شاعري

مُسافر وفائون

مُسافر هاليپوٽو، پنھنجي هر شعر ۾ شعور جي راھہ جو پانڌيئڙو نظر اچي ٿو ۽ وٽس وطن جو درد، محبوب جا ماڻا، لوڪَ جون محروميون، عورت جي مظلوميت، روايتي بيھودہ رسمون ۽ انھن ۾ پيڙجندڙ وجودن جا لقاءَ، بُک، بيروزگاري سميت ڪو اهڙو دُک درد ڪونھي، جيڪو مُسافر جي شعر کان گُٿو هجي. اِها هڪ ذميوار ۽ سُجاڳ شاعر جي نشاني آهي. مُسافر هاليپوٽي جي شاعريءَ جي اهم ڳالھہ لاڙ پَٽَ جي حُسناڪ ٻوليءَ سان گڏ سندس سادي، عام فھم ۽ موجودہ وقت جي مروِج ٻولي آهي، جيڪا عام سادڙي ڳوٺاڻي کي بہ سوَلائيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي.

  • 4.5/5.0
  • 59
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book مُسافر وفائون

سنڌسلامت پاران

 سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر مسافر ھاليپوٽي جي شاعريءَ جو مجموعو ”مسافر وفائون“ اوهان اڳيان پيش آهي.

مُسافر هاليپوٽو، پنھنجي هر شعر ۾ شعور جي راھہ جو پانڌيئڙو نظر اچي ٿو ۽ وٽس وطن جو درد، محبوب جا ماڻا، لوڪَ جون محروميون، عورت جي مظلوميت، روايتي بيھودہ رسمون ۽ انھن ۾ پيڙجندڙ وجودن جا لقاءَ، بُک، بيروزگاري سميت ڪو اهڙو دُک درد ڪونھي، جيڪو مُسافر جي شعر کان گُٿو هجي. اِها هڪ ذميوار ۽ سُجاڳ شاعر جي نشاني آهي. مُسافر هاليپوٽي جي شاعريءَ جي اهم ڳالھہ لاڙ پَٽَ جي حُسناڪ ٻوليءَ سان گڏ سندس سادي، عام فھم ۽ موجودہ وقت جي مروِج ٻولي آهي، جيڪا عام سادڙي ڳوٺاڻي کي بہ سوَلائيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي.

ھي ڪتاب 2020ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ مھربانيون مسافر ھاليپوٽي جون جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

محمد سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
 سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

مُسافر هاليپوٽو: محبتن جو ماڻهو

مُسافر هاليپوٽو: محبتن جو ماڻهو
اداري پاران


مُسافر هاليپوٽي سان پيار جو پيوَند گهڻو پراڻو آهي. جڏهن ’امرتا‘ رسالي کي ماهوار جاري ڪيو هيوسين ۽ پوءِ پنهنجي محبوب سنڌڙيءَ جا تَرَ، بَر ۽ لَڪَ لتاڙيا هئاسين ۽ اهڙي سفر جي تِن مسافرين ۾ مُسافر هاليپوٽي وٽ به سندس ڳوٺڙي ۾ ٻه گهڙيون ٿَڪُ ڀڳو هيوسين ۽ سندس گهر جي ٿڌي گهڙَي جي پاڻيءَ جا ڪي ڍُڪَ اندر ۾ اوتيا هئاسين ته اُنهن سان گڏ مُسافر جي محبت به اندر ۾ لهي آئي هئي ۽ ’امرتا‘ جي ڪري مختلف دوستن سان دوستيءَ جو جيڪو هارُ پوئجڻ لڳو هو، تنهن ۾ هڪڙو گُل مُسافر به هيو. محبتن جو اهو رِشتو اڄ تائين جُڙيل آهي.
تازو نومبر 2019ع ۾ پهرين پياري دوست ۽ سُهڻي سيبتي شاعر نسيم بلوچ ۽ پوءِ مُسافر هاليپوٽي رابطو ڪيو ۽ هِن ڪتاب ’مُسافر وفائون‘ جو ذڪر ڪيو ۽ ان کي ’امرتا پبليڪيشنس‘ جي بينر هيٺ ڇپائڻ جي ڳالهه ڪئي ته مون ٻنهي سان بنا دير ۽ ڪنهن هَٻڪَ جي هڪدم حامي ڀري ورتي ۽ ائين مُسافر جي هن ڪتاب تي ڪم شروع ڪيوسين.
مُسافر هاليپوٽي جي شاعري هونئن ڇڙوڇڙ ’امرتا‘ سميت مختلف رسالن وغيره ۾ ۽ کانئس روبرو به ٻُڌل هئي، پر هيئن ڳُٽڪي جي صورت ۾ ڪنهن به شاعر کي پڙهڻ جو لُطف ئي جدا هوندو آهي، پوءِ ڀل اُهو شاعر ننڍو هجي يا وڏو ۽ ناميارو هجي يا بي نام... اهڙي ريت مون جڏهن مُسافر جو تخيُل هن ڪتاب ۾ پڙهيو ته هُو مون کي هڪڙو سنڌ پرست، محبت پرست ۽ وطن دوست شاعر محسوس ٿيو ۽ هُن جي خيالن ۾ بلڪل هُن جي طبيعت جهڙي ئي معصوميت، سادگي ۽ نماڻائي نظر آئي، جيڪا هي ڪتاب پڙهندڙ هر ماڻهوءَ کي پنهنجي پنهنجي اک سان نظر ايندي ۽ منهنجي دعويٰ آهي ته ائين ٿي نٿو سگهي ته ڪو ماڻهو مُسافر هاليپوٽي جو هي ڪتاب پڙهي ۽ سندس سادگي، معصوميت ۽ نماڻائي کيس ڀاڪُرن ۾ نه ڀري.
مُسافر هاليپوٽو، پنهنجي هر شعر ۾ شعور جي راهه جو پانڌيئڙو نظر اچي ٿو ۽ وٽس وطن جو درد، محبوب جا ماڻا، لوڪَ جون محروميون، عورت جي مظلوميت، روايتي بيهوده رسمون ۽ انهن ۾ پيڙجندڙ وجودن جا لقاءَ، بُک، بيروزگاري سميت ڪو اهڙو دُک درد ڪونهي، جيڪو مُسافر جي شعر کان گُٿو هجي. اِها هڪ ذميوار ۽ سُجاڳ شاعر جي نشاني آهي.
مُسافر هاليپوٽي جي شاعريءَ جي اهم ڳالهه لاڙ پَٽَ جي حُسناڪ ٻوليءَ سان گڏ سندس سادي، عام فهم ۽ موجوده وقت جي مروِج ٻولي آهي، جيڪا عام پرائمري پڙهيل ۽ سادڙي ڳوٺاڻي کي به سوَلائيءَ سان سمجهه ۾ ايندڙ آهي. هُن هروڀرو ڪي ٺيٺ ادبي لفظ گهڻا استعمال ڪونهي ڪيا، بلڪِ هُن شعوري طرح ڪوشش ڪري پنهنجي شاعريءَ کي عام اصطلاحن، تشبيهن ۽ سادڙن لفظن ۾ پويو آهي، جنهن ڪري سندس پويل هِن هارَ يعني ’مُسافر وفائون‘ جي خوشبوءِ سان هر طبقي ۽ مڪتبِ فڪر جو ماڻهو واسجي سگهي ٿو. مُسافر هاليپوٽي جي سُخن ۽ صحت و سلامتيءَ لاءِ فقير دعاڳو آهي.
’امرتا پبليڪيشنس‘ پاران هيءُ ڪتاب پڙهندڙن آڏو پيش ڪندي، ’امرتا ڇاپ گهر حيدرآباد‘ سَرهائي محسوس ڪري رهيو آهي ته اسان ٿورڙي عرصي دوران هِن سُهڻي ڪتاب سميت ادب دوستن لاءِ ڪيترائي معياري ۽ مختلف موضوعاتي ڪتاب پيش ڪرڻ ۾ اڳڀرا آهيون. اوهان جي دعائن لاءِ سدائين اوسيئڙي ۾ آهيون ۽ توهان لاءِ دعاڳو آهيون. ڌڻي توهان کي آباد سلامت رکي - آمين

نياز مند:
فقير محمد ڍول

مُهاڳ : شاعريءَ جي ميدان جو مسافر..!!

مُهاڳ : شاعريءَ جي ميدان جو مسافر..!!


زندگي پنهنجي اصل منزل ڏانهن مسافريءَ جو ٻيو نالو آهي، اهڙو سفر جنهن جي منزل آخرڪار اتي ئي آهي جتي جيڪو ويو اتان نه موٽيو نه ئي وري خبر آندائين، ڀٽائي سرڪار چواڻي ’نڪو خبر نه خواب نڪو اوٺي آئيو‘ جي فلسفي تي هلندي ئي گذري ٿي. خواب به هڪ مسافري آهي دماغ جي جيڪا منٽن ۾ ڪوهين ڏور هلي ويندي آهي ۽ ان جو انت اک کلڻ سان ئي ٿيندو آهي. اهڙي ئي مسافري محبتن جي به آهي، جي اها محبت نالي ڪا شئي نه هجي ها ته نڪو هي جهان هجي ها نه ئي هن کي پنهنجو پاڻ هجڻ جو موقعو ملي ها نه ئي ان جي جستجو ۾ گهڻن کي ريگزار رلڻا پون ها. ها، اها محبت ئي آهي جنهن پنهنجا جوهر آڙاهه ۾ به ڏيکاريا ته نيل نديءَ ۾ رستا پار ڪندي به پورا ڪيا، ته وري محبت سخت پٿريلي زمين ۽ تپندڙ رڃ ۾ به پهتي ۽ سرخرو ٿي.
اها محبت ئي آهي جنهن ڀنڀوران سفر شروع ڪيو، اها ئي محبت آهي جنهن مهراڻ جي بدمست ڇولين سان مهاڏو اٽڪايو ۽ اها به محبت جي انتها آهي جو ڇُلندڙ سمنڊ ڪناري تي ويهي، اکين سامهون ٻيڙائتن کي ويندي ڏسي به انهن جي ورڻ جي انتظار ۾ تڙَ تي ونجَهه جيئن خاموش زندگي گذاري گذاري، ڏياري اچڻ کان ٿورو اڳ ئي پنهنجي سفر جي انتها تي پهچي چوي ٿي، ’ماءِ سامونڊي آئيا.‘
اها به ته محبت آهي جنهن ڪينجهر جي داستان کي امر بڻايو، ها محبت جي مسافري به عجيب آهي، عجيب به اهڙي تهڙي..! اها به ته محبت آهي جنهن ۾ کاري جا کيڙائُو، موکيءَ جي ميخاني تي پهچي چون ٿا ته، ’پروڪو ئي پِيار، هاڻوڪي ۾ حال ڪونهي ڪو.‘ اها به ته محبت جي مسافري آهي جو پنهنجي پاڻ جي ڳولا ۾ ڪيترو اڳتي نڪري صرف ايترو چوي ٿو، ’مون کي ته منهنجي ڳولا آهي اوهان ڪنهن کي ٿا ڳوليو.‘
قلم به هڪ مسافر آهي ان جي مسافت، ڪاغذ جي اڻ کٽ ميدان تي الائي ڪٿان ڪٿان ٿيندِي ٿيندِي ۽ هلندي رهي ٿي. قلم جي اڻ کٽ سفر ۾ جي شاعريءَ جي سونهن ديويءَ جو عشق ٿيو وڃي ته محبتن جون مسافتون، ماتليءَ کان ٿيندي ڪتاب پنن تائين پهچن ٿيون ۽ پنهنجو پورو جوڀن پنهنجو پورو جلوو ڏيکارين ٿيون، جنهن ۾ سرجيندڙ جي پنهنجي ئي زندگيءَ جا اولڙا ائين ٿا ڀاسن ڄڻ ته هي سڀني جو درد ساڳيو آهي، ها هونئن به ته درد جو ذائقو دنيا ۾ هڪجهڙو ئي ته آهي. سندس هي شعر ته ڏسو:
اميدن جي پُٺارڪ ۾ ، ٽُٽل ڪي خواب ئي آهن،
اوهان جي نينهن جا مون وٽ اهي تحفا بچيا آهن.
-
يزيدي دور ڏي ٿورو وڃو، ذهنن کي موٽائي!
اهي ساڳيا ستم آهن اُها دردن جي دلدل آ.
جڏهن اتر واءُ ۾ سندس جهوپڙي ڪکائين گھر جي وٿين مان سيرون سيرون ڪندي ايندڙ روشنيءَ سان گڏ ساهه سڪائيندڙ ۽ جان ڏڪائيندڙ سردي موڪلي ٿي ته ان وقت هن جي قلم مان جيڪي آڙاهه نڪرن ٿا سي سچ ته مچَ جو ڪم ڪن ٿا جنهن تي ويهي هُو ۽ هن جي ڏات ديوي هٿ سيڪين ٿا ۽ انهي تپش احساس توهان هنن سٽن مان حاصل ڪري سگهو ٿا، سندس ٻيو شعر ڏسو:
حنا جا رنگ زخمي هِن، ڳلن جا ڳوٺ ڳوڙهن ۾،
وفائن جون ڪجن ڪنهن کان پڇائون شهر تنهنجي ۾.
هر علائقو پنهنجي پنهنجي تاريخ ۽ تاريخ سان گڏ پنهنجو حسن رکي ٿو، اهڙي حسن کي صرف حساس دل ماڻهو ئي پرکي ڏسي سگهن ٿا ۽ دنيا جي آڏو پنهنجي شاعري وسيلي ئي پکيڙي سگھن ٿا سندس غزل جي هن بند کي توهان ڪهڙي نظر سان ٿا ڏسو اهو توهان تي ڇڏيل آهي:
متان ڀُلجي ڪڏهن ڪانئر کڻي ميري نظر هن ڏي،
سنڌي جوڌا جگر آهيون الئي ڪيئن سنڌ ٽوڙيندو.
تنهنجين ناپاڪ ڳالهين کي مسافر سمجهي ويا آهيون،
نه هر گز بي خبر آهيون الئه ڪيئن سنڌ ٽوڙيندو.
سرنهن جو ڦولارجڻ، سورج مکيءَ جا ڦُول، ڪڻڪ جا سنگَ ۽ محبت مان ڀريل آرس جهڙي اوت کي ڪير سوچي سمجهي سگهيو آهي، جي ڪنهن سمڌو آهي ته اهو ئي آهي هڪ حساس ذهن رکندڙ ڏات ڌڻي. سندس حساسيت جي چاشني هن شعر ۾ ڪيڏو نه شدَ مدَ سان اڀري بيٺي آهي ۽ پاڻ هجڻ جي ڳالهه ڪري ٿي:
عشق اڻموٽ ۾ دل وڍي آ مگر،
بادشاهي حُسن جي سلامت رهي.
هُو سلامتيءَ جو نوڪر عبدالسلام ئي آهي، جنهن کي جڏهن پنهنجي وجود جي ٽڪري جي ڌار ٿيڻ جو، قاتل ذائقي واري جدائيءَ جو پاڻي ملي ٿو ته هن جي ڏات ديوي اڃان وڌيڪ نروار ٿئي ٿي ۽ هن جي آهُن ۽ دانهُن جي اثر کي وڌيڪ اثرائتو ڪري ٿي. سندس جدائيءَ ۾ لکيل هن بند کي ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪندئو:
ضبط جا هي بند اڏجن ڪيترا،
ڪربلا ئي ڪربلا آ زندگي.
درد ڌرتي فڪر فاقه روح رت!
روز هڪڙي ٻي سزا آ زندگي.
-
يار افضل تون ته هليو دور وئين،
مات منهنجي تو سوا آ زندگي.
هُو صرف ماتليءَ کان ماتليءَ تائين يا سندس ذات ڀائين تائين جو ڪو اولڙو نه آهي، هن جي اک ته انتهائي پري تائين نه صرف ڏسي سگهي ٿي بلڪه انتهائي چِٽو ڏسي سگهي ٿي، هن جو قلم انهي ڏٺل عڪس کي ڪيئن شعر جي گرفت ۾ آڻي ٿو ان جو مزو توهان به وٺو:
سٽ نارائڻ تنهنجي ٿيندي!
پوري سي پرڪار ڏسون ٿا.
هُو باخبر قلمڪار آهي، جڏهن قلمڪار باخبر هوندو ته سمجهو هن جيڪا راهه ورتي آهي اها ٺلهي مسافري ڪونهي نه ئي اجايو ڪو ڪيل پنڌ آهي. هو پوپٽ جي درد کي به سمجھي ٿو ته ديش دروهين طرفان لڳل راتاهَن جي تاريخ کان به واقف آهي، هو ڪرشن رنگ ساٿي جڏهن پڙهي ٿو ته لڳي ٿو هن جي اندر جا الاءُ اسپيڪرمان ٿيندا ڪچهريءَ کي گرمائين ٿا. هُو سدائين محبتن جو مسافر رهيو آهي. هن جي اک ڪنڊ تان ڳوڙهو سڪڻ جو نالو نٿو وٺي. ڀٽائيءَ جي سٽ، ’پِٽَڻ واريون پڌريون.‘ جو جيئرو جاڳندو روپ آهي. سندس شاعري جتي نون لکندڙن کي نوان دڳ ڏيکاري ٿي، اتي هن جا غزل ان ڀٽڪيل ٻيڙيءَ لاءِ لائٽ هائوس جو ڪم ڪن ٿا جنهن جي روشني جي آڌار، طوفانن ۾ اٽڪيل ٻيڙا پنهنجي منزل تي مسافرن سميت ڪناري لڳن ٿا. سندس هي سٽون ته انهن جي جيئري جاڳندي تصوير لڳن ٿيون:
اوهين تاريخ ورجائي مون کي منصور جيئن ماريو،
مسافر ڇو سچائي جا اکر تو هي چيا آهن.
هُو زندگيءَ جي اوکين گهڙين ۾ به پهاڙ جيان اڏول رهيو آهي ۽ رهندو باقي سور جون سٽون ته جبلن مان لاوا ٿي نڪرندي به ڏٺيون ويون آهن، انهن جبلن جهڙو سخت سينو به چيريو آهي. هي مسافر ته ڪيڏو نفيس ۽ نازڪ مزاج آهي پوءِ به ته مهاڏو اٽڪائي ٿو. سندس ڪيل پورهيو توهان جي هٿن تائين پهچندي ۽ اوهان جي خيالن جي ڪسوٽي تي پرکجندي اڃان وڌيڪ نکري پوندو. البته ڪٿي ڪٿي ائين به ڀاسي ٿو ته هن تڪڙ ڪئي آهي، زمين جي چونڊ جي يا ڪنهن فصل پوکڻ جي. غزل، جنهن زمين مان ڦٽي ٿو ان کي تڪڙ ڪلراٺو ڪري ٿي. هڪ اڌ دڙي اگر پوري سئو ايڪڙ ۾ ڪلراٺي آهي ته اتي به سونف پوکي سگهجن ٿا.
آئون ته صرف ايترو ئي چوندس ته مون محبتن مان ’مسافر وفائون‘ کي جيئن پنهنجي اک سان ڏٺو آهي جيتوڻيڪ منهنجي نظر ايتري تيز نه آهي پر مونکي انهي پوري ڪتاب ۾ واضح ٿيل عڪس، اولڙا، وڙهندڙ ڪردار ئي نظر آيا آهن. وفائون جڏهن مسافريءَ تي نڪرنديون آهن يا هونديون آهن ته اتي ’مسافر وفائون‘ جهڙا ڪتاب ئي تخليق ٿيندا آهن ۽ ان کي پڙهندڙ به توهان جهڙا تيز نظر ۽ سچ کي پرکيندڙ ملندا آهن. مون ته بس پنهنجي وت ۽ وس جي ڳالهه ڪئي آهي.

