لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نـاهـيـــون (تاريخ جي آئيني ۾)

ناهيون سنڌ جي هڪ ذات، برادري يا قبيلو آهي۔ محترم غلام مصطفى ناهيون صاحب جو لکيل ڪتاب ناهيون (تاريخ جي آئيني ۾) به ان ئي ذات بابت آهي، جيڪو اوهان اڳيان پيش آهي۔
هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي۔ اسان ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ سائين رياضت ٻرڙو صاحب جا، جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء موڪلي ڏني آهي۔
Title Cover of book نـاهـيـــون  (تاريخ جي آئيني ۾)

• ناھيون ذات سمان دؤر جي پڇاڙي کان ڪلھوڙا دؤر تائين

شھداد فقير واري ڳوٺ سان لاڳاپيل احوال
جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آھي ته ڪلڪان جادوگرياڻي جي تڪليفن ڪري جڏھن ناھين جو پھريون ڳوٺ ناھيانھو ڦٽڻ لڳو ته ناھيون قوم جا ماڻھو ٽن اھم حصن ۾ ورھائجي ويا. ھڪڙا سڌو سئون سمان گھراڻي جي تختگاه سما نگر (ٺٽي) ڏانھن ھليا ويا ٻيا ٽنڊوڄام ڀرسان ’دڙي وارو ڳوٺ‘ آباد ڪري ويھي رھيا ۽ ٽئين گروھ جيڪو ڳوٺ آباد ڪيو اھو ھاڻوڪي ٽنڊوڄام، کيسانه موري ۽ ڀئنپورجي وچ تي جيئي شاه بادشاھ جي درگاه ڀرسان شھداد فقير وارو ڳوٺ ھو. ھن ڳوٺ ۾ موجوده وقت جي ڳوٺن جھڙوڪ خانپور، ڪنڊو ناھيون، راول ناھيون ۽ حاجي يار محمد ناھيون جي ماڻھن جا وڏا آباد ھئا، جيڪي شاه الياس جا عقيدتمند ھئا ۽ کيس ضلعي جو عام مختيار سمجھندا ۽ سڏيندا ھئا/ آھن (جيئي شاه بادشاه جي درگاه ٽنڊوڄام کان ٽي ڪلو ميٽر پري اتر اوڀر طرف آھي).
جيتوڻيڪ پوري پڪ نه پئجي سگھي آھي ته شاھ الياس، سنڌ جي ڪھڙي حڪمران دؤر ۾ ھتي آيو پر جيڪي روايتون ھلندڙ آھن، تن ۾ ڪن جي چوڻ موجب ته ستون سن (يعني سن ٧٠٠ھ کان ٧٩٩ھ تائين)، ڪن مطابق ته نائون سن ته ڪن موجب ٻارھون سن آھي. انھن ٽنھي روايتن مان نائين سن واري روايت لاءِ ڪافي پختا اھڃاڻ ملن ٿا جنھن ڪري ھن بزرگ کي سمان دؤر جي پڇاڙي ۽َ ارغون دؤر جي اڳياڙي واري عرصي جو چئي سگھجي ٿو.
شاه الياس سان منسوب بيشمار روايتن مان ھڪ روايت موجب ته جنھن ھنڌ ھينئر سندن درگاه آھي يا انجي آسپاس وڳڻ ذات جي ماڻھن جو پڻ ھڪ وڏو ڳوٺ موجود ھو، جنھن جي ڀر مان درياء به وھندڙ ھو. واللھ علم ته ڪهڙي سبب ڪري شاه صاحب وڳڻن کي اھو ڳوٺ خالي ڪرڻ لاءِ چيو ۽ جڏھن وڳڻن انڪار ڪيو ته پاڻ کين اھو پاراتو ڏئي راتو واه ھتان ڪڍيو ته؛ ’آئون وڳڻن جي ھتان سؤ ڪوه تائين پاڙ ٿو پٽيان‘ ۽ تصديق آھي ته اڄ تائين چئني ڏسائن ۾ ان حد تائين وڳڻن جو ڪو به ڳوٺ موجود ناھي.
