اُجري صُبحءَ جي اڳڪٿي.....!!
ڪُجهہ ڏينھن اڳ ۾ فون ڪري چيائين، ''امر! 24 تايخ تي منھنجي ڪتاب ''مُرڪن مالھائون'' جي مھورت آهي هر حال ۾ اچڻو اٿئي بلڪِ پاڻ کڻائي بہ پُڄڻو اٿئي'' چيم يار! اسان اٻوجهہ ماڻھو اسان کي ڪھڙي ڪل تہ بحر ڪھڙي بلا جو نالو آهي ۽ وزن ڪھڙي وبا آهي، اهڙي ڪنھن دوست کي چئو جيڪو ڳالھائڻ بہ ڄاڻي ۽ لکڻ بہ ڄاڻي سنڌ جيڪڏهن شاعريءَ جي ميدان ۾ خود ڪفيل آهي تہ نقلي نقادن جي بہ ڪا کوٽ ڪانھي جيڪي قلم سِراڻ تي چاڙهي تِکا ڪري رهيا آهن، اُهي فرد مان ڦيرائي فرشتو بڻائي زمين تان کڻي سَتين آسمان تي پُڄائي ايندئي، واهولو ۽ ونجهڻي ڏيندين تہ سندءِ شاعريءَ جا ڇوڏ لاهي رَندو هڻي ڪَن پُڇ ڪَتري ٻُٽي ٻڪري بڻائي ڏيکاريندئي، وڏي ڳالھہ تہ ماڻھوءَ کي ملائڪ بنائڻ اُنھن جي کاٻي هٿ جو کيل آهي، ڳالھہ ۾ ڪُجهہ ڪونھي چار ڪوريون خرچ ڪري ٻٽي ٻولڙيا پئدا ڪري سگهجن ٿا، جيڪي ڏينھن کي رات ۽ صُبحءَ کي شام ثابت ڪرڻ لاءِ نھن چوٽيءَ جو زور لڳائي سگهن ٿا ۽ سڀ کان ناياب نسخو انھن وٽ اِهو بہ آهي جو اُهي مکڻ لڳائڻ ۽ مکڻ مان وار ڪڍڻ جا بہ شاھہ ڪاريگر آهن. پر همراھہ الائي ڪھڙيءَ مِٽيءَ مان ٺهيل آهي جو مُور نٿو مڃي بلڪه جتي پير ڀرائي بيٺو آهي اُتان هڪ وک بہ اڳتي نٿو وڌي. آهي نہ هِن دورنگي دنيا جو درويش دل انسان! جنھن کي پنھنجي واکاڻ نٿي وڻي پنھنجي ساراھہ سُٺي نہ ٿي لڳي پر گِلا ٻڌڻ لاءِ گلا کولي ويٺو آهي، ست سُريون سُڻڻ لاءِ سينو سُپر ڪري بيھي رهيو آهي. خير مرضي سندس جيڪڏهن ڌڻي پاڻ مُند جون سُڻڻ جي سگهہ رکي ٿو تہ پاڻ جو ڪھڙو ٿو تيل سَڙي. هڪ ڏينھن فون ڪري چيائين ''منھنجي ڪتاب جي مھورت آهي، اوهان دوست جيڪڏهن مون جيئري تي ٻہ ٽي لفظ ڳالھائي نٿا سگهو جو منھنجي هِنئين کي واءَ لڳي تہ پوءِ مون مُئي پُڄاڻان مٿو ۽ سٿر ڪُٽي ڇا ڪندؤ؟'' ٻي ڏينھن فون ڪري چيائين ''امر ڪاش! منھنجي ڪتاب جي مھورت وارو پروگرام منھنجي تعزيتي ميڙاڪي ۾ تبديل ٿي وڃي'' هينئن تي ڄڻ هٿوڙو هڻي ڪڍيائين، دل مان دانھن نڪتي رڙ ڪري چيم گهوڙا يار! اِهو ڇا ٿو چوين ڀارُو؟ ''سندس جملي ۾ جيڪا اذيت هُئي، ڪُٺل تتر جھڙي ڪرب ۽ ڏک سندس لھجي مان ليا پائڻ لڳو هو، اهلِ دل ئي ڄاڻن ٿا ڪنھن دَردوَنديءَ دل جو دک، فورن فراز جون هِي سٽون ذهن تي تري آيون ''تیرے لہجے کی تھکن میں تیرا دل شامل ہے، ایسا لگتا ہے، جدائی کی گهڑی آگئی دوست'' هُن جي اکين مان ڪِريل ٻن لوڻياٺن لُڙڪن جي ڪوساڻ مون پنھنجي ڳلن تي محسوس ڪئي، هِن سان منھنجو درد جو رشتو آهي، هڪ اهڙو درد جيڪو بقول ڪنھن شاعر جي ''درد اتنا ہے کہ ہر رگ میں ہے محشر برپا اور سکون ایسا کہ مرجانے کو جی چاہتا ہے''۔ ڪجهہ لمحن لاءِ ٻنھي پاسي رات جي سناٽي جھڙي سُڃ ۽ سانت ڇانيل رهي اوچتو موبائيل جي اسپيڪر مان هُن جو آواز اُڀريو. ''امر! جن ساحر اکين لاءِ اسان شاعري ڪئي اُهي اکيون مُنھن ڦيري وڃن تہ پوءِ دل رت جا ڳوڙها نہ رُوئندي تہ ٻيو ڇا ڪندي، پر هُن لاءِ روئڻ مان بہ راحت ٿي ملي. روئڻ ۽ رُسڻ بہ اُنھن سان سُونھي ٿو جن سان جيءَ جڪڙيل هُجن''، عجيب ماڻھو آهي سڄي دُنيا کي جيڪو وڻي ساڻس سُلوڪ ڪري لوڻي ۾ سَرڪو نہ پوندس، وقت وارن جا ورتاءُ ۽ وار سندس وارُ ونگو ڪو نہ ڪندا پر اُهي عظيم نيڻ جن کانئس ھہڙا حسين نظم لکرايا اُهي اکيون بي رُخي برتين تہ سندس سڄي وجود ۾ وائبريشن پيدا ٿي پوندي ۽ پوءِ سندس ڪاوڙ ۾ تبديل ٿيل تيور بہ ڏسڻ وٽا هُوندا آهن، نڪو گهر جا ٺڪر جهوريندو نڪين آفيس جون ڪُونڊيون ڪِرائيندو بس رُڳو سندس دل جي ڌڙڪن جو حال ناصر ڪاظميءَ جي هِن شعر جھڙو ٿي پوندو اٿس''شور برپا ہے خانہ دل میں، کوئی دیوار سے گری ہے ابھی''. انھي ڪيفيت جي اذيت مان جڏهن بہ جهلي ٻاهر نڪرندو آهي تڏهن سندس هٿن ۾ آئون ڪو نھايت ئي شاندار نظم ڏسي کيس چوندو آهيان، ''ڀارُو! جيڪڏهن محبوبائن جا ماڻا، انگل ۽ آرا نہ هُجن ها، سندن اکين جا آگم بَڊي جي بادلن جيئن بيوفائي نہ ڪن، تہ تون ھہڙا حسين نظم لکين سگهين ها؟ اِنھن اکين جون اِهي ڪافر ادائون ئي اسان جي دلين کي آسُودگي آڇين ٿيون، اِها ئي اُها آسودگي آهي جيڪا اسان جي ذهنن کي زرخيز ڪري ٿي، اسان جي قلمن کي ڪنھن ڪُميت گهوڙي جھڙا گُڻ عطا ڪري ٿي ۽ جڏهن جوانيءَ جي جَڙي گهوڙي کي اسان عشق جي اڙي هڻون ٿا تڏهن ئي ''مُرڪن مالھائون'' پوئي سگهبيون آهن ۽ ڪو ڀارو مل امراڻي نالي حُسناڪ ڪوي اسان جي آڏو پوري شاعراڻي وقار سان ٽلندو ۽ ٽهلندو اچي بيھندو آهي''. هڪڙو اهڙو حسناڪ شاعر جنھن جي پھرين مِٺي مُراد مُرڪن مالھائون جو هر موتي