تون منھنجو صنم آهين، مان تنھنجو صنم آهيان.
هُو، جيڪو ماءُ جي گود مان نڪري پرائمري اسڪول ۾ ڪاٺ جي بئنچن تي پنھنجي ڪلاس فيلو کُٿابين سان گڏ پڙهڻ توڻي ڳوٺ جي ڳلين ۾ ٻلھاڙو، ونجهوٽي ۽ بلور راند ۾ ڀڙ هوندو هو، تنھن کي سبق ياد ڪري اچڻ جي ڪري ڪلاس جي جڏن شاگردن کي چماٽون هڻڻ لاءِ اُستاد چوندا هئا، تہ هُو قد ۾ ڇوٽو هُئڻ ڪري بَينچ تي چڙهي سندس ساٿين کي لپاٽون هڻڻ تي بيحد خوشي محسوس ڪندو هو ۽ متاثر ٿيندڙ شاگرد هُن جي اهڙي عمل تي ارها هُوندا هُئا.
هُو جيڪو ننڍپڻ ۾ بيل گاڏيءَ کي وڏي ''عياشي'' سمجهي اُن تي سفر ڪندو هو، سو اڪثر ڪري پنھنجي پيءَ، چاچي نبي بخش سان گڏجي ڀر واري ڳوٺ مان اٽو پيھائڻ ۽ ڀٽن تان ڪاٺيون جهوري اچڻ لاءِ جيڪڏهن کيس بيل گاڏيءَ تي ساڻ وٺي نہ ويندا هُئا تہ پنھنجي سئوٽ کي چوري اُن کان اِهو ضد ڪرائيندو هو تہ ''جيڪڏهن ''ڳاڙهو'' گڏ نہ هليو تہ آئون بہ ڪو نہ هلندس'' ۽ هُن جا مائٽ سندس سئوٽ جي دل اُن ڪري بہ رکندا هئا جو هُو مائٽن جو اڪيلو ۽ دادلو پُٽ هُوندو هو ۽ اِن طرح هُو پنھنجي ئي سَٽيل منصوبي تحت بيل گاڏيءَ جي سواري ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندو هو. هُو جيڪو اسڪول مان موٽڻ کان پوءِ شام جو ٻنيءَ ۾ جهار بہ هڪليندو هو تہ ڍڳيون بہ چاريندو هو. تنھن کي اگر اسڪول مان موٽندي رستي ۾ راند روند ڪندي ڪڏهن ڪا دير ٿي ويندي هُئي تہ سندس پيءُ کيس ''رَسن'' سان سڙهي رکندو هو. پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ دوران هُن کي صرف ٻہ ڀيرا مار ملي هُئي، اِها بہ ائين جو هڪ ڀيري هُن هڪ استاد کي رستي ويندي سلام ڪو نہ ڪيو ۽ ٻي ڀيري ڪنھن نينگريءَ سان ڪنھن ٻي ڇوڪريءَ جي ڇيڙڇاڙ تي ''مفت'' ۾ مار هِن کي ئي نصيب ٿي هُئي ۽ هن وري ان اسڪول جو مُنھن بہ ڪو نہ ڏٺو هو.
خيرپور شھر ۾ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران شھر جي ڪنھن بہ سئنيما ۾ لڳل نئين فلم هِن کان مِس قطعي ڪا نہ ٿي هوندي ۽ اُن لاءِ هو گهران ''اَنُ'' چورائي بہ پئسا حاصل ڪندو هو.
هُو جيڪو شرارتي نہ هُئڻ جي باوجود بہ ڀوڳ چرچي ۾ ڀڙ هوندو هو، پر سندس طبيعت فطرتن سنجيدہ هوندي هُئي ۽ هُن ۾ انھيءَ ڳنڀيرتا کيس سوچڻ، سمجهڻ ۽ ڪائنات جي اسرارن کي پروڙڻ ۽ پرکڻ جي صلاحيت اُجاگر ڪئي، جنھن ڪري جوانيءَ ۾ پُختگيءَ سان گڏ هُن ۾ ادب ڏانھن لاڙو پيدا ٿيو هو، اِهو ئي سبب آهي جو هِن ڪلاکيتر جي کُٿابيت ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جي قبولي، کانئس ادبي اصول ڍنگ ۽ گُر سکيا هئا، ۽ اُن ئي سَمي هُو، غلام قاسم مان ڦري ''ڪوثر ٻُرڙو'' ٿي پيو هو، جيڪو شاعريءَ جي صحرا جو مسافر بڻجي ادبي قافلي ۾ وڃي مليو هو.
