ڪھاڻيون

فُٽ پاٿ

ھي ڪتاب شفيع بِڪڪ جي ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو آھي جنھن ۾ 17 ڪھاڻيون شامل آھن. ضراب حيدر لکي ٿو:”شفيع بڪڪ جون رنگ رتول ڪھاڻيون ڪڏھن ھالاري رنگ جھڙيون سرخ ۽ ساديون آھن تہ ڪڏھن بَھاري رُت جھڙيون تازيون آھن، أسلوب ۽ ڏانءَ ۾ بنھ معصوم محسوس ٿيندڙ ڪھاڻيون ڪٿي شرارت واري رمز ۾ تہ ڪٿي وري ڳنڀيرتا جي سَنگ ۾ جُڙيل لڳن ٿيون.  سندس ڪھاڻين جا سمورا موضوع نج ۽ سچا آھن، جيڪي ڪنھن بہ ريت ھٿرادو طرح نہ آندا ويا آھن نہ ئي مڙھيا ويا آھن، اِھائي ھڪ سادي ڪھاڻيءَ جي تشريح آھي جيڪا لکڻ ۾ شفيع بڪڪ ڪامياب ويو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 25
  • 17
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شفيع بڪڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Foot Path

نيو ييئر نائٽ

شهر جي هڪ خوبصورت ۽ ڪشادي بنگلي جي لان ۾ لڳل بڙ جي وڻ تي ٺهيل آکيري ۾ ويٺل ڳيرو ۽ ڳيري هڪ ٻئي سان چُهنبون ملائي پيار ونڊي رهيا هئا. لان ۾ بڙ جي هيٺيان رکيل بينچ تي بنگلي مان هٿ هٿ ۾ ڏئي ٻاهر نڪرندڙ ٻه نوجوان ڇوڪرو، ڇوڪري اچي ويٺا. ٻئي ويهن سالن جي وهيءَ جا لڳي رهيا هئا. هڪ ٻئي جو هٿ هٿ ۾ جهلي ويجهو ٿي ويهي ڳالهيون ڪري رهيا هئا.
بنگلو هڪ وڏي ايراضيءَ تي ڦهليل هو، جنهن جي هڪ حصي تي لان ۽ ٻئي حصي تي سوئمنگ پول ٺهيل هو. لان ۾ ويهڻ لاءِ ماربل جي پٿر جون بينچون رکيل هيون. هن بنگلي جو مالڪ ۽ بينچ تي اچي ويٺل ڇوڪريءَ جي پيءُ هڪ وڏو بزنس مين هو، جيڪو گهڻو ڪري پنهنجي بزنس ۾ مصروف رهندو هو.
ڇوڪريءَ جي امڙ پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ مصروف رهندي هئي. ان طرح گهر جا سڀ ڀاتي پنهنجي پنهنجي زندگي گذارڻ ۾ آزاد ۽ مست مگن هئا.
هيڏي وڏي بنگلي ۾ ماڻهو رهندي به بنگلو خالي خالي لڳندو هو. صبح جو مالهي اچي لان جي صفائي ڪري ويندو هو. چوڪيدار گيٽ تي اڏيل ڪمري ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو هوندو هو. گاڏيون گهر جا ڀاتي پاڻ ڊرائيو ڪندا هئا. تنهن ڪري ڪو به ڊرائيور رکيل نه هو.
گهر ۾ ڪم ڪندڙ نوڪر گهر اندر ئي رهندا هئا. تنهنڪري بنگلي جو ٻاهر جو ڏيک ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ هن بنگلي ۾ ڪوئي رهيل نه هجي.
ڳيريءَ ڳيري کي چيو:
”تون ڀلي وڃ. پاڻ آکيري ۾ ڏکيا ٿينداسين. ڪٿي نئين سال جي خوشيءَ ۾ فائرنگ جي ٺڪائن تي پنهنجي ڦٿڪڻ سان آنا ڪري ڀڄي نه پون. تون صبح جو موٽي اچجان.“
”چڱو مان صبح جو موٽي ايندس، تون ٺڪائن تي گهٻرائجي مٿي نه اڏامجان.“
ڳيري کيس چيو.
ها مان آکيري ۾ ئي پنهنجي آنن تي ويٺي هونديس. ڳيريءَ وراڻيو.
ڳيري، ڳيريءَ ۽ آنن تي هڪ نظر وڌي ۽ پوءِ اطمينان ڪري جهنگ واري باغ ڏانهن اڏامي ويو.
بينچ تي ويٺل ڇوڪرو ۽ ڇوڪري به رات جو نيو ايئر نائٽ سمنڊ ڪناري ملهائڻ جو پروگرام ٻڌي بينچ تان اٿيا.
رات جي اونداهي جيئن جيئن وڌندي وئي، آکيري ۾ آنن تي ويٺل ڳيريءَ جو ڊَپُ وڌندو ويو. جنهن مهل به ٺڪاءَ شروع ٿين پر مون کي پنهنجو هي آکيرو ڇڏڻو ناهي. ائين سوچيندي ڳيري آکيري ۾ ڄَپُ ڪري ويٺي رهي.
جيئن ئي شهر جي گهڙيالن ۾ رات جا ٻارهن وڳا ته، شهر ۾ ڄڻ ڪنهن هڪ ئي وقت هٿيارن جا مُنهن کولي ڇڏيا. هر طرف کان فائرنگ شروع ٿي وئي. سڄو شهر فائرنگ سان گونجڻ لڳو. ننڊڙي دل واري ڳيري،سهمجي پنهنجي آنن مٿان پرَ وڇائي ويٺي رهي.
ڪجهه سيڪنڊن ۾ ئي اوچتو ڪنهن نامعلوم طرف کان گولي آکيري کي، ڪنهن بم جيان اچي لڳي. گولي لڳڻ سبب ڳيري پنهنجي آنن مٿان هميشه جي لاءِ ننڊ پئجي وئي.
صبح ٿيڻ سان ئي ڳيرو جهنگ ڇڏي شهر ڏانهن اڏاڻو، نئين سال جي سج جا ڪرڻا آکيري مٿان پوڻ وقت آکيري ۾ صحيح سلامت بچي ويل هڪ آني مان ڦٽل گيريءَ جي ٻچڙي،اکيون پٽي نئين سان جي آجيان ڪئي.
جڏهن ڳيري اچي آکيري مٿان پير رکيا ته، سندس وجود لُڏي ويو. آکيري ۾ ڳيري آنن مٿان پَر وڇائي هميشه جي لاءِ ننڊ پيل هئي. ڳيريءَ جي سسيءَ مان وهيل رت سڄي آکيري ۾ سڪل حالت ۾ موجود هو. سندس رت جا ڪجهه ڦڙا وڻ هيٺيان رکيل ماربل جي بينچ مٿان به پيل هئا.
ڳيرو پنهنجي ڳيريءَ جي مرڻ تي اڃا هنجون ئي هاري رهيو هو ته، اوچتو بنگلي جي گيٽ تي گاڏيءَ جو هارن وڳو، چوڪيدار ڪمري مان نڪري گيٽ کوليو، جنهن مان هڪ ايمبولنس بنگلي اندر داخل ٿي اچي ان جي پورچ ۾ بيٺي. ڪلهه ڇوڪريءَ سان گڏ بينچ تي ويٺل ڇوڪري، ايمبولنس مان لهي، ان جو پويون گيٽ کولي، اسٽريچر تي، ڪفن ۾ ويڙهيل ڇوڪريءَ جو مڙهه هيٺ لاٿو.
*