مڻيو هڪ ٻئي کان ڪيئي رتيون ڪَسر، هِن جي نظمن، غزلن، گيتن، واين ۽ بيتن جي هِن ڪنٺمال ۾ نہ رُڳو ڪنھن ڪُونج ڳچيءَ لاءِ گُلن جا هار پرويل آهن، پر مورن جي مستيءَ جا ميڙا بہ آهن تہ سارنگ جا ساٺ بہ، ڪنھن سان راند رمڻ لاءِ ساريون بہ آهن تہ رکيل يارين جون سوين سنڀارون بہ آهن. ڪاسٻي جي مندر ۾ اکين جي ٿالھيءَ ۾ اُتاريل ڪنھن جي آرتي بہ آهي تہ ڪنھن لاءِ دل جي اندر اُڀ کان اوچيون اڏيل ڪيئي ڪائناتون بہ آهن، مُرڪن مالھائن ۾ ڀارو جڏهن پنھنجي رب سان رِهاڻ ڪري ٿو تہ نہ ڪنھن چنڊ ٿيڻ جي تمنا ڪري ٿو، نہ ئي ڪنھن سج بڻجڻ جي آرزو ٿو ڪري هيءُ فقط اِنساني تاريخ جي امر حصي ٿيڻ جي ڪلپنا ٿو ڪري. ڀارو ڀُونءِ جي ڀوتارن هٿان ڪنھن بہ ڳاڙهيءَ کي ڪاري قرار ڏيڻ خلاف قلم کان ڪارائي جو ڪم وٺڻ ڄاڻي ٿو، هُو پنھنجي محبوب سان مِلڻ وقت روايتي انداز نٿو اپنائي بلڪ زماني سازي بجاءِ محبت بازيءَ سان ملي ٿو، هو ڪنھن مَئي خاني مان فقط درد جو دارون پيئڻ ويندو آهي. ڀارو وقت جي ڪنھن بہ آمر کي اڪيلائي ۾ ٻُڏي مرڻ جو موقعو تلاش ڪرڻ جيتري مھلت ڏيڻ لاءِ بہ تيار ڪونھي کيس پنھنجي محبوب کان چُمي گهرندي بہ ڪو خوف، ڪو خطرو محسوس ٿئي ٿو ۽ هِيءُ اُن چُميءَ کي خواجه فريد جي ڪافيءَ سان ڀيٽي ٿو ۽ اُن چُميءَ جي اوڌري رهجي وڃڻ جي انديشي کي ظاهر ڪري ٿو، ڇو تہ کيس خبر آهي تہ ڌماڪن جي رُت اڃا الائي ڪيترين چُمين جا ڪنڌ لڻڻ لاءِ لٿل آهي. ڀارو هڪ مُحب وطن شاعر آهي، جيڪو اياز جي شاعريءَ مان جهانسيءَ راڻيءَ جي تلوار اڌاري کڻي ديس دروهين جا سر قلم ڪرڻ گهُري ٿو، هِيءُ هڪڙي انقلابي وانگر هر دؤر جي هٽلر جي روح ۾ ڪولھين جيئن ڪوڪو ٺوڪڻ ٿو چاهي. ڀارُو پورهيت دوست فڪر جي ڦرهيءَ مان فيض حاصل ڪندڙ هڪ اهڙو ڪوي آهي جيڪو طبقاتي نظام جي سمورن ذريعن کي پنھنجي ڏات جي ڏاٽن سان لُڻڻ چاهي ٿو، ڪارونجهر جي ڪور تي مورن جي مَٽڪو، هاڙهي ۾ هَرڻين جا ڇال، پاري ننگر جي پُوڄارڻ جو پيار سلامت ڏسڻ جو آرزو مند ڀارو، روپلي جو نئون روپ چاهي ٿو. هِيءُ هر قسم جي ماٺ کي مُڪ سان ٽوڙي عظيم آجپي جو اوچو آواز اُڀارڻ چاهي ٿو، هِيءُ پنھنجيءَ شاعريءَ ذريعي سمورن وطن دوست ڪردارن کي راسُوڙن جي روپ ۾ سُرخ سلام پيش ڪرڻ گهري ٿو. هِن جي حسين نظمن ۾ دل جون درد ڪٿائون بہ آهن، تہ دُکي انسانيت جا اُداس سُڏڪا پڻ، پرينءَ پچارون ۽ واويلا وڻڪارون بہ آهن تہ گُلن کي گهُٽي مارڻ جون گهٽنائون پڻ، مرَوي جا مُرجهايل مُک بہ آهن تہ روهيڙن جون روئيدادون پڻ، وطن جي ويراني، حياتيءَ جي حيراني بہ آهي تہ مجبورين جو ماتم پڻ هَي نظم، هَي وايون، هَي بيت ڪنھن وڃايل ويساھہ جي وارتا بہ آهن تہ ڪنھن ايندڙ اُجري صُبحءَ جي اڳڪٿي پڻ، هَي نظم عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ اُڀا ٿيل عَلم بہ آهن تہ پنگهٽ تي پيرين اُڀراڻي پاڻياريءَ جي زخمي پيرن جا پنڌ پڻ، اُگهاڙي اُڀ هيٺ ويٺل ڪنھن اُداس عورت جون آتم ڪٿائون بہ آهن، تہ ڪنھن سڙيل گهر جون صدائون پڻ، ڪنھن حسينا جون ڪافر ادائون بہ آهن تہ تتيءَ ۾ گهڙو ڀريندڙ ٿاريليءَ جو ٿڪ پڻ، ڪاڙهي ۾ ڪاٺيون جهوريندڙ جُهور عورتن جي فوٽوگرافي بہ آهن تہ مينھن ۾ ڪيل مورن جي رقص جي مصوري پُڻ، کوھہ جي سيرڻ ۾ سڄي ڄمار کيلي هڪليندڙ ڪنھن گوسيءَ جو غم بہ آهن تہ پن لاهيندڙ پورهيت هٿن جي لفن جي لالائي پڻ، هَي نظم نہ رُڳو ناسي ٿيل نظرين جا نوحا آهن، پر ڪِن قلمن جي چُڪايل قيمت جا مرثيا پڻ، هَي صحرا جا سڏ بہ آهن تہ ڪنھن جي نيرن نيڻن جا نياپا پڻ، ٻانھييءَ بنا ٻوکين ٻانھن جي دانھن بہ آهن تہ ڪنھن ٽِڪن بنا ڪوڙي گج جي ڪٿا پڻ، پري ويل ورَ جي اوسيئڙي ۾ ويٺل وَنيءَ جي وينتي بہ آهن تہ ڪراچي ڪمائڻ لاءِ ويل نوجوان پُٽ جو لاش موٽي ملڻ تي ماءُ جي ممتا پڻ هِنن نظمن ۾ هيلوڪي ٻوڏ ۾ ٻُڏل رُڳو هڪ گهر جو غم ناهي پر پُوري ناڪارا نظام تي هڪڙي ڪٽرايل FIR پُڻ آهي. هَي نظم وطن سان وفا ڪندڙن لاءِ گُلن جو هار آهن تہ غدارن لاءِ گاريون آهن. هِنن نظمن ۾ مزاحمت جا ريٽي ملير جھڙا رومانوي رنگ بہ ملندا تہ انساني احساس جا جمالياتي عڪس بہ جابجا ملندا. هِنن نظمن ۾ حياتيءَ جا هڙئي رنگ، سُونھن جا سڀئي تصور ۽ خيالن جي خارڪ ڇڊيل آهي ۽ هن جي هر نظم ۾ هڪ الڳ دنيا آباد آهي، جنھن ۾ ڪيئي ڪائناتون پَسي سگهجن ٿيون، هَي نظم پنھنجي گهاڙيٽي، فني لوازماتن موضوعن جي فراواني، رڌم رواني ٻوليءَ جي حَسين لھجي جي مٺاس ۽ مڌرتا، مخصوص ۽ منفرد اسلوب سبب پنھنجو روح، پنھنجو رنگ، روپ، مُک ۽ مھانڊا رکن ٿا جن کي پڙهڻ سان پُسيل مِٽيءَ جي مهڪ اچي ٿي ۽ جيءُ جهومي پوي ٿو.