ڪاليج جي ڇڙواڳ دنيا ۾ داخل ٿيندي ئي هُو سياست جي سترنگي دُنيا جي سنڌ دوست رنگ ۾ رچي ڪجهہ وقت سرگرم عمل بہ رهيو هو، جيتوڻيڪ سياست کان فراريت واري هِن دؤر ۾ هُو بہ سياسي ڪردار کان پاسيرو آهي، پر اڄ بہ سنڌ ۽ انساني آدرشن ۽ قومي مُفڪر هُئڻ جي ناتي سائين جي ايم سيد کي هُو عزت ۽ احترام جي نگاھہ سان ڏسي ٿو.
ڪاليج ۾ سندس سياسي عمل جي ڪري کيس مارشل لا وارا روز گهرائي کانئونس آڏيون پڇائون بہ ڪندا هئا، پر هن ڪنھن بہ جنرل کي سنڌ جي سياسي سَت ۽ سيل جو انت قطعي ڪو نہ ڏنو هو.
هُو جيڪو هِن وقت هڪ ترقي پسند ذهن رکندڙ انسان آهي، اِهو ڪاليج ۾ پڙهڻ وقت جڏهن ''وڏي'' بخار ۾ قابو ٿيو هو تڏهن سندس مائٽ کيس درگاھہ آدم سلطان تي ڇڏي آيا هئا، جتي هُن هفتو کن مُجاورن ۽ زائرن جي ڀوائتن وجودن جي وچ ۾ ڊپ گاڏڙ خوشيءَ واري ڪيفيت ۾ قرآن پاڪ جو ورد ڪري پنھنجي جيءَ مان ''وڏي'' بخار کي ڀڄائي ڪڍيو هو. هُو جنھن جو مذهبي گهراڻي سان واسطو آهي، اُن جو والد نبي بخش ڳوٺ جو پيش امام پُڻ آهي، تنھن کيس بہ قرآن پاڪ پڙهايو ۽ دعائون لکڻ سيکاريون اهو ئي سبب آهي جو هُو اڄ تائين بہ ڪيترين ئي اٻوجهہ، اگهين عورتن کي دعائون ۽ وظيفا لکي ڏيندو آهي. بقول سندس تہ منھنجون لکيل دعائون ماڻھن تي اثر ڪن ٿيون، تڏهن ئي تہ اُهي اڄ جي جديد دؤر ۾ بہ مون کان دعائون لکرائيندا آهن.
هِن جي پيءَ جي دلي تمنا هُئي تہ هُو سي ايس ايس ڪري ڪو وڏو ''صاحب'' ٿئي، پر هُو دل جي چوڻ تي پري ميڊيڪل ۾ انٽر پاس ڪري شاھہ لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ انٽرنيشنل رليشن جو شاگرد بڻيو هو.