نسيم بلوچ

مُحبتن جا ڪجهه اکرَ

مُحبتن جا ڪجهه اکرَ

شاعريءَ سان محبت ڪندڙ مسافر


شاعري اندر جي اُڌمن جو اهو اظهار آهي جيڪو حساسيت جي حسناڪين منجهان فڪر پنڌ ڪندو، اندر جو عڪس ڏيکاريندو آهي ۽ اهڙو اظهار ذات سان خود شناسائي، آگاهي ۽ ادراڪ جا انيڪ در پڻ کولي ويندو آ. شاعراڻا احساس روح کي رمز جا اهڙا رنگ ارپي ويندا آهن، جن جي بدولت سوچ تفڪر جو اهڙو ته اهم احساس جنم وٺندو آهي جنهن سان اظهار جي انداز کي وجد جي سرمستي عطا ٿي پوندي آ. يقينن اهڙو الهامي انداز صرف سُچيت شاعرن کي نصيب ٿيندو آ.
سچ پڇو ته جذبن کي شاعراڻو شعور ڏيئي لفظن جي روح پرور رنگ کي ڪاغذ جي ڪئنواس تي لاهڻ، هڪ اهڙو من موهڻو عمل آهي جنهن سان روح جون بي قرار رولاڪيون پُرسڪون منزل تي رسي وينديون آهن ڇو ته زندگيءَ جي بي رحم حقيقت جو پنڌ جڏهن پير پٿون ڪرڻ لڳندو آ تڏهن لکڻ، پڙهڻ جو اهو عمل ذات جي ادراڪ کي خوبصورت خوابن جي تعبير جا خوشنما رنگ ڏيئي، انهيءَ سفر جي زخم زخم پيرن تي پُر عزم پَھو رکي وڃڻ جو هنر پڻ ڄاڻي وٺندو آ ۽ مسافر هاليپوٽو اهڙي هنر کان بخوبي واقفيت رکندڙ سنڌ جي اهڙن ٿورن شاعرن منجهان هڪ آهي جيڪي شاعريءَ کي محض شوق جي شعور منجهان ئي نه پر عشق جي اتساهه منجهان به تخليق ڪندا آهن.
مسافر هاليپوٽي جو غزل نئين نسل جي انهن ٿورن نمائده غزل گو شاعرن ۾ ڪري سگهجي ٿو، جن جي غزل ۾ جمالياتي سونهن سان گڏوگڏ مطالعاتي ذوق ۾ رچندڙ رمز جا رومانوي رنگ ۽ دور عصر جي حقيقت جون هولناڪ حڪايتون، لفظن منجهان بي باڪ انداز ۾ جھاتيون پائيندي نظر اينديون آهن. هو سوچ جا سرڪش ساگر وهائيندي چوي ٿو:
اسان جي يار ذهنن تي، سراسر سوڳ طاري آ،
وتئون کلندا بظاهر ٿا، اندر ۾ اشڪباري آ.
بڻيون بنجر صفا آهن، زمينون يار ذهنن جون
ڦٽن ٿا داغ جا ٿوهر، وصل جي واٽ واري آ.
اسان جي عشق جا سجدا، اجايا ڪون وڃڻا هن،
محبت سنڌ سان پنهنجي، صدين کان يار جاري آ.
رکي سر ساهه جي بازي، سدا ناتا نڀايا مون،
اڃا ڀي ٿو چوين ساجن، ’مسافر‘ ئي مياري آ.
مسافر جي غزل جو بي ساخته انداز هُن کي پنهنجي هم عصرن کان ممتاز ڪري ٿو. هن جي لفظن جي رواني بغير ڪنهن رڪاوٽ جي بندَ بندَ جي بامفهوم معنى بيان ڪرڻ جو ڏانءُ ڄاڻي ٿي. هو هڪ غزل ۾ عاجز ٿي عرض ڪري ٿو:
اسان جي يار خوابن کي ملي تعبير ڪاٿي آ ،
امرتا مان به ماڻيا ڪا اهڙي تقدير ڪاٿي آ ،
اوهان جو ڏوھ ناهي ڪو اسان جو ڀاڳ اهڙو آ ،
ڀلا تقدير جي آڏو هلي تدبير ڪاٿي آ ،
تقدير جيڪا ازل کان انسان پنهنجي هٿ جي لڪيرن ۾ لکرايو آيو آ ۽ تدبير جيڪا هميشه حاصلات جي هَٺَ سان الجهندي رهي آ. مسافر مٿئين شعر ۾ ڪيڏي نه سادگي ۽ پرڪاريءَ سان تقدير ۽ تدبير جي متضاد معنى کي لفظن جو لبادو پارايو آ.
هن ڪتاب ۾ شامل هڪ ننڍي بحر جي خوبصورت غزل ۾ اندر جي اڌمن کي هيئن به اظهاريو اٿائين:
رڳو سکڻن دلاسن ۾
عمر گذري حجابن ۾
صفا الجهي پيو آهيان
سوالن جي جوابن ۾
اسان کي ماتِ آئي آ
حياتيءَ جي حسابن ۾
ويا ارمان رهجي سڀ
غزل بڻجي ڪتابن ۾
اُهي منظر ڪٿي آهن؟
پڙهيم جيڪي نصابن ۾
ڏنو ساقي گَڏي مون کي
زهر ڇا لئه شرابن ۾
مسافر هاليپوٽي جنهن ثابت قدميءَ سان غزل جي زمين تي پنهنجي تخليق جا گل پوکي رهيو آ، يقينن هو پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي آبياريءَ سان ان پوک جي پنڌ ۾ مڃتا جي منزل جو اهو مٺو ميوو ضرور پائيندو جنهن جي هر شاعر تمنا ڪندو آهي.
حقيقت اها آهي ته شاعر پنهنجي ڏکن کي اظهار جي طاقت ۾ تبديل ڪري، پنهنجي لفظن کي لازوال سونهن بخشي ويندا آهن ۽ پوءِ اهڙا ئي امر لفظَ پڙهندڙن جي جيءَ ۾ جايون ڪري وٺندا آهن. مسافر جو غزل پڙهن واري جي دل ۾ جاءِ گهڙي وٺڻ جو هر هنر ڄاڻي ٿو. هن جي غزل ۾ تفڪر جي تنوار سان گڏو گڏ، حُجتي لفظن جو جڙاءُ موقع مهل جي مناسب سان درست تشبيھن ۽ دل آويز استعارن سميت مثبت انداز۾ منظر ڪشي ڪندي ملي ٿو. هو هڪ هنڌ پنهنجي لفظن جو جمال هيئن وکيري ٿو:

سدا دل صحن ۾ رهيا پيار آهن،
چرين چاهتن ڏي اڙيل ٻار آهن.
مريو يار ماڻهو مسافر وڃن ٿا،
مگر ڪونه مرندا ڪي ڪردار آهن.
هڪ ٻئي هنڌ هُو پنهنجي لفظن جي ذريعي حُجت هينئن به ڪري ٿو:
سزائون ڀلي ڏيو سزاوار آهيان،
ڪيا ڏوهه مون هن وفادار آهيان.
وطن جي مٽيءَ کي چيو ماءُ مون آ،
امڙ تو مٿان گهور سئو بار آهيان.
مسافر جو غزل هن دور جو اثرائتو اظهار آهي، پر هن کي پنهنجي غزل کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن کي مخصوص موضوعن سان گڏو گڏ تصوف، مزاحمت ۽ قومپرستيءَ تي قلم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن کي غزل کان سواءِ ٻين صنفن تي پڻ طبع آزمائي ڪرڻ گھرجي. مسافر جا غزل گھڻو تڻو مجازي محبت تي چيل آهن. هن کي اڃان ٻين موضوعن تي به طبع آزمائي ڪرڻ جي صلاح ڏجي ٿي.
هونئن ته عشق مجازي اهڙو سفر آهي جيڪو عشق حقيقيءَ ڏانهن پنڌ ڪرائيندو آهي. مسافر پنهنجي زندگي ۾ تمام گھڻا ڏک ڏٺا جيڪي هن جي تخليق منجهان نروار نظر اچن ٿا، پر اولاد جي وڇڙي وڃڻ جو ڏک يقينن سڀني ڏکن تي ڀاري نظر ايندو آ ۽ يقينن اهڙو ڏک اندر ۾ سوز گداز ڀرڻ سان گڏو گڏ صبر کي ساٿي بڻائي ويندو آ، اهڙا ڏک بردباريءَ سيکارڻ سان گڏوگڏ دل کي درويش به بڻائي ويندا آهن. مسافر ڏک جي ان انتهائي مقام کي شاعراڻي ڪيفيت سان هيئن بيان ڪري ٿو:

تنهنجا منهنجا سڏڪا ساڳيا،
سورن جهڙا سپنا ساڳيا.
لڙڪن پاڻي ساڳيو آهي،
ڳلڙن تي هن رستا ساڳيا.
ڏات به ڏائڻ ڏنگ هڻي ٿي،
جهيرون جهيرون جذبا ساڳيا.

تو مان تنهنجي جان ڪڍي ويو،
آهه ڇڏي ويو هڏڙا ساڳيا.
يار اسير به افضل ساڳيو،
سڄڻن ڀوڳيا صدما ساڳيا.
هاڻي آهن يار اسان وٽ،
يادون خالي هٿڙا ساڳيا.
هار ’مسافر‘ آثم جي ٿي،
جڳ ۾ آهيون جيئرا ساڳيا.
مسافر جو غزل زندگيءَ جي انهن تلخ و شيرين ڪيفيتن جو غماز آهي، جنهن جي زير اثر ماڻهوءَ جي زندگي ڪڏهن سکن جي سيج سمان ٿي پوندي آ ۽ ڪڏهن ڏکن جي ڏوجھرن ۾ ڦاسي پوندي آ. هو اهڙن وارتائن جو اظهار هن ريت به ڪري ٿو:
ڀڄي ڀروسا ٿي پيا ڀور آهن،
ڏٺا دل ڏکن جا وڏا دور آهن.
ڪٿان هاڻي انصاف ملندو نه يارو،
چڱا مڙس چونڊيا ويا چور آهن.
ڪربلا جي واقعي کي ساري مسافر جو غزل هن طرح ماتمي ويس اوڍي ٿو:
ڪيان ڇو ڏيک جا ماتم، اندر سارو ته ڪربل آ،
اهو منظر سڄو سارو اکين آڏو ته هر پل آ.
ڪري ڪهڙا ڪري ماتم مسافر کي ٻڌائي ڪو،
لڳي ٿس باهه سيني ۾ پيو روئيندو هو پل پل آ.
مسافر هاليپوٽو جو پهريون مجموعو ’مسافر وفائون‘ يقينن باشعور پڙهندڙن جي ذوق جي تسڪين ڪندو. نيڪ خواهشات سان گڏ ’پنهنجي غزل‘ جا ڪجهه شعر هُن جي نالي ڪندس:

وِکَ وِکَ خدشا اٽڪيا هاڻي!
ٿڪجي جذبا ڀٽڪيا هاڻي!
جيون جو ڇا حاصل آهي؟
درد اکين مان مرڪيا هاڻي!
پيار گهٽي ڪا بند گَلِي هئي،
دل جا صدما سهڪيا هاڻي!
دشمن ڏي پيا هٿ وڌايون،
دوست سمورا پرکيا هاڻي!
مرڪون مستيون سڀ مرجهايون،
بي ڪَل جذبا سڏڪيا هاڻي!

سيما عباسي
ڪراچي
10 مارچ 2019ع

مسافر سان منهنجا روحاني رشتا

مسافر سان منهنجا روحاني رشتا


محبتن جي هن مسافر سان منهنجا روحاني رشتا تمام گھڻا گھاٽا ۽ ازلي آهن. اُهي ناتا ان قدر گَھرا آهن جو اسان نه صرف ڏک سک هڪ ٻئي سان بي حجاب ٿي ونڊيندا آهيون،پر هر غميءَ خوشيءَ ۾ هڪ ٻئي سان ڀاڱي ڀائيوار آهيون.
غميءَ جي ڳالهه ايندي ئي اول اهو ذڪر ڪرڻ نهايت ضروري ٿو سمجهان، تازو منهنجي جاني ڀاءُ مسافر کي سندس جاني فرزند افضل جي ابدي وڇوڙي جيڪو گهاءُ ڏنو آهي، اُن کي مون به پنهنجي تن من ۾ اوتري گھرائيءَ سان محسوس ڪيو آهي ، منهنجو پيارو ڀائيٽو افضل نه صرف مسافر جي دنيا کي ويران ڪري ويو آهي پر اُهو يقين سان چوان ٿو ته سندس لاءِ منهنجي دل به ايتري ويران ۽ اداس آهي. شال رب پاڪ منهنجي جاني ڀاءُ مسافر کي پنهنجي پياري فرزند ۽ مون کي پنهنجي پياري ڀائيٽي افضل جي وڇوڙي جو غم سهڻ جي توفيق عطا فرمائي - آمين.
ڳالهيون ان جڙاءُ سان ڪجن اول ته هڪ شاعر جي حيثيت کان الڳ ٿي ڪري به منهنجا مسافر سان تمام ويجها ۽ اڻ ٽُٽ لاڳاپا آهن ۽ مسافر جي شخصيت مون کي منهنجي جاني ڀاءُ جيئان محبوب رهي آهي ۽ انشاءَ الله تاحيات رهندي !!
ان کان علاوه مسافر سان منهنجو جيڪو ٻيو ويجھڙو ۽ پختو روحاني رشتو آهي اُهو اِهو ته اسين ٻئي هڪ ٻئي جا همعصر شاعر آهيون اها خبر نه آهي ته مسافر جو اثر مون ۾ آهي يا منهنجو اثر مسافر ۾، پر جيتري قدر اسان جي پاڻ ۾ ويجهڙائپ آهي ته ان ۾ فرق صرف ايترو آهي جو مسافر جو اندازِ بيان پنهنجو آهي ۽ منهنجو پنهنجو آهي. مجاز ۾ مسافر وٽ پنهنجي محبوب جو عڪس ۽ ساڻس مخاطب ٿيڻ جو انداز ۽ لهجو پنهنجو آهي ۽ مون وٽ منهنجي محبوب جو عڪس ۽ مخاطب ٿيڻ جو انداز پنهنجو آهي. باقي سنڌ امڙ لاءِ اسان ٻنهي جي سوچ لوچ ۽ منزل هڪڙي آهي اهو شايد اسان جي روحاني رشتي جي گھرائي جو ئي ڪارڻ آهي جو اسان جا خيال به هڪ ٻئي سان ايتري ويجهڙائپ رکن ٿا.
مسافر جو وفائون واقعي به مسافر رهيون آهن. مسافر پنهنجي ذات جي خول ۾ ڪڏهن به نه آهي رهيو، مون هن کي هميشه مون ۾ سمايل محسوس ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح هن کي ٻين ۾ به سمايل ڏٺو اٿم. مسافر سچاين جو وسيع سفر طئي ڪندي اُتر کان لاڙ ۽ ڪاڇي کان ڪجلاسر، ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين جيڪي محبتن جا نقش سنڌ امڙ جي نقشي جيئان پنهنجي شاعريءَ ۾ چِٽيا آهن، انهن ۾ وفائن جا اهڙا ته اجرڪي پَورَ ڀريا اٿس، جيڪي سندس روحاني رنگ جيئان پڪا، پُختا، چِٽا ۽ ڪڏهن به نه مٽجندڙ آهن.
مسافر جي شاعري لاڙ جي ٽُڪ واري رليءَ جيان خوبصورت ۽ رنگين آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي انيڪ ٻرندڙ مسئلن تي سندس رُوحَ اُڇلون ڪنهن سامونڊي وير جيئان نظر اينديون آهن جيڪي سنڌ امڙ مٿان ٿيندڙ هر ڏاڍ جبر کي لوڙهي وڃڻ گُهرن ٿيون.
مسافر جون اکيون هميشه سنڌ امڙ جي مٿان امن جو سج اُڀرڻ جي اوسيئڙي ۾ رهيون آهن. مسافر پنهنجي لڙڪن سان سنڌ جي مٽيءَ کي آلو ڪري جيڪي اُميدون پوکيون آهن آئون يقيناً انهن جا سلا مورندي ڏسان پيو. اُهي ڏينهن دور نه آهن جو سندس شاعريءَ جو خواب پنهنجي فڪري ساڀيان ماڻيندو. آئون دعاڳو آهيان ته مسافر هميشه اهڙي دليري ۽ بي باڪي سان لکندو رهي - آمين.

تاج سنڌي

مُحبتن جا ڪجهه اکرَ سنڌي ادب جي تاريخي منزل جو مسافر

مُحبتن جا ڪجهه اکرَ سنڌي ادب جي تاريخي منزل جو مسافر


سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار مسافر هاليپوٽو 5 فيبروري 1978ع تي بدين ضلعي جي تعلقي ماتليءَ جي ڳوٺ ’حاجي راهُو هاليپوٽو‘ ۾ پيدا ٿيو، سندس اصل نالو عبدالسلام هاليپوٽو ۽ سندس والد جو نالو حاجي رمضان هاليپوٽو آهي، مسافر انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي ، 1989ع کان شاعريءَ جي سفر جو مسافر بڻيو، سندس پهريون غزل 1996ع ۾ عبرت اخبار ۾ ڇپيو، جنهن کانپوءِ سندس تخليق جا جوهرَ، هر سنڌي اخبار ۽ رسالي جي صفحن تي جرڪندا رهيا.
شاعريءَ جي مختلف صنفن جهڙوڪ غزل، وائي، ڪافي، بيت ۽ ٽيڙو سان گڏ هن ڪهاڻي ۽ مضمون جي صنف تي پڻ بهترين قسم جي طبع آزمائي ڪئي، هن وقت تائين شاعري ، ڪهاڻين ۽ مضمونن جي صنف تي مشتمل سندس تخليقي مواد جا لڳ ڀڳ چار مجموعا اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن، جيڪي ڇپائيءَ جو تاج پهرڻ لاءِ بيچين آهن، مسافر هاليپوٽو ’سانوڻ فقير ادبي تنظيم‘ جو صدر، ’مهراڻ ادبي سٿ‘ جو اڳوڻو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو. هن وقت ’ماس‘ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ماتليءَ جو جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهيو، کيس هالار ۽ سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۾ بهترين شاعر ۽ ڪهاڻيڪار طور ’ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن‘ پاران 2002ع ۾، مڃتا سرٽيفڪيٽ، ڀٽائي آرٽس سرڪل ضلعي بدين پاران 14 آڪٽوبر 2014ع تي بهترين شاعر جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
هن ازدواجي زندگيءَ جو سفر مائٽن جي منشا موجب شروع ڪيو، جنهن مان کيس ٻن معصوم گُلڙن جي خوشبوءَ پلئه پئي، جنهن ۾ هڪ پُٽ احمد علي ۽ هڪ نياڻي سونهن شامل آهن . سانوڻ فقير جي سرزمين جي مٽيءَ مان ڳوهيل هي شخص مونکي سنڌي ادب ۾ نڙ بيت جي صنف وانگر نظرانداز ٿيل تخيل جيان لڳندو آهي ، جنهن جي خيالن، سوچن ۽ جذبن کي ڪو سُندر سانچو نه ملي سگهيو آهي جيڪو هن هِيري کي دل جي سچائي سان تراشي، ادبي ذوق جي ڪنهن شوڪيس ۾ پذيرائيءَ جي خوشبوءَ سان معطر ڪري سجائي سگهي. پنهنجي مزاج ۾ هميشه سادگيءَ جي تسبيح سوريندڙ، سنڌي ادب جي جنت ۾ پنهنجو باغ جوڙڻ جي جاکوڙ ۾ هن مسافر تڪليفن ۽ مشڪلاتن جا بي انتها پٿر ڀور ڀور ڪري، پنهنجي سفر کي سڦل بنائڻ جي جستجو ۾، سج جي تپش کي اکيون ڏيکاريون آهن ته چنڊ جي چانڊاڻ کي به شرمايو آهي.
هي ادبي ذوق جي جنون واري جنگ ۾ رات جو پروانو ٿي جليو آهي ته فجر جي ماڪ ڦڙن جيان وسيو به آهي ته ٽاڪ منجهند جو پتنگن جيان پچيو به آهي ته شام لڙيءَ جي پاڇن کي ٿڪايو به اٿس. ڪهاڻيءَ جي کيتر کان وٺي شاعريءَ جي مجلسن تائين هن ادبي ميدان ۾ بنا ڪنهن مايوسيءَ جي همت ۽ حوصلي سان ڪم ڪيو آهي. هن قلم جي نوڪ کان تلوار جو ڪم وٺندي، فرضن جي ادائيگيءَ جا سمورا سجدا پنهنجي پوري سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان ادا ڪيا آهن. سماج جي طبقاتي اڻ برابريءَ کي هن لفظن جا تير به هنيا آهن ته ڌرتيءَ ڌڻين جي مسئلن تي هن پنهنجي سوچن ۽ جذبن کان پٿر وسائڻ جو ڪم به سوچي سمجهي ورتو آهي، هي جنهن به ادبي مورچي تي بيٺو آهي، اتي هن ڪروڌ جي هر طوفان آڏو مستقل مزاجيءَ جون ميڻ بتيون جلائي رکيون آهن. مفلسيءَ جي نانگ کيس ڪکڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون آهن پر هو گوڏن ڀر گسڪي به پنهنجي ذوق ۽ شوق جي پنهون تائين ضرور پهتو آهي. ان ويڙهه ۾ پير پٿونءَ ڪرڻ باوجود به هن پنهنجي ڪردار کي هر لمحي داغدار ٿيڻ کان بچائي رکيو آهي. هي سنڌي ادب جي تاريخي منزل جو مسافر نوريءَ جي حُسن جهڙي ڏات جو تماچي آهي، هي سير ۾ ٻڏل سُهڻي جو دِلو به آهي، هي مارئي جي مُلڪ جي اڻ مِٽ محبت جو سفير آهي، هي مومل جو ماڻو به آهي ته سنڌي ادب جي ليليٰ جو مجنون به آهي، مسافر هاليپوٽو سنڌي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جو عاشق، دراوڙي تهذيب جي روايتن جو امين به آهي، جنهن جي محبت جو محور صرف ۽ صرف سنڌ آهي. ان سنڌ جا ماروئڙا ئي سندس حقيقي محبوب آهن، شال سندس ايمان سان گڏوگڏ سندس عشق به سدائين سلامت رهي، سندس تخليق جي چنڊ کي ڪڏهن به ڪا گرهڻ نه لڳي، هميشه بهارون سندس وجود کي ڇُهنديون ۽ چُمنديون رهن.