تازو مون جڏهن ڀاروءَ جي شاعريءَ مرڪن مالھائون ۾ پڙهي تڏهن سچ پُڇو تہ مون جھڙي اڌ اکري ۽ گهٽ پڙهيل ماڻھوءَ کان بي اختيار دانھن نڪري ويئي مار! هڪڙو ماٺيڻي طبيعت وارو هي ٿري ڇوڪرو ايڏا سگهارا ۽ ايڏا ڀرپور نظم لکي سگهي ٿو، جيڪي گهڻن وات وڪيلن جا وات بند ڪري سگهن ٿا، ڀارُو نہ رڳو ٿر جي تاريخي تھذيبي ۽ ثقافتي روين ۽ قدرن جو ترجمان شاعر آهي، پر هِيءُ پُوري سنڌ جي نئين نڪور فڪر جو نمائندو شاعر پُڻ آهي. جنھن جي نظمن جا موضوع ڀلي پُراڻا ئي آهن پر اُنھن جي پيشڪش جو انداز انوکو ۽ اڇوتو آهي ۽ اُنھن ۾ سمايل سوچ تازي ۽ تواني آهي. بلڪل تازي هوا جي وڻندڙ جهوٽي جھڙي سندس شاعريءَ جا ڪي ڪردار برابر ڪلاسڪ آهن، جن تي ڪيئي بار ۽ ڪيترن ئي شاعرن لکيو آهي پر اُنھن سان مخاطب ٿيڻ جو اسلوب الڳ اٿس، اُنھن سان هم ڪلام ٿيڻ جو هنر پنھنجو اٿس، هِن وٽ پنھنجن ڪردارن سان مخاطب ٿيڻ جو پنھنجو ڏانءُ آهي هِن ديس جي دلربائي ۽ مٽيءَ جي محبوبيت ڀاروءَ جي نظمن ۾ کنهبي چُنيءَ جي چٽن جئين چٽيل آهي ۽ ڪوري گهڙي جي گُلن جيئن جَرڪي رهي آهي.
ٿر جي پٽيءَ ۾ پابند نظم جا ڪيئي شاعر پنھنجي شاعراڻي وقار سان ڀرپور اظھار ذريعي ڪنھن کي بہ اڃا تائين وارو ئي ڪو نہ ٿا ڏين پر منھنجو ذاتي خيال آهي تہ هِتي ٿر ۾ نثري نظمن ۾ ڀارُو مل امراڻي في الحال تہ سڀني کي پُڙين تي پُڙ ماري ويو آهي. ٿِي سگهي ٿو بلڪه ڪُجهہ دوست چون ٿا تہ ڀارو جي نظمن تي اياز جو اثر ۽ رنگ آهي، اياز جي رنگ کان ڪو بہ آجو ڪونھي، پر جيستائين مون محسوس ڪيو آهي تہ ڀاروءَ جي نظمن جي نہ رُڳو زمين پنھنجي آهي پر آسمان بہ پنھنجو آهي، هِن جي شاعريءَ جي سينا بہ پنھنجي آهي تہ سيما بہ پنھنجي اٿس، موضوع بہ پنھنجا اٿس تہ ماحول بہ پنھنجو ئي، ڪردار بہ پنھنجا اٿس تہ گفتار بہ پنھنجي اٿس، هِن جا نظم ٻاجهاريءَ ٻوليءَ عاليشان فڪري اُڏام ۽ گربي جھڙي گهاڙيٽي سان سنڌي شاعريءَ جي اُجري آڪاش تي ايئن اوچتو نکري نروار ٿيا آهن، جئين سَرلي وچان اوچتو سُج نڪري نروار ٿيندو آهي، يا جئين جهُڙالي رات ۾ ڪارن ڪڪرن منجهان چنڊ ظاهر ٿيندو آهي. هاڻ جيڪڏهن اسان جي ڪنھن ڪويسر کي ڀاروءَ جي شاعريءَ ۾ ڪي عيب نظر اچن ٿا ۽ هوندا بہ سھي، ڇو