يونيورسٽي جنھن جي دنيا ئي عجيب هُوندي آهي، اُتي اچي هُو يونيورسٽيءَ جي رعناين ۾ پاڻ وڃائي ويٺو هو ۽ هُن جي شاعراڻي مزاج تي سياست ۽ ادب کان پوءِ ''عشق'' بہ جلوا افروز ٿيو هو، جنھن جي اثر هيٺ هُن هڪ اجنبي نينگريءَ سان نينھن جو ناتو ڳنڍيو هو. اِها ڇوڪري جا هِن جي دل جي دنيا ۾ داخل ٿي هُئي، تنھن سان هو لطيف يونيورسٽيءَ جي ڪينٽين ۾ پھريون ڀيرو ڪنھن پريمي جوڙيءَ جي صورت ۾ وڃي ويٺو هو، اِها ڇوڪري جنھن جي جهڙالين اکين ۾ هِن پنھنجا ٻئي جھان پسيا هُئا، سا نہ رڳو هُن جي راتين کي رنگين ڪندي هُئي پر هُن لاءِ سئيٽر بہ اُڻندي هُئي، تہ کيس کيسي خرچي بہ ڏيندي هئي، اُهي جيڪي، يونيورسٽيءَ جي ڪاريڊور کان ڪينٽين تائين روڊن تي گڏ رُلندا هيا، سي اڌ رات جو اڪثر خوابن ۾ بہ هڪٻئي سان رهاڻيون رچائيندا هُيا.
باوجود ڳچ عرصو هُو هڪٻئي جا هُوندي بہ شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي نہ سگهيا، ڇاڪاڻ جو ''ڪوثر'' پنھنجي ''سڳيءَ'' سئوٽ سان مائٽن جي مرضيءَ سان شادي ڪئي هُئي، توڻي جو هو اڄ بہ ٻئي سُٺن دوستن وانگر ملندا آهن.
هُن يونيورسٽي مان ايم اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪرڻ کانپوءِ هڪ ئي وقت ريڊيو ۽ ٽي وي تي پروڊيوسر لاءِ اپلاءِ ڪيو هو جيتوڻيڪ ٻنھي جاين تي هُن جي چونڊ تہ ٿئي ويئي هُئي، پر هِن دل جي چوڻ تي ريڊيو کي ئي ترجيح ڏني هئي، ريڊيو اسلام آباد ۾ ٽريننگ دوران ساڻس گڏ شوڪت خاصخيلي کيس مينھن وسَندي ڪمري مان ٻاهر زبردستي گهيري رستن تي اُن ڪري وٺي ويندو هو، جو هُو کنوڻ جي شعلن ۽ گوڙ جي ٺڪائن کان وئون ويندڙ شخص آهي، ڪراچي ريديو تي ايام ڪاريءَ دوران هڪ دفعي ريڊيو جي ڪينٽين تي جھانگير قريشيءَ کيس ماني کارائي پنھنجو بل بہ هُن جي ئي ڳچيءَ ۾ وجهي ويو هو. ڪراچيءَ جي ڊرگ ڪالوني ۾ هُن جي راتين جي هيڪلائن ۾ ڀاڱي ڀائيوار غلام نبي پيرزادو ۽ ڏينھن جي تنھاين ۾ زين الملوڪ ڀنڊ حصيدار هوندا هُئا، ڪراچيءَ ۾ ئي هڪ پنجابڻ ڇوڪريءَ هُن تي فدا ٿي پيئي هُئي، جنھن هِن کي بي انتھا چاهيو تہ سھي، پر پايو اُن ڪري بہ ڪو نہ جو هڪ تہ هُن جو پيار هڪ طرفو هو ۽ ٻيو اِهو تہ ڪوثر هِن سان شاديءَ جو سوچي بہ نٿي سگهيو.
حيدرآباد ۾ هُن جي آجيان ناز سھتي ڪئي هُئي، توڻي جو هُن جي رهائش لاءِ الاهي بخش ٻانڀڻ جي گهر جا دروازا بہ کليل هوندا هُئا، پر هُن حيدرآباد جي حُسين آباد علائقي ۾ عارب ملاح ۽ ساحر ٻرڙي جن جا گهر پنھنجا اباڻا اجها سمجهي اتي ڪيئي شب و روز سُڪون سان گهاريا هُئا، ڇاڪاڻ جو اُنھن گهرن جا سمورا فرد هِن کي پنھنجي گهر جي ڀاتيءَ جيترو ئي ڀائيندا هئا.