اعظم ڀٽي

شاعر پاران

شاعر پاران

مان جو ئي آهيان، سو ئي آهيان


مون ادنى خادم جو پهريون ادبي پورهيو ’مسافر وفائون‘ جي روپ ۾ اوهان تائين پهتو آهي. جنهن ۾ پنهنجي پاران ۾ پهريان ته ڪجهه تفصيل لکڻ جي ڪوشش هئي ته جئين انهن ’مسافر وفائن‘ جي سفر ۾ ڪيل پنڌن ۾ رتورت ٿيل جذبن ۽ احساسن جا ڪجهه نشان اوهان کي به پسائجن پر طبيعت جي ناسازگيءَ ۾ اهو ممڪن نه رهيو.
ماءُ پي کي نڀاڳو ٻار به مٺو هجي ٿو. ائين ئي هر تخليقڪار کي پنهنجي تخليق تمام ڀلي لڳندي آهي ان تخليق جو فيصلو صحيح معنى ۾ سٺا پڙهندڙ ئي ڪري سگھندا آهن. انڪري آئون به پنهنجو ڪچو ڦڪو ادبي پورهيو، توهان باشعور سڄڻن جي هٿن، اکين ۽ ذهنن تائين پهچائي، پنهنجي تخليق تي اوهان جي فيصلن ۽ راين جو منتظر ٿو رهان.
پنهنجي باري ۾ بس ايترو ئي لکندس ته آئون نج ٻهراڙيءَ جو سادڙو ماڻهو آهيان. منهنجي پوري خاندان جو علم ۽ادب سان ڪو به رشتو نه آهي. پنهنجي پوري خاندان ۾ گهڻو پڙهيل آئون ئي آهيان، سو به انٽر جي هڪڙي سبجيڪٽ ۾ فيل آهيان. وڏي بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي رڪارڊ ۾ 1921ع جا رجسٽر پيل ڏٺا هئم، پر هي سٽون لکجڻ تائين سوا سئو گهرن تي مشتمل ڳوٺ مان رڳو هڪڙو ماڻهو پوليس جو سپاهي بڻجي سگهيو آهي.
هن ترقي يافته ۽ روشن دور جا اسان اهي ترقي پسند جاهل آهيون جيڪي اڄ به سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي غلاميءَ جا طوق پنهنجي ڳچين ۾ وجهي فخر محسوس ٿا ڪريون. اسان جو ڳوٺ اڄ به مڪمل اونداهين ۾ ٻڏل آهي.جياپي جي هر بنيادي سهولت کان محروم منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو اڄ به جنن ڀوتن جي چڪرن ۾ ڦاسي سيدن ۽ پيرن فقيرن جي تعويذن ۽ چٺين ۾ زندگي گذارين ٿا. بس ڪوڙين انائن ۽ منافقين جي پاسداري ڪندي، منهنجا پنهنجا وڏو فخر محسوس ڪندا آهن.
منهنجو شاعر ٿيڻ هتي ماڻهن کي بلڪل به پسند ناهي. آئون انهن جي نظر ۾ صفا واندو، بيڪار ۽ فضول ماڻهو آهيان. اهڙي ماحول ۾ رهندڙ ’عبدالسلام هاليپوٽو‘ اڄ ’مسافر هاليپوٽو‘ بڻجي، انهن آڏو بيٺل آهي. اهو سڄو ڪٺن سفر ڪيڏو نه ڏکوئيندڙ ۽ ايذائيندڙ گذريو هوندو، اهو اوهان منهنجي شاعري پڙهي، تصورن ۾ سوچي ڏسجو.
مون ڏات جي ڏيهه ۾ 1989ع کان پيرڙا کنيا. نه ڪو ٻُڌڻ وارو هو نه ڪو سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وارو هو. اندر جون اذيتون ۽ من جي ولوڙ هئي، جيڪا قلم جي نوڪ سان چنبڙي، ڪاپين جا پنا ڪارا ڪرائيندي رهي هئي. 1996ع ۾ پنهنجو پهريون غزل ’عبرت‘ اخبار جي ’ادبي صفحي‘ ۾ ڇپيو هو، اُهو ئي غزل منهنجي پهرين تخليق هو. سمجهو ته اها تخليق منهنجي تحت الشعور جو معجزو هئي، ڇو ته ان غزل ۾ سنڌوءَ جي ڪنارن تي مليل محبوبا جي جدائيءَ جا عڪس چِٽيل هئا ۽ ان تخليق سرجڻ تائين آئون صرف هڪ ڳوٺاڻو سادڙو موڳو ڇوڪرو هئس، جنهن سنڌوءَ جا ڪنارا ته ڇا پنهنجي آسپاس جا شهر به ڪونه ڏٺا هئا.
مون کي ننڍپڻ کان ئي ڪوڙ ۽ منافقين کان سخت نفرت هوندي هئي، پر جيئن وقت گذرندو ويو، شعور جوان ٿيندو ويو تيئن انا پرستيون، حسد، ساڙ ۽ تعصب ملندا رهيا، سماجي اڻ برابري ۽ تعصب پڻي اندر کي جنجهوڙي ۽ ولوڙي رکيو، اهو ئي سبب هو جو ڏات مون تي مينهن جي اوهيرن جيئان برسندي رهي. سو به بغير ڪنهن استاد جي اصلاح جي. بس ڏات ۽ ڏات هئي، ان ۾ منهنجي علم ۽ ڏانءُ جو ڪو به ڪمال نه هو. انهن ڏينهن ۾ منهنجي من ڀاونائن کي سمجھڻ وارا صرف ٽي ماڻهو هئا. هڪ بابا، ٻي امان ۽ ٽيون منهنجي ننڍپڻ جو دوست شاهد علي هاليپوٽو. رحمدل ۽ سٻاجهڙي طبيعت جو مالڪ شاهد هاليپوٽو، منهنجي ڳوٺ جي وڏيري جو وڏو پٽ آهي. پاڻ اڄ ڊاڪٽريءَ جهڙي معتبر پيشي سان واڳيل آهي مون کي سندس ڪيل سمورا وڙ ياد آهن. منهنجي زندگيءَ جي آخري دم تائين آئون سندس قرب جو قرضي رهندس.
مون شاعريءَ جي سفر جو مسافر ٿي سدائين سچائيءَ جا زهر پيتا آهن. سچ جي انهن زهرن کي پيئندي مئو نه کڻي آهيان پر مري وڃڻ جي ڏک کان به گھڻيون اذيتون ڀوڳي چڪو آهيان. هڪ آئل ڪمپنيءَ ۾ سيفٽي سپروائزر طور ڪم ڪندو هئس، سڄي ڪمپني ۾ نوَي ماڻهو ڪم ڪندا هئا، جن ۾ سنڌي صرف 13 ڄڻا هئاسين. هڪ هيلپر ڇوڪرو جنهن جو تعلق چانڊيا ذات سان هو، سو روزانو صبح جو دير سان پهچندو هو، جنهن ڪري روز ڪمپنيءَ جو جي ايم کيس چڱي خاصي جُٺ ڪندو هو، سو ڇوڪرو روز ٻانهون ٻڌي کيس چوندو هو ته، ”سائين پهرين گاڏي ۾ نڪرندو آهيان اها ئي هن ٽائم تي ٿي پهچائي.“ پوءِ به اهو جِ ايم ان جي مجبوريءَ کي سمجھڻ جي نه ڪندو هو ۽ هر روز سڄي سڄي اسٽاف جي اڳيان ان معصوم جي بيعزتي ڪرڻ ان جو معمول هيو. ائين ئي هڪ ڏينهن اسان کي ڪمپنيءَ جي ٽيم سان گڏ ٽنڊو محمد خان ورڪشاپ کان گولاڙچي احمد راڄو کان به اڳيان زيرو پوائنٽ تي وڃڻو هو، سو ان ڏينهن به اهو هيلپر ڇوڪرو اها ئي دير ڪري پهتو. ان تي جي ايم صاحب بي ادبيءَ جون حدون وڃي لتاڙيون هيون باقاعده ماءُ ۽ ڀيڻ تي گاريون ڏيڻ لڳو هو. ڏٺم ته ان مهل ان ڇوڪري جون اکيون ڀنل هيون ۽ چپن ۾ رڦڻي هئس، اهو منظر ڏسي مون کي ڄڻ باهه وڪوڙي وئي هئي. سوچيم ته اسان جا حق اسان جا وسيلا اسان پوءِ به ڪيئن نه يتيم ڇورڙن جيان ماڻهن جون گاريون سهي رهيا آهون. نيٺ اندر جي باهه ڀڙڪو ڏئي چپن تي اچي ويئي هئي، ”سر اسان ورڪر سڀ اوهان جا ٻچا آهيون، ان ڪري اوهان کي هن ورڪر سان ادب ۽ اخلاق سان ڳالهائڻ کپي.“
جنهن تي جي ايم صاحب بُکئي شينهن جيان گجگوڙ ڪري مون ڏانهن وريو ۽ مون کي ڪالر مان جهلي چيائين، ”مون کي خبر آهي ته اوهان ڪهڙي زبان سمجهندا آهيو. ان ڪري مون کي اها ٻولي ڳالهائڻي پئجي وئي.“
سندس اهڙا جملا مون تي وڄ بڻجي ڪريا هئا چيومانس، ”سر اوهان جو اهو لهجو انتهائي خطرناڪ آهي مهرباني ڪري ائين نه ڪيو.“
ان تي باهه مان ڳاڙهو پِيلو ٿي چيائين، ”پوءِ ڀلا اوهان ئي کڻي مون کي ڪجهه سيکاريو.“ ان تي مون خاموشي بهتر سمجهي پر هُو اڳتي وڌي آيو ۽ آڱر منهنجي ڄاڙيءَ کان ڏئي، اهو ئي جملو ورجائيندو رهيو ته، ”سمجهايو نه اوهان ڪجهه مون کي.“ آئون پوئتي هٽندو پئي ويس ته هُو شيطانيت سان مون کي هيسيندو هارائيندو، پوئتي ڌڪيندو ويو، پويان لوهه جو ڪنٽينر هو. آئون وڃي ان سان ٽڪرايس پر هن جي گندي زبانَ ۾ ساڳيا گندا لفظ تيرَ بڻي اندر ۾ لڳندا رهيا ۽ نيٺ منهنجي صبر جا بند ٽُٽي پيا، ڪڇ ۾ کنيل ٿلهو متارو فائل پاسي ۾ پيل اسٽول تي رکي، ٻه قدم پوئتي هٽي، پنهنجي پوري قوَت سان ٻه زوردار چماٽون جي ايم جي ڳاڙهن ڳلن تي وهائي ڪڍيم. جنهن سان اتي بيٺل سڄي ٽيم تي عجيب سڪتو طاري ٿي ويو ۽ مون پنهنجي ٽيم کي وين ۾ ويهڻ جو چيو. ساڳيو فائل ڪڇ ۾ ڪري وين ڏانهن وڌي ويس. خوف جو اهو عالم هو جو ٽنڊو محمد خان پوائنٽ تائين وين ۾ ڄڻ ماڻهو ئي ڪونه هو. ڇا ته حيرت جو مقام هو. شام پنجين بجي تائين ڊيوٽي ڪري واپس ٽندو محمد خان پهتاسون. آئون پنهنجي بائيڪ ڪاهي گهر روانو ٿي ويس. ٻئي ڏينهن جو صبح جو ڪال آئي، ”اسان اوهان کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي.“ اهڙي طرح آئون پنهنجو روزگار وڃائي بيروزگار ٿي ويهي رهيس، پر ان ڳالهه جو مون کي ڪو به پڇتاءُ ڪوبه ڏک ڪونه ٿيو هو، ڇو ته سچائيءَ جو ڪنڌ جهڪائي جيئڻ کان مرڻ سئو دفعا ڀلو سمجهندو آهيان، پر وڏو ارمان ان گهڙيءَ ٿيم جڏهن خبر پئي ته اهو هيلپر ڇوڪرو، ان ئي ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندو رهيو هو. پاڻ ان کي ترقي ڏئي ويلڊر جو هيلپر ڪيو ويو.
سچاين جا اهڙا ڪيترائي زهر ڪڏهن پنهنجن هٿان پيئڻ لاءِ مليا ته ڪڏهن پراون هٿان مليا پر مُرڪي پي ويس. اهڙن وقتن ۾ اها شاعري ئي هئي، جنهن مون کي جيئڻ جون آٿتون ڏنيون. مون زندگيءَ جي ڏکن ۽ اذيتن سان ايترو ته جهيڙو آهي، اڄ لکڻ ويٺو آهيان ڪجهه اهڙيون من ڀاونائون ذهن تي تري آيون آهن جن کي پنن جي بي جان ٽڪرن تي اتارڻ لاءِ لڙڪن جا درياءَ جهاڳڻا پوندا، ڪڏهن رشتن ۾ ويساهه گهاتين رت رئاڙيو، ڪڏهن ماڻهن جي منافقين ماريو، ڪڏهن دوستن جي روَين اندر ۾ آريون وڌيون، ڪڏهن غربت جي گهاڻي ۾ پاڻ کي پيڙهبو محسوس ڪيم، پوءِ به جيئڻ جون سڀ حسرتون جوان ئي رهيون اٿم. پنهنجي ازدواجي زندگي پنهنجي والدين جي خوشين سان سلهاڙي ڇڏيم. پنهنجي مامي جي ڌيءَ سان لانئون لڌم، جنهن مون ڀٽڪيل مسافر جي زندگي ۾ خوشين جا چنڊ اڀاري ڇڏيا. مون کي آلله رب العزت ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جي اولاد سان نوازيو. وڏو احمد علي، ان کان پوءِ ڌيءَ سونهن راڻي ۽ ان کان پوءِ منهنجي روح جو رانديڪڙو منهنجو پيارو افضل جاني.
هونئن ته زندگيءَ جا سڀ ڏک ’ڏنا جي ڏاتار سي جهولي پائي مون جهليا‘ جي آڌار اندر ۾ اوتيندو رهيس، پر جڏهن اوچتو افضل جانيءَ کي بخار ٿي پيو. صبح ۽ شام ڊاڪٽرن جا چڪر ڪٽيم، پر ڪٿان به ڪا شفا نه ملي نيٺ اوچتو صبح جو نوين وڳي ڌاري بي رحم بخار منهنجي افضل کي گهڻو تنگ ڪري وڌو ۽ کيس جهٽڪا اچڻ شروع ٿي ويا. آئون ۽ ڀاءُ محبت ان پل ئي افضل جانيءَ کي موٽر سائيڪل تي کڻي ڦلڪارا شهر طرف روانا ٿياسين، رستي جا کڏا کوٻا ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿي آيا. رستي ۾ ڀاءُ محبت جو گهٽيل سڏڪو ڪنن تائين پهتو ته، ”ادا گاڏي تيز هلاءِ...“
پهريون ڀيرو مون کي کرين نما ان رستي تي گاڏي وڏي اسپيڊ سان هلائي هئي ڦلڪارا پهتاسون، جتي ڊاڪٽرن ٽنڊو محمد خان وڃڻ لاءِ چيو. ميمڻ اسپتال ۾ منهنجي دوست ۽ ڳوٺائي ڊاڪٽر شاهد جي معرفت بهترين علاج ته ٿيو پر انهن حيدرآباد وڃڻ جو چيو.. بهرحال دوستو درد جو داستان به لکڻ کان گهڻو آهي.لکندي لکندي هانو ڇڄي رهيو اٿم. ٽنڊو محمد خان کان حيدرآباد پهتاسون. ملڪه ايلزبيٿ اسپتال ۾ ڊاڪٽر فاروق ميمڻ معرفت پهتاسون، انهي سڄي ڊڪ ڊوڙ ۾ ڊاڪٽر شاهد جا پل پل ڪيل ڀيرا سندس ڏنل آٿتون وساريان ايترو مسافر اڻاسي ناهي!!
سوين حيلا هلاياسين پر ڦڪين کي فرق جو امر نه هو سو نه ٿيو. ان دوران سوشل ميڊيا فيسبوڪ تي ڇڏيل پوسٽ پڙهي، هند سنڌ جي ڀائرن ۽ ڀينرن جون دعائون به ياد اٿم، حيدرآباد کان ڊاڪٽرن ڪراچي وڃڻ لاءِ چيو اها گهڙي اهو پل، ذهن جي اسڪرين تي اهڙو ته چٽجي ويو آهي جو هڪ پل به وساري نه پيو سگهان. بيهوشيءَ جي حالت ۾ جانيءَ جي کليل اکين ۾ جيڪي سوال هئا جيڪي ميارون هيون.. تن جا جواب آئون کيس ڏيئي نه سگھيس. ۽ ان معصوم کي ان مرض جي منهن مان ڪڍي نه سگھيس. سندس معصوم سوالن ۽ معصوم لڙڪن کي ساڻن گڏ وٺي اچڻ ۾ ناڪام ٿي ويس ۽ ڪراچي مان سڀ ڪجهه هارائي ڳوٺ پهتس.
يارهين محرم جو صبح هو، جو افضل مون کان منهن موڙي ان پار هليو ويو، جتان اڄ تائين ڪوبه واپس ناهي وريو ... مٿي لکيو اٿم ته، ’ڏنا جي ڏاتار سي جهوليءَ پائي مون جهليا.‘ جي آڌار ته گهڻو ڪجهه سهي ويس، پر جڏهن ’مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.‘ جو ڏک مليو ته ان مون کي صفا ٽوڙي مروڙي وڌو. جيءُ جُهري پيو اٿم سچ پچ ته ڪو اهڙو پل ناهي گذريو، جنهن ۾ افضل جون اکيون اکين سامهون ناهن آيون. مون سان ڏک ونڊڻ لاءِ ادب جي دنيا جا تمام گهڻا دوست مون وٽ پهتا هئا، پر جن سوشل ميڊيا ذريعي پنهنجي ذات جون ٻانهون روائي، مون کي آٿتن جا ڀاڪر وڌا، تن ڄڻ مون ناچيز کي رِيءَ ناڻي خريد ڪري ڇڏيو. تن ڏينهن ۾ منهنجي حالت صفا رحم جوڳي هئي، ڪافي دوست آيا مون کي ڳَلَي لائي آٿتون ڏنائون. پيارو دوست تاج سنڌي منهنجي حالت تي ڏاڍو فڪرمند ٿي پيو. نيٺ افضل جانيءَ جي ٽيجهي تي آيو ۽ منهنجي ڊائري گهريائين. پڇيومانس، ”ادا ڊائريءَ کي ڇا ٿو ڪرين؟“
چيائين، ”تنهنجو مواد ڪمپوز ٿا ڪيون، تنهنجو ڪتاب ٿا آڻيون.“
بس ائين ئي دوستن جي محبتن سان منهنجو پهريون ادبي پورهيو ڪتاب جي شڪل ۾ اچڻ جي منزل تي اچي پهتو. سڀ کان پهريان ٿورائتو آهيان ادا تاج سنڌيءَ جو، جنهن منهنجي وکريل وجود جي درد کي ايترو گَھِرائيءَ سان محسوس ڪيو ۽ درد جي صحرا ۾ ڀٽڪندڙ هڪ مسافر کي هڪ نئين ماڳ ڏانهن موڙيو ته جيئن آئون درد جي ڪڙاڻ کي آهستي آهستي پاڻ ۾ برداشت ڪيان. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڪتاب جو مسودو ڪمپوز ٿي پهرئين پروف لاءِ مون کي ڏنو ويو، جنهن بعد ڪتاب جو مسودو مهاڳ لاءِ سنڌ جي نامور شاعر ’مان، موکي ۽ مڪلي‘، ’خوابن جو لانگ مارچ‘ ۽ ’مرڪ مهانگي نه ٿئي‘ جهڙا انمول ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيندڙ محترم سائين نسيم بلوچ وٽ پهتو، جنهن جي محبتن جي ميٺاج، اندر ۾ اوتيل سمورن دردن جي ڪڙاڻ کي گهڻي حد تائين ماٺو ڪيو. بندو سندس بي مثال محبتن جو آخري دم تائين قرضدار رهندو.
اتان ئي ڪتاب جو مسودو سنڌي ادب جي آسمان تي روشن چنڊ جيان چمڪندڙ شاعره منهنجي پياري ڀيڻ سيما عباسيءَ وٽ پهتو، جنهن پڻ هن ناچيز جي ڪچي ڦڪي شاعريءَ تي پنهنجا قيمتي ويچار ونڊيا آهن. پياري دوست اعظم ڀٽيءَ هن ادنى ادبي خادم جو تعارف ڏاڍي سهڻي انداز سان لکي، مون تي پنهنجون نوازشون ڪيون آهن. انهن مڙني معزز انسانن جو آئون دل سان شڪر گذار آهيان، جن مون ناچيز تي ايڏا وڏا وڙ ڪيا آهن. سنڌ جي نامور شاعره ادي سيما عباسيءَ جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن مون سان ڪتاب جي ڇپائڻ ۾ مالي سهڪار پڻ ڪيو آهي. آخر ۾ بس اهو ئي چوندس ته خدا ڪري مون ناچيز جون هي سچايون تاريخ جي ورقن جو ڪرم ماڻين. ڪتاب پڙهي پنهنجي راءِ کان ضرور نوازجو.

