ڀت
”ڏس ير.“ هن وڏائيءَ سان مون ڏي نهاريو. ”هن پئڪيٽ ۾ توکي هتان جي انهن سڀني سهڻين ڇوڪرين جا فوٽا لڀندا، جن جو هن وقت تائين مون سان لاڳاپو رهيو آهي. گهڻو ڪري سڀئي وڏ گهراڻيون آهن. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو توکي ئي پيو ڏيکاريان، کڻ قرآن جو قسم ته ڪنهن کي ڪونه ٻڌائيندين؟“
”ها.“ مان الائي ڇو ”ها“ کان وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهيس.
”ڇڙي ها مان ڪجهه ڪونه ملندو، اول ڪو ڀلو سائين به وچ ۾ هجي.“
ننڍي هوندي ڪو ڪن ڦاڙ جوڳي نانگ کڻي ايندو هو ته ويڙهي جا سڀ ٻار سندس چوڌاري ميڙ ٺاهي بيهندا هئاسين. نانگ ڏيکارڻ کان اڳ، جي هو مرلي وڄائڻ يا ٻڌائڻ ۾ ته هن اهو نانگ ڪٿان پڪڙيو ۽ ڪيترو مدو پيل آهي، گيسر ڪندو هو ته اسان کي جڪ پيا ايندا هئا. اسان جي دل رڳو چوندي هئي ته هو سڀ ڳالهيون پوءِ تي رکي، پنهنجي ڪانن واريءَ ڇٻيءَ جو ڍڪ مٿي ڪري ته ڏسون ڪاريهر آهي يا ڪنڀارو – سندس ان اجائيءَ گيسر تي به اوتري ئي خار آئي، پر ماٺڙي ڪري تڙ تڪڙ ۾ قسم کنيم، جيئن وڌيڪ ڪا دير نه ڪري. جيئن ڪو پاڪ ڪتاب کولبو آهي، تيئن هن آهستي پئڪيٽ کولي، ان مان هڪ فوٽو ڪڍيو. هن عجيب نظرن سان فوٽو کي ڏسندي، ٿڌو شوڪارو ڀريندي فوٽو مون کي ڏنو ۽ چيو: ”اها چمپا اٿئي“ – مان چمپا کي ڏسڻ لڳا. فوٽو تڪڙ ۾ ڪڍيل پئي نظر آيو. سندس کاٻي هٿ ۾ ڪتاب هئا، جن کي سيني سان لايو شايد اسڪول ڏانهن پئي وئي. ڪپڙن لٽن مان ڊيسنٽ واڻياڻي پئي لڳي. مان سندس سهڻن مهانڊن کي ڏسڻ لڳس ۽ هو مون کي هن بابت ٻڌائڻ لڳو: ”گڙنگ سيٺ جي ڌيءَ هئي. لڪ ۽ واڻڪي اسڪول ۾ پڙهندي هئي. هڪ ڏينهن کيس اسڪول ويندي ڏٺم، دل کي الائي ڇا ٿي ويو – کيس ڏسڻ بنان آرام ئي ڪونه ايندو هو. پوءِ اهو نيم ڪري ڇڏيم ته جڏهن هوءَ ڪتاب کڻي اسڪول ويندي هئي ته مان به سندس ڪڍ لڳندو هوس. کيس سندس اسڪول ڇڏي، پوءِ پنهنجي ڪلاس ۾ اچي ويهندو هوس. ائين ڪندي مهينو کن گذري ويو. هڪ ڏينهن کٽي ٿي کڻي – ڇا ٿو ڪيان جو هڪ وڏو خط لکي سندس اسڪول جي ائڊريس تي روانو ڪري ڇڏيم. بيوقوفي سببان پنهنجي سموري ائڊريس به لکي ڇڏيم، جيئن جواب ڏيڻ ۾ کيس ڪا تڪليف نه اچي. ان ڏينهن هوءَ اسڪول ۾ نه آئي ۽ سندس خط ماسترياڻيءَ کوليو. پوءِ ته يار، ممڻ مچي ويو. ماسترياڻي اهو خط سڌو اسان جي پرنسپال ڏانهن موڪليو. پرنسپال به هو هندو، تنهن کي اچي ڌرم جي لڳي. ٻي ڏينهن اسان ڪلاس ۾ جاميٽري پئي ڪئي، جو پٽيوالو مون کي سڏڻ آيو. آفيس ۾ لنگهيم ته نيٽي لڪڻ سان وڍي ويو. منٽن ۾ بت تي اينگلون ۽ ٽرينگلون ٺاهي ڇڏيائين. هڪ جو نشان ته اڃان پٺيءَ تي هوندو.“ هن قميص مٿي ڪري پنهنجي پٺي مون ڏي ڪئي، مان سندس ڪاريءَ پٺيءَ کي چڱي طرح جاچي، کيس ٻڌايو ته هينئر اتي نشان ڪونه هو.