هُو جنھن کي حيدرآباد شھر ''شھر جانان'' ئي محسوس ٿيندو آهي ۽ هُو اُن کي ياد ڪري ٿڌڙا ساھہ ڀريندو آهي، ڇاڪاڻ تہ حيدرآباد شھر سان هِن جون سوين يادون وابستہ آهن. حيدرآباد شھر، جنھن ۾ هِن ڪيئي اوجاڳا ڏٺا، ڪيتريون ئي تلخيون پلئہ پايون، اُن شھر جي کليل رستن تي هُن جي پيرن جا نشان اڃا بہ يادن جي روپ ۾ موجود آهن، اِها حيدرآباد جتي جي مڌ ڀريل هوائن ۾ هِن جيئڻ کي خوب انجواءِ ڪيو هو، اتي هِن الائي ڪيترا دوست حاصل ڪيا تہ ڪجهہ دشمن بہ پيدا ڪيا هُئا، حيدرآباد شھر ۾ هِن جي هيڪلاين کي شيئر ڪرڻ لاءِ هڪڙو هوا کان بہ هلڪو سنھڙو، سيپڪڙو شخص هِن جي دنيا ۾ داخل ٿيو هو، جنھن کي عام ماڻھو ''امين ارباب'' جي نالي سان سڃاڻن ٿا. هن جون اڪثر راتيون حيدرآباد ۾ امين جي سجيلي ساٿ ۾ ئي گذرنديون هُيون.
جيتوڻيڪ حيدرآباد ۾ هِن کي علي احمد جمالي، ظھير مرزا، رياض عُمراڻي، زيب سنڌي، غفور کوسي ۽ ٻين بہ بي انتھار پيار ڏنو هو. پر حيدرآباد جي رستن تي آڌيءَ رات جو ڪتن جي گهيرن ۾ هِن سان سنگ امين ئي هوندو هو. هُو جيڪو حيدرآباد ۾ مقرري واري پنھنجي دؤر کي سنھري دؤر سڏي ٿو، اُتي نہ رڳو هِن کي حيدرآباد شھر ئي سُڃاتو ٿي پر اُتي رهڻ ڪري هِن جي سڄي سنڌ سان بہ شناسائي ٿي هُئي. اِهو ئي سبب آهي جو هُو سنڌ جي هر سماجي ادبي محفل جو مَور هوندو هو ۽ هُو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل هر نينڍ کي اکين تي رکي اُنھي ۾ اوس شرڪت ڪندو هو. اِهو ئي ڪارڻ هو جو هِن پنھنجي علمي، فني ۽ ادبي خدمتن جي عيوض پنجويھن کان مٿي ايوارڊ، شيلڊون ۽ ايترائي تعريفي سرٽيفڪيٽ پُڻ حاصل ڪيا هُئا.
هُو جنھن کي پنھنجو پروڊيوسر وارو روپ سڀ کان وڌيڪ بھترين روپ لڳي ٿو. سو چوي ٿو تہ ''آئون، پروڊيوسر جي حيثيت ۾ پنھنجي صلاحيتن کي بھتر نموني استعمال ڪري پنھنجو ضمير مطئمن ڪري سگهان ٿو ۽ اِن ئي شعبي ۾ مون کي ڀرپور اظھار جو موقعو ملي سگهي ٿو''
جيتوڻيڪ هُو هاءِ اسڪول جي زماني ۾ ئي شاعريءَ جي رنگرتن پيچرن جو پانڌي بڻيو هو ۽ اُن کان وٺي اڄ تائين مسلسل بنا ڪنھن وقفي جي لکندو اچي ٿو، اِهو ئي سبب آهي جو هُن هيل تائين ڇھہ سئو کان مٿي شعر لکيا آهن ۽ سئو کان مٿي نثر ۾ مختلف صنفون بہ لکيون آهن، جيڪي گهڻو ڪري سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿي چُڪا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. هُو جيڪو هڪ خوبصورت اديب ۽ شاعر پڻ آهي. اُن وٽ پنھنجي ٻولي، پنھنجو لھجو ۽ پنھنجو الڳ اسلوب بہ آهي ۽ ان حيثيت سان هو پنھنجي منفرد سڃاڻپ بہ رکي ٿو، پر هو پاڻ کي ''شاعر'' نٿو سڏائي، توڻي جو سندس شاعريءَ جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن.