آئون اهو ئي ساڳيو سچ جي اڙانگين راهن جو مسافر:
مُسافر هاليپوٽو
03462821758
ڳوٺ حاجي راهُو هاليپوٽو
ماتلي
24.4.2019











نعتيہ غزل

---

معاف ڪر مولا خطائون، مصطفيٰﷺ جي واسطي،

معاف ڪر مولا خطائون، مصطفيٰﷺ جي واسطي،
ڪِينَ موٽائي دعائون، مصطفيٰﷺ جي واسطي.
ڪم ڪچا ڪيئي ڪيم هن عيب مون ۾ اڻ ميا،
ڏج نه سڪراتي سزائون، مصطفيٰﷺ جي واسطي.
مون نه سمجهو مون نه ڄاتو، آ قبر جي ڪا پُڇا،
پاڻ ڪج پنهنجون عطائون، مصطفيٰﷺ جي واسطي.
تون احد احمد اَجهو ۽ آسرو آ تو سندو،
سُڻ اسان جون التجائون، مصطفيٰﷺ جي واسطي.
آ ’مسافر‘ راھه ڀُليو، رهبري ان جي ڪجان،
سڀ سنڀالج هي سُکائون، مصطفيٰﷺ جي واسطي.

غزل

---

اچو گلَ گلابن جون ڳالهيون ڪريو ڪي،

اچو گلَ گلابن جون ڳالهيون ڪريو ڪي،
۽ شوقن شبابَن جون ڳالهيون ڪريو ڪي.
نشو ڇو نه هاڻي نشن ۾ رهيو آ،
او ساقي شرابن جون ڳالهيون ڪريو ڪي.
ڀري جام جاني پياريو ته پوءِ،
گناهن ثوابن جون ڳالهيون ڪريو ڪي.
گهڻو پاڻ گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو آ،
اڃان ڀي عذابن جون ڳالهيون ڪريو ڪي.
ڀلا عشق ۾ ڇو بيهجي ويا هو؟
اٿو انقلابن جون ڳالهيون ڪريو ڪي.
اسان جي حياتي آ ورقن ۾ ويڙهيل!
اسان سان ڪتابن جون ڳالهيون ڪريو ڪي.
اسان جان ارپي پرين کي ڇڏي آ،
اوهين پيا حسابن جون ڳالهيون ڪريو ڪي.
’مسافر‘ اوهان کي وساري ڇڏيندو!
مگر ها قصابن جون ڳالهيون ڪريو ڪي.

بيوفا هوندي به هُو هر بار سهڻو ٿو لڳي،

بيوفا هوندي به هُو هر بار سهڻو ٿو لڳي،
ڇو ته دلبر جو رڳو ڪردار سهڻو ٿو لڳي.
کوڙ هوندا هن پيا ڏس ٽُوھه ڪيڏا جرڪڻا،
پر ٻُڌا ڪنهن کي ڪڏهن ڪو يار سهڻو ٿو لڳي؟
سونَ جهڙو رنگ ٿيندو سونَ ناهي يارڙا،
ها مڃان ٿو ڪوڙ جو واپار سهڻو ٿو لڳي.
ڇا چوان توکي ڀلا او مرحبا محبوب ڙي،
سونهن تنهنجيءَ جي ڪري سنسار سهڻو ٿو لڳي.
تون رڳو ناهين حَسِين پر غم گهٽائيندڙ به آن،
ٽهڪ ڏيئي ٿو ڪرين اظهار سهڻو ٿو لڳي.
نُور نُوريءَ ۾ نه هو پر ناز نوڙت جي ڪري،
ڏس تماچي تڙَ ڌڻيءَ کي ڄار سهڻو ٿو لڳي.
مان ’مسافر‘ ڪِينَ آهيان ذات پنهنجيءَ ۾ ذرو،
تو نوازيو ڏات سان ڏاتار سهڻو ٿو لڳي.

پيرَ زخمي ٿي پيا پر چاهتون ساڳيون رهيون،

پيرَ زخمي ٿي پيا پر چاهتون ساڳيون رهيون،
روح منهنجي کان پري هِن راحتون ساڳيون رهيون.
سال هِن گذري ويا مون يار مرڪڻ آ ڇڏيو،
ٽهڪ هُن جا ساڳيا ۽ عادتون ساڳيون رهيون.
لوڪ مايا ڪاڻ ٿو ڇا ڇا ڪري پيو ڏس کڻي،
پر اسان وٽ سوز سِڪَ جون ساعتون ساڳيون رهيون.
چنڊ تي پهتو وڃي آ ڏيهه سارو ٿو ڏسان،
ڇو ڀلا هِن سنڌ جون هي حالتون ساڳيون رهيون.
بس غريبن جي غريبي آ وڏي اڳ کان اڳيان،
پر اميرن جون ته آهن طاقتون ساڳيون رهيون.
مون ’مسافر‘ ڪونه ماڻي آهه منزل پيار جي،
پوءِ به پنهنجي پيار لئه هن پارتون ساڳيون رهيون.

ڪٿي ٽهڪ خوشيون رهيا ڀوڳ آهن،

ڪٿي ٽهڪ خوشيون رهيا ڀوڳ آهن،
بچيا رنج رُساما رڳو روڳ آهن.
هتي گل امن جا لڳايا هئاسون،
اتي ڇو اجايا ڦٽا ڦوڳ آهن.
پئي ماءُ ماري ٻچا بک وگهي ٿي،
اهي سُور سارا بڻيا سوڳ آهن.
ڪري قهر آهن رهيا ڪاپڙين تي!
ٺلها يار جوڳي اهي جوڳ آهن.
ڏسون ٿا پيا پر ڪيون ڪجهه نٿا ڇو؟
چڙهيا من ’مسافر‘ ڪهڙا موڳ آهن.

درد آهن گهڻا چوٽ تازي نه ڏي،

درد آهن گهڻا چوٽ تازي نه ڏي،
يار هاڻي وري ياد ماضي نه ڏي.
وحشتن جي وبا ۾ خدارا اچي،
فيصلو تون غلط ڪو به قاضي نه ڏي.
جو نه انصاف تنهنجي خلق سان ڪري،
يا خدا تن هٿن ۾ ترازي نه ڏي.
آدمي تون وڏو پاڻ ڪيڏو به ٿي،
ماڻهپي جي مٿان ڪا بازي نه ڏي.
من ڪڏهن باوضو جي نه رکيو اٿئي،
پوءِ مسجد وڃين ڪابه آزي نه ڏي.
جي ’مسافر‘ نٿو ڪوبه سمجهي سگهي،
اُت اجايو وڃين شعر سازي نه ڏي.

دل چري تون ٻڌا ڪٿ وفا ڳولجي؟

دل چري تون ٻڌا ڪٿ وفا ڳولجي؟
عشق جي درد جي ڪا دوا ڳولجي؟
هت ته آهن رڳو نفرتون تُهمتون!
تون اڃان ٿي چوين ڪا ادا ڳولجي.
محبتن جو هتي ڪونه آهي قدر،
لوڪ بي ذوق ۾ ڇا ڀوا ڳولجي؟
روز تڙپي مرڻ روز جئيندو رهڻ،
يار آهي ڏکيو ٻي سزا ڳولجي.
بي سبب ٿا جيئون هي حياتي پيا،
او! پرين اٿ هلي اڄ بقا ڳولجي.
سُور ناسُور ٿي هاڻ آهن ويا،
بس ٿَڪِي هان پيو هل شفا ڳولجي.
ڇو پيون هي ملن ٿيون جفائون ڀلا؟
ڪٿ نمازِ وفا ٿي قضا ڳولجي!
ڪو سڄڻ کي چئَي ڇو وساريو اٿس؟
ساٿ ڪنهن جو ڀلا تو سوا ڳولجي؟
مان ته ڀٽڪي ويو هان ’مسافر‘ صفا،
هل خدا جي بندن ۾ خدا ڳولجي.

بنان ڪنهن ڏوھه جي مون کان رسي ٿي ڌار وئي آهي،

بنان ڪنهن ڏوھه جي مون کان رسي ٿي ڌار وئي آهي،
سمنڊ سورن سندو مون لئه ڪري هُوءَ تار وئي آهي.
سهاري يار جنهن جي مون ترڻ ئي ڪونه سکيو هو،
.ڪناري تي ڇڏي مون کي پڄي هُو پار وئي آهي
سزائون ڀل هزارين ڏي خطائون ڀي ڏَسَي مون کي،
.وڇوڙو ۽ وڏا مون کي ڏئي ويچار وئي آهي
پيارن کان سواءِ ڀي ڪو ڀلا جِي ٿو سگهي جڳ ۾؟
.حياتي هر گهڙي مون تي ڪري ڄڻ بار وئي آهي
هيون ڪينجهر اکيون هن جون هئس تن ۾ تماچي مان،
.صفا هئي هُوبھُو نوري وجهي ڪو ڄار وئي آهي
’مسافر‘ ڇو اجائي تون ڪرين هن سان شڪايت پيو!
.ڪري احسان ڏئي توکي امر اشعار وئي آهي

ڀڄي ڀروسا ٿي پيا ڀَور آهن،

ڀڄي ڀروسا ٿي پيا ڀَور آهن،
ڏٺا دل ڏکن جا وڏا دَور آهن.
جهلي چِيچَ جيڪي هليا هئا اسان جي،
.اهي اڄ اسان کان ٿيا زَور آهن
وڃن نقش ڦِٽندا ڏٺم محبتن جا!
ڪچِي مس منجهان ڪي لڳل پَور آهن.
ڪٿان هاڻ انصاف ملندو نه يارو،
چڱا مڙس چونڊيا ويا چَور آهن.
اجهو ڪات توتي به ڪڙڪَي ڪٿان ٿو،
غزل هاڻ تنهنجا ٿيا غَور آهن.
’مسافر‘ اجايو پريشان آهين!
اجهو مرد جاڳيا وري مَور آهن.

مٺي محبوب جا ماڻا قرارن کان به وڌ آهن،

مٺي محبوب جا ماڻا قرارن کان به وڌ آهن،
سڄڻ جا دم دلاسا ئي سهارن کان به وڌ آهن.
اچن باغن بهارون ٿيون کِلِي کڻندو سڄڻ آ جو،
شبابي نيڻ سانول جا ستارن کان به وڌ آهن.
نه ڪو دولت کپي مون کي پيو رب کان گهران ٿو مان،
سڄڻ جي ديد جا تحفا خرارن کان به وڌ آهن.
پڄان ٿو سبز وادين ۾ ڪريو ديدار دلبر جو،
مٺي محبوب ۾ جلوه نظارن کان به وڌ آهن.
اجايون ٿو پيو دانهون ڪيان مان قرب هن جي ۾،
ڪرم هن جا ڪيل مون تي ميارن کان به وڌ آهن.
جُتيءَ جو جوڙ ناهي ڪو ’مسافر‘ يار منهنجي جو،
حسن وارا پيا جڳ ۾ هزارن کان به وڌ آهن.

چري چاهه مان جو چتائي وئي آهي،

چري چاهه مان جو چتائي وئي آهي،
وڏا درد دل ۾ دکائي وئي آهي.
ڏسڻ ۾ صفا هُوءَ خاموش هئي پر،
اکين سان گهڻو ڪجهه ٻڌائي وئي آهي.
چيائين ته پنهنجو پئي پاڻ ڳوليان،
وري پاڻ پنهنجو وڃائي وئي آهي.
نڪو ڍنگ سليقو هيو زندگي ۾،
عجب رنگ مون ۾ رچائي وئي آهي.
نظر ۾ ته جادو سمايو هَلِي ٿَي!
وڏا ڪي ته منتر هلائي وئي آهي.
وفا جي ته ڏوري ٻڌي دل لغڙ ۾،
هوا ۾ ته مون کي اڏائي وئي آهي.
انڌيرن ’مسافر‘ ٿَڪائي وڌو هو،
ڏيئا ڏات جا ڪي جلائي وئي آهي.

سڄڻ تو کي خبر ڪهڙي اسان جا خواب اُجڙيا هِن،

سڄڻ تو کي خبر ڪهڙي اسان جا خواب اُجڙيا هِن،
وفا جي واٽ تي ڪيئي بدن بيتاب اُجڙيا هِن.
خدا جي هن خلق ۾ ڇو رهيو احساس ناهي ڪو،
ڪٿي مندر جلائين پيا، ڪٿي محراب اُجڙيا هِن.
ٻڌائي ڇا ٻڌايان مان ڏکن دل آ وڌي ڏاري،
سوين ارمان لکجن پر هزارين باب اُجڙيا هِن.
سڄو مڪتب بڻيو مقتل ڪجي مذمت ٻُڌا ڪهڙي؟
وڏو ناحق آ سُوريءَ ۾ مثل مهتاب اُجڙيا هِن.
’مسافر‘ ڪيئن مڃان آئون ڀلا توکي ڪري پنهنجو!
اڙي! تنهنجي هٿان منهنجا، سوين احباب اُجڙيا هِن.

مٺا محبوب مون جانچي ڏٺو سنسار ۾ آهي،

مٺا محبوب مون جانچي ڏٺو سنسار ۾ آهي،
جفائن جيت ماڻي آ، وفا هت هار ۾ آهي.
چڙهي جا خوب چرچا هِن ڪِريو ڪم ڪار جو ناهي،
اصل رنگ پا رهيو هاڻي وڃي ڪنهن يار ۾ آهي.
وڌي وئي بيوفائي آ، ڀلا چئجي ته ڇا چئجي؟
سچاين جو سِڪو ڪيڏو ڪِريو بازار ۾ آهي.
وڏي اخلاق سان ئي تون سڏيو اشرف هتي ويندين،
وفا مُروت سوا ٻيو ڇا بدن بيڪار ۾ آهي.
حُسن جي ناز تي سهڻا ڪُٺا تو ڪيترا آهن،
مگر هي جوش جذبن جو چريا ڏينهن چار ۾ آهي.
پويتر روح رشتي جو قدر توکي نه آهي ڪو،
اڙيو من هي اچي تنهنجي اکين اسرار ۾ آهي.
بهارن جي به آمد تي نه بلبل کي بهاري آ،
چمن ۾ چهچٽو ڪونهي نه گل گلزار ۾ آهي.
لڳو آ ڳوٺ ۾ ڌاڙو، پيو آ راڄ ۾ راڙو،
کنيو سو چور ساڳيو ئي وڏيري ڪار ۾ آهي.
ڪٿي جهيڙا قبيلائي ڪٿي الزام ڪارنهن جا،
وڏو هي زهر اوتيو ويو اسان وٽ پيار ۾ آهي.
’مسافر‘ ماٺ تنهنجي کي ڀلا سمجهان ته ڇا سمجهان؟
رکيو اظهار ڪهڙو تو ڀلا ماٺار ۾ آهي.

رَئو آهه تو جو اُڏاريو هوا ۾،

رَئو آهه تو جو اُڏاريو هوا ۾،
سوين ڇوڪرن پئي نهاريو هوا ۾.
عجب راند آهي ڏسو محبتن جي،
پرين آ چيو ديپ ٻاريو هوا ۾.
ڀلا ڇو نه پهتا سڄڻ کي سنيها،
هئم يار ڏاڍو پڪاريو هوا ۾.
ٺڪاڻو هجي ڪو اسان جو به هاڻي،
گهڻو يار آ مون گذاريو هوا ۾.
پئي دُور تائين ملاحن پُڪاريو؟
سمنڊ پاڻ کي هو اُٿاريو هوا ۾.
ٿيو راز افشان لڪل اُلفتن جو،
هيو نانءُ تو جو اُچاريو هوا ۾.
بنان گهر سيارو به ڪَٽڻو پوي ٿو،
امڙ ٻار پئي آ سمهاريو هوا ۾.
مَٺِي مند آ هيءَ پاري پوڻ جي،
’مسافر‘ اٿئي ڪو بيهاريو هوا ۾.

اکيون يار تنهنجي پڇائن ۾ آهن،

اکيون يار تنهنجي پڇائن ۾ آهن،
رُليون پاڻ زوريون ڏسائن ۾ آهن.
هيون زلف ڇانئون ڪيون يار تو ئي،
رهيون پوءِ غمن جي گهٽائن ۾ آهن.
ڇِنِي تون جڏهن کان ويو يار آهين،
سڙيون پوءِ ڏاڍيون، سزائن ۾ آهن.
عجب ۾ ته آهيان اکين ساڻ آئون،
سزائون ته هونديون خطائن ۾ آهن.
اميدون هيون ڪي پويتر اسان جون،
جلي خاڪ ٿيون سي انائن ۾ آهن.
ذرو رحم تن تي ڪرين ها خدارا!
اڙيون هي ته تنهنجي ادائن ۾ آهن.
ٻُڌا ڏوهه ڪهڙي اٿئي رت رئاڙيون،
سدا هي ته هونديون وفائن ۾ آهن.
ڏٺا جن اکين ٿي سدا خواب تنهنجا!
جلائي ڇڏيون تو جفائن ۾ آهن.
اٿم هاڻ سمجهو پرين تو سدائين،
دعائون به پڙهيون دغائن ۾ آهن.
پرين کان ’مسافر‘ شڪايت ڪجي ڇا؟
صدائون به شامل گلائن ۾ آهن.

اسان جي يار ذهنن تي سراسر سوڳ طاري آ،

اسان جي يار ذهنن تي سراسر سوڳ طاري آ،
وَتون کِلندا بظاهر ٿا، اندر ۾ اشڪباري آ.
لڳي ٿي مُرڪ هر ميري چَپن تي باهه جا شعلا!
لُٽيون ڪنهن دلبريون آهن، اها ڪنهن باھه ٻاري آ.
کنيون بنجر صفا آهن، زمينون يار ذهنن جون،
ڦُٽن ٿا داغ جا ٿُوهر وِصُل جي واٽ زاري آ.
وري جي مال چاريندڙ سڏي ميهار اڄ سُهڻي!؟
اُهو ميهار ڪارو آ اُها سهڻي به ڪاري آ.
اسان جي سوچ کي ڪيڏو غلاظت وئي وڪوڙي آ،
سچاين کي نٿا سمجهون نه ئي ڪا پرت پاري آ.
اسان تهذيب اعليٰ جا، سڏايون يار وارث ٿا،
اڃا ڇو يار اُلڪن ۾، اسان جي ديس ناري آ.
اسان جي عشق جا سجدا، اجايا ڪونه وڃڻا هِن،
محبت سنڌ سان منهنجي صدين کان يار جاري آ.
رکي سر ساھه جي بازي سدا ناتا نڀايا مون!
اڃا ڀي ٿو چوي ساجن ’مسافر‘ ئي مياري آ.

ڪيان ڇو ڏيک جا ماتم اندر سارو ته ڪربل آ،

ڪيان ڇو ڏيک جا ماتم اندر سارو ته ڪربل آ،
اهو منظر سڄو سارو، اکين آڏو ته هر پل آ،
اُهي آهُون اُهي دانهون اهي لاشا اهي راڙا،
اها ڪربل جي ڌرتي هئي، هتي اڄ سنڌ جيجل آ.
يزيدي دور ڏي ٿورو وڃو ذهنن کي موٽائي!
اهي ساڳيا ستم آهن، اُها دردن جي دلدل آ.
اُها پاڻي تڙپ ساڳي اُهي مينديون ڀنل رت ۾،
اُتي هئي قيد زينب ٿي، هِتي ڪا قيد مارُل آ.
هتي هر روز هر گهر ۾ ڏسان شامِ غريبان ٿو،
هتي ڀي اُن يزيدي جي بقايا ڪاته آيل آ.
ڪري ڪهڙا ڪري ماتم ’مسافر‘ کي ٻڌائي ڪو،
لڳي ٿس باهه سيني ۾ پيو روئندو ته پل پل آ.

لڳا جو پيار تي پهرا ته هيڻا حوصلا ٿي ويا،

لڳا جو پيار تي پهرا ته هيڻا حوصلا ٿي ويا،
هئي ساعت سهڻ مشڪل اُتي ئي فاصلا ٿي ويا.
اٿيو طوفان اهڙو ڪو اميدن جا اجها اجڙيا،
اسان جي عشق تي آهن ڏکيا هي مرحلا ٿي ويا.
ذرو احساس ناهي ڪو ڏسان ٿو يار رشتن ۾،
ڪنوارا خواب نيڻن ۾ سڙڻ جا سلسلا ٿي ويا.
ڀلا چئجي ته ڇا چئجي ڪُڇي هت ڪير ٿئي ڪافر،
زمانو زور ٿي ويو آ، ظلم جا زلزلا ٿي ويا.
الا ڪنهن خوف جي ڪارڻ، ڇڏي ويا راه الفت جي،
ڦُٽي پيا ڊڀ رستن تي، پراڻا پيچرا ٿي ويا.
ڪميڻپ ڪوڙهه ڪارنهن جي منجهائي من ڇڏيا آهن،
امر رشتن مٿان آهن قهر ڪي ڪيترا ٿي ويا.
’مسافر‘ ڀاڳ وارو هان، مليو محبوب اهڙو ٿم،
اجهاڻي آس هئي دل جي، جيئڻ جا آسرا ٿي ويا.

عجب آ اسان جي وفا ڪنهن نه ڄاتي،

عجب آ اسان جي وفا ڪنهن نه ڄاتي،
سڙي ساهه ڪئي جا صدا ڪنهن نه ڄاتي.
چريو ٿي چيائون، چريو ئي ڪيائون،
چرين چاهتن جي ادا ڪنهن نه ڄاتي.
سدائين اکين مان رهيو آب جاري،
بنان مند موسم گهٽا ڪنهن نه ڄاتي.
ڏئي گهاوَ گَھِرا سڄڻ بي خبر ٿيا،
وري درد دل جي دوا ڪنهن نه ڄاتي.
اهو ڏوهه آ جو وفائون ڪيان ٿو،
نڪي ڏوهه منهنجو سزا ڪنهن نه ڄاتي.
وفا جي پنڌن ۾ مري پيو ’مسافر‘،
اها ڳالهه ان جي الا ڪنهن نه ڄاتي.

