لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

نـاهـيـــون (تاريخ جي آئيني ۾)

ناهيون سنڌ جي هڪ ذات، برادري يا قبيلو آهي۔ محترم غلام مصطفى ناهيون صاحب جو لکيل ڪتاب ناهيون (تاريخ جي آئيني ۾) به ان ئي ذات بابت آهي، جيڪو اوهان اڳيان پيش آهي۔
هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي۔ اسان ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر ۽ ڏاهپ پبليڪيشن جي سرواڻ سائين رياضت ٻرڙو صاحب جا، جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوز ٿيل ڪاپي سنڌ سلامت تي پڙهڻ لاء موڪلي ڏني آهي۔
Title Cover of book نـاهـيـــون  (تاريخ جي آئيني ۾)

• شاه عنايت رضوي ۽ فقير جيئندو ناهيون بابت هڪ روايت

شهداد فقير وارو ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ، ناهين جو ڪجھ راڄ ته دڙي ۽ پسگردائي وارن ڳوٺن ڏانهن هليو ويو ۽ باقي راڄ جو وڏو حصو موجوده کيسانه موريءَ کان هڪ ڏيڍ فرلانگ جي فاصلي تي اتر طرف ڳوٺ ‘ماڪن ناهيون‘ آباد ڪري ويهي رهيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ "فقير جيئندو ناهيون" نالي، هڪ سٺو قادرالڪلام شاعر پڻ موجود هو جيڪو موقعي ۽ مناسبت سان في البديع شعر چوندو هو. هن ڳوٺ کان ٻه اڍائي فرلانگ پري کيسانه موري کان ڏکڻ طرف ’گهوٽاڻو‘ قوم جو پڻ هڪ ڳوٺ آباد هو، جنهن ۾ به اهڙو ئي هڪ گهوٽاڻو شاعر رهندڙ هو، جنهنجو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي. هي ٻئي ڳوٺ پوءِ مدد خان پٺاڻ جي ڪاھ وارن ڏينهن ۾ ڦٽي ويا. پر کيسانه موري وٽ، جتي روهڙي ڪئينال اچي ختم ٿئي ٿو ۽ مختلف شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿو، اتي اولھ ڏکڻ واري شاخ اڄ به گهوٽاڻن جي ڳوٺ پٺيان ”گهوٽاڻا مائينر“ ٿي سڏجي.
انهي ساڳئي دؤر ۾ نصرپور ۾ ميون شاه عنايت رضوي شاعري جي دنيا ۾ هڪ وڏو نالو هو، جيڪو پڻ في البديع شعر چوندو هو ۽ هر ڳالھ ۽ ڪاني ڪرامت پڻ، شعر ذريعي ڪندو هو. جيتوڻيڪ شاه عنايت صاحب جي ڄم يا وفات جي تاريخ ۽ سن نه ملي سگهيو آهي، پر صرف ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي ته پاڻ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جا همعصر شاعر هئا (جيڪو ڪلهوڙا دؤر جو شاعر هو). ان ڪري هن روايت کي به مغلن جي آخري دؤر يا ڪلهوڙن جي شروعاتي دؤر ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.
هڪ ڀيري ميون شاه عنايت نصرپوري، مٿين ٻنهي شاعرن جو نالو ٻڌي، ساڻن شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ خاطر، وٽن مهمان ٿي آيو. پهريائين پاڻ گهوٽاڻي وٽ ويو، جيڪو نهايت مغرور هو. شاه عنايت کيس شعر ٻڌائڻ لاءِ چيو. پر گھوٽاڻي چيو؛ ’پهرين اوهين شعر ٻڌايو.‘ جنهن تي شاه عنايت گهوٽاڻي کان پڇيو ته؛ ’تون ڪير آهين؟‘
گھوٽاڻي فخر سان چيو؛ ’آئون ائيٿ تارو آھيان.‘ شاھ عنايت ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ ھيٺيون شعر چيائين:
’اڀـريــو ائيـٿ تـارو، لقـاپور مٿـان،
ستر گز سمونڊ ۾، سوسي ڪڍي ساه،
گھوٽاڻا اٿئي گھاءُ، پھرين سٽ پـڙ ۾‘.
روايت مطابق ته اھو شعر ٻڌڻ سان ئي گھوٽاڻو پڙيءَ تي مري ويو. اتي گھوٽاڻي جي ماءُ ڊوڙي آئي ۽ شاه عنايت کي چيائين ته؛ ”تون ائين منھنجي پٽ کي ڪو نه مارين ھا. پر جيئن ته صرف ھڪ دفعو ان کي بنا مسح جي کير پياريو ھئم، ان ڪري تون ھن تي اھو وار ڪري سگھيو آھين.“
ان کان پوءِ شاه عنايت، فقير جيئندي ناھيون ڏانھن رخ ڪيو. جيئندي کي گھوٽاڻي بابت اڳيئي خبر پئجي چڪي ھئي ۽ پاڻ ڊڄي گھر ۾ اناج جي گندي اندر گھڙي ويھي رھيو. شاھ عنايت کيس اعتماد ۾ ورتو ۽ کيس، اناج جي گنديءَ مان ٻاھر اچي، شعر پڙھڻ لاءِ چيو. جيئندي چيو؛ ’قبلا پھرين اوھين شعر پڙھو.‘ پر شاه عنايت جي زور ڀرڻ تي، فقير جيئندي ڊڄندي ڊڄندي نماڻائي مان ھي شعر پڙھيو.

’ٻـنـي سـڀ شاه جـي، ٻنـــي سڀ شــاه جـــي،
لاھيارو لڻي ڪھڙي ڪندو ريس راه سان.‘

شاه صاحب ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دعا طور سمورن ناھين لاءِ ھي بيت چيو

’ناهيان سڀ نوازيئي، ڪري ڀلايون ڀال،
جنھن لڳ اللھ، وار نه ونگــو تــن جــو.‘
ائين پوءِ ميون شاه عنايت موڪلائي ھليو ويو.

چون ٿا ته فقير جيئندي جو ڪافي شعر يا ته ھمعصر شاعرن جي ڪلام سان ملي پنھنجي اصليت وڃائي ويٺو يا وري ڪو مناسب لکاري نه ملڻ ڪري اڄ تائين محفوظ نه رھي سگھيو ان واقعي کان پوءِ ناھين جا پڻ ڪيترا گھراڻا اڄ تائين شاه عنايت جا مريد رھندا پيا اچن.