تـــعـــارف: جناب عبدالقيوم “صائب”
هن کي ننڍي هوندي سندن ئي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لا ويهاريو ويو جتان سال ۱۹۵۲ع ۾ سنڌي ورنيڪيولر جو فائنيل امتحان پاس ڪري اچي پنهنجي وڏي ڀاءُ ميان ڪريم بخش سان گڏجي دواخاني جو ڪم ڪندو رهيو جنهن ڪري علم سان گڏ حڪمت سان پڻ لاڳاپو رهيو اٿس.
هو جلد ئي سال ۱۹۵۵ع ۾ تپيدارئَ جو امتحان پاس ڪري روينيو کاتي ۾ سرڪاريءَ نوڪرئَ ۾ گھڙيو. نوڪرئَ جي شروعات ٿاڻي بولا خان کان ڪيائين ۽ هن وقت حيدرآباد تعلقي ۾ تپيدار آهي.
هو شروع ۾ شاعراڻي روڻ ڀوڻ پيو ڪندو هو جيڪو شوق کيس گھلي “انجمن آفتاب ادب” دادو جي مشاعرن ۾ وٺي آيو، جتي الحاج حافظ محمد احسن چنه صاحب جي شاگردئَ ۾ رهي فيض پرائڻ لڳو ۽ اڄ تائين انهئَ دريا مان سيراب ٿيندو رهي ٿو حالانڪ نوڪرئَ سانگي جدا جدا هنڌن تي رهڻ ڪري ميان عبدرحمان انجم هالائي ۽ ٻين سان پڻ سخن سازئَ جي سلسلي ۾ مشوره ڪندو رهيو آهي. هو اوائل ۾ مولائي تخلص ڪندو هو پر احسن صاحب جي صلاح سان “اڪرم” تخلص اختيار ڪيائين.
هن کي شعر و ادب جي محفلن ۽ بزمن ۾ اٿڻ ويهڻ ۽ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو وڏو ذوق ۽ شوق رهيو آهي. اخبارن ۽ رسالن ۾ به هن جو ڪلام ڇاپبو رهندو آهي. “اکيون پسي آئيون” هن جي ڪلام جو پهريون مجموعو آهي. هن جي اکين جيڪي به ڏٺو وائـٺو آهي تنهن جي عڪس حمد، نعت، غزل، نظم رباعي، قطعه ۽ بيت جي صورت اختيار ڪري هن مجموعي جي صورت اختيار ڪري هن مجموعي جي صورت ورتي آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته اڪرم جي ذهن، عقيدي، تمنا ۽ تجربي جو عڪس سندس شاعرئَ ۾ سميٽجي آيو آهي، يا ته، اڪرم جي شاعرئَ مان هن جي شخصيت ۽ ڪردار جھلڪا ڏيئي رهيا آهن.
هن مجموعي جي اڀياس مان اها ڳالھ ذهن جي سطح تي بخوبي اڀري اچي ٿي ته هن کي حب رسولؐ ۽ وطن جي محبت مان وڏو ماڻ نصيب ٿيل آهي. تغزل جي دنيا ۾ به حال سارو پاڻ چڱو موهيو اٿس. بيت ۾ ڀٽائيءَ جي ڀر وٺي هلڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس.
هن دربار رسول اڪرم ﷺ ۾ عقيدت جا گل نڇاور ڪندي چيو آهي
محمد ئي محمد آ ، جھان جي ذره ذره ۾،
نظر جاڏي ڪيم تاڏي نظارن ۾ محمد آ
لـکيل هـر چيز تـي جـنـت ۾ نالو هو محمد جو، چٽيل عرش ــ برين جي خود منارن ۾ محمد آ.
هن ساڻيھ جي ساراھ جا ڍڪ ڀريندي لکيو آهي:
وطـن جـي ذره ذره جـي مـٽـئَ کــي مــان ٿــو سمـجــھــان
وطـن سـان ئـي محـبـت کــي فـقـظ ايمــان ٿــو ســمــجـھــان،
در ــ ڪـعبه ، در ــ جــانان، وطن جي هر ڳلي ڀانيان،
ثـنا ســاڻــيـھ جــي هــر دم ڪـــرڻ ايمـــان ٿـــو سمــجـھـان،
ڀــلاري ڀــون وطــن جــي آ نــظــارا نــور جــا جــنـهــن ۾،
مٺن ماڻهن جي مرڪن سان وطن شايـان ٿـو سمجھان.