ٻڌايو ڏوھه ڪهڙو هو، حوا ان ميگهواڙيءَ جو،

ٻڌايو ڏوھه ڪهڙو هو، حوا ان ميگهواڙيءَ جو،
قتل ڇا لا ڪيو ويو بي خطا ان ميگهواڙيءَ جو.
سوين سپنا سجائي هُن دنيا پنهنجي بنائي هئي،
الا گهر ٿي ويو سارو تباھه ان ميگهواڙيءَ جو؟
ڀلا تهذيب سان ڇا لاءِ ڪيو هت ڪِيس ايڏا ٿا،
پيو من سوڳ ساريندو سدا ان ميگهواڙيءَ جو.
ڀلا قرآن گيتا جو درس دل سان اٿوَ سمجهو،
اسان کان ڇا الڳ آهي خدا اُن ميگهواڙيءَ جو.
هجو مسلم، هندو توڙي، اسان بس سنڌ ڄاوا هُون،
فخر سان مان سڏايان ٿو، ادا ان ميگهواڙيءَ جو.،
ضميرن جي عدالت ۾ ’مسافر‘ ٿي ڏسو سوچي،
سڀن کي پوءِ نظر ايندو لقاءُ ان ميگهواڙيءَ جو.

اسان جي يار خوابن کي ملي تعبير ڪاٿي آ،

اسان جي يار خوابن کي ملي تعبير ڪاٿي آ،
امرتا مان به ماڻيا ڪا اهڙي تقدير ڪاٿي آ.
هوا ۾ سوڳ جي خوشبو پڪو اهڃاڻ آهي اڄ،
وري سپنن سهانن جو ڦِٽو جاگير ڪاٿي آ.
اوهان احساس کان خالي رڳو نالي رکيا ناتا،
اسان جي يار اکڙين مان سُڪو ڏس نير ڪاٿي آ.
رکيو جو عڪس ٺاهي آ اسان پنهنجن ته سينن ۾،
ٻڌائي يار محبت جي اُها تصوير ڪاٿي آ.
اوهان جو ڏوھه ناهي ڪو، اسان جو ڀاڳ اهڙو آ،
ڀلا تقدير جي آڏو هلي تدبير ڪاٿي آ.
ڪڏهن تاريخ ۾ منهنجو لکيو نالو نه ويندو هِت،
لکي مون ديس دردن تي اُها تحرير ڪاٿي آ.
’مسافر‘ تون چريو آهين، سڄي دنيا چري ناهي،
چريا تو جيئن ڀلا دنيا ٻڌا دلگير ڪاٿي آ.

سدائين سچايون ڪيون تو نشانا،

سدائين سچايون ڪيون تو نشانا،
هجي حيف توکي اڙي او زمانا.
اسان کان ڇنا تو اهي مور ماڻهو،
هئا جي اسان جي جيئڻ جا بهانا.
ڀري جهول تن کي ڏنئي نفرتن جا،
لٽايا سدا جن وفا جا خزانا.
غزل گيت وايون اجايون نه آهن،
جليا کوڙ آهن هتي آشيانا.
چپن تي سجائي ڏٺم مرڪ ڪوڙي،
اکين ٿي ٻڌايا اندر جا فسانا.
هوائون هتان جون بڻيون زهر آهن،
سڙيا خواب آهن هتي ڪي سهانا.
هتي جن ’مسافر‘ وفائون ورهايون،
اُهي ڀي رُئاڙي ڪيا تو روانا.

دل چري تون ئي ٻڌا مان آٿتون آڻيان ڪٿان!

دل چري تون ئي ٻڌا مان آٿتون آڻيان ڪٿان!
هن دنيا مصروف کان مان فرصتون آڻيان ڪٿان!
لوڪ ساري ۾ ڏسان ٿو ڪو به ڪنهن جو ڪونه آ، تون ڀلا مون کي ٻڌائي صحبتون آڻيان ڪٿان!
حالِ دل جنهن سان ڪجي ٿو، سو ڏکارو آ اڳي،
روح کي راحت ڏين سي راحتون آڻيان ڪٿان!
ڄڻ سڄو ماحول آهي سوڳ ۾ ورتو پيو،
موت جهڙي ماٺ ۾ مان محبتون آڻيان ڪٿان.
سڀ چوَن ٿا يار مون کي ڇو پريشان ٿو لڳين،
دل ڏکاري آ کِلڻ جون عادتون آڻيان ڪٿان!
وس نٿو منهنجو هلي جو دل چري هن ديس مان،
ڪُلفتون ڪڍجن تڙي پر طاقتون آڻيان ڪٿان!
مان ته محبت لاءِ ڀٽڪي هان ’مسافر‘ ٿي ويو،
پاڻ منهنجي لاءِ ڀلا مان چاهتون آڻيان ڪٿان!

بي مزي آهن بهارون تو سوا،

بي مزي آهن بهارون تو سوا،
سچ پڇين آ هانءُ ڦارون تو سوا.
دل اداسين جي اثر ۾ ٿي رهي،
ڪونه ٻُڌيون ڪنهن پڪارون تو سوا.
مون مرڻ جا ٿي بهانا ڳوليا،
ڪونه آ ٻيو درد دارون تو سوا.
اچ پرين ڪي حال دل تو سان ڪيان،
ڪير اگهندو لڙڪ لارون تو سوا.
روح روڳي کي وڻي ڪجهه ڪونه ٿو،
ڪٿ ٻيون آهن پچارون تو سوا.
سچ پڇين هي زندگي تو ساڻ آ،
سڀ اجايون ٻيون اُڏارون تو سوا.
هٿ ٻئي جي ڪونه وينديون هاڻ بس،
هن حياتيءَ جون مهارون تو سوا.
ڪجهه گُهرن ئي ڪونه ٿيون مان ڇا ڪيان،
او ’مسافر‘ ساھَه سارون تو سوا.

واعدو پنهنجو پاري مربو،

واعدو پنهنجو پاري مربو،
نرمل نينهن نکاري مربو.
توکي ساهَه سمايو آ مون،
توکي ساري ساري مربو.
جيت وفا جي ڪرڻي آهي،
هانوُ نه هاڻي هاري مربو.
ننڊ وڏو نَقصان ڏنو آ،
هاڻي ڏيهه اٿاري مربو.
تو آ منهنجو شانُ وڌايو،
تو سان عشق اُجاري مربو.
حيرت ۾ هِن هاڻ انڌيرا،
وِک وِک ڏيئو ٻاري مربو.
تار درياء ۾ توسان گڏ هان،
توکي ئي بس تاري مربو.
تون ڄڻ سنڌو نقشو آهين،
تنهنجو ساٿ سنواري مربو.
يار ’مسافر‘ تنهنجو آهيان،
تنهنجي ئي بس نعري مربو.

هڪٻئي ۾ آ ساھه اسان جو،

هڪٻئي ۾ آ ساھه اسان جو،
چريو آهي چاهه اسان جو.
ڪيئن جيئنداسين ڪيئن مرنداسين،
ڄاڻي ٿو ته الله اسان جو.
سوچي سوچي ٿڪجي پيو هان،
ٿيندو پيار پناهه اسان جو.
پيار سواءِ ٻيو ڪهڙو آهي؟
جڳ ٻڌائي گناهه اسان جو.
ايئن اسان هڪٻئي جا آهيون،
جيئن سنڌو درياهه اسان جو.
قيامت تائين قائم رهندو،
واعدن تي ويساھه اسان جو.
پيار ’مسافر‘ جو امر آ،
رهندو لوڪ گواهه اسان جو.

عمر گذري عذابن ۾،

عمر گذري عذابن ۾،
رڳو سکڻن حجابن ۾.
صفا الجهي پيو آهيان،
سوالن ۾ جوابن ۾.
ڪَهي آيا ڪُهڻ لاءِ،
هئا پنهنجا نقابن ۾.
اسان جي هار ٿي ويئي،
حياتيءَ جي حسابن ۾.
ويا ارمان سڀ رهجي،
غزل بنجي ڪتابن ۾.
اسان جو شعور ڦاٿل آ،
گهڻو پوئتي قصابن ۾.
اُهي منظر ڪٿي آهن،
پڙهيم جيڪي نصابن ۾.
گلو مالها ڪيو زخمي،
ڪنڊا ها جو گلابن ۾.
اڙي ساقي گڏيو آ تو،
زهر ڇا لاءِ شرابن ۾.
چريا احساس ڳولين ٿو،
رئيسن ۽ نوابن ۾.
’مسافر‘ لوڪ سياڻو آ،
سفر تنهنجو سرابن ۾.




ڏٺيون مون دربدر آهن وفائون شهر تنهنجي ۾،

ڏٺيون مون دربدر آهن وفائون شهر تنهنجي ۾،
هلن ٿيون ڳاٽ اوچي سان، انائون شهر تنهنجي ۾.
اُميدون هاڻ دلين جون ٽنگيون سوليءَ پيون آهن،
کنڊر بڻجي ويون آهن، سُکائون شهر تنهنجي ۾.
ملي ٿي ڪونه ڪنهن کي ئي هتي محبت مسيحائي!
رڳو ٿيون زهر اوڳاڇين، ادائون شهر تنهنجي ۾.
ڀنڀا ڀُورا ته ڪي ڪارا ڏٺا مون چيلهه تي چوٽا،
اکڙين سان ڳالهائين ٿيون، بلائون شهر تنهنجي ۾.
حنا جا رنگ زخمي هن ڳَلن جا ڳوٺ ڳوڙهن ۾،
وفائن جون ڪجن ڪنهن کان، پڇائون شهر تنهنجي ۾،
ذرو انصاف ناهي ڪو هتي ڪنهن جي سچاين سان،
يتيمن جي مثل آهن، ڪَلائون شهر تنهنجي ۾.
هتي احساس جا گلڙا هڻي مالهي رنو آهي،
گُهلن طوفان وانگي ٿيون، هوائون شهر تنهنجي ۾.
نه جي هت داد ٿيڻو آ، ڀلا فرياد ڪنهن جي جو!
ڪجن پوءِ ڀلا ڇا لئه، صدائون شهر تنهنجي ۾.
ڪُڇڻ جي ڪار ناهي ڪا ’مسافر‘ ماٺ ۾ آهن،
رڳو دڳ دڳ پيون پلجن، دغائون شهر تنهنجي ۾.

تون پويتر پيار منهنجو، تو ڏياري جيت آ،

تون پويتر پيار منهنجو، تو ڏياري جيت آ،
تو ڏني احساس جي سا، قربداري جيت آ.
ڇا چئي توکي ٻڌايان، ڇا ڏنو تو مانُ آ،
جا ڏني تو آهه دل کي سا قراري جيت آ.
آ سُبيو تو ساهه منهنجو، ڀرت ۾ ڄڻ پاڻ سان،
آ حياتي ڪئي منهنجي، تو سونَ ساري جيت آ.
ڪونه مون منهنجي حياتيءَ ۾ ڏٺيون آهن خوشيون،
تو ڏني منهنجي خزائن ۾ بهاري جيت آ.
مان سدا چوندو رهيس پنهنجي نصيبن کي برو،
تو اچي قسمت منهنجي آهه سنواري جيت آ.
ها زخم ساقي ڏنا مئخان مان مون کي ڪڍي،
پر سڏي تو سُرڪ جاني جا پياري جيت آ.
ڇا لکان تعريف تنهنجي تو نوازي آ ڇڏيو،
آ عبادت جي مثل تو پرت پاري جيت آ.
تون ’مسافر‘ کي صفا ٿي سنڌ جو نقشو لڳين،
چاھ مان تنهنجي چُمڻ صورت ڀلاري جيت آ.

سدا گيت پنهنجا نرالا رهن،

سدا گيت پنهنجا نرالا رهن،
بُرن بدچلن لاءِ ڀالا رهن.
هُجن عظمتن جي علامت هتي،
هميشه ته پنهنجا حوالا رهن.
سفر ۾ سدائين سچائي هجي،
ڀلي يار پيرن ۾ ڇالا رهن.
صداقت دلين جي صحن ۾ رهي،
امر عشق پنهنجا ته اعليٰ رهن.
پيُون جام نيڻن منجهان ڪي پرين،
اڳيان ڀل ڀريا ڪي پيالا رهن.
پويتر وفائن سدا هت سڄڻ،
سڄي جڳ جهان ۾ اجالا رهن.
اوهان لاءَ ’مسافر‘ دعا ۾ پيا،
ڀلي نيڻ منهنجا هي آلا رهن.

ٻُڌو حق وفا جو نغارو کپي ٿو،

ٻُڌو حق وفا جو نغارو کپي ٿو،
اهو ئي اسان کي نظارو کپي ٿو.
ويون باغ ڀيلي انائون ته آهن،
انائون ڪَٽڻ لاءِ ڪَٽارو کپي ٿو.
گهڻا يار ٻيڙا ٻُڏا سِيرَ ۾ هِن،
مگر هاڻ ڪوئي ڪنارو کپي ٿو.
پرين پاڻ ڳولي لڌو ٿم اوهان ۾،
اوهان جو ئي هاڻي سهارو کپي ٿو.
ٺڪر ٿانوَ جهڙا نٿا ساٿَ گهرجن،
سهارو سڄڻ ڪو سگهارو کپي ٿو.
وري يار ’منصور‘ ڏسجان اسان کي،
’اڀيچند‘ اکين جو اشارو کپي ٿو.
رڳو محبتون ۽ امن آجيان ڏيو،
نڪو پاڻ لاءِ ڪو منارو کپي ٿو.
وري مات مانگر کي ڏيڻي ته آهي،
مرد مورڙو ڪو متارو کپي ٿو.
صرف پاڻ لاءِ خوشيون ڪونه گهرجن،
خوشين ۾ سڄو جڳ هي سارو کپي ٿو.
اسان پاڻ سادا رکون سوچ سادي،
صنم کي تِرِي تي ستارو کپي ٿو.
ٻيا ڪونه نعرا وڻن ۽ کپن ٿا،
’جيئي سنڌ‘ سدائين هي نعرو کپي ٿو،
اسان کي اسان جا هجن حق اهي ڏيو،
نه ٿورو ٿڌو ڪو اُڌارو کپي ٿو.
’مسافر‘ ڪٿي مال مايا گُهران ٿو،
پرين پيار ڏيندڙ پيارو کپي ٿو.

نصيبن ۾ لکيل منهنجي رڳو هي لڙڪ لارون هِن،

نصيبن ۾ لکيل منهنجي رڳو هي لڙڪ لارون هِن،
ڇنو تو نينهن ناتو آ نه توتي ڪي ميارون هِن.
چوَن ٿا يار شعرن ۾ رڳو ڇو درد لکندو هان؟
اهي گيتن جي روپن ۾ پرين تو لاءِ پُڪارون هِن.
اڪيلو تو ڪيو آ پر اڪيلو ڪونه مان آهيان،
سدا گڏ روح سان هونديون پرين تنهنجون پچارون هِن.
مڃان ٿو تو سوا مون وٽ بچيو ڪجهه ڪونه آهي پر،
سهارو هاڻ جيئڻ جو سڄڻ تنهنجون ته سارون هِن.
چپن تان جام تو ساقي ڦريو ڇا لاءِ مون کان آ،
خبر ٿئي هانوَ منهنجي جون ، ڪيون ڪيڏيون تو ڦارون هِن.
’مسافر‘ کي ڇڏيو آ تو نه جِيئَنِ ۾ نه مُئن گڏ،
چَپن تي ٽهڪ ظاهر ۽ اندر ۾ اوڇنگارون هِن.

وفائن جي عيوض ملن ٿيون سزائون،

وفائن جي عيوض ملن ٿيون سزائون،
الائي ته ڪهڙيون ڪيون ٿم خطائون؟
ڀرم مون وفا جا اُتي ڀي بچايا،
جتي لوڪ ڳوليون رڳو ٿي انائون.
سندم ڀروَسن جا ڏسو ڳاٽ اوچا،
هٿن ساڻ اوتيو زهر پئي ڏنائون.
هئا بُتَ مٽيءَ جا خدا مون ته سمجها،
اجايون اُتي مون ڪيون التجائون.
هئس يار آئون اياڻو ته ڏاڍو،
رُئاڙي رُئاڙي چريو ئي چيائون.
اندر ۾ اهو ئي ته ارمان آهي،
’مسافر‘ سان ڪيڏيون مذاقون ڪيائون.

ڪر سوچ ڦِٽي هر ڪا مئخان ۾ موٽي آ،

ڪر سوچ ڦِٽي هر ڪا مئخان ۾ موٽي آ،
انسان سڏائين ٿو انسان ۾ موٽي آ.
ڪر ياد چيو هو تو مان ساهه آهيان تنهنجو،
جي ساھه آهين منهنجو هن جان ۾ موٽي آ.
قبرن تي سُڪي ويندين ورکا ۾ لڪي ويندين،
گل يار ڀلو آهين گلدان ۾ موٽي آ.
آ يار حُسن تو وٽ ڪر ناز ڀلي تون پر،
تڪبر ۾ تباهي ٿئي پنهنجي شان ۾ موٽي آ.
لک مون ته لٽايا هن دردن جي دوا پويان،
دردن جي دوا ٿي پئي درمان ۾ موٽي آ.
آ شوق اهو منهنجو توساڻ هجان آئون،
هي آس ٽٽي نه پوي وجدان ۾ موٽي آ.
مقتل جي اڳيان آئون هڪ راھه ڏسان ٿو پيو،
طوفان اٿي پوندو طوفان ۾ موٽي آ.
هي تنهنجو مسافر آ تنهنجو ئي سدا رهندو،
تون پير جهلي پنهنجا ميدان ۾ موٽي آ.

پرين ويساهه جي وڻ ۾ پرھه جا ڪي پتا آهن،

پرين ويساهه جي وڻ ۾ پرھه جا ڪي پتا آهن،
نڪو ئي حوصلا جانان اسان جا ٿيا خطا آهن.
اڃا مقتل پريان ڀي ڪو، ٻُڌان ٿو ڇير جو ڇَمڪو،
اڃان ڪٿ پير پايل سان روهيڙي جيئن رَتا آهن،
صداقت ساٿ ۾ آهي، اَنا جي هار ٿيڻي آ،
اُگهاڙپ آ عيان ليڪن اڃان ڪي سر ستا آهن.
ڪيا جي قهر ڪُلفت هن ڏسين ڏيهه ساري ۾،
وفا ۾ سر ڏيڻ وارا اڃا ڀي ڪي بَتا آهن.
جلادن کي جلڻ آهي اکين آڏو ڦري آيو،
ڏسن پيا ديس جا دودا مڇرجي جو متا آهن.
نزاڪت نينهن ۾ آهي عبادت جي مثل تو سان،
اُهي هر حال پاڙيندس وچن تو جي وتا آهن.
’مسافر‘ ماٺ ۾ آهي گمانن ۾ گهمين ڇو ٿي،
چري هن چاھه پنهنجي ۾ روحاني رابطا آهن.

روح جو بس روح ۾ ئي راز آ

روح جو بس روح ۾ ئي راز آ
۽ سچائين تي سدائين ناز آ
دل سندم معصوم جهرڪي آ رهي،
وقت جو هر وار بڻيو باز آ.
درد مان دل ٿي ائين دانهون ڪري،
سوز مان ڄڻ ڪو وڄي پيو ساز آ.
ڪير ڄاڻي ڪونه ٿو هن راز کي،
عشق ئي بس عشق جو آغاز آ.
چنڊ تارا ڀي نه مَٽ محبوب جي،
ناز هن جي جو عجب انداز آ.
ٿو رهان گم سم پرينءَ جي ياد ۾،
هن جي سوچن ۾ گهمڻ اعزاز آ.
محب مون کي ائين ’مسافر‘ ٿو وڻي،
جيئن نقشو سنڌ جو ممتاز آ.

تنهنجي مرڪي ملڻ واري اکين ۾ شام رهجي وئي،

تنهنجي مرڪي ملڻ واري اکين ۾ شام رهجي وئي،
پکي وڻ تان اڏاڻا ۽ لڏندي لام رهجي وئي.
اميدن جا سڀئي ٻيڙا انا جي لهر لوڙهي وئي،
مٺا ٿي سرد ڪو سڏڪو، هِنئين جي هام رهجي وئي.
هتي ارغون ترخانن جفائن جا فصل پوکيا،
تڏهن هن پاڪ ڌرتيءَ تي جفا آ جام رهجي وئي.
وفائن جا ڏيئا ٻاري سچائين کي تلاشو مون،
تلاشي يار ۾ دلڙي پرينءَ جي گام رهجي وئي.
اسان لئه وقت جا ڪانٽا اتي ئي يار رڪجي ويا،
تڏهن آهي حياتي هيءَ اوهان جي نام رهجي وئي.
اوهان کي ڀل نه ٿيو منهنجو ذرو احساس ڪو جانان،
سڄڻ تنهنجي سزا هر ڪا اسان وٽ سام رهجي وئي.
جتان کان تو ذهن ۾ هن انائن جا محل اڏيا،
اتان کان ئي اسان جي هر دعا ناڪام رهجي وئي.
اندر جي آس تي ڦيري ڇڏيو تو ٻير جو ڍينگر،
’مسافر‘ جي اجائي ير وفا بدنام رهجي وئي.

