106 کان 120
هي منھنجا گيت:
بڙ جي ڇانوَ بہ آهن،
لڪيءَ وارون لُڪون بہ-
هي منھنجا گيت:
ڪانھن تي ڪڻڇيءَ جي لات بہ آهن،
بغاوت جو اعلان بہ-
هي منھنجا گيت:
ٿر تي پلر جي پالوٽ بہ آهن،
بم گولن جي بارش بہ-
هي منھنجا گيت:
پياسن چپڙن لاءِ سنڌو- جل بہ آهن،
اوڳاڇيل لاوو بہ-
پوءِ بہ تون مون کان منھنجن گيتن کسڻ جي هام هڻڻ آيو آهين!
107
مون تو کي سچ بڻجي، سوريءَ تي ڳولھيو هو،
مگر موت بڻجي، تو منھنجو ڪنڌ مروڙيو.
مون تو کي آڳ بڻجي، پھاڙن جي پيٽ ۾ ڳولھيو هو،
مگر تو شعلا کسي، مون کي ڪوئلو بڻائي ڇڏيو.
مون تو کي ٻيڙو بڻجي، هر ساگر تي ڳولھيو هو،
مگر تون سِپَ بڻجي، پاتار ۾ پيھي وئينءَ،
مگر تو کي عقاب بڻجي، فضائن ۾ ڳولھيو هو،
مگر وِڄ بڻجي، تو منھنجا پَرَ جلائي ڇڏيا.
مون تو کي لھر بڻجي، ڪنارن تي ڳولھيو هو،
مگر تو ساگر بڻجي، مون کي پيٽ ۾ لڪائي ڇڏيو.
مون تو کي سج بڻجي، ڌرتيءَ جي گولي تي ڳولھيو هو،
مگر تو اوندھہ بڇي، مون کي رات بڻجي ڇڏيو.
اي آزادي!
ڇا اڃان بہ تنھنجو منھنجو ميلاپ ممڪن ناهي!
108
چريو تون يا مان؟
چريو مان آهيان، ڇاڪاڻ تہ ڦاسي گهاٽ ۾ داخل ٿي چڪو آهيان، پوءِ بہ جيئڻ جو حق پيو گهران.
109
منھنجي هر تخليق هُن تازي لڳايل باغ وانگر سمجهہ، جنھن مان طرح طرح جا گل ۽ ميوا پيدا ٿيڻا آهن ۽ نہ هُن کوھہ وانگر جنھن جي مالھہ ۽ لوٽين تي سينور چڙهي ويو آهي.
110
مان مڃان ٿو تہ تون گُهٽا ڏيئي مون کي ختم ڪري ڇڏيندين. پر منھنجي تخليق جي عقابن کي تون ڪٿان ڪٿان قيد ڪندين! جيڪي آخر تنھنجو انت آڻيندا.
111
تون جيڪڏهن هن ڌرتيءَ جو سڄاڻ اديب يا شاعر هجين هان تہ تو کي عقاب ۽ ڪبوتر جي اُڏام ۽ ڪردار جو فرق ضرور محسوس ٿئي ها ۽ پوءِ تون ٻين کان بہ اهو ئي سوال ڪرين ها، جيڪو هن وقت توکان مان ڪري رهيو آهيان.
112
مون کي ٻڌاءِ تہ داخلي گهل- گهوڙا کان سواءِ تو مستقبل لاءِ ڇا لکيو آهي؟
ڇا پاڻ کي اڳتي وٺي هلڻ لاءِ ڪنھن پُلِ جوڙڻ جي تو کي ضرورت محسوس نہ ٿي آهي!
جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ تون ۽ تنھنجون تخليقون ماضيءَ کان ڪاٽا ٿي وينديون.
113
او ڀيڻ! مون کي خبر آ، تہ تون بي قصور آهين ۽ پوءِ بہ تو کي عمر قيد جي ڏوهارڻ سمجهي، چار- ديواريءَ جي قيدخاني ۾ بند رکي، توکي بنجر زمين چئي، فطري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو جوڀن کان وٺي جُهري پوڻ تائين، تو مان ڪو بہ سلو اُسري نہ سگهيو آهي.
منھنجي ڀيڻ! مون تو لاءِ ايترو تہ لکيو آهي جو جڏهن تون ٻيو جنم وٺي هتي ايندينءَ، تہ تون طرح طرح جي گلن ڦلن کي جنم ڏئي سگهندينءَ.
114
او، ماري! تو هِن ڪونج کي ڪھڙي ڏوھہ ۾ زخمايو آهي؟ جنھن جي چھنب ۾ اڃان تائين ‘ٻچن جو چوڻو’ اٽڪيل آهي! شايد، تو مٿس گوليءَ هلائڻ جي سَڌَ بہ نہ ڪرين ها، جيڪڏهن تو کي ڀٽائيءَ جي هيءَ سٽ ياد هجي ها:
”ٻچا پوءِ اٿن- وڃن وانڌا ڪنديون.“
115
مان ان سڪندر جي ڳالھہ پئي ڪئي، جنھن هر ڪاري توڙي ڀوري انسان کي سيني سان لڳايو هو ۽ نہ ان سڪندر جي، جيڪو هزارين انسانن جي قتل ڪرڻ جو ٺيڪو کڻي، هليو هو دنيا کي فتح ڪرڻ.
116
مان تو سان هٿ ڪو نہ ملائيندس.
تون قاتل آهي، تو ان هٿ سان قتل ڪيو آهي.
چريو يا سياڻو! ڇا جو قتل، ڪنھنجو قتل!!
تو هن ٻوٽي مان رابيل جو گل ڇنندي، هن بي گناھہ پوپٽ کي ڇو ماريو آهي؟ جيڪو هر گل جي واس وٺڻ لاءِ پنھنجن پرن تي ديس، اديس جو ”پروانو“ کنيو پيو گهمين.
117
چون ٿا، ڀٽائيءَ جڏهن سر گهاتو لکي پورو ڪيو هو، تڏهن سڀني مانگر مڇن بک هڙتال ڪئي هئي. سندن بک هڙتال کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڀٽائيءَ کي سر سھڻي لکڻو پيو هو.
118
چون ٿا، تہ ڀٽائيءَ جڏهن سر ڏهر لکي پورو ڪيو هو تہ ٿر جي وڻن مڃر ڇاڻيو هو. ان لاءِ، ڀٽائيءَ کي سر سارنگ لکڻو پيو هو.
119
او مالھڻ! تون ۽ مان ٻئي چور آهيون، تون مون کي منھنجي ڏات موٽائي ڏي، تہ مان تو کي تنھنجا گل.
120
او مالھڻ!
تنھنجن گلن جو چور مان آهيان.
مان تو کي تنھنجا گل موٽائي ڏيندس، جيڪڏهن تون پاڻ پنھنجن هٿن سان، ڪو بہ هڪڙو گل منھنجي ڪوٽ جي ڪالر ۾ لڳائين.