پهاڙ جا جهنگ جهرڻا
پريم پتافي خوشنصيب آهي جو هُو رک کي ڪُريدي، چڻنگ کي رک مان ٻاهر ڪڍي اچڻ ۾ ڪامياب ويو آهي: هيءَ ڪتاب “روشنيءَ جون اکيون” انجو سگهارو ثبوت آهي. شاعر پنهنجي اندر کي نظر ۾ رکندو آهي. “اندر” هن کي چڻنگ طرف اشارو ڪندو آهي ۽ شاعريءَ کي لفظ ملي ويندا آهن، بند دريون کُلي وينديون آهن ۽ ڏينهن بسنت پنچمي ٿي پوندو آهي.
سونهن تنهنجي کي گيتن ۾ ڳايان پيو،
کنڊ کي کير سان ايئن ملايان پيو.
هر شاعر پنهنجي شاعريءَ جي شروعات ‘پريم’/پيار سان ڪندو آهي ۽ ‘پتافيءَ’ جو ته نالو ئي پريم آهي:
اوهان جي بدن تي جا گذري هُئي،
سڄي رات چنڊ تي رهيا هون پرين!
سڄي عمر تنهنجي طوافن ۾ وَئي،
اسان ڀي ته ڪيڏا چريا هون پرين!
سچ آهي ته اندر جي ندي ڪنارا ٽوڙڻ جي ڪوشش ٿي ڪري جڏهن ڪو پيار ٿو ڪري، ڪتاب جي کُلندڙ پيج تي سُونهي اهڙي ڪويتا ٿي جنمي، جڏهن ڪو پيار ٿو ڪري:
نيڻ ٽڪراءُ سان
حادثا ويا وڌي
هن جو مرڪي ڏٺو
حوصلا ويا وڌي
ڪيئن توسان ملان
ضابطا ويا وڌي.
مذڪوره شعرن ۾ ‘پريم پتافي’ خوبصورتيءَ سان ننڍي وزن ۾ پنهنجي ڳالهه چئي سگهيو آهي. اهڙي قسم جا ڪي ٻيا شعر به ڌيان ڇڪائيندڙ آهن:
توڙي جو ٿڪل آهن
جذبا ته اٽل آهن
ڇو هانءُ پيو لاهين،
پورهيا ته سڦل آهن
قبرون ته سڀئي ثابت،
ڪتبا ڇو ڊٺل آهن؟
سُرمي ۾ ٻڏل اکڙيون
ڄڻ گيت غزل آهن.
اڄوڪي زماني جي شاعريءَ جي خوبي اِها آهي ته اها ڪنهن هڪ واڙي ۾ پاڻ کي ٻڌي نٿي ڇڏي، شاعر ڪنهن مقرر سوچ جي خميس پائي نٿو گهمي ايتريقدر جو هو پنهنجي ئي بيان جي ابتڙ بيان، هڪ ئي ساهه ۾ ڪري سگهي ٿو. بعد جديد شاعريءَ جي اها وڏي خاصيت مَڃي ويئي آهي. ‘پريم پتافيءَ’ جي هڪ ئي غزل جا ٻه شعر آهن:
تنهنجي پويان ڪڏهن نه مرندو هُو،
هاڻ جيئڻ سکي ويو آهي.
رات ڪنهن جا رڱيا ويا هٿڙا،
رات ڪوئي مري ويو آهي.
ساڳي طرح هيٺ ڏنل ڪي شعر ڏسون:
ڏاڍي ٿوري بچي حياتي آ
اس ۾ ماڪ ٿي ويو آهيان
هاڻ ڦٽندا نوان سِلا مون مان،
خاڪ ئي خاڪ ٿي ويو آهيان،
گهاوَ جيڪي وڻئي تون ڏي مون کي،
هاڻ مان چاق ٿي ويو آهيان.
مٿي ڪوٽ ڪيل شعرن م تضادن جي وضاحت ڪرڻ جي ضرورت نٿي لڳي، بلڪل ظاهر آهن. (قافين جي اعرابن کي البت درگذر ٿا ڪريون، جيڪي ڪن ٻين غزلن ۾ به ڪرڻا پوندا جيئن ص 101 تي ڏنل غزل ۾).
پريم پتافي پنهنجن احساسن کي مڪاني رنگ ڏيئي انهن جي تاثر ۾ اضافو آڻي ڇڏي ٿو. اُهي احساس پڙهندڙ اندر هڪ قسم جي پنهنجائپ پيدا ڪن ٿا ۽ انهن کي لڳي ٿو ته شاعر سندن ڳالهه ڪري رهيو آهي:
ڪيترو منفرد ۽ ڪورو آ
نينهن تنهنجو ته ڄامشورو آ
۽ ڪي ٻيا شعر به، ان سلسلي ۾:
روز پڙهندي ڏنئي، نئين معنيٰ
شاهه جي ڄڻ ته شاعري آهين.
نيڻ تُنهنجا ٻئي “ڄامشوري” جيان،
هُونءَ ساري تون گهوٽڪي آهين.
تون ته “استاد” جي غزل جهڙي،
خوبصورت ڪا ڇوڪري آهين.
ڪي اظهار بيحد پيارا هوندا آهن ۽ ڪنهن به شاعر کي لڀائيندا آهن. سجاڳ شاعر وٽان اهڙي اميد هوندي آهي ته هُو اهڙن ڦنڌن م پاڻ کي نه ڦاسائي.