عجب حال آهي اسان جي شهر جو،

عجب حال آهي اسان جي شهر جو،
سڄو ڏيک آ ڄڻ پراڻي کنڊر جو.
قتل روز رهزن ڪَرائِن هتي ٿا،
نڪو ڊپ اٿن ڪو قيامت حشر جو.
ڪفن کان سواءِ دفن لاش ٿي ويو،
الا ڪنهن نه ڄاتو قصو ان قبر جو.
عبادت چوين يا چوين يار پوڄا،
اهو فرق آهي اوهان جي نظر جو.
نڪو رام ڄاڻين نه رحمان کي تون،
اثر تو اجايو رکيو آ اکر جو.
نه سمجهيو ڪڏهن ٿَئِي انا جي چڪر ۾،
سبق ماڻهپو آهه مسجد مندر جو.
وڃائي نه حاصل ڪرڻ تو سکيو آ،
رڳو ڪم سدائين ڪيو تو ڪسر جو.
سِڪڻ ۾ سچائي اٿئي جي نه شامل،
وڄائي نه واڄو پرينءَ جي پچر جو.
’مسافر‘ نٿو جي وفادار بڻجي،
ڪهڙو فائدو پوءِ اوهان سان سفر جو.

جيئن گستاخ ماڻهن جي گلن ۾ هار تڙپن ٿا،

جيئن گستاخ ماڻهن جي گلن ۾ هار تڙپن ٿا،
دنيا بدذوق جي اڳيان وقت وينجهار تڙپن ٿا.
اڙي مؤعظَ ٻڌا واعظ ڪندا ان تي اثر ڪهڙو،
ٻچا جنهن جا صبح سانجهي بکيا جي يار تڙپن ٿا.
سچائيون کوڙ سُوليءَ تي انائن جي ڪري چڙهيون،
ڪُڇي ڪافر ٿيڻ ڊپ کان سچا ڪردار تڙپن ٿا.
ملي جا ڏنڊ ۾ آهي ڪُراڙي کي ڪَلِي ڪَچڙي،
اُتي ان جي ته ساهن ۾ سوين سنسار تڙپن ٿا.
صليبن تي ڏٺا مون هن لکين لاشا وفائن جا،
وصل جي آس جا لُٽيل اندر اظهار تڙپن ٿا.
ڪيائون پيار جو پرڻو، ڪُٺو وَرُ ان ونيءَ جو ويو،
ڏسي بي رنگ جواني سا، پيا سينگار تڙپن ٿا.
سوين سهڻيون سسئيون آهن، رليون هن راھِه الفت ۾،
ڏٺم رانجها پنهل ڪيئي، هتي ميهار تڙپن ٿا.
’مسافر‘ ماٺ جا روزا اڃا ڪيسين ڀلا رکبا،
رڳو هي دردَ دلين جا، ٿيو اشعار تڙپن ٿا.

زماني ۾ ورهايو مون، وفائن جو وکر آهي،

زماني ۾ ورهايو مون، وفائن جو وکر آهي،
پرين پو ڀي الاءِ ڇو وفا هت دربدر آهي.
خودداري خاص فطرت آ نٿو آڪڙ انا ڄاڻان،
رکي سادي سچائي ۽ نماڻي مون نظر آهي.
مزاجن ۾ هتي آهي زهر اهڙو ملايو ويو،
بڻي هر ذهن ڌارا ڏس غلاظت جو ته گهر آهي.
اڙي ساقي پڇين ڇا ٿو اسان مستن جي مستيءَ جو،
نگاھِه يار جو دل تي ٿيو ڏاڍو اثر آهي.
اسان جي عشق ۾ آ تشنگي هڪ شخص اهڙي جي،
جتي حُورون ٿيون هارائِن، اهو سونهن جو صدر آهي.
اسان ’فرھاد‘ جا ساٿي ’اڀيچند‘ جا ته ’سرمد‘ هُون،
اسان سر ڏئي نڀائڻ جو اوتيو امرت اندر آهي.
’مسافر‘ ٿي نڀائڻ جو وچن پختو اسان وٽ آ،
ڀلي ئي ڏيھه ۾ مون لئه اُڀو هٿ هٿ خنجر آهي.

دل رو نه ڪري دانهون مقتل ۾ جيئڻ آهي،

دل رو نه ڪري دانهون مقتل ۾ جيئڻ آهي،
سڀ وير وٺن ٿا پيا، هت ڪير سڄڻ آهي.
تو پيار ڪيو جنهن سان، بت آهه پٿر جو سو،
ديوار اڳيان تنهنجو بيڪار رُئڻ آهي.
حق حق ته ڪري ڪيئي منصور مري ويا هت،
پر يار هتي مشڪل انصاف ملڻ آهي.
هُو پيٽ ڀريو مؤعظ واعظ ته ڪري ويٺو،
پر ان کي خبر ڪهڙي ڪو پيٽ لنگهڻ آهي.
تاريخ گواھه آهي سچ سُور ڏٺا آهن،
هي نانءِ جيئڻ جي ۾ بس زهر پيئڻ آهي.
بي انت جفا هُن جي مون کوڙ سٺي دل آ،
هُن شرط نڀائڻ جو رکيو ئي ڇِنڻ آهي.
جو موت هٿان مرندو ڪيڏو نه ڀلارو آ،
معمول بڻيل پنهنجو هت روز مرڻ آهي.
منزل ته ’مسافر‘ جي آ لوڪ کسي ورتي،
پر پنهنجي اصولن ۾ پوئتي نه مڙڻ آهي.

پري تون يار ٿيندو آن، اچي سڪرات ويندي آ،

پري تون يار ٿيندو آن، اچي سڪرات ويندي آ،
وسي نيڻن منجهان ان پل، وڏي برسات ويندي آ.
مٺا توکي ڏسي هي روح پوندو رقص ۾ آهي،
تڏهن خوابن خيالن جي، لڏي محلات ويندي آ.
عجيبا موڙ اهڙي تي، اچي قسمت بيهاريو آ،
ڏسي هي بيوسيون پنهنجون، ڏکي ٿي ڏات ويندي آ.
جڏهن بدذوق مالهي جي، هٿن ۾ باغ ايندو آ،
گلن جي موھه ۽ مستي، مري ٿي مات ويندي آ.
ٻڌايان ڇا ڀلا تو سان، رکان ٿو چاھه ڪيڏو مان،
پَسان خاموش توکي ٿو، تکي ٿي تات ويندي آ.
اندر جي راز کي ظاهر، ڪيان اڄ ٿو ’مسافر‘ مان،
مٺا تو بن اچي مون تي، قيامت ڪا ته ويندي آ.

ڏکويل کي ڏکويل جي، صدا تڪليف ڏيندي آ،

ڏکويل کي ڏکويل جي، صدا تڪليف ڏيندي آ،
ملي بي ڏوھه ٿي جيڪا، سزا تڪليف ڏيندي آ.
ڀلا چئجي ته ڇا چئجي، مٺي مرضي جي مالڪ آ،
سدا ٿي آزمائي پئي، سدا تڪليف ڏيندي آ.
وفا جي واٽ جا راهي، وفا مان ڪيئن ٿَڪندا هن،
ڪجي جا بي وفا سان ٿي، وفا تڪليف ڏيندي آ.
گلن جي رنگ خوشبو مان ڀلا ٿو من ڏکي ڪنهن جو،
ڪڏهن ڪنهن گل گلابي جي، ادا تڪليف ڏيندي آ.
جلايو مون ’مسافر‘ آ ڏيئو جيڪو سچاين جو،
وسامڻ کان بچائيندي، هوا تڪليف ڏيندي آ.

حقن جي لئه وڙهيو آهيان،

حقن جي لئه وڙهيو آهيان،
سدائين پئي لڙيو آهيان.
قدر ڪٿ يار ڪونهي ڪو،
انهي ڪاڙهي ڪڙهيو آهيان.
جتي بس آ رڳو مطلب،
اچي ان هنڌ اڙيو آهيان.
رڳو آهيان بٺي ۾ پيو،
گهڙَي وانگي گَهڙيَو آهيان.
ڪتاب آهيان اُهو آئون،
نه جو ڪنهن ڀي پڙهيو آهيان.
محبت مان ڇنڊي ڪڏهن،
نه ڪنهن ڇوريءَ ڇڙيو آهيان.
حياتي هيءَ، حبيبن ريءَ،
چِڪڻ تان ڄڻ چڙهيو آهيان.
ڪريو ڪجهه رحم ڪجهه سوچو،
پيو سارو سڙيو آهيان.
’مسافر‘ جن بڻايو آ،
الا تن لئه تڙيو آهيان.

هت زخمي زخمي ڇاتيون هِن،

هت زخمي زخمي ڇاتيون هِن،
ڇو هٿ هٿ ۾ هت ڪاتيون هِن.
ڏس باغ به ڄڻ آ ويرانو،
پُرسوز پکين جون لاتيون هِن.
ٿو شوخ نظر تي شور ڏسان،
ٿيون پاپ دلين جون جهاتيون هِن.
ڇو احساس آ مات مڃي،
ڇو وک وک ويساهه گهاتيون هِن.
هي ڏينهن به اُجرا ناهن ڇو؟
۽ راتيون قهر جون راتيون هِن.
ڇو سمجهه نٿي ڪا ڳالهه اچئي،
ڇا ٻوليون منهنجون ٻاتيون هِن.
جنگ حقن لاءِ ڪرڻي پوندي،
چُوڙيون ڪنهن ڪنهن پاتيون هِن.
اُٿ ’مسافر‘ ان کي ڳوليون،
جنهن لاءِ هي اکيون آتيون هِن.

ڪنوارين اکين جو لُٽيل خواب آهيان،

ڪنوارين اکين جو لُٽيل خواب آهيان،
تڏهن ڏس ته ڪيڏو نه بيتاب آهيان.
اچي من اداسيون ڪيو دور مون کان،
وهائي ٿڪي پيو اکين آب آهيان.
ٻڌا دلبريون مان ڪٿان يار آڻيان،
بڻيو بيوسيءَ جو پيو باب آهيان.
آ دنيا دُرنگي مزن مستين ۾،
ڪِرت ڪونه اهڙي ڪندو ڪابه آهيان.
پرايَن ڏکن تي لُڇان ٿو رُئان ٿو،
اجايو اچي ٿيو چريو مان به آهيان.
وفائون سچايون ڪڏهن ڀي نه ڇڏبيون،
ڀلي مان ’مسافر‘ بڻيو ڇابه آهيان.

هي سنڌ ڇا جهان جو محور لطيف آهي،

هي سنڌ ڇا جهان جو محور لطيف آهي،
پنهنجي علم عقل جو مظهر لطيف آهي.
’ٽئگور‘، ’شيڪسپيئر‘ کي تون ڀلي پڙهي ڏس،
دنيا جي شاعرن جو رهبر لطيف آهي.
ڪنهن بيت ۾ به ڪنهن سان ناهي تضاد ڪوئي،
تڏهن چوان ٿو تو لئه بهتر لطيف آهي.
سسئي پڙهين يا سهڻي ڄڻ آئينو ڏسين ٿو،
هر سُور ۾ سڀن سان حاضر لطيف آهي.
ڀيٽا ڀلي ڪري ڏس تاريخ جي ترازو،
صدين سفر پڄاڻان منور لطيف آهي.
مُرشد ڀلو ’مسافر‘ توکي ملي ويو آهي،
موتي پيو ميڙ هر پل ساگر لطيف آهي.

توکي ڇا چوان تون ڇا آهين،

توکي ڇا چوان تون ڇا آهين،
منهنجي دردن جي تون دوا آهين.
ها توکان سوا ڪجهه ناهيان مان،
ڏس ڇا تون مون کان سوا آهين.
مون ڏي ير ٿو ڪير ڏسي،
تون چنڊ آهين افشان آهين.
منهنجي ڏات اڌوري هئي تو بن،
منهنجي گيت جي تون زبان آهين.
مون تو ۾ پاڻ وڃايو آ،
بس تون ئي هاڻ عيان آهين.
مان توکي چاهيان پوڄيان ٿو،
ڇا تون ڀي مون جِيان آهين.
ڪر سمجهه ’مسافر‘ ڇا ٿيو ٿئي!
عاشق تون ئي ميان آهين.

مٿان ڏک ته مون تي به واري ڇڏيو ٿئي،

مٿان ڏک ته مون تي به واري ڇڏيو ٿئي،
وڏا وڙ اهي جو وساري ڇڏيو ٿئي.
هئس يار روئڻو ۽ ڊڄڻو مان ڏاڍو،
ڏکن ساڻ جهيڙڻ سيکاري ڇڏيو ٿئي.
مڙئي محب ماڻهو ڳڻپ ۾ هئاسون،
اچي عشق ڏيئي اجاري ڇڏيو ٿئي.
سليقو نه ڪوئي هيو يار تو بن،
پڇين سچ ته سانول سُڌاري ڇڏيو ٿئي.
ڪٿي ڪوڙ سچ جي خبر ڪا هئي مون،
ڏيئي درد دوکا جيئاري ڇڏيو ٿئي.
وڏو ڪو ڀَڀڙ ٿي پيو آهي پيارا،
جڏهن کان مسافر کي ٻاري ڇڏيو ٿئي.

ڪٿي مون گهريا هِن عمر جا سهارا،

ڪٿي مون گهريا هِن عمر جا سهارا،
پرين پيار جا بس ٻه پل ڏي اڌارا.
صفا ٿر جيان هي جليو آ ته جِيوَن،
وسا ڪي پرين تون ڪڪر قرب وارا.
ويو وقت رڪجي تڏهوڪو اتي آ،
جڏهن تو ڪيا هئا اکين جا اشارا.
اسان کي ڀلي يار پنهنجو نه مڃ تون،
اسان جا نه آهن اوهان بن گذارا.
پرين آس آهي رهي بس اها ئي،
ملي ساٿ تنهنجو لهن سور سارا.
نصيبن ائين آ ڪيو دور توکان،
هجون پاڻ ٻئي ڄڻ سنڌو جا ڪنارا.
ڀلا ڪيئن نه ماندو رهي من اوهان لئه،
غضب جا ڪي تو ۾ ڏٺا ٿم نظارا.
متان آھَه جي ير چڙهي ور وڃين تون،
ورائين پيو تون ’مسافر‘ اڃارا.

نگاهون نه ڦيرا ڏسڻ ڏي مٺي،

نگاهون نه ڦيرا ڏسڻ ڏي مٺي،
اکين کي عبادت ڪرڻ ڏي مٺي.
نڪو چَپَ چُرن ۽ نڪو جڳ ڏسي،
سڄو حال دل جو چوڻ ڏي مٺي.
اسين عشق جون ڪي نمازون پڙهون،
رُسي لوڪ ٿو جي رُسڻ ڏي مٺي.
ڪري پُر پيالا ڏي نيڻن منجهان،
نشا نينهن جا ڪي اچڻ ڏي مٺي.
اکيون يار تنهنجون سنڌو ٿيون لڳن،
پلر پاڪ تن مان پيئڻ ڏي مٺي.
اکين ۾ ’اڀيچند‘ لڳي ٿي پئي،
مون کي هاڻ ’سرمد‘ ٿيئڻ ڏي مٺي.
ڀلي ڪا به فَتويٰ ’مسافر‘ اچي،
ٿيان گَهور تو تان مرڻ ڏي مٺي.

ڏکي دل پوي ٿي جڏهن تون رسُين ٿي،

ڏکي دل پوي ٿي جڏهن تون رسُين ٿي،
ٻُڌائي ڀلا تون ائين ڇو ڪرين ٿي.
اٿم ساھه ويساھه توکي ڏنو پر،
اڃا ڀي نه منهنجي وفا کي مڃين ٿي.
ستارن جيان کوڙ رشتا به آهن،
مگر چنڊ تن ۾ پئي تون لڳين ٿي.
هوائون اداسين جي ڀاڪر ۾ آهن،
ٻَڌا زلف کولي نه هاڻي هلين ٿي.
چيم يار تو بن حياتي نه گهرجي،
ڀلا سوال ڪهڙا اڃا پئي پڇين ٿي.
اٿئي جي نه منهنجي وفا تي يقين پوءِ،
ڇڏيان پاڻ ماري ڀلا جي چوين ٿي.
نٿي جي ’مسافر‘ کي پنهنجو بنائين،
خوابن ۾ ڇا لاءِ ڀلا تون اچين ٿي.

سزائون ڀلي ڏيو سزاوار آهيان،

سزائون ڀلي ڏيو سزاوار آهيان،
ڪيو ڏوھه ٿم جو وفادار آهيان.
وطن جي مٽي کي چيو ماءُ مون آ،
امڙ تو مٿان گهور هر بار آهيان.
حِنائي هٿن جي چُمين جو قسم آ،
پويتر وفا سان ڪندو پيار آهيان.
رئڻ رَولُ ڏئي ٿيو ماٺ ليکڪ،
نڀايان پيو ڄڻ اداڪار آهيان.
چڱن آ سدائين چڱو يار سمجهو،
گناھگار جي لئه گناهگار آهيان.
ڏکن ۾ ڏسان ٿو پيو ڏيهه واسي،
ٽُٽي مان حصا ير ٿيو چار آهيان.
سڄڻ سان نه ليکو ڪڏهن ڀي ڪبو آ،
حبيبن حُسن جو ته حبدار آهيان.
ڀلي يار مون کي نه سمجهن ’مسافر‘،
اڙي مان سدائين سندن يار آهيان.

پهتا هُون قاتل جي ويجهو،

پهتا هُون قاتل جي ويجهو،
آهيون بس حاصل جي ويجهو.
برکا ريءَ ھُو برسي پوندو،
گيت نه ڳاءِ گهائل جي ويجهو.
واعظَ تنهنجا ڪهڙي ڪم جا؟
مانيءَ جي سائل جي ويجهو.
راتيون روئي سمهندي آهي،
پنهنجي ور پاڳل جي ويجهو.
ڇو اڄ ويٺي روئي پيئي،
ڏس نچڻي پايل جي ويجهو.
سوچي ٿو ڪيئن قوم جاڳائي،
شاعر گم ساحل جي ويجهو.
هاڻ ته مرڪي پئو تون سانئڻ،
محبت آ منزل جي ويجهو.
يار ’مسافر‘ سورھيه آ ھُو،
مرڪيو پئي مقتل جي ويجهو.

پرين تو پير پاتو آ چمن گلزار ٿي ويو آهي،

پرين تو پير پاتو آ چمن گلزار ٿي ويو آهي،
گلابن جو بدن سهڻا سڄو سنسار ٿي ويو آهي.
مٺا محبوب مرڪي تو نهاريو ناز مان نِوِڙِي،
چَپَن جي چُرڻ کان اڳ ۾ عجب اظهار ٿي ويو آهي.
هلي وس ڪونه ٿو منهنجو ڪيو تو قيد اهڙو آ،
پياريو جام اهڙو ٿئي، نشو نروار ٿي ويو آهي.
سراپا سنڌ جو نقشو لڳين تون ته چهري مان،
سندءِ اکڙين جي درياءَ ۾ ٿي من ميهار ٿي ويو آ.
مسافر پيار پنهنجي ۾ ڪيو ٿئي ڇيڳلو ايڏو،
جواني جوش مان نڪري صفا ڄڻ ٻار ٿي ويو آ.

اوھان جي يار يادن جو سنڌو ڏس چاڙھه ۾ آهي،

اوھان جي يار يادن جو سنڌو ڏس چاڙھه ۾ آهي،
ڳلن جو ڳوٺ ٻوڙڻ لئه وڏي ڄڻ تاڙ ۾ آهي.
سِڪايل کي سِڪائين ٿو تڏھن بيحال ٿيو آھيان،
وڏو سيلاب ڪاھي پيو اکين جي لاڙ ۾ آهي.
اميدن جي اَجها جيڪي ڪيا آباد توسان ٿم،
سڄڻ تن کان سوا تنهنجي، سڄو جڳ ساڙ ۾ آهي.
وڇوڙي جون وڏيون ويرون مٺي مون ڏي نه وارج تون،
جياپو يار مون ڳوليو اوھان جي آڙ ۾ آھي.
ڪکاوان گهر کڻي آهن اُھا راحت ڀلي ناهي،
مگر هت پيار پلجن ٿا اها شئي ماڙ ۾ آهي!؟
حياتي موت مون آهن قسم سان ٻئي ڏنا توکي،
متان سمجهين ’مسافر‘ ھي اجائي ڊاڙ ۾ آهي.

