نپائي ۽ نئپيون بدلائي
بهرحال مونکي پاني جي ضرورت هئي، جنهن سان منهنجي سائيڪل ٺيڪ ٿي سگهي ٿي. آخر ڪنهن مون کي ”لائوس صاحب“ جو ڏس پتو ڏنو ۽ پاني جي بهاني ساڻس اڃا تائين عليڪ سليڪ هلندي اچي. پاڻ چاليهه پنجيتالهه ورهن جو ٿيندو. کيس سنس مادري زبان هنگارين ۽ هتي جي سئيڊش زبان اچي ٿي. انگريزي گهڻي نٿي اچيس پر ڪجهه اسڪول جي پڙهائي ڪري، ڪجهه ڊڪشنري جي زور تي مون سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي اٿس. پاڻ پڙهيل ڳڙهيل ۽ سلجهيل لڳي ٿو ۽ سندس ڳالهيون بيحد دلچسپ هونديون آهن. کيس پنهنجي ملڪ هنگريءَ کان هتي سئيڊن آئي 25 سال ٿي ويا آهن ۽ هاڻ هتي جو ئي شهري آهي. شادي اڃا نه ڪئي اٿس پر پنهنجي هم وطن (هنگري جي) هڪ عورت سان گڏ رهي ٿو، جيڪا ٽي چوٿين مهيني بڊاپيسٽ (هنگريءَ جي گاديءَ واري شهر) کان هن وٽ هفتي ٻن لاءِ اچي رهي ٿي. بنا شاديءَ گرل فرينڊ سان گڏ رهڻ هتي نه فقط قانوني پر هڪ عام ڳالهه آهي، جنهن کي cohabitation سڏين ٿا.
کيس چيم ته ڪنهن سئيڊش ڇوڪريءَ سان دوستي ڇو نٿو رکين؟
”نه، اهي اسان کي ايتري لفٽ نٿيون ڪرائين.“
” ڇو ڀلا، تون ته يورپي ۽ گورو هجڻ جي ناتي ۾ سندن سئوٽ ماسات ٿئين،“ مون چيومانس.
” ان هوندي به اسان کان پاسو ڪن ٿيون، نه فقط اسان کان پر سندن ملڪ جي انهن ماڻهن کان به جيڪي اتر ۽ وچ سئيڊن جي برفاني علائقن کان هتي اچن ٿا. هو اوپري ماڻهو سان هڪدم فري نٿيون ٿين.“
” پر آئون ته ڏسان پيو ته ڪيترن ئي الباني، ترڪن، پولش کان ايشيا جي پاڪستاني، هندوستاني، عراقي ۽ ايراني همراهن جون زالون يا گرل فرينڊس هتي جون سُئيڊ عورتون آهن.“ مون چيومانس.
”ها،“ هن وراڻيو، ”پر ڪي ورلي آهن جن کي صحيح قسم جي عورت ملي ٿي، نه ته گهڻائيءَ کي پرابلم وومن (Problem Women) نصيب ٿين ٿيون.“
”ڇا مطلب؟“ مون پڇيو مانس.
”هتي جي عورت حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم ناهي، پر اسان يورپي يا توهان ايشين کي مسئلي واروين عورتون ملنديون ۽ انهن جا ٽي قسم آهن: هڪ اهي جن جي عمر وڏي ٿي وئي آهي. جوانيءَ جي عمر کائي پي هاڻ جڏهن کين ڪير نٿو کنگهي ته اسان جهڙن کي تاڻين ٿيون. ٻيو قسم انهن عورتن جو آهي جيڪي سهڻيون نه آهن، بيحد ٿلهيون آهن، بي ڊوليون آهن، نفسياتي يا ذهني مريض آهن، جن جي مٿي جو سور هڪ ڌاريون ڏتڙيل ئي کڻي سگهندو. اهو ئي سندن ناز نخرو ۽ لاڏ ڪوڏ برداشت ڪندو. ٽئي نمبر تي اهي عورتون آهن، جن جي هتي جي ڪنهن ماڻهوءَ سان شادي ٿي ۽ پوءِ علحدگي ٿي وئي. ٻار سندس حوالي آهن، جن جي کاڌ خوراڪ جيتوڻيڪ انهن جو پيءُ ۽ حڪومت پهچائي ٿي، پر شراب، ڪواب ۽ اجاين خرچن ڪري سندن نه پورت ٿئي ٿي ۽ نه ٻارن ڏي ڌيان ڏيڻ لاءِ هنن کي واندڪائي يا فرصت آهي. اهڙن مسئلن واريون عورتون ڪنهن هنگري، البانيا، يوگوسلاويا جهڙي غريب يورپي ملڪ جي ماڻهوءَ کي ڳولين ٿيون يا پاڪستاني، هندوستاني، عراقي، افغانيءَ کي، جيڪو گهر به هلائي، سندن به خيال رکي ۽ پهرين مڙس مان ڄاول ٻارن کي به نپائي ۽ انهن جون نئپيون بدلائي.“