ناول

پيغامبر

هي ناولٽ هڪ طويل انٽرويو جيان آهي، جيڪو هڪ اهڙي ماهر کان ورتو ويو هجي جيڪو زندگيءَ جي هر شعبي تي مهارت رکندو هجي. هو هر ماڻهوءَ جي اهنجن، ايذائن، ڏکن ڏوجهرن، خوشين ، پيار ۽ چاهت، ويندي کاڌ خوراڪ، پهرڻ ۽ محبتن ۽ محنتن مان واقف هجي. جبران هن ناولٽ ۾ محنت جي باري ۾ ٻڌائيندي چوي ٿو: ”محنت جي وسيلي زندگيءَ سان محبت ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سڀ کان اونهن رازن تائين پهچڻ آهي. جيئن توهين پنهنجي دل جي تار ڪڍي ان مان ڪوئي ڪپڙو ٺاهيو ته اهو توهان جو محبوب پائي.“
  • 4.5/5.0
  • 2789
  • 1746
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • خليل جبران
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيغامبر

حُسن

هڪ شاعر چيو: ” اسان کي حسن جي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو!“
مصطفيٰ جواب ڏنو: ”توهان حسن کي ڪٿي ڳوليندؤ ۽ ڪيئن لهندؤ، جيسين اهو ئي توهان کي رستي ۾ نه ملي ۽ توهان جي رهنمائي نه ڪري.
توهان ڪيئن هن متعلق ڳالهائيندؤ، جيسين اهو ئي توهان جي گفتگوءَ جو تاڃي پيٽو نه بڻائي؟
زخمِ نصيب چوندو آهي،”حسن مهربان۽ رحمدل آهي! اهو اسان جي وچ مان، ان نوجوان ماءُ جيان لنگھندو آهي، جيڪا پنهنجي عزت ۽ منزلت کان لڄائيندي ويندي آهي.“ وري جذبات پرست چوندو آهي، ”نه! حسن طاقت ۽ دهشت جو هڪ مظهر آهي. جيڪو طوفان جيان، اسانجي پيرن هيٺان زمين کي ۽ اسان جي سرن جي مٿان آسمان کي ڌوڏيندو آهي.“
ڪمزور دردن ماريو چوندو آهي: ”حسن هڪ آهستي ۽ نرم ۽ نازڪ آواز آهي، جيڪو اسان جي روحن سان سرگوشيون ڪندو آهي سندس آواز اسان جي ماٺائين ۾ اهڙيءَ طرح جھومندو آهي، جيئن ڇانءَ جي ڊپ کان ڏڪندڙ روشني!“
وري بيقرار ۽ گھٻرايل چوندو آهي: ”اسان کيس پهاڙن جيان گونجندي ۽ گجندي ٻڌوآهي- سندس گونج گرج سان گڏ، گھوڙن جي سنبن جي آواز، پکين جي پرن جي ڦڙڦڙاهٽ ۽ شينهن جي رڙين جو آواز اسان جي ڪنن ٻڌو آهي.“
رات جي پهر شهر جو چوڪيدار چوندو آهي: ”حسن، صبح سان گڏ اوڀر کان اڀرندو.“
منجھند جو مزدور ۽ مسافر چوندا آهن: ”اسان کيس الهندي جي ڳڙکين مان زمين تي ليئا پائيندي ڏٺو آهي.“
سرديءَ جي مند ۾ برف ۾ ويڙهيل انسان چوندا آهن: ”حسن بهار جي مند سان ايندو ۽ پهاڙن تي ٽپا ڏيندو رهندو.“
گرميءَ جي رت ۾ ڪڙي اس ۾ فصل لڻندڙ چوندا آهن: ”اسان هن کي خزان جي مند ۾ پنن سان نچندي ڏٺو آهي. سندس وارن ۾ اسانکي برف جا سفيد ڳنڍا نظر اينداآهن.“ ها، اهي سڀ ڳالهيون حسن جي باري ۾ چوندا آهيو. پر سچ ته اهو آهي ته، توهان حسن جي ڳالھه ئي ڪٿي ٿا ڪريو؟“
۽ حسن، ضرورت نه سرور آهي.
اهو نه اڃ وگھي ڏڪندڙ چَپ آهي ۽ نه ڊگھيريل هٿ.
پر اهو هڪ دل آهي- دکندڙ.
هڪ روح آهي- پريشان ۽ عاشق.
هو ڪا اهڙي صورت ناهي، جنهن کي اوهين ڏسي سگھو.
نه ئي هو ڪو اهڙو گيت آهي، جنهن کي اوهين ٻڌي سگھو. هو هڪ اهڙي صورت آهي، جنهن کي اوهين پنهنجيون اکيون بند ڪري به ڏسي ٿا سگھو.
اهو اهڙو گيت آهي جنهن کي اوهين پنهنجا ڪن بند ڪري به ٻڌي ٿا سگھو.
هو ڪنهن ڦاٽي پيل ميوي ۾ لڪل رس ناهي ۽ نه ئي ڪنهن چنبي ۾ ڦاٿل پَرُ ئي آهي.
هو ته هڪ باغ آهي، جنهن ۾ ٻارنهن ئي مهينا گل ٽڙندا آهن.
فرشتن جو هڪ ميڙاڪو آهي، جيڪي هر وقت فضا ۾ ٽھلندا رهندا آهن.
اي فاليس جا رهاڪؤ! حسن زندگي آهي- اها زندگي جيڪا پنهنجي نوراني چهري تان پردو کڻي، ۽ اوهين ئي زندگي آهيو ۽ اوهين ئي پردو.
حسن ابديت آهي، جيڪو پنهنجو عڪس پنهنجي آئيني ۾ ڏسندو آهي.
توهان ئي ابديت آهيو ۽ توهان ئي آئينو!“