شاعري

اکيون پسي آئيون

ھي ڪتاب محترم حڪيم دين محمد اڪرم جوڻيجو ٻورڙائيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي جنھن ۾ غزل، قومي نغمه، رباعيات، قطعات ۽ ابيات آهن. رباعي جو بحر وزن جدا آهي ۽ ڏکيو آهي مگر ان کي نهايت قابليت سان نباهيو اٿس. سمورو ڪلام علم عروض جي پابندي سان موزون آهي. منجھس مضمون اسلامي، قومي، اخلاقي وطن جي محبت سان نهايت دل پسند ۽ قابل داد آهي. شعرن ۾ ڪئين عجيب نڪتا، مثال، پهاڪا ۽ ورجيسون آهن. سنڌي شاعرن کي هن ڪتاب مان شعر و شاعري جا لوازمات ۽ عروضي معلومات چڱي حاصل ٿيندي.

Title Cover of book اکيون پسي آئيون

اســلام تــه مــذهــب بــيــحـــد مـــوچـــارو

مـفـعـول ـــ مـفـاعـلـين ـــ مـفـعـولـن ـــ فـع

اســلام تــه مــذهــب بــيــحـــد مـــوچـــارو
هـي ديـن آ مـرسل جـو بيشڪ هاڪارو
محــبـوب ٿـــيـو مـــذهــب مـــولــىٰ کـــي هـــئ
هـي ديــن ٿــيـو ابـــراهــيــمـي يـــارو

جـــو ديـــن کــان اڄ بــــاغـــي آهـــي يــــارو
رهــنـدو ســو قــيـامــت ۾ ٿــي ويـــچـــارو
مــذهــب کــان ســوا شـيـطــان جــو پـولـڳ آ
مـذهـب کـان ڦـريـو جـيـڪو نقصان وارو

ســيــني ۾ تــه جــذبــن جــو طــوفان آهي
بـيـدار تــه انــدر جــو انــســان آهــي
هـن ديـس جـي ٿـي ڌرتـي سوني سوني
هـن ديـس مـٿـان “اڪـرم” قـربـان آهي

ڌرتي هي اسـانجـي ڪينـجـھـر واري آ
ڌرتــي هـي اســانجـي مـنـڇــر واري آ
هــي ڄــام ۽ نــوري جــي بــســتي آهــي
ڌرتــي هــي اسانجــي عـنــبر واري آ

قــلــزم کــان بــه گــھــرا هــي جـــذبــا پــنــهــنــجــا
طــوفــان جــا ســـامــونــڊي اڌمـــان دل جــــا
ســنـڌي تـه اســان ســڀ نـصــرت جــا مــالــڪ
ڳـيجھو ته ڪين ٿينداسين ڪڏهن ڪنهنجا

ڄــاڻـي ٿــو اســانجــي طــاقــت دشمــن ڀــي
ڄـاڻـي ٿـو اسـانجـي عـظـمـت دشمــن ڀــي
افـسـوس هـي وک وک تــي فـتــنا هــنــجــا
پـنـهـنـجـي ٿـو وڃــائــي غــيرت دشمــن ڀــي

افـسـوس ڏسـون سـا ٿـي قــسـمـت پـنـهـنـجـي
هـڪ نـان ٿـي جـت آهـي قـيـمـت پـنـهنجي
انـسـان جــي عــظــمــت جــو ڏيـــوالـــو اُت
انـسـان جـي ٿــي آهــي فــطــرت پـنـهـنــجــي

هــي عــشــق محــبــت ۽ الــفــت دلــــبر
حـاصل ٿـي سنـدءِ صحـبت مـارن اڪــثر
آ مـنـهـن تـنـهـنـجـو مـبارڪ آهـي روشـن واه
دلــدار تــون “اڪـــرم” جــو آهــين رهـــبر

تـنـهـنـجـي تــه قــدم هـيـٺـان آهي جـنـت
مـنـهـنـجـي تــون امــڙ آهــين بـهـتر قـسـمت
مـسـرور دعــائــن ســان تـنـهـجـي آهــيان
ايـنـدي نـه مـٿـان مـنهنجي ڪائي آفت

سـاڻــيـھه ۾ نـت جــلــوه تــنــهــنــجــو آهــي
دنـيـا ۾ ســوا تــو هــت دلــبر ڇــاهــي
دنـيـا بـه پــياري آ دل وارن ســـــان
هي شعــر تـو الـفت ۾ “اڪرم” ٺـاهي
. .