موت
”توهان موت جو راز ڄاڻڻ ٿا گھرو؟“ مصطفيٰ وراڻيو.”پر توهان اهو ايئن ڪيئن حاصل ڪري سگھندؤ. جيسين ان جي ڳولا قلب حيات ۾ نه ڪريو!
چٻرو، جنهن جو اکيون رات جي وقت ڏسنديون آهن ۽ راز کيس ڏينهن جو ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي، اهو روشنيءَ جي راز تان پردو کڻي نه ٿو سگھي.
جيڪڏهن اوهان حقيقي معنيٰ ۾ موت جي حقيقت تان پردو کڻڻ ٿا گھرو، ته حياتيءَ جي جسم ڏانهن پنهنجي دل جا دروازا کولي ڇڏيو. انڪري ته زندگي ۽ موت برابر آهن. جيئن درياءُ ۽ سمنڊ هڪ آهن.
توهان جي اميدن ۽ خواهشن جي اونهائين ۾ غيب جي باري ۾ توهان جو خاموش علم لڪل آهي. جيئن برف جي ڇپن جي هيٺان دٻيل ٻج خواب ڏسندو آهي، اهڙيءَ طرح توهان جي دل بهار جو خواب ڏسندي آهي.
بس خوابن تي ڀروسو ڪريو ته انهن ۾ ابديت جو دروازو لڪل آهي.
موت کان ڊڄڻ توهان لاءِ ائين آهي، جيئن ڌنار جو بادشاھه جي آڏو ڏڪڻ، جيڪو شفقت مان هن جي ڪلهي تي ٿڦڪي ڏيندو آهي.
ڇا ان ڏڪڻيءَ جي پويان اها خوشي لڪل ناهي ته هو سلطاني تمغي سان نوازيو ويندو؟
ڇا هو ان ڏڪڻيءَ جي باري ۾ وڌيڪ محتاط ناهي؟
موت ان کان سواءِ ڇاهي ته اسان هوا ۾ اگھاڙا ٿي بيهون ۽ سج جا گرم گرم ڪرڻا اسان کي پگھاري ڇڏين ۽ ساھه جو اچڻ وڃڻ بيهي وڃڻ ڪهڙو مطلب آهي، سواءِ ان جي ته هو زماني جي پابندين کان آزاد ٿي ڪري، ڪنهن قيد ۽ ڪنهن بندش جي بنا ذات مطلق ڏانهن اڏامي سگھي. توهان حقيقي معنيٰ ۾ ان ويل گيت ڳائڻ شروع ڪندؤ، جڏهن اوهان پنهنجي خاموشيءَ جي درياءَ مان هڪ ڍڪ ڀريو، ۽ توهان اونچائيءَ تي ان مهل چڙهڻ شروع ڪندؤ، جڏهن توهان پهاڙ جي چوٽيءَ تي پهچي ويندؤ.
توهان صحيح معنيٰ ۾ رقص ان وقت ڪندؤ، جڏهن زمين توهان کي پنهنجي هنج ۾ لڪائي ڇڏيندي.“