پرين شام توبن اڪيلي لڳي ٿي،

پرين شام توبن اڪيلي لڳي ٿي،
تڏهن دل ڦٽل ڪا حويلي لڳي ٿي.
لڳي ٿو گُذر تو ڪيو آ شھر مان،
گهٽي يار ھر ڪا چنبيلي لڳي ٿي.
ڀلا ڇا اوجاڳن جون ڳالهيون ٻُڌايان،
سدا ننڊ تنهنجي سهيلي لڳي ٿي.
درياءُ خان، دودا ڪٿي يار آهيو؟
ڏسو سنڌ ڳوڙھن ڳھيلي لڳي ٿي.
سندم ڏات هُن جون ادائون ته آهن،
سڄڻ کي وڏي ڪا پھيلي لڳي ٿي.
ڏيئو ڇو نه آهي مندر ۾ ٻريو اڄ؟
پُڄارڻ به ڏاڍي اويلي لڳي ٿي.
ڪري ڪُوڪ ڪوئل عصر مھل ٿي پر،
صنم ياد تنهنجي سوَيلي لڳي ٿي.
’مسافر‘ وساري ڀلا ڪيئن توکي؟
سندءِ سار ھر پل نوَيلي لڳي ٿي.

عجب جا فسانا اکين ۾ رکين ٿي،

عجب جا فسانا اکين ۾ رکين ٿي،
غضب جا نشانا اکين ۾ رکين ٿي.
نظر ڪِينَ ڦيرا پيو پاڻ ڳوليان!
وڏا تون زمانا اکين ۾ رکين ٿي.
ڪيو ڪا نوازش نگاهِه ڪرم جي،
جنت جا خزانا اکين ۾ رکين ٿي.
’اڀيچند‘ به ’سرمد‘ بڻائي ڇڏين تون،
ستم جو سُھانا اکين ۾ رکين ٿي.
لڳي ٿو ڏکن سان گهڻو ٿي گذارين،
رُئڻ جا بھانا اکين ۾ رکين ٿي.
صنم سُور ڪهڙا ٻُڌايان اوھان کي؟
اڳي درد خانا اکين ۾ رکين ٿي.
اچي يار تو وٽ سوالي بڻيو ھان،
ٻُڌاءِ مون کي جانان، اکين ۾ رکين ٿي؟
ڏيو ڪو ٺِڪاڻو عشق ۾ عجيبا!
سندم آشيانا اکين ۾ رکين ٿي.
چوين ٿي ’مسافر‘ چريو تون ٿيو آن!
مسافر کي معنيٰ اکين ۾ رکين ٿي.

تو سوا ٻي مھجبين گهرجي نٿي،

تو سوا ٻي مھجبين گهرجي نٿي،
ھاڻ ٻي ڪا عاشقي گهرجي نٿي.
تو ڪيو آ پيار سان روشن مون کي،
بس ته ٻي ڪا روشني گهرجي نٿي.
خواب ھڪڙو آهه سنڌ خوشحال جو،
آس ٻي ان کان وڏي گهرجي نٿي.
مُرڪ تنهنجي کان سوا او دلرُبا!
روح کي ٻي تازگي گهرجي نٿي.
جام اکڙين مان پياري پُر ڪيو،
ھا مون کي ٻي مئڪشي گهرجي نٿي.
سڀ تلاشون تو ملي ئي ٿيون ختم،
هاڻ بس آوارگي گهرجي نٿي.
جي ’مسافر‘ جو ٿو تون يار ٿئين،
تو سوا پوءِ زندگي گهرجي نٿي.

عجب آزمائش وٺين ٿو زمانا!

عجب آزمائش وٺين ٿو زمانا!
ڇني مورَ ماڻهو ڇڏين ٿو زمانا!
سدا سچ سفيرن هتي رت رُنو آ،
ڪري وار تن تي ورين ٿو زمانا!
هتي محبتن جا ٿيا پير زخمي؟
نه ڪوئي رحم تون ڪرين ٿو زمانا!
جڏهن ۽ جتي آ وفا مات کاڌي،
اُتي سمجهه تون ئي مرين ٿو زمانا!
وفا جا ’مسافر‘ جتي ڀي مرن ٿا،
اُتي ڪجهه نه رھندو، مڃين ٿو زمانا؟

وڙهي هِن وطن لاءِ امر ٿي وڃان،

وڙهي هِن وطن لاءِ امر ٿي وڃان،
وفا جو وڏو ڪو سفر ٿي وڃان.
ڏيان ڪُلفتن کي وڏي مات ڪا،
عجب الفتن جو اثر ٿي وڃان.
ٿيان ٿر ڪراچي يا ڪيٽي بندر،
سسئي جو شھر يا سکر ٿي وڃان.
ھُجان لاٽ حق جي ٻران پيو سدا،
غزل گيت وائي نثر ٿي وڃان.
ٿيان سنڌ وارن سندي سوڀ مان،
اوهان جي هٿن جو خنجر ٿي وڃان.
هجي هي ’مسافر‘ اوهان سان سدا،
الا مان اوهان جي نظر ٿي وڃان.

سدا دل صحن ۾ رھيا پيار آهن،

سدا دل صحن ۾ رھيا پيار آهن،
چرين چاھتن جا ضدي ٻار آهن.
رُلي يار ساڀيا جي رڻ ۾ ويا جَي!
سڄڻ خواب منهنجا سي شهڪار آهن.
ڀلي جڳ اسان کي پيو ماري جياري!
اسان لئه عجب هي ته اسرار آهن.
چري ڪو چوڻ جو نه موقعو ڏنو تو،
عجب ڪي اوهان لاءِ اظهار آهن.
اٿم پاڻ ارپي اوهان کي ڇڏيو بس،
ڪبا قربتن ۾ نه وھنوار آهن.
اسين پيار تنهنجي ۾ رُڪجي وياسين،
دنيا جئين نه بدليا مون دلدار آهن.
ٻُڌايو ڀلا جي خطا ڪا ڪئي ٿم،
اوهان ئي وساريا ته اقرار آهن.
اجائي انا کي ڇڏين ڇو نٿي تون؟
چري چھچٽا هي ڏينهن چار آهن.
مريو يار ماڻهو ’مسافر‘ وڃن ٿا،
مگر ڪونه مرندا ته ڪردار آهن.

قوم جون شاعر پُڇائون ٿو ڪري،

قوم جون شاعر پُڇائون ٿو ڪري،
باھه ٻاري ڄڻ هوائون ٿو ڪري.
ڪٿ ڪُهاڙو ها ڪپي وڻ کي ڀلا!
ڳَنَ سهاري تي هَلائون ٿو ڪري.
روز ڪونڌر ٿا ڪـُٺا جيڪي وڃن،
بي سهاريون ڪو ته مائون ٿو ڪري.
حق وسيلن جا پيا وارث پنن؟
ڏس پريان پوڙهو صدائون ٿو ڪري.
’مير جعفر‘ ڪونه ڌاريا هن هتي،
ڪو ته پنهنجو ٿِي دغائون ٿو ڪري.
پاڪ رشتن تي ڏئي الزام ڪو،
بس مٿي ڪوڙيون انائون ٿو ڪري.
سنڌ هِيڻي ڪڏهن ٿيڻي ڪِينَ آ،
هُو اجايون ئي سُکائون ٿو ڪري.
پيو اڃا ’سارنگ‘ پُڇائي او ادا،
ڪير آ جو ڪربلائون ٿو ڪري.
شال ويڙھا وستيون وسنديون رهن؟
دردَ وَندو من دعائون ٿو ڪري.
او اديبو شاعرو اکيون پَٽيو،
هي ’مسافر‘ التجائون ٿو ڪري.

حياتيءَ جي حسابن ۾ رڳو سُڏڪا بچيا آهن،

حياتيءَ جي حسابن ۾ رڳو سُڏڪا بچيا آهن،
سُکن جا الاءِ ڪٿ ڪي وڃي لمحا بچيا آهن.
دنيا جي دور جا ليکا نه ليکي ۾ ڪڏهن آيا،
نفعا نقصان سارياسين، وکر ساڳيا بچيا آهن.
اميدن جي پُٺارڪ ۾ ، ٽُٽل ڪي خواب ئي آهن،
اوهان جي نينهن جا مون وٽ اهي تحفا بچيا آهن.
سمهاري ساڻ ’سُومل‘ کي مُٺي آ مامري پيئي!
اوهان ريءَ ڪاڪ ۾ ’راڻا‘ رڳو لاشا بچيا آهن.
اسان جي تڙپ جو توکي اندر احساس ناهي ڪو،
اوهان وٽ نالي ماتر ئي وڃي رشتا بچيا آهن.
مڙئي محبتون ميڙي سُکن جو شهر اڏجي پر،
’مسافر‘ يار محبت جا وڃي ماسا بچيا آهن.

معاشرو سُڌارجي ٿيو پيو خراب آ،

معاشرو سُڌارجي ٿيو پيو خراب آ،
بگاڙ کي سنوارجي اهو ته انقلاب آ.
اُجاڙ مند ۾ بهار جا خواب پوکجن!
ڏڪار کي سُڪار جي وڏي اها وفا به آهي،
پريت جي پچار ۾ سِڌا هلو سچا هلو،
پريت کي وسارجي، وڏو اهو عذاب آ.
غلاظتون تڙي ڪڍي صداقتون وڌائجن.
۽ پيار سان گذارجي اهو چيو نصاب آ.
ڏسو شڪار ۾ ڪويل کي کڻي ٻڌو اٿن،
اُڏار ڪا کسي وٺڻ وڏو ته ڪم خراب آ.
بشارتون نٿيون ملن رڳو عبادتن منجهان،
غدار کي ٿُڪارجي اهو وڏو ثواب آ.
’مسافر‘ مُنجهي نه پئو اِجهو ٿيون منزلون اچن،
گهٽي گهٽي بهار آ، گهٽي گهٽي گلاب آ.

من جڪڙجي ويو درد جي ڄار ۾،

من جڪڙجي ويو درد جي ڄار ۾،
ڪو قصو ٿَم پڙهيو ڪالهه اخبار ۾.
ڌيءَ پيءَ جي مٿان ڏوھه ڪارنهن رکيو،
ڇا پيو هي ٿئي هن ته سنسار ۾.
مطلبن جي ڪري پاڪ رشتن مٿان،
زهر هارينِ پيا هي رڳو خار ۾.
ماڻهپي جو ڪِرِي هِت سِڪو آ ويو،
فرق ناهي ڏٺم عشق واپار ۾.
يا خدا تون ڪجان پاڻ پنهنجو ڪرم،
هاڻ ٻيڙو اچي آ ويو تار ۾.
عشق جي راند جو فيصلو ٿا ڪيون،
جيت تنهنجي سدا، مان سدا هار ۾.
تيز دنيا اٿئي او ’مسافر‘ چريا،
تون ڪٿي ٿو پڄين سُست رفتار ۾.

جڏهن دلربُا جدا ٿي وئي،

جڏهن دلربُا جدا ٿي وئي،
منهنجي درد جي انتها ٿي وئي.
پُٺارڪ ڦلهوري ڏٺم محبتن جي،
ڪٿي آهي مون کان جفا ٿي وئي.
رتوڇاڻ چوڏس، متل ايڏي آهي،
ڄڻ سنڌ آهي ڪربلا ٿي وئي.
منهنجا محبتن ۾ سجدا ڏسي ھُوءَ!
خدا جي بندِي آ خدا ٿي وئي.
رھيو ھان ’مسافر‘ وفا ۾ جو پورو،
اھا ئي آ شايد خطا ٿي وئي.

ناحق وڏا آهن ڪيا، دنيا اندر ناڻي ڏسو!

ناحق وڏا آهن ڪيا، دنيا اندر ناڻي ڏسو!
ڇا ڇا پيو ماڻهو ڪري پئسن خاطر هاڻي ڏسو.
ٽيھن سالن کان به پوءِ چور ساڳيو چور نڪتو؟
ڪابه اصلاح ڪانه ڪئي ٿَس، جيل ۽ ٿاڻي ڏسو!
اشرف المخلوق جو درجو ڏنو مالڪ اٿس،
حيثيت انسان پنهنجي ڇو ڪونه پيو ڄاڻي ڏسو.
ساڻ ’سُومل‘ کي سمهارڻ جو ڪيو ’مومل‘ مذاق!
ڪاڪ تي قيامت ڪيرائي، رنج ٿي ’راڻَي‘ ڏسو.
مون قدم ھر ڪو وڌايو آ وفا جي واٽ تي،
ڀل اوهان منهنجي وفائن کي ڇنڊي ڇاڻي ڏسو!
چئي ’مسافر‘ حال ھي ۽ ماضي، مستقبل منهنجو،
نالي آ محبوب جي ڀل وجهي گهاڻي ڏسو.

ڪڏهن ڪي پُور پيڙائون، ڪڏهن ڪا آس لکندو هان،

ڪڏهن ڪي پُور پيڙائون، ڪڏهن ڪا آس لکندو هان،
غزل يا گيت جي نالي، پيو من پياس لکندو ھان.
رڳو هي لفظ ڀي ناھن، ذرا ڪجهه غور فرمايو،
سڙن ٿا ساھه ۾ جيڪي اھي احساس لکندو ھان.
وفائون ڇو ڇني ڇوري جيان رھجي ويون آهن؟
اڃان ڪي ڀروسا آهن تڏھن وشواس لکندو هان.
وفا جي واٽ جا راهي دغا مان ڪونه ڄاڻن ٿا،
سڄڻ ساڻيه سان دوکو ڪندڙ راڪاس لکندو ھان.
پڏائين پاڻ جيڪي ٿا اهي ڇا پيار کي سمجهن؟
ڏين سجدا سچايُن تي اُهي روح راس لکندو ھان.
ڀلي تون پاڻ پنهنجي کي، پري رک مون ’مسافر‘ کان،
ھجين ٿي ساھه منهنجي ۾ رھي تو پاس لکندو ھان.

وِکَ وِکَ دوکا ويساھه گهاتيون،

وِکَ وِکَ دوکا ويساھه گهاتيون،
زھر ڏسان پيو يار حياتيون.
ڪو قاتل هت ڌاريو ناھي،
پنهنجا هٿ ۽ پنهنجون ڪاتيون.
ڪيسين تائين آخر ڏسبيون؟
روئندڙ مائون زخمي ڇاتيون!
ڪنهن آ ماريو بابل منهنجو؟
ماءُ ٻڌي ٿي ٻوليون ٻاتيون.
ھاڻ لڳن ٿيون چيخ وڏي ڪا،
ڪوئل جون ڀي مٺڙيون لاتيون.
کنڊراتن ۾ ڪير اچي ٿو؟
ھر ھر در ڏي پاءِ نه جهاتيون!
شال ’مسافر‘ سنڌڙي ماڻي،
اجرا ڏينهن ۽ روشن راتيون!

تو وٽ جيڪا ڏات ڏسان ٿو،

تو وٽ جيڪا ڏات ڏسان ٿو،
روشن سا پرڀات ڏسان ٿو.
لفظن سان ٿي ديپ جلائين،
اونداهين جي مات ڏسان ٿو.
تنهنجي فڪري پھلوُئن ۾!
سوڀاري سوغات ڏسان ٿو.
تنهنجي من آڳر ۾ سانئڻ،
جيتڻ جا جذبات ڏسان ٿو.
ھاڻ ته جهيڙو ڪرڻو آ بس،
وَکَ وِکَ واڳون وات ڏسان ٿو.
تنهنجي شعرن جا ته نياپا!
ڪانئر پويان ڪات ڏسان ٿو.
تنهنجي منهنجي منزل ساڳين،
ذات نه ڪا ئي پات ڏسان ٿو.
ڇو نه ’مسافر‘ ڇير ٻُڌان مان،
جگنو جگنو رات ڏسان ٿو.

حادثا ئي حادثا آ زندگي،

حادثا ئي حادثا آ زندگي،
ھا ڏکن جا مرحلا آ زندگي.
آس ۽ وشواس آهن باھه ۾،
ساھه سڏڪو ۽ صدا آ زندگي.
روح رئڻو ٻار ان جي لاءِ ڄڻ،
راند جا رانديڪڙا آ زندگي.
ضبط جا هي بند اڏجن ڪيترا،
ڪربلا ئي ڪربلا آ زندگي.
درد جا سئو روپ ۽ عنوان هن،
جِيءَ جهيرون جابجا آ زندگي.
درد ڌرتي، فڪر، فاقه روح رت!
روز هڪڙي ٻي سزا آ زندگي.
تون وڇوڙن جا قصا ڇا ٿو پڇين،
فاصلا ئي فاصلا آ زندگي.
يار افضل تون ته هليو دور وئين،
مات منهنجي تو سوا آ زندگي.
من منهنجو موڳو ’مسافر‘ آ ٿيو،
پيچرا ئي پيچرا آ زندگي.

چَپن تي ھڻي ماٺ تالا ڇڏيون ٿا،

چَپن تي ھڻي ماٺ تالا ڇڏيون ٿا،
اندر ۾ لڪائي جوالا ڇڏيون ٿا.
ڏسون ڪير ٿو ھاڻ ڳولي اسان کي،
ھوا ۾ اڏاري حوالا ڇڏيون ٿا.
اڙي وقت ايندڙ نسل کي ٻڌائج،
لکي ڪي هتي هوجمالا ڇڏيون ٿا.
نه ڄاتم پٿر جي اڳيان ٿي رُناسين،
اُگهي نيٺ هي نيڻ آلا ڇڏيون ٿا.
ڇِني جن اسان کي ڌڪاري ڇڏيو آ،
چِٽي هانوَ تي سي ئي نالا ڇڏيون ٿا.
ڀلي ڪو چُمين جي چَسن تي مري پيو،
اسان نينهن پنهنجا نرالا ڇڏيون ٿا.
ٻُڌا يار شاعر ڇڏيندو ته ڇا هت،
غزل گيت ۽ ڪجهه رسالا ڇڏيون ٿا.
ٻري جي ’مسافر‘ مري ويو ته ڇاهي،
جلي پاڻ جڳ ۾ اُجالا ڇڏيون ٿا.

وسڪاري جي ويل وري آ،

وسڪاري جي ويل وري آ،
ساجن تون ڀي هيل وري آ.
هُو ڏس ڀٽ تي مور نچي ٿو،
ڊڪندي ان جي ڊيل وري آ.
آئون ئي بس هيڪل آهيان،
کِنوِڻن ساڳيو کيل وري آ.
جانب تو ريءِ جاليان ٿو پيو،
جِيوَن ڄڻ ڪو جيل وري آ.
سارُن ساڻو ساھه ڪيو آ،
او! راحت جا رابيل وري آ.
هيل ته پنهنجن ٿاڪَن تي ڪي،
محبت ماڻيون ميل وري آ.
سونهن سندو تون ساگر آهين،
سيرت جا سنگ ميل وري آ.
تو بن هر ڪا آس ’مسافر‘،
آ ٻاٻرو ڄڻ سيل وري آ.

مون ۾ پنهنجو پاڻ ڇڏي وئي،

مون ۾ پنهنجو پاڻ ڇڏي وئي،
سرهي آ سرهاڻ ڇڏي وئي.
منهنجي ميري جِيوَن ۾ آ،
چاهت جي چانڊاڻ ڇڏي وئي.
وڇڙئي هُن کي سال ٿيا هِن،
سوچيان ٿو آ هاڻ ڇڏي وئي.
ساھه منهنجي ۾ سنڌو بڻجي،
موجن جي مهراڻ ڇڏي وئي.
ڪابه خبر ئي ڪانه پئي مون،
نينهن ڇني ڇاڪاڻ ڇڏي وئي.
ماپي ماپي محبت جا ڪي،
مون ۾ آهي ماڻ ڇڏي وئي.
راحتن جا روح اُڊيڙي،
ساهن ۾ ڇڪتاڻ ڇڏي وئي.
ڏات ڏيئا ڪي ٻاري من ۾،
جذبا جوت جواڻ ڇڏي وئي.
کِلَ خوشيءَ جي آس اُجاڙي،
روح ڪري رت ڇاڻ ڇڏي وئي.
ويندي ويندي يار ’مسافر‘،
اکڙين ۾ آلاڻ ڇڏي وئي.

منهنجي ھر شام اڄ تائين،

منهنجي ھر شام اڄ تائين،
رهي ماتام اڄ تائين.
اوهان ٿي خاص ويا آهيو،
اسان هُون عام اڄ تائين.
کسي هر جيت تو مون کي،
ڪيو ناڪام اڄ تائين.
اوهان جي ياد آ منهنجي،
ڏکن لا بام اڄ تائين.
تنهنجي هر ياد ٿي ’نُوري‘،
رهيس مان ’ڄام‘ اڄ تائين.
پکي ويا پيار جا اُڏري،
لڏي پئي لام اڄ تائين.
تنهنجو هر ڪو سِتم مون وٽ،
صنم آ سام اڄ تائين.
پرين تو بن ڪيو ناهي،
اکين آرام اڄ تائين.
ابد کان ئي رهي آ هت،
وفا نيلام اڄ تائين.
ڏسان ٿو ڏيهه ساري ۾،
برھه بدنام اڄ تائين.
سَٺا سِرَ تي اٿم سانئڻ،
سوين الزام اڄ تائين.
’مسافر‘ ٿي سڏايان ٿو،
اوهان جي نام اڄ تائين.