هِن حيدرآباد ريڊيو تي پنھنجي ايام ڪاريءَ دوران پنھنجي وس ۽ وت آهر سنڌي ادب ۽ موسيقي واسطي جيڪا جاکوڙ ڪئي آهي، اُن جي شاهدي سندس رڪارڊ بہ ڏيندو. هن نہ رڳو ''رنگِ نو'' ذريعي سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان نوان راڳيندڙ ريڊيو تان عوام سان متعارف ڪرايا. جن مان بادل راهي، الھڏنو جوڻيجو، روشن ملاح ۽ ڪيترائي ٻيا اڄڪلھہ ريڊيو حيدرآباد جا مقبول فنڪار بہ آهن. پر ان سان گڏ سنڌ جي جديد ٽھي جا ڪيترائي شاعر جھڙوڪ آڪاش انصاري، مظهر لغاري، اياز لطيف پليجو، وسيم سومرو، احمد سولنگي، عبدالمجيد آس ٻٻر، راقم الحروف، امين ارباب ۽ کوڙ ٻيا ريڊيو تان سنڌ جي عوام سان متعارف ڪرايا آهن.
توڻي جو هِن تي زماني ساز اهو الزام عائد ڪن ٿا تہ ''هِن حيدرآباد ريڊيو تي بازاري شاعرن جي ڌڻ کي ڌاريو هو'' پر هُو موٽ ۾ رڳو مُرڪي اِهو ٿو چوي تہ ''مون سنڌ جي ماڻھن جي عام فهم ۽ مزاج کي آڏو رکي اهڙي شاعريءَ ڏني آهي، جيڪا اُهي ٻڌڻ گهرن ٿا، ان لاءِ مون کي ڪنھن جي تنقيد جو ڪو ڊپ ڪونھي، ڇو تہ آئون سچ ٻڌڻ جي سگهہ رکان ٿو''.
هُو جيڪو جُرئتن جو مالڪ آهي، تنھن حيدرآباد ريڊيو تي پنھنجي ايام ڪاريءَ دوران ڪيئي جُرئت مند ڪم بہ ڪيا، جن جي موٽ ۾ هو سرڪاري جاسوسن ۽ چغلخور چمچن جي اکين جو ڪٽر بہ رهيو آهي. پر هِن ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جي دشمن قوتن سان بنا ڪنھن مصلحت جي جيءَ جان سان جهيڙيو آهي. هُو جيڪو حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي مون پارن اڀرن لاءِ اجهو ۽ اولو بڻيل هوندو هو، اُتي سندس اوطاق نما آفيس ۾ ماڻھن جا ميڙا هوندا هُئا ۽ بقول نصير مرزا جي تہ ''اسان جي پگهار جو اڌ حصو دوستن کي چانھہ پيارڻ ۾ پورو ٿيو وڃي'' سچ تہ سرڪاري ميڊيا تي اسان فقراءُ ادبي لڏي لاءِ ڪوثر ٻُرڙي ۽ نصير مرزا جن جا وجود ڪنھن گهاٽي بڙ جي ٿڌڙي ڇانوَ جيان آهن، جتي گهٽ ۾ گهٽ اسان جي عزت نفس تہ مجروح ڪونہ ٿي ٿئي....
هُو جنھن کي مون پھريون خط 1988ع ۾ لکيو هو، حيدرآباد ريڊيو تي ۽ اِهو ئي اسان جي وچ ۾ رابطي جي پل بڻيو هو. پر هُو مون کي روبرو پھريون ڀيرو ملڪاڻي ۾ فوزيه سومرو سان شام ۾ مليو هو. هِن جي پھرين مُرڪ مون کي پرينءَ جي پھرين چميءَ جيان اڃان ياد آهي. هِن جي چپن تي تري آيل آگم جھڙي مُرڪ ۾ مون جيڪا پنھنجائپ محسوس ڪئي هُئي اُن مون کي هِن جو پنھنجو هُئڻ جي تصديق ڪرائي ڇڏي هُئي.