”خير ڊهي ويو هوندو. ڏينهن به ڳپل ٿيا اٿس.“
”پوءِ“، ٿوري دير کانپوءِ مان کانئس پڇيو.
”پوءِ ڇا، ويئي امام دي فوج نال ڳنڍجي.“
”اهو ڪيئن؟“ منهنجو عجب ۾ وات ڦاٽي ويو.
”ڪيئن وري ڪيئن ! پوءِ ته ڳالهه رهندو سهنجي ٿي پئي. هڪ ڏينهن جيئن اسڪول پئي وئي تيئن اشارو ڪري اندر وٺي آيومانس. کيس اڳي ئي ان ڳالهه جي ٿوري خبر پئجي چڪي هئي، ويتر جو کيس ڏنا ڏيکاريم ته جنسي روئي پئي. پنهنجو ٿاڪ مچي ويو. اسڪول ايندي ويندي، ڪلاڪ کن مون وٽ اچي ويهندي هئي، ڏاڍا قرب ونڊي کيس موڪل ڏيندو هوس. ٻه ٽي مهينا کن ايئن قصو هليو. ٿورو ڪڪ ٿيڻ لڳو هوم ته هي ورهاڱو ٿي ويو ۽ هو هندستان هليا ويا.“
ٿوري دير ماٺ ۾ رهي هن وري چيو، ”ڏاڍي ٺاهوڪي هئي، مان سندس بُت کي هٿ لائيندو هوس ته ايئن سمجهندو هوس ته انساني چمڙي تي نه پر اصلي جاپاني پٽ تي هٿڙا گهمائي رهيو آهيان. هاءِ هاءِ ... “ هن پئڪيٽ مان ٻيو فوٽو ڪڍي مون کي ڏنو، مان فوٽي کي ڏسڻ لڳس. هڪ گهريلو قسم جي ڇوڪري نماڻائيءَ سان ٿنڀي کي ٽيڪ ڏيو بيٺي هئي، وصفن ۾ واهه جو نمه هئس. مان دل ۾ کيس ساراهڻ لڳس ۽ هن پنههنجو بيان، جاري ڪيو ”هن جو نالو ”ممتاز“ هو. هن جي خاندان سان اسان جا گهرا تعلقات هئا. ٻارين ٻچين اچڻ وڃڻ هوندو هو. مون کي به اچڻ وڃڻ کان ڪا روڪ ڪانه هوندي هئي. اها ڳالهه ٻي هئي ته ”چمپا“ جي وڃڻ کان اڳ مان سندس گهر ٿورو ويندو هوم ۽ پوءِ گهڙيءَ گهڙيءَ سڪ لڳندي هئي. انهن ڏينهن ۾ دماغ شريف ۾ به عقل ذرو آندو هوم. پنهنجي جهوپڙيءَ هيٺان صاف پاڻي هوندي پري ٻئي هنڌ وڃي اڃ لاهڻ به سياڻپ ڪانه هئي. تنهنڪري ”اول خويش ۽ پوءِ درويش“ جي قول کي ياد ڪندي، ٻيا پاسا ڪجهه وقت لاءِ ڇڏي پنهنجي ممتاز ۾ ئي نطرون کپايم. روز صبوح شام جو وٽس وڃڻ لڳس، ڪڏهن ڪنهن حيلي ته ڪڏهن ڪنهن بهاني. گهريلو ڇوڪري معنا گونگو پاڻي، جيئن ڪو ڀئو ڪري تيئن ٻڏي، سو هڪ ڏينهن همٿ ڪري کيس سڀ ڪجهه چئي ڏنم. دل ۾ پوڻا سورنهن آنا پڪ هيم ته جواب سريلو ملندم. ٿيو به ائين، ٻٽي ڏينهن ئي نه گذريا هئا ته نيري لفافي اچي ٺڪاءُ ڪيو. دل کي بهاري اچي وئي. ان وقت ئي سندس مهرباني مڃڻ لاءي ڏانهنس ويم. مونکي ڏسي سندس سهڻيون اکيون هيٺ جهڪي ويون ۽ سندس مکڙي تي حياءُ کان لالاڻ اچي وئي. پر پاڻ کي ائين خالي خولي عشق ڀانءِ نه پوندو آهي ۽ وجهه تاڙڻ لڳس. هڪ ڏينهن جڏهن سندس گهر جا ڀاتي ٻاهر ويل هئا ته مان وٽس پهچي ويم ۽ ان ڏينهن ئي کيس ”سوٽ“ بنائي ڇڏيم.