هن جو اهو ڪهڙو وطن آهي تنهنجي ڪجھ وضاحت ٻڌو:
مـنـهـنــجـي وطـن جـي زيـنـت مـعـصـومـي آ مـنـارو،
منـهـنـجـي وطـن جي عظمت رني ڪوٽ جو نظارو
ٿـيـو سـنـڌ جـي ثـقـافـت هـي ڪــوٽ ڏيــجـئَ وارو،
دنيا۾ جنھنجي شهرت ڪلهوڙن جو ڪوٽ يارو،
مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ، مـنـهـنـجــو اهــو وطــن آ.
حب ــ رسول اڪرم ﷺ ۽ حب ــ وطن کانپوءِ ڪنهن ڪڻڪ رنگئَ صورت کي گھمندي ڏسي اڪرم جي دل ۾ ڪهڙا جذبا اڀريا آهن تن به ڪجھ ڌيان لھڻو. هو چوي ٿو:
ڪڻڪ رنگي ڪا سهڻي صورت گھمندي ڦرندي ڏسبي آهي،
ان دم دل مــان پــاڻــهــي پــاڻــهــي رنـگــيـن غــزل نــئـون ٺــهـنـدو آهــي.
نه رڳو نئون غزل ٺهندو آهي پر:
ڪـڏهن ڪـڏهن ڪـو ڪـو ماڻهو دل کي ڏاڍو وڻندو آهي،
جـنهنجـي ڏسـڻ سـان دل جـو دريا ڇوھ مان ڇوليون هڻندو آهي.
ڪـڏهـن ڪـڏهـن ڌاريـن کـي ڀـي پـنـهـنـجـو سمجـھـي ويهبو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن سرجو سودو مرڪي مرڪي ٿيندو آهي.
اڪـرم اوهـانجــو آهـي سـائــين ! تــون تـه الائـي ڪنهنجو آهين!؟
مــان تـه چــوان ٿــو مـنـهـنـجـو آهــين، دل کـي يـقـين بــس ايــنـدو آهــي.
اهڙي سائينءَ جي اڱڻ مٿي ٻه پير ڀري اچڻ جي ڪري ڇا ٿيندو آهي، ان ڪيفيت جو لاءُ ۽ ساءُ اڪرم کي هيئن آيو آهي:
سجاڳ ڪنهن جي قدم جي آهٽ، ڪري وڌوهو مڙئي زمانو،
نـقـاب يــارن کــنـيــو تـه روشــن ٿــيـو ســمــورو غــريــب خـــانـــو،
اهڙي راحت افزا منظر پسندي هن جي دل ڀڙڪو کائيندي چوي ٿي:
سڄي گلشن کي نگھت هي عطا ٿي تنهنجي دم کان وئي،
مـعـطر ٿـيو انـهـئَ خـوشـبو کـان آهـي هـي مـڪــان مـنهنجو.
تمــنـائــون ٿــيون پــوريــون، مــسـرت جــون گــھــڙيــون آيــون،
مـقـدر خــوب ٿــيو پـنـهـنـجــو مــقـدر ڇــا چــوان پـنـهـنـجــو.
جنهن جي دم کان سڄي گلشن کي نگھت جان فزا عطا ٿي جنهن کي هن گل سمجھيو ۽ شاعر جي لاءِ مسرت جون گھڙيون آيون ۽ سندس تمنائون پوريون ٿيون تنهن مان ڇا وريس تنهنجو به ذڪر ٻڌو:
گل جنهين کي مون ٿي سمجھيو سو وري مونکي ئي اڄ
خــار ٿــي دل ۾ لــڳــو ســارو بـــدن احــمــر ٿــيو.
خــون مـنـهـنـجــو رائـگــان ويــنـدو ڏســي دلــبر چــيـو،
غـم دل ــ مـضـطـر نـه ڪــر، جـيـڪــي ٿــيو بهتر ٿيو.
انهئَ منزل تي پهچي شاعر کي اچي نصيب ۽ بخت ياد پيو آهي:
صــبر مـنـهـنـجــو ڏســي پــيـو کـــيـڏي،
مــہ لــقــا مـنـهـنـجــي اڄ نـصــيــبـن سان.
بـخـت جي ڳالھ اڄ ڪبي ڪهڙي،
ڪـير پـهـچي سگھي حسينن سان.
ان صورت حال کي ڏسندي هو چوي ٿو:
اڃان ته ماٺ ۾ آهيون ته حال هي آهن،
زبان تي حرف جي آيو ته پوءِ ڇا ٿيندو.
وري جي يار کي وار کوليندي ڏٺائين ته زبان مان نڪري ويس:
نــه کــول وار اڃــا ڊيــگـــھ ڏي نــه ڪـــارن کـــي،
لـهـي ڪـلـهـن تــان ٿــو واســيـنـگ ازدهــا ٿــيـنــدو.
عـمـر گـذري گــناه ڪـندي، يــاد نــه مــون کــي ثــواب آهـي.
زندگي يار پنهنجي “اڪرم” هڪ کليوڄڻ ڪتاب آهي.