هُو جيڪو دنيا لاءِ ڪيئن بہ هُجي پر مون لاءِ هن وٽ نج خلوص موجود ڏسي هُو مون کي سدائين منھنجو ''پنھنجو'' لڳندو آهي. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان جي وچ ۾ پنھنجائپ ڀريو ''رشتو'' اڄ بہ قائم ۽ دائم آهي. هُو جيڪو انتھائي مصروف هُئڻ جي ڪري منھنجي خطن جا اڪثر جواب گهٽ ڏيندو آهي، پر هِن جي دل جي هڪڙي ڪنڊ ۾ منھنجي يادن جا آکيرا ضررو موجود آهن، هُو جنھن کي ٿر جو ماڳ پنھنجي محبوبا جي جهڙالن نيڻن جيئن وڻندو آهي، اُن کي ڏسڻ لاءِ هُو جڏهن امين سان گڏجي منھنجي ڳوٺ (ٿاڌات مھراڻو ٿر) آيو هو تہ هِن چانڊوڪيءَ رات ۾ واريءَ تي ويھي مون سان جيڪا رهاڻ رچائي هُئي، اُن جون يادون ٿر جي ولھہ هاڻين راتين ۾ اڃا بہ ماڪ ڀنل رابيل بڻجي ٽڙنديون رهن ٿيون، جن جو سڳنڌ اسان جي دوستيءَ کي تازگيءَ جو واس ڏيندو رهي ٿو.
هُو جيڪو حيدرآباد ريڊيو تي ڪيترائي سال صُبح مھراڻ پروگرام ڪندو رهيو، تنھن وسيلي هِن نہ رڳو پنھنجي ٻُڌندڙن کي معلوماتي ۽ تفريحي سلسلا ڏنا پر ڪيترائي خوبصورت آواز بہ ڏنا، جن ۾ جيجي زرينہ بلوچ، اياز لطيف پليجو، زيب سنڌي، سلمه ملاح، نغمه ملاح ۽ امين ارباب، جيتوڻيڪ جيجي ۽ اياز پليجو هِن وقت ريڊيو تي ڪو نہ آهن، پر باقي سمورا سُندر آواز اڄ بہ ريڊيو ٻُڌندڙن جي سماعتن کي محظوظ ڪري رهيا آهن.
هُو هن وقت خيرپور ريڊيو تي پروڊيوسر آهي. جيتوڻيڪ خيرپور هن جي ڳوٺ کي ويجهي بہ آهي، پر بقول سندس جي تہ ''خيرپور ريڊيو لاءِ يا تہ آئون فِٽ نہ آهيان، يا وري مون لاءِ هيءَ ريڊيو اسٽيشن مناسب جڳھہ ڪونہ آهي''.
هُو جيڪو چئن ڀائرن ۽ ڇھن ڀينرن جو ڀائر آهي، تنھن کي ٽي پنھنجا بہ گلن جھڙا پيارا ٻارڙا آهن. جن مان ڪائنات کيس سڀ کان وڌيڪ پياري لڳندي آهي.
هو جنھن جي لونڻي ۾ مون ڪڏهن بہ ڪو ٽِسور ڪو نہ ڏٺو آهي. تنھن جو بي رُخيءَ سان پيش اچڻ سندس وڙ ئي ڪونہ آهي، هُو جنھن جي اکين ۾ سدائين پيار جا پرتوا جَرڪندي نظر ايندا آهن، سو مون اُداس ٿيندي ڪڏهن بہ ڪو نہ ڏٺو آهي.
هو جيڪو پاڻ بہ شاعر آهي، تنھن کي ڪو وقت هو جو حليم باغي ۽ هاڻ اياز گل شاعريءَ ۾ ۽ عبدالواحد آريسر نثر ۾ بي انتھا وڻندا آهن.