”هينئر ڪٿي آ؟“ مان کانئس پڇيو.
”اتي ڀرسان ئي، پر اڄڪلهه وٽس ڪونه وڃان.“
”ڇو؟“
”پاڻ کي پاروٿا مال نه وڻن، اسان تازن مالن جا شوقين آهيون.“ هو کلڻ لڳو ۽ مان به ڏند ٽيڙي کلڻ لڳس.
هن ٽيون فوٽو ڪڍي مونکي ڏنو. ڏسي بت مان سيراٽيون نڪري ويون. حسن جي راڻي، سائڪي به هن کان سهڻي، ڪپڙن هوندي به ڪنهن عظيم سنگتراش جو اگهاڙو بت پئي لڳي، سندس سهڻا سهڻا نقش ڏسي قدرت جي ڪاريگري جي ڪمال کي مڃڻو پئي پيو.
“ڪير آ هيءَ“ مان ڌڙڪندڙ دل سان کانئس پڇيو.
”هن بابت نه پڇ“ هو مشڪڻ لڳو. سندس نگاهن ۾ اهڙي چمڪ هئي جا صرف وڏائي ۽ مغروري وقت پيدا ٿيندي آهي.
”نيٺ به ؟“
”خانصاحب نور حسين خان جي ڌيءُ آهي. نالو اٿس نوري.“
”آهي به نور“
مان کيس ماٺ ڏسي ڏانهنس ڏٺو ۽ اکين ۾ ايلاز ڪيا. هن ڪنڌ ڌوڻي نوري جي ڳالهه شروع ڪئي.
”انهن ڏينهن ۾ مان بي. اي جي ٽئين سال ۾ پڙهندو هوس جو هوءَ به ڪاليج ۾ داخل ٿي. مان ته کيس ڏسندي ئي چريو ٿي پيس. پنهنجو ڪلاس ڇڏي سڄو ڏينهن هن جي ڪلاس جا چڪر پيو هڻندو هوس. پنهنجي ڪلاس ۾ هجي ها ته ڳالهائڻ جو موقعو به ملي ها، پر هوءَ ته مون کان هڪ سال هيٺ هئي. دل ۾ سوچيم ته فلاڻا، جي هن گل جو واس وٺڻو اٿئي ته فيل ٿي، هڪ سال. اهو سال امتحان ۾ نه ويٺس ۽ ٻي سال هو به اچي پاڻ سان گڏ ٿي. پوءِ ته نوٽس ۽ ڪتابن جي بهاني هڪٻئي سان ڳالهائڻ پيو ٿيندو هو. ڪاليج ۾ مان مکيه شاگردن مان هڪ هئس، ڇا راندين ۾، ڇا ٻين ڳالهين ۾. منهنجي انهن قابليتن کي ڏسي روز بروز منهنجي ويجهو پوندي ويئي، هڪ ڏينهن، خالي پيرڊ ۾ ٻئي لان ۾ گهمي رهيا هئاسين ته ڳالهين ڳالهين ۾ هن ٻڌايو ته، شايد هن سال کانپوءِ هو نه پڙهي. سندس اها ڳالهه ٻڌي مان کيس ڪو جواب نه ڏنو ۽ ڀرسان پيل بئينچ تي ڪنڌ جهڪائي ماٺ ڪري ويهي رهيس.
”ڇو ماٺ ڪري وئين؟“ هوءَ به ڀرسان اچي ويهي رهي.
”ائين ئي“ مان کيس ڪجهه نه ٻڌايو، خيال ڪيم ته ڀلي ڪجهه زور ڀري.