وڃي ويچار ۾ ويٺس پيم ڪي پُور عيدن جا،

وڃي ويچار ۾ ويٺس پيم ڪي پُور عيدن جا،
هتي سنسار ۾ آهن عجب دستُور عيدن جا.
سڌو سنئون سبق آهي ڏنو محبت سندو مذهب،
مگر تو مون بڻايا هن نوان منشُور عيدن جا.
هتي ڪاٽن ڪَلف ڪيئي ڏٺم پيرين اگهاڙا ڪي،
خوشين عيوض ڏٺم اڪثر هتي ناسُور عيدن جا.
غريبن جي گهرن ۾ ٿي ڦري فاقه ڪشي پيئي،
مزا ماڙين ملهايا ٿي هتي ڀرپُور عيدن جا.
الاءِ ڇو نٿي ڏسجي سچي کل ۽ خوشي جڳ ۾،
هجون ڄڻ قرض لاهيندا مثل مجبُور عيدن جا.
ڏيئي فطرا ڪُهِي ڦَنڊرُون رڳو ڪن ڏيک دنيا ۾،
نڪو ايثار نوڙت آ، نڪو مسرُور عيدن جا.
منجهي من پيو ’مسافر‘ جو، دنيا جي دور ۾ ڏاڍو،
لکي احساس جي نالي پيو، عاشُور عيدن جا.

ڪيڏو نه قداور آ مقتل ۾ کلي ٿو پيو،

ڪيڏو نه قداور آ مقتل ۾ کلي ٿو پيو،
رت بُوءِ مٿان مرڪي ڏيو ٽهڪ ٽلي ٿو پيو.
هن وار ڪيو هڪڙو، دل چار ٽڪر ٿي وئي،
ڏس سُور ڪٿا پنهنجي، بي خوف سلي ٿو پيو.
هي عشق امر آهي، هي عشق نڀائيندس،
ڏس يار ڏيئو بڻجي، هُو پاڻ جلي ٿو پيو.
بي داغ نگر دل تي، سئو داغ لڳا ليڪن،
سڀ سور ڏنا پنهنجن، سي پائي گلي ٿو پيو.
خنجر به هنيا جن، سي هٿڙا به هئا پنهنجا،
ڏيو ڏيج ڏکن جا ڀل، هُو جهول جهلي ٿو پيو.
چُپ چاپ ڏسڻ ۾ آ، پر درد سندو دل ۾،
درياءُ اٿس ڪو جو، اکڙين ۾ ڇلي ٿو پيو.
ارمان اٿس دل جا، ڪنهن باھه ڏئي ساڙيا،
آ ڪير ’مسافر‘ هُو، راهن ۾ رلي ٿو پيو.

رلائي روز ٿي مون کي پنهنجي تصوير کي سمجها،

رلائي روز ٿي مون کي پنهنجي تصوير کي سمجها،
چَپن کي چَور فوٽو ۾ اکين جي نير کي سمجها.
جڏهن کان آ ڏٺو توکي جيئڻ جي آس جاڳي آ،
ملڻ جي ڪونه ٿي چاهين ته مون دلگير کي سمجها.
لڳي ٿو هر لفظ تنهنجو عڪس منهنجو الاءِ ڇو،
لکي ٿي ساڀيائون جي منهنجي تعبير کي سمجها.
رهيو ڪو ناخدا ناهي مٺا منهنجي ته ٻيڙي جو،
ٻڏڻ تي يار آهيان مان، اچي تون وير کي سمجها.
رکيا جي زلف فوٽو ۾ اٿئي هي يار چهري تي،
ورائي ڇڏ انهن کي يا ڏکڻ جي هير کي سمجها.
درياءُ آ تار دردن جو، الا آهيان ته اڻ تارُو،
سدا ٿي سڪ وَندا ٻوڙي، سِگَهي اچ سِيرَ کي سمجها.
سهارو ڪوبه ناهي ڪو ’مسافر‘ يار محبت جو،
موئن جي آ دڙي جھڙي ڦِٽل تقدير کي سمجها.

گُهلي اهڙي هوا آهي رُلي رشتا ويا آهن،

گُهلي اهڙي هوا آهي رُلي رشتا ويا آهن،
جيئڻ جي آس جا سڀئي ٽُٽي سپنا پيا آهن.
ڏسو جانچي ته سينن ۾ لڳل ڪاراڻ آ ڪيڏي،
دلين جي ديس جا يارو اُجهاڻا ڇو ڏيئا آهن.
پڙهڻ توڙي پروڙڻ جو عمل ڪونهي اسان ۾ ڪو،
’ڀٽائيءَ‘ جي رسالي ۾ عمل پيا اڻ ميا آهن.
ڏسان هر ڪاڪ ٿو ڪڙهندي رلن ٿا راڄ راڻن جا،
مرن ٿيون موملون ڪيئي ستم هت سئو ٿيا آهن.
کڄن معصوم واٽن تان ملن ٿا لاش بڻجي سي،
حوس جي باھه ۾ آدم، قهر ڪيڏا ڪيا آهن.
سڏايون پاڻ کي مسلم ڀلا سوچي ڏسون آهيون؟
زنا، رشوت، وياجي ۽ عدل ۾ هت رِيا آهن.
اوهين تاريخ ورجائي مون کي ’منصور‘ جيئن ماريو،
’مسافر‘ ڇو سچائيءَ جا اکر تو هي چيا آهن.

رشتا سنڀالجن يا سپنا سنڀالجن،

رشتا سنڀالجن يا سپنا سنڀالجن،
دل ٿي چوي ته ٻيئي رستا سنڀالجن.
آدم پيو ته اُلجهي پنهنجي مفاد ۾ ئي،
ڪهڙي ته ريت يارو جذبا سنڀالجن.
جو ڌڪ لڳو پٺن ۾ هر وار ھٿ سڃاتم،
پنهنجن سندا پيا ھي تحفا سنڀالجن.
ساجن سڏي ڏنو آ جاگير ھي ڏکن جو،
سڏڪا سنڀالجن يا صدما سنڀالجن.
وحشت نچي رھي آ هر گام هر گهٽي ۾،
پوتيون سنڀالجن يا پٽڪا سنڀالجن.
ماحول ڪشمڪش جو هر سر اچي پيو آ،
ننڍڙا سنڀالجن يا وڏڙا سنڀاجن.
نا اھل باغبان آ، بلبل به سوڳ ۾ آ،
گل گل چوي پيو ڪيئن گلڙا سنڀالجن.
فاقه ڪشي جا ڦيرا آهن رڳو اسان تي،
تهذيب لاءِ لُڇون يا ٻچڙا سنڀالجن.
پروردگارِ عالم پنهنجي پناھه ڏيندو،
اٿ ھل ھلي ’مسافر‘ پنهنجا سنڀالجن.

ڇنڻو اٿئي ڀلي ڇِن مون کي نڀائڻو آ،

ڇنڻو اٿئي ڀلي ڇِن مون کي نڀائڻو آ،
تو سان وچن وفا جو پورو پڄائڻو آ.
توکي حُسن ھٺيلو آهي ڪيو مڃان ٿو،
عاشق سدائين عاجز سر کي جهڪائڻو آ.
ويساھ ٿو رکان مان پنهنجي وفا تي پورو،
هر هر چوان ٿو مُرڪي ڪنڌڙو ڪپائڻو آ.
’منصور‘ جي مٽي آ ساري ته سنڌ منهنجي،
مُردود کي ٻُڌايو توکي ڀڄائڻو آ.
اکڙين جي ڪهڪشان ۾ هُج تون ڀلي ’اڀيچند‘،
تنهنجي ته يار پويان ’سرمد‘ سڏائڻو آ.
مون جو لکي غزل آ توتي ڇڏيو مسافر،
اظهار سو اوهان وٽ ڪنهن پَرِ پڄائڻو آ.

رڳو يار دوکن ڏَٽَن تي لکون ٿا،

رڳو يار دوکن ڏَٽَن تي لکون ٿا،
پيا شعر پنهنجي ڦَٽن تي لکون ٿا.
فڪر فلسفي جي به فاقه ڪشي آ،
اسان لوڻ مرچن اَٽن تي لکون ٿا.
گلابي ادائن هٿان گهاوَ کائي،
هميشه حُسن جي هَٽن تي لکون ٿا.
ٻُڏڻ کان نه سُهڻيون بچائي سگهيا هُون،
اجايو ته گهيڙن گَهٽن تي لکون ٿا.
’مَتارن‘ مرڻ جا سَبب ڀي ته ڳوليون!
سدائين ته ’موکي‘ مَٽن تي لکون ٿا.
ڪٿي هاڻ تحقيق آھي اسان وٽ؟
هِتان ۽ هُتان جي زَٽن تي لکون ٿا.
نه ٿا جُهور چھرا وڻن ڇو اسان کي،
غزل گيت ڳاڙھن ڳَٽن تي لکون ٿا.
ٻُڌا ماڻهپي جي ڪٿي جيت ٿيندي؟
لُٽي سادگين کي لَٽن تي لکون ٿا.
’مسافر‘ الاءِ ته ڇا ٿي ويو آ!
ڇڏي سچ سمورا سَٽن تي لکون ٿا.

يادگيرين جون هڙوٽيون اڄ وري کولي ڏٺم،

يادگيرين جون هڙوٽيون اڄ وري کولي ڏٺم،
يادِ ماضي ۾ وڃي ير پاڻ کي رولي ڏٺم.
ها رڳو آيون نظر ٿي بي رخيون بي واجبيون،
ڪا وفاداري نه ڪا ئي ڪن اکين اولي ڏٺم.
جو ڪٻٽ ڀريو پيو آهي ڪتابن سان مٺا،
تن ڪتابن ۾ تنهنجو فوٽو به هڪ ڳولي ڏٺم.
هئا ڳَلن جي ڳوٺ جا مس وڃي گَسڙا سُڪا،
تن گَسَن تان اڄ اکين جي آب کي ڇولي ڏٺم.
تو ’مسافر‘ کي ڇنو ڳالهه کي ڪي سال ٿيا،
پر وري ڇو ساھه کي اڄ تڙپندو تولي ڏٺم.

چري دل حُسن تان، فدا ٿي وڃي ٿي،

چري دل حُسن تان، فدا ٿي وڃي ٿي،
حُسن جي حقيقت، سزا ٿي وڃي ٿي.
سڄڻ ٿو سدائين، سِتم سان نوازي،
ڪجي دانهن ڪهڙي، گِلا ٿي وڃي ٿي.
عشق ۽ عقل جي، ازل کان لڙائي،
ٻنهي ۾ حياتي، حصا ٿي وڃي ٿي.
نمازون ۽ سجدا، نه فتويٰ جنت جي!
ڏجي سر وطن تان، بقا ٿي وڃي ٿي.
وطن جي سڏن کي، ٻُڌو جن وفا سان،
نمازِ وفا پوءِ، ادا ٿي وڃي ٿي.
اسان کي نصيبن، رُلائي ڇڏيو آ،
دعا ٿا لکون سا دغا ٿي وڃي ٿي.
ڪڏهن ٿو چوان مان گنهگار ناهيان،
بشر آ بشر کان، خطا ٿي وڃي ٿي.
’مسافر‘ چوان ٿو، وفا تون ڪندو رھُه،
وفائن سان بدلي، قضا ٿي وڃي ٿي.

ڪيڏو نه غم لٿل آ، آڪاش جي اکين ۾!

ڪيڏو نه غم لٿل آ، آڪاش جي اکين ۾!
لڙڪ لڙيل آهن، وشواس جي اکين ۾.
هُن چيو ڪاش ٻئي، دل ۽ ڌڙڪن هُجون،
ڪيڏي آس ۽ درد هو، ان ’ڪاش‘ جي اکين ۾.
سالن کان پيو سوچي تصوير اُها ٺاهيان،
مُورت ڪا سجيل آ، سنگتراش جي اکين ۾.
مهينن جا مُنهن جرڳا، نيٺ ڪالهه هُو قتل ٿي وئي،
بيڏوھي پڌر آهي، ان لاش جي اکين ۾.
ڪاريءَ جو نانءُ ڏيئي، پُٽَ ماءُ ماري آ ’مسافر‘،
آ تڙپي رُني انسانيت، اوباش جي اکين ۾.

سوچن جا سلسلا، ٽُٽن ئي نٿا،

سوچن جا سلسلا، ٽُٽن ئي نٿا،
فرق ۽ فاصلا، ٽُٽن ئي نٿا.
موئن جو دڙو ٿي ويئي آهي دلڙي،
درد جا زلزلا ٽُٽن ئي نٿا.
نبيرڻ لاءِ هاڻي، رهيو دم آ باقي،
مُنجهيل ٻيا معاملا، ٽُٽن ئي نٿا.
گهڻو پاڻ پنهنجو، بچائڻ ٿو چاهيان،
درد هي دادلا، ٽُٽن ئي نٿا.
ڪريو روز ڪاريون، جوانيون ڪُهن ٿا،
جرڳا ۽ فيصلا، ٽُٽن ئي نٿا.
نفرتن جِنجهوڙي، آ ڇڏيو ’مسافر‘،
مگر هي حوصلا، ٽُٽن ئي نٿا.

اسين پيڪر وفائن جا، جفائن ۾ اسان جو ڇا؟

اسين پيڪر وفائن جا، جفائن ۾ اسان جو ڇا؟
ڪريون سڄڻن ثنائون ٿا، گِلائن ۾ اسان جو ڇا؟
اسان جنهن کي پوڄيو، رهي من ۾ پيا پوڄيون!
حُسن هر هنڌ ڏسجي پر، ادائن ۾ اسان جو ڇا؟
پرين بس قيد ڪاڪل مان، ڪڍي ڇڏجان نه مونکي تون،
ٻين جي زلف ڪارن جي، گهٽائن ۾ اسان جو ڇا؟
اسان جي دل جي ڌڙڪن ۾، وسي هيءَ سنڌ ڌرتي ٿي،
پڄڻ چاهيون ڇا لئه چنڊ تي، خلائن ۾ اسان جو ڇا؟
نڪو سچ چوندي هٻڪون، نڪو سچ ٻڌندي ٿڙڪون،
اسان سادا سُٺا آهيون، انائن ۾ اسان جو ڇا؟
’مسافر‘ درد جو دارون، ملي ٿو هُن جي مُرڪن مان!
دعائن ۾ به دم ڪونهي، دوائن ۾ اسان جو ڇا؟

پرين پردو هٽائي تون، نظارا بي نقاب نه ڪر،

پرين پردو هٽائي تون، نظارا بي نقاب نه ڪر،
اکين جي ڳالهه امر آ، اشارا بي نقاب نه ڪر.
نگاهون ئي نگاهن کي، ڏين ٿيون جام الفت، جو،
پرين تون ٻن پياسن جا، گُذارا بي نقاب نه ڪر.
لڪايان پاڻ پنهنجا ٿَئون، سڄڻ هڪٻئي جي ساهن ۾،
پنهنجا جڳ ۾ پرين پيارا، اوتارا بي نقاب نه ڪر.
جيئون جڳ ۾ ’مسافر‘ ٿا، صرف هڪٻئي جي لاءِ ئي،
سڄڻ تون پنهنجي ساھن جا، سهارا بي نقاب نه ڪر.

وري پيو ورهاست جا، واڄا وڄائي،

وري پيو ورهاست جا، واڄا وڄائي،
پايو ٽوپي اجرڪ، ٻئي پيو لڄائي.
اهي خواب کوٽا ڏسڻ ئي ڇڏي ڏي،
اٿئي سنڌ منهنجي، ڇڏيئين ٿو ٻُڌائي.
صفا آئون حيران آهيان ٿيو اڄ،
پناهن لئه آيل پيو وارث سڏائي.
منهنجي شعر ۾ تنهنجي لاءِ آ نفرت،
امڙ سنڌ لئه سر به ڇڏبو ڪپائي.
هُو مڪلي، ڪراچي، موئن جو دڙو ٿَئي،
ڏسان مان به ڪو ڪيئن ٿو سنڌڙي ورهائي.
دلين ۾ ڏنيون جايون جن، هِن اوهان کي،
انهن جا ئي جَيرا، ڇڏيا ٿوَ جلائي.
رکي سر جي بازي ’مسافر‘ ڇڏي آ،
اٿس ڀاڳ هاڻي کٽي يا ھارائي.

دلبر حرام جي نه ٿِي خودڪشي هجي ها،

دلبر حرام جي نه ٿِي خودڪشي هجي ها،
توبن نه يار مون وٽ اڄ زندگي هجي ها.
طاقت آ ڪهڙي مون ۾ ماڻيان نه ها ڪا مڃتا،
شامل نه يار تنهنجي جي تشنگي هجي ها.
آ حوصلن جي آڏو آخر هوا هاريو،
ڏيئو هجي ها گهر ۾ اڄ روشني هجي ها.
هڪ عشق سنڌ سان ٿم ٻيو چاھه تو پرين سان،
ڪو غم نه جي هجي ها ڪٿ شاعري هجي ها.
سجدا ڪيا سدا ٿم حق سچ ۽ وفا تي،
هن بندگي سوا بس آوارگي هجي ها.
هڪ تون نه جي تماشو مون کي ڪري ڇڏين ها،
پنهنجن ۾ ڪيئن ’مسافر‘ اڄ اجنبي هجي ها.

اوهان جي شهر جون آهن هوائون زهر آلوده،

اوهان جي شهر جون آهن هوائون زهر آلوده،
تڏهن ئي ٿي ويون آهن وفائون زهر آلوده.
اسان جي عشق جا سجدا نه آيا ڪنهن به کاتي ۾،
اوهان جي بي رخيءَ ۾ ٿيون سکائون زهر آلوده.
اسان کي درد ڌرتيءَ جو وڃي هر روز کائيندو،
رقبين جي ذهن ۾ هن رٿائون زهر آلوده.
مڃو ڀل ڪِينَ پر آخر اوهان جو ڏِيلُ ڏارينديون،
اسان جون ڀي بڻيون آهن صدائون زهر آلوده.
’مسافر‘ شهر تنهنجي ۾ بڻيو مان اجنبي آهيان،
نگاهون ڪن پيون مون کان پُڇائون زهر آلوده.

زندگي آ ڏکن جو گهر ٿي ويئي،

زندگي آ ڏکن جو گهر ٿي ويئي،
نڀائڻي وئي پئجي سا پَر ٿي ويئي.
اسان جي وفا جو قدر ڪونه ٿيو ڪو،
هر وفا بي وفا جي، نظر ٿي ويئي.
مايا جو اڄڪلهه مرتبو مٿي آ،
۽ محبت هٿن جي آ، مَر ٿي ويئي.
محبت جي ميزان ۾ ڇا تُرياسون؟
آهي هر ڪا ساعت حشر ٿي ويئي.
دل جي شهر ۾ زلزلو اچي ويو،
سُندر آس هرڪا کنڊر ٿي ويئي.
ڏکي يا سُکي پئي گذرندي ’مسافر‘
گهڻي ڪجهه ته آهي بسر ٿي ويئي.

پاڪ جذبن جي مٿان پارا ٿا دل وارا ڏسن،

پاڪ جذبن جي مٿان پارا ٿا دل وارا ڏسن،
نازڪ نيڻن ۾ سدا نارا ٿا دل وارا ڏسن.
هڪ سچائيءَ جي ڪري سئو سئو دفعا قربان ٿي،
راتيون روئي سڄيون تارا ٿا دل وارا ڏسن.
جي سچي محبت اٿئي پيءُ زهر پيالو ڀري،
محبوب مٺڙي جا عجب عارا ٿا دل وارا ڏسن.
آ جُڳن جي جوڙ کان عاشق اذيت ۾ رهيو،
ڏک، سُور، ڏمر ڏيهه جا سارا ٿا دل وارا ڏسن.
’ڪارنهن‘ ڪري آهن ڇڏيا ميٺاج محبت جا ڪڙا،
تڏهن ارمانن مٿان آرا ٿا دل وارا ڏسن.
هن اڙانگي راھه تي هل ’مسافر‘ ٿي هوشيار!
گمنام وِکَ وِکَ جي مٿي چارا ٿا دل وارا ڏسن.

نڪو عشق هو ۽ نه سارون هيون ڪي،

نڪو عشق هو ۽ نه سارون هيون ڪي،
نه اکين ۾ لڙڪن جون لارون هيون ڪي.
ذهن سوچ سنگهرن ڪيو هو نه قابو،
نڪو پُورَ ها نه پچارون هيون ڪي.
نه ها سرد سڏڪا نه ڪي سرد آهُون،
نه ها درد يادون نه ڪارُون هيون ڪي.
نه ڪا جاڳ نيڻن جي نه تارن سان ڳالهيون،
نڪو لوڪ طعنا ميارون هيون ڪي.
لڳيءَ، ڏات ارپِي ’مسافر‘ بڻيس مان،
پهرين خيال ۾ ڪٿ اُڏارون هيون ڪي.

سنڌي سيني سُپر آهيون، الئه ڪيئن سنڌ ٽوڙيندو،

سنڌي سيني سُپر آهيون، الئه ڪيئن سنڌ ٽوڙيندو،
ها کوٽن لئي کپر آهيون، الئه ڪيئن سنڌ ٽوڙيندو.
ڀلي ڪو وِيرَ وانگر ئي اچي سئو بار ٽڪرائجي،
انهيءَ جي لئه ڪپر آهيون، الئه ڪيئن سنڌ ٽوڙيندو.
ڀٽائي ڀُونءَ ۾ جيڪا ٿي سڏجي بُوءِ بهارن جي،
اسان ان جو اثر آهيون، الئه ڪيئن سنڌ ٽوڙيندو.
’مُئن وارو دڙو‘، ’مڪلي‘ ٻئي اهڃاڻ عظمت جا،
اسان ازلنئون امر آهيون، الئه ڪيئن سنڌ ٽوڙيندو.
سدا هيءَ سنڌڙي آهي ولين صوفين سندي ڌرتي