زال سان به گهمي نٿو سگهجي
اسان جي ملڪن ڏي خاص ڪري پاڪستان ۾ ڪا برقعي ۾ پئي ويندي ته به پريان لنگهندڙ به ان کي گهوري گهوري پيا ڏسندا. ويجهو لنگهندي ڪيترن جي اها خواهش هوندي آهي ته ڪنهن نموني سان هن کي ٺونٽ هڻجي. ٻيو نه پڄندو ته ڪو رمارڪ ضرور ڏيندا. مزي جي ڳالهه اها ته اڪيلي ته اڪيلي پر ڪا عورت پنهنجي مڙس سان پئي ويندي ته به هن جي پچر نه ڇڏيندا. هاڻ ٻڌايو اسان کي ڪهڙو اخلاق، ڪهڙو مذهب عورت ذات جي ائين دل آزاري ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ ۽ اها ڳالهه ٿي سوچجي ته پوءِ هتي ولايت ۾ رهندڙ اسان جا ماڻهو اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهن ته هتي جا گورا اسان کان وڌيڪ مهذب آهن. هي ڪافر ٿي عورت جي ڪيڏي عزت ڪن ٿا. اسان مسلمان ٿي ڪهڙا ڪم ڪيون ٿا. ان ڳالهه جو ان مان پڻ اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جنهن جو مون جائزو ورتو آهي ته اسان جي ملڪ جا انيڪ ماڻهو، جيڪي پنهنجين زالن يا نياڻين کي اسان جي پياري ۽ مسلمان ملڪ پاڪستان جي شهرن ۾ نوڪري يا تعليم لاءِ اڪيلو نٿا ڇڏين، اهي ولايت جي هنن ملڪن ۾ هنن کي اجازت ڏيو ڇڏين. کين خبر آهي ته ولايت ۾ قاعدو قانون سخت آهي. هو حفاظت سان گهمي ڦري واپس موٽي سگهن ٿيون. پر ڪراچي، حيدرباد، روهڙي، رحيم يار خان ۾ ائين ٿي نٿو سگهي. يورپ جي هنن ملڪن ۾ هونءَ ڪو کڻي رستي هلندي پنهنجي زال يا ساهيڙي کي ڀاڪر پائي يا چمي ڏئي، پر مجال آهي جو ڪنهن غير عورت سان ڪا مستي ڪري. ان جي سزا خون جي ڏوهه برابر سمجهي وڃي ٿي. ان ڪري ڪو عاقل بالغ ۽ هوشمند ته ڇا پر اڌ چريو به ٻيا ڀلي اوٽ پٽانگ جا ڌنڌا ڪري، پر هن جي دماغ ۾ اهو سختي سان وڌو ويو آهي ته بس يا گاڏيءَ ۾ بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ ڏوهه آهي، جتي ڪٿي سگريٽ پيئڻ منع آهي ۽ ڪنهن ڌارئين عورت سان مستي ڪرڻ تي پوليس جا موچڙا پوندا.
ان ڪري اسان جو هڪ پاڪستاني جيڪو ڪجهه سال اڳ هنن ملڪن مان ٿي ويو، اهو کلندي طنز طور چوندو آهي ته هڪڙا يورپ جا به ملڪ آهن جتي ڪو گرل فرينڊ سان پيو هلي ته به واٽهڙو پنهنجو منهن وٺي پيا وڃن. هڪ اسان جو ملڪ آهي جتي پنهنجي زال سان گڏ به نٿو گهمي سگهجي.
هونءَ ان ڳالهه لاءِ اهو نٿو چئي سگهجي ته انهن ڳالهين ۾ مسلمان بدنام آهن. هر گز نه، ملائيشيا، انڊونيشيا، ايران، ترڪي _ ويندي بنگلاديش ۽ انڊيا ۾ به مسلمان آهن، پر اتي ائين هر گز نه آهي ويندي ڌاريون عورتون ۽ مرد بس ۾ هڪ ٻئي ڀرسان ويهي سفر ڪن ٿا. دنيا ۾ ان معاملي ۾ فقط پاڪستان سخت بدنام آهي ۽ ٻئي نمبر تي عرب رياستون.