”ٻڌاءِ نه؟“ هن ڪجهه اهڙي نموني پڇيو ڄڻ هن کي منهنجي هر ڳالهه تي هڪ قسم جو حق هو.
اهڙو وارو ته ملي. هڪدم پنهنجي پيار جو اظهار ڪيومانس. اڳئين سال امتحان ۾ نه ويهڻ جي به حقيقت ٻڌائي مانس. ڏٺم ته سندس اکيون آليون ٿي ويون ۽ هن ٿوري دير سوچي منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿن ۾ وٺي چيو ”مان تنهنجي آهيان.“ پوءِ پنهنجي رات ٿي وئي. ڪاليج مان گسائي هت ايندا هئاسين. نوڪر ٻاهرين دروازي کي ڪلف ڏئي هليو ويندو هو، ۽ هوءَ هوندي هئي ۽ مان هوندو هوم. ڪڏهن ڪڏهن پور پوندو هوس ته اڌ رات جو به ڀاءُ جا ڪپڙا پائي هت اچي ٺهڪو ڪندي هئي. سڄي رات رهاڻيون ڪري پوءِ موڪل ڏيندو هومانس. جلد ئي مائٽن تڙ تڪڙ ۾ هن جي شادي ڪرائي ڇڏي، هينئر پٽ ڄائو اٿس، ”بس ڪهري ڳالهه ٻڌايانءِ رنگ سو ڀورو اٿس، باقي هن کي لڪائي مون کي ڪڍ.“ ٿوري دير ماٺ ۾ رهي هن وري چيو ”يار، ڏاڍو کارايائين، پاڻ ته حرام جو آنڪ به مٿس خرچ ڪئيسين.“ هن ٻيا به فوٽا ڏيکارڻ گهريا، پر منهنجو موڊ آف ٿي ويو هو. پنهنجي سڄي عمر ڇوڪرين پٺيان جتيون گسائيندي گذري هئي پر هڪ ڇوڪري به مٺڙي مرڪ سان پاڻ ڏي ڪونه نهاريو هو. حالانڪه مان لک ڀيرا کانئس شڪل ۾ چڱو هوس، سندس ڪارو ٿلهو بدن ۽ ڪدوءَ جهڙو نڪ ته الٽيءَ جهڙو هو اندر جي سور کان، نه چاهيندي به ان ڳالهه جو سبب پڇي ويٺس.
”ادا شڪل تي ڪونهيءَ“ هو مشڪندي جواب ڏيڻ لڳو. ”رڳو ساعت جي ڳالهه آهي، تون سهڻو آهين پر ساعت ڪانهيءَ. مان شڪل جو سادو آهيان ته به پرين کي نوائي سگهان ٿو.“
اٿڻ کان اڳ فوٽا کيس موٽائي ڏنم. پاڪيٽ ۾ واپس رکڻ کان اڳ هو بکين وانگر فوٽن ڏي نهارڻ لڳو. الاجي ڇو مون کي هو بکين مان ڏسڻ ۾ آيو، جيڪي بک جي باوجود، گهربل شيءِ کي ڪنهن سبب کان نه کائي سگهندا هجن.
پنجن ڇهن ڏينهن کانپوءِ هڪ شام جو وٽس ڪچهريءَ لاءِ ويس. اڱڻ لتاڙي ڪوٺيءَ جي ٻيڪڙيل دروازي وٽ پهتس ته، اندران سندس آواز ٻڌم. هو ڪنهن کي چئي رهيو هو.
”ڏس ير، هن پئڪيٽ ۾ توکي هتان جي انهن سڀني سهڻين ڇوڪرين جا فوٽا لڀندا جن جو هن وقت تائين مونسان لاڳاپو رهيو آهي. گهڻو ڪري سڀئي وڏ گهراڻيون آهن. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو توکي پيو ڏيکاريان. کڻ قرآن جو قسم ته ڪنهن کي ڪونه ٻڌائيندس.“
جيستائين ٻڌندڙ قسم کڻي، مان در کي ڌڪو ڏئي اندر ٿيس. ڏٺم ته سندس هٿ ۾ اهي ئي ٽي فوٽا هئا. مونکي ڏسي سندس منهن جو پنو ايئن لهي ويو، ڄڻ بند چالون کيڏيندي ڪنهن سندس ”کول“ ڪرائي هجي ۽ هو رڳو ”ڀُت“ نڪتو هجي.