تہ عيبن کان آجي فقط رب پاڪ جي ذات آهي ۽ هيءَ تہ هُونئن بہ شاعريءَ آهي، جنھن ۾ ڪيئي جهول فني يا فڪري لحاظ کان ٿي سگهن ٿا، سو جيڪڏهن شاعريءَ جو ڪو سَرجن ويھي وَڍ، ٽُڪ ڪري تہ آڏي ڪاٺي اُن کي پاڻ بہ ڪونہ ڏينداسين، پاڻ تہ هلندا آهيون فقط درويش دل جي ڌم تي ۽ دل اها ڌم ڏيئي بلڪ ڀيرِ تي ڏنئوڪو هڻي بيھي رهي آهي تہ سنڌ ۾ هن وقت آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهڙا شاعر آهن جيڪي عالمي پد جا نظم لِکن ٿا، اُنھن ۾ اسان جي هِن ڀارو مل امراڻي بنا ڪنھن چٺيءَ چَپائيءَ جي وڏي جڳھہ والاري آهي، آئون دعويءِ سان چوان ٿو تہ ڀاروءَ جا هَي نظم جھڙوڪ ''لورڪا جو فڪر''، ''ٻڏو ناهي ٻوڏ ۾ رُڳو منھنجو گهر''، ''چمڙي جو وڏو ڀاءُ''، ''منھنجي هيءَ ننڍڙي دُنيا''، ''هٽلر جو رُوح''، ''چمي اڌ ۾ رهجي ويئي''، ''هُو ڇاڇري جو سورج''، ''لورڪان ۽ آئون''، ''مايا ڪو وسڪيءَ کي ميار''، ''البرٽي منھنجا شاعر ڀاءُ''، ''ٽراسٽڪي! آئون تو سان رهاڻ ڪرڻ ٿو چاهيان''، ''هڪڙو آلندي بہ جنم وٺندو آهي''، ''تو کي گُلن سان پيار آهي'' ۽ ''منھنجي ديس جا ليکڪ'' سميت کوڙ سارا سندس اهڙا نظم آهن، جن کي پُوري ايمانداريءَ سان اُنھن جي اصلي رُوح مطابق انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪجي تہ اِهي نظم سڄي دُنيا ۾ واڄٽ وڄائي ڏيکارين، ڇو تہ اِهي نظم شاعريءَ جي عالمي اصولن ۽ معيار تي سئو سيڪڙو پُورا لھن ٿا. خير پاڻ کي هو پاڻي ۾ پٿر اُڇلائڻو، هاڻ لهرون اُٿن ٿيون، ويرون اُٿن ٿيون يا ڪا جوار ڀاٽا جنم وَٺي ٿي، وُٺي جون خبرون پاڻھي پانڌيئڙا ڏيندا. اسان وٽ هڪ عام چوڻي آهي تہ جن کي ريسَ نہ ٿي تِن کي جڳيسَ ڪھڙي ٿيندي. ٻين جي مرضي کين ريس ٿئي يا جڳيس پر مون کي سچ پُڇو تہ ريسَ ٿي آهي تہ ڪاش! اهڙا نظم آئون لکي سگهان ها، پر ڏات ديوي هر ڪنھن تي هٿين ڇائون ناهي ڪندي، اِهي بُلند و بالا ڀاڳ اسان جي ڀاروءَ جا آهن، جنھن تي ڪويتا راڻي راضي ٿي آهي، جنھن کيس ڀٽن جي ڀاڪُرن مان اُٿياري بادلن ڀيڙو بُلند پرواز ڪرڻ جي شڪتي عطا ڪئي آهي. هڪ اهڙي سگهہ يا شڪتي، جنھن کي حاصل ڪرڻ لئه مون پارن اڌ عُمر ڳاري ڇڏي آهي.
(ڀارو مل امراڻيءَ جي ڪتاب ''مُرڪن مالھائون'' جي مھورتي پروگرام ۾ پڙهيل پيپر).