هُو جيڪو ڀٽائيءَ جي ڪنھن امر ڪردار جھڙو سٻاجھڙو آهي سو ٻي جي ڏک کي ڏسي ڏاڍو ڏکي ٿيندو آهي ۽ هِن جون همدرديون سدائين هيڻن سان هونديون آهن. هُو جيڪو گهڻو حساس هئڻ ڪري بنھہ ڊڄڻو بہ آهي ۽ هُو هر فيصلو دماغ بجاءِ دل سان ڪندو آهي ۽ هُو بہ گهڻن جيئن دوستن سان اجايون اميدون وابستہ ڪري پوءِ ڏاڍو پڇتائيندو آهي، هُو جيڪو ذاتيات بجاءِ اهميت صلاحيتن کي ڏيندو آهي، تنھن کي اگر ڪو عمل نہ وڻندو آهي، تہ اُن کي جذباتي حد تائين React ڪندو آهي، هُو جيڪو ڏاڍي ڌيمي لھجي ۾ ڳالھائيندو آهي. سو چاهيندو آهي تہ اڳيون بہ ساڻس اهڙي ئي انداز سان گفتگو ڪري ۽ ساڻس گڏ سفر ڪندڙ جو بيجا ڳالھائڻ هِن کي اصل ڪو نہ وڻي، هُو جيڪو خلوص ڏيندڙ جو دوست ۽ نفرت ڪندڙ جو دشمن هوندو آهي. تنھن کي شرابي ۽ ڪوڙا ماڻھو زهر لڳندا آهن.
هُو جنھن جي چپن تي ترندڙ مُرڪ نج گيھہ جھڙي پُر خلوص هوندي آهي، تنھن ۾ کوڙ خوبيون هوندي بہ ڪيئي خاميون ٿي سگهن ٿيون، اهو ئي سبب آهي جو هِن جو هر روپ مون کي وڻڻ جي باوجود جڏهن بہ هُو مون سان ڪنھن ڪاموري، وزير يا ميمبر جي پاڻ سان تعلق بابت ڪو ذڪر ڇيڙيندو آهي تہ مون کي صفا ڪو نہ وڻندو آهي ۽ جڏهن هو ڪنھن بہ عام ''ماڻھو'' کي کيڪارڻ مھل ڀاڪرن ۾ ڀري سيني سان لڳائيندو آهي تڏهن سچ تہ هو مونکي رابندر ناٿ ٽئگور جي ''گيتانجلي'' جھڙو لڳندو آهي.
هُو جنھن کي سنڌ جو هر شخص ''ڪوثر ٻرڙي'' جي نالي سان سڃاڻي ٿو، سو باوجود اُن جي تہ مون کي پنھنجو ''دوست'' سمجهي بہ ٿو الائي نه؟ پر منھنجي اکين جي تارن ۾ هن جي پيار جي سپنن جا ڏيئا اِها گواهي ڏين ٿا، تہ هُن سان منھنجو ڪو تہ رشتو آهي، جيڪو مھراڻي جي مٽيءَ ۽ خيرپور جي خمير مان جُڙيل آهي. هو جيڪو مون کي خامين خوبين سميت قبول آهي، ان جا خط منھنجي اُداس جيون ۾ سدائين ڪا آٿت بڻجي ايندا آهن ۽ اهي ئي تہ اسان جي وچ ۾ رابطي جو واحد ذريعو آهن.ڪوثر ٻُرڙي ترقي ڪري پروڊيوسر مان پروگرام مئنيجر، اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ ڊي-جي پروگرام اسلام آباد جي عهدن تي فائز رهڻ کانپوءِ تازو رٽائرمينٽ ورتي آهي ۽ هُو هِن وقت پنھنجي ڳوٺ ڄاڃي ٻُرڙي ۾ رهائش پذير آهي، جتي خوبصورت کجين جي باغن ۾ ڪتابن جي لائبريريءَ ۾ ويھي لکڻ پڙهڻ کي ئي گهڻو وقت ڏي ٿو. هيل تائين ڪوثر ٻُرڙي جا ڪيئي ڪتاب شاعريءَ ۽ نثر جا شايع ٿي چُڪا آهن ۽ اڃان بہ هُن جي قلم جي مَسُ سُڪي ڪانھي ۽ نہ ئي سندس ڏات تي ڪو ڏُڪار آيو آهي.