مثال طور جڏهن ڪو شاعر ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته انجي جائزگيءَ جي پرک لازمي بڻجي پوي ٿي، وَرنه بيان صرف ڪن پيارن لفظن جو جهڳمٽ بڻجي پوندو.
هڪ شعر ڏسون:
روز اک ٿو هڻي سڀن کي ڪئن!
چلولو چنڊ ڄڻ ڪو ڇورو آ.
مٿي ڪوريل شعر ۾”اک هڻڻ”، “چلولو چنڊ”، “ڇورو” دلڪش لفظ آهن، جيڪي اظهار کي قد بخشڻ جو ڪم بخوبي ڪري سگهن ٿا. پر ٿورو ڌيان ڏينداسين ته پائينداسين ته جنهن مرڪزي خيال کي شاعر اظهاري ٿو سو اڻ ٺهڪندڙ آهي: چنڊ اک نه ڀڃندو، تارن سان “اک ڀڃڻ” جو بيان ڪيترن ئي شاعرن ڪيو آهي جيڪو جائز آهي. جو تارا ٽمٽائيندا آهن. شاعر کي نواڻ جي چڪر ۾، اظهار جي موضونيت قربان ڪرڻ نه کپي. ساڳئي نموني هيٺ ڏنل شعر ۾ “مڌ”، “خمار” بي ميل آهن:
تنهنجي نيڻن جو مڌ هُيو پيتو،
اڄ تائين خمار ۾ آهيون.
هونئن به اک سان مئي، خُماريءَ وغيره جهڙا جوڙ ڪيستائين پيا ڪُٽينداسين، سڄي دنيا پيئي آهي، ڇو نه ڪو نئون دڳ وٺون. ان ئي حوالي ۾ صفحي 32 تي ڏنل غزل نسبت ننڍي ڀاءُ پريم پتافيءَ کي جيڪر صلاح ڏيان ته قافيي کي حذف ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. نه صرف ايترو، لفظ جي شروع ۾ آيل گرو ماترا کي حذف ڪري لگهو ماترا ڪرڻ به سهوليت پسنديءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، ان ڳالهه کي مثالن سان سمجهون:
حادثن کي لتاڙي جيئون ٿا،
پنهنجي وعدن کي پاڙي جيئون ٿا.
تنهنجي دل کي ڇڏئي زمانو ٿيو،
ڪنهن جي نظرن جي پاڙي جيئون ٿا.
درد پهتو لتاڙي سڀ ليڪا
هر گهڙي ڄڻ آکاڙي جيئون ٿا.
(ص 32)
ليڪ ڏنل لفظ حذف ڪيل آهن جيڪي حذف نه ڪرڻ کپن. اڌ صدي اڳ اهي چوٽون اسان به وٺندا هُئا، ليڪن هاڻي، جڏهن سوچ جو دائرو موڪرو آهي ۽ اظهار جا بهتر آپشنس ميسر آهن، ته هروڀرو “چلتا هي” وارو رُخ ڇا لاءِ اپنايون، ياد ڪريون ته پئراشوٽ تڏهن ئي ڪارائتا هوندا آهن جڏهن کليل هوندا آهن. اسان کي پنهنجو اکيون کُليل رکڻيون آهن. پر، ايترو ضرور چونداس ته ‘پتافيءَ’ ٻه دفعا “پاڙي” قافيي جو استعمال، الڳ الڳ معنائن ۾ ڪري، پنهنجي تخليقي قوت جو پرچو ڏنو آهي.
ٽيڪنيڪي ڳالهين ۾ وڌيڪ وقت نه وڃائيندي ان وشواس سان ته وقت سان سڀ صحيح ٿي ويندو آهي، مان ‘پتافيءَ’ کي ان ڳالهه لاءِ مبارڪون ضرور ڏيندس ته هن پهريان قدم بلڪل پختا کنيا آهن.
هن مجموعي ۾، ‘پتافيءَ’ غزلن سان گڏ وايون ۽ گيت به ڏنا آهن جيڪي پنهنجي ليکي شاعر جي، ٻين اسلوبن ۾ دلچسپيءَ جو ضامن آهن. هڪ اڌ وائي ڏسڻ سان اندر ۾ ڪي ترنگ اٿندا، خاطري آهي.
لهرون ٿو ٺاهي،
ڪيڏو شور سمونڊ کي
پنهنجي هستي پاڻ ئي،
ٺاهي ۽ ڊاهي،
ڪيڏو شور سمونڊ کي،
گيت اسان جي پيار جا
لهر لهر ڳائي،
ڪيڏو شور سمونڊ کي.
ڪنهن جا پير چمڻ جي لئه،
ڊوڙون ٿو پائي،
ڪيڏو شور سمونڊ کي.
ڪيتريون ئي ٻيون دِل-ڇُهه وايون آهن، مان ٿوري ۾ سنتوش ٿو ڪريان. دوستو! ڪنهن به پهاڙ ۾ ايئن ته ڪن کي صرف سخت پٿر ئي نظر ايندو آهي، پر جن کي نظر هوندي آهي، سي پهاڙ تان جهرڻا ۽ وڻ ٽِڻ به ڏسي سگهندا آهن. پريم پتافيءَ جو هيءَ مجموعو جهيڻي نظر جي طلب ڪري ٿو.
واسديوَ موهي
A-355 Nayan-Nagar
Sahijpur Bogha
Ahmed Abad (India)
382345
Cell: 0091-9427049946