڪري توتي حملو ڪرڻ وارو آهيان.
57
پِرھہ کان پھر سج تائين مان رابيل ۽ رتن جوت جي ماڪ ڀنل گلن جو پسار ڪري رهيو هئس. مٿان مينھن جون سنھيون سنھيون بوندون برسي رهيون هيون. باغ کان ٻاهر هڪ ڪرڙ تي ٻہ ڀوريون ڏينھن کي ٽُڪي رهيون هيون ۽ سندن ٽٻڪن تي پسيءَ جا گل ڇڻي رهيا هئا. پاسي واري بڙ تي ڪويل ”ڪوڪو“ وارو گيت سڻائي رهي هئي ۽ منھنجي من ۾ هڪ گيت سرجي رهيو هو. ان ڏينھن مون کي احساس ٿيو هو تہ شاعري هڪ اها وَٿَ آهي جيڪا ڌرتيءَ جي نظارن مان بہ ملندي آهي.
58
زندگي جنُ آھي يا ڀُوت. مون تہ کيس انگاسن تي چاڙهي هيٺان ڏاڪڻ ڪڍي ڇڏي هئي. پوءِ هوءَ هٿن جي وٿين مان پاڻيءَ وانگر ڪيئن وهي وئي.
59
رات ڀٽائيءَ سڏائي چيو: ”ڇا تون منھنجي تنبوري جي تارن تي مون وانگر آڱريون رکي، سارنگ ڇيڙي، ٿر تي مينھن رسائي سگهندين؟ ڇا تون ڦٽل ڪراڙ تي کڙيل ڪنول گلن جھڙيون وايون جوڙي سگهندين؟ پٽ! مان ٿڪجي پيو آهيان، اٿئي ڪو ٻوٽو ٻارڻو تہ واھہ، نہ تہ اهو ڪم مان سنڌ ڌرتيءَ جي هڪ ٻئي سمنڊ جيڏي گھري ۽ گنڀير شاعر کي ڏئي ڇڏيندوسانءِ.”
60
مون کي ياد آ تہ وڌ ۾ وڌ مان ستن- اٺن سالن جو هئس جو امان سانئڻ ڪُٽيءَ جو ٿال ڀري، مون کي ۽ منھنجي ننڍي ڀيڻ بصر خاتونءَ کي سنڌو درياءَ تي وٺي وئي هئي. سنڌوءَ جي ڪپر تي بيھي، ڪُٽيءَ جون مُٺيون ڀري، سنڌوءَ کي ڀيٽا ڏني هئائين ۽ ڳچيءَ پاند پائي امان ڪي ياد ڪيل جملا بہ دهرايا هئا. ان وقت اسين ٻئي ڀيڻ- ڀاءُ، کِليا هئاسون.
هن وقت امان جا ٿورا ٿو مڃان جنھن سنڌو درياءَ جي ڪپ تي بيھي سنڌي هجڻ جو پھريون سبق پڙهايو هو.