ھڪ ٻي روايت موجب ته ھڪ شام جو سمان قوم جي ڪجھ ماڻھن ڪٿان سفر ڪري رات پوڻ سبب اچي ٻيڙين جا پڳھ ھتي کوليا ۽ اتي ئي رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو.
شايد ھي اھو زمانو ھو جڏھن سمان گھراڻي جي آخري حاڪم ڄام فيروز، ارغون گھراڻي جي مرزا شاه حسن سان ٻه جنگون لڙيون ۽ پنھنجي قوم جا ھزارين ماڻھو شھيد ڪرايا ۽ پاڻ ڪڇ ڏانھن ڀڄي ويو (تاريخ سنڌ-٣ ص ١۴۸). اھڙيءَ طرح ٺٽي ۽ آسپاس ۾ رھندڙ سماٽ قوم جا ماڻھو (سمان، ناھيان وغيره)، ھڪ ڀيرو ٻيھر ٺٽو ۽ آسپاس ڇڏي، ڪڇ ۽ سنڌ جي ھيٺئين ۽ وچئين علائقي ڏانھن پناه لاءِ ڀڄڻ لڳا. يا شايد اڃا به ان کان گھڻو پوءِ. . .؟!
بھرحال روايت موجب ته جتي سمن اچي پڙاء ڪيو اتي ئي ڀر ۾ شاه صاحب پنھنجي آستاني ۾ باھ ٻاريو ويٺو ھو، انڪري سمن مان ڪو ٽانڊو کڻڻ لاءِ بزرگ وٽ لنگھي آيو. شاھ الياس صاحب جن ٽانڊو ان شرط تي ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا ته ’اوھين ھميشه لاءِ اتي ئي رھندا‘. ان شخص عرض ڪيو، ’قبلا اسين وڻجارا آھيون ۽ جيئن ته ھتي اسانجي ڪا به واقفيت ڪانھي، ان لاءِ ھتي ھميشه رھڻ کان قاصر آھيون“. انھي جواب تي شاه صاحب ٽانڊي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ سمون موٽي ويو.
آخر ڪار سمن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته؛ ’رھنداسين پاڻ ھونئن ئي ڪو نه پر بزرگ سان ھائوڪار ڪري في الحال ٽانڊو کڻجي‘. اھڙيءَ طرح ان صلاح تحت ھنن ٽانڊو حاصل ڪيو ۽ رات پيٽ ۾ ھلڻ جو ارادو ڪيو، پر ٻيڙا ھليا ئي ڪو نه. جڏھن ته ڪن روايتن موجب ڪافي سفر ڪيائون، پر صبح جو ڏسن ته اتي جو اتي! اھا ڳالھ ٽن ڏينھن تائين جاري رھي ۽ پوءِ آخرڪار سمن جي ھن قافلي ۾ موجود ھڪ عورت، جا به اللھ لوڪ دورويش ھئي (جيڪا بعد ۾ شاھ صاحب جي خدمتگار بني ۽ سندس قبر اڄ به درگاه اندر سندس سيرانديءَ کان موجود آھي) تنھن سمن کي سمجھايو ۽ ان طرح سمان جيئي شاه بادشاھ وٽ ئي رھي پيا. ڪافي عرصي کان پوءِ ھڪ ڏينھن سمان شاه صاحب وٽ عرضي ٿي آيا ته ’ھتي اسانکي زمين ڏياريو ته جيئن اسين پنھنجو گذر آسانيءَ سان ڪري سگھون. جنھن تي بزرگ ناھين کي، جيڪي آسپاس جي زمينن جا مالڪ ھئا، انھن کي اڌ زمين ڏيڻ لاءِ چيو. پر ناھين انڪار ڪري ڇڏيو. چون ٿا ته انهن ناھين ۾ به ڪا عورت ’اللھ لوڪ درويش‘ ھئي (جنھن جي قبر جيئي شاه جي قبرستان جي بازار ۾ اڄ به موجود آھي) ان جي سمجھائڻ تي ناھيان ان شرط تي زمين ڏيڻ لاءِ تيار ٿيا ته ’بيٺل فصل (ڪن جي چوڻ موجب ڄانڀو ۽ ڪن موجب ٻاجھر) کي ھڪڙي پاسان سمان لڻن ۽ ٻئي پاسان ناھيان، پوءِ ٻئي ڌريون جتي اچي رسنديون، اتي ٻنو ڏئي، زمينون کين ڏنيون وينديون‘.