“فـلـڪ ڦـيـرو ڏنو ابتو ويون قدرون بدلجي اڄ،
لڱائـيءَ جي جزا آهي، چڱائي جي سزا آهي”
چڱائي ۽ لڱائي جي اهڙن مٿيارن کي نظر ۾ رکندي هو چوي ٿو:
تمـيـز نـاهـي بـري ڀـلـي جـي، اهـو ڇا اڪرم نقاد ٿيندو،
انهـئَ تي ڪهڙي ميار آهي، جو پاڻ ئي بي شعور آهي.
اهڙي بي شعور مفاد پرست کي چوي ٿو :
پـنـهـنـجـي مـفـاد خـاطـر ٿـو هــا ۾ هــا مــلائــين،
پـنـهـنـجـي ضـمـير کـي ڇــو هــر هر پــيو ڪــهـائـين.
مرڻو جي آھ توکي، ھڪ ڀيرو وڃ مري تون،
در درتي ڇوٿوڀٽڪي سرپنھنجي کي جهڪائين
تنهن هوندي به جن ۾ شعور آهي پر سست گام آهن تن کي مخاطب ٿي چوي ٿو:
اهل ــ نظر جو مرڪز تنهنجو وجود آهي،
خـامـوش آهـين ڇـا لـئه، ڇـو وک نـٿـو وڌائـين.
اهو آهي تصوير جو هڪڙو رخ پر ان جي ٻئي رخ تي شاعر نظر وجھندي چوي ٿو:
خـامـوش نگـاهـن سـان دک درد سـهـن،
ظــالم جـي تـه ظـلـمـن کـان آجــا نــه رهن،
اڪـرم آعــجـب لمحـو مـارن جي مٿان،
پـر ڳــالــھ نـه پـنـهـنـجـئَ تــان مــارو ٿــا لــهن.
هـي دور محــبـت جــو بـلـڪــل نــاهــي،
هـي درو تـه نـفـرت جــو آهــي آهــي،
اڄ امــن نـه دنــيا ۾ اڪـــرم رهـــيــو،
انـسان نـه انـسان کــي ٿــو هــرگــز چــاهـي.
اهڙو هال ونڊيندي هن ڪجھ نصيحتون به ڪيون آهن:
اگـر تـوتـي ڪـنـدي زبـان حـڪـمـراني، اهـا سمـجھ پوءِ موت جي آ نشاني،
اهـو فيصلو پـاڻ پـاڻهي ڪـندين تون، زبـان پـنـهنجي وس ۾ نه رکندين جي جاني
نـڀاڳـو اهـو شـخـص آهـي هـتي، ڪـري ڪـم جـي کـوٽـا مـري ٿــو وڃــي
بــرو شــعــر آڻــي اشــاعـت ۾ ڪــو، اهــو ڄــڻ بــرائــي ڇــڏي ٿــو وڃــي.
پڇاڙئ جو اڪرم جي بيتن جو رس به وٺو. هو هن طرح بيت ڏئي:
(۱)
ســونـي ڌرتــي ســنـڌ جــي ڏونــگـــر هـــيرا لال،
ســونـهــن ســوڀــيا ســنـڌ جــي مـلــڪـن ۾ مثال،
ڪهڙي ڪريان ڳالھ، ساڻيھ جي سونهن جي
(۲)
ويــري جــي وطـــن جــا ســي نــه بــچــن شــال،
دشمــن جــي ديــس جــا تــن ۾ پــوي ڪــال،
خالق ڪري خوشحال، اڪرم جي ساڻيھ کي
(۳)
سـڻـي ڳــالــھ ســڄــڻ جــي آيـل ! مان آيس،
لاهـي لاچـون لـوڙهـيائـون، آيل ! تون رس،
اچي اکـئين پس،سڄڻ وڃڻ پيا سنڌ مان
(۴)
جـھـوري جـئُ جـوڳـي ڏيــن ٻــين ســک،
سـخـتـيـون سـهــن ســر تــي لاهــيـن ٻــين ڏک،
پاڻ مرن پيابک، پر بک نه سهن لوڪ جي
(۵)
سـرتـيون سهـڻي ڪـڪـرسان پنهـنـجـو ڪـڄــاڙو!
ڏسـي ڏڪــر ڏيـھ ۾ نـه ڪـري جـو وسـڪـارو،
سو پيارو ڪڪر ڪارو، جو وسي ٿو ولهارن تي
(۶)
هـيـڏي ســاري راڄ ۾ مــورڙي نــه مــٽ،
سـڃـا بـندر بازاريون ڪونه سجھي ڪو هٽ،
هــر ڪــو نـنڊ الـهـٽ، تـڏهـن مــانـگــر مـسـت ٿـيا.