باوجود جو ناھيان سمن کان اڪثريت ۾ ھئا. پوءِ به سمان ناھين جي توقعات کان وڌيڪ فصل لڻي ويا ۽ زمين جي دنگ جو ٻنو ناھين جي ڳوٺ جي بلڪل ڀر ۾ ڏنو ويو. اھڙيءَ طرح سمان اتي ھميشه لاءِ ڳوٺ ٻڌي ويھي رھيا، جي اڄ به موجود آھن. پر بعد ۾ ناھين اھو گوارا نه ڪيو ته ڪو سمان سندن گھرن ڀرسان ۽ درن سامھون ٻنيون ڪاھين، ان لاءِ ھنن اھو آباد ۽ پڪو ڳوٺ، ھميشه لاءِ ڇڏي ڏنو. جن مان ھڪ وڏو تعداد ڀرواري آباد ’دڙي واري ڳوٺ‘ ڏانھن ھجرت ڪري ويو ۽ باقي جن جي وابستگي مٿي ذڪر ڪيل موجوده ڳوٺن سان آھي، مختلف گروھن جي صورت ۾ مختلف پڊ مٽائيندي ھاڻوڪين جاين تي اچي آباد ٿيا. روايت ۾ اھو به شامل آھي ته شاه صاحب جي انھيءَ ڳالھ مڃڻ کان پوءِ پاڻ ناھين توڙي سمن کي مختلف دعائون ڪيون ۽ چيو ته اگر سمن کي ڪا ڏکي پوي ته منھنجي سيراندي کان دعا گھرن ۽ اگر ناھين کي دعا گھرڻي ھجي ته منھنجي پيراندي کان دعا گھرن‘. انڪري اڄ به ھتي اِھا چوڻي عام آھي ته؛ ”سمن جي سيراندي ۽ ناھين جي پيراندي“.
جيتوڻيڪ اھو چوڻ مشڪل آھي ته ھيءَ ڳوٺ ڪھڙي سن کان وٺي ڪھڙي سن تائين آباد رھيو. پر ايترو اندازو ضرور لڳائي سگھجي ٿو ته ھيءُ ڳوٺ مخدوم ساھڙ پير لنجار جي حياتيءَ واري عرصي ۾ قائم ۽ دائم ھو، جو ناھيون قوم جا ماڻھو پوري سنڌ، (بالخصوص شھداد فقير جي ڳوٺ سان تعلق رکندڙ) پيري مريديءَ ڏانھن راغب ٿيڻ کان پوءِ ڪو وقت مخدوم ساھڙ پير لنجار (وفات ٩٨٠ ھ) جا مريد پڻ ٿي رھيا. جنھن جا عوامل ۽ اسباب ته معلوم ٿي نه سگھيا آھن پر ھن بزرگ لاءِ مشھور آھي ته پاڻ، ’ناھين‘ جي مريد ٿيڻ بعد، اھو فرمودو يا مريديءَ جو شرط ناھيون قوم تي رکيو ھيائون؛ ”سڀئي ناھيان سھو نه کائين، پر جيڪڏھن سھو ڪنھن وٽ قيد به ڏسن تي پنج پئسا ڏئي (شايد ان دؤر ۾ سھي جي قيمت يا رائج سڪي جي قيمت) سھي کي ڇڏائين.“ ان فرمودي جو پس منظر به معلوم نه ٿي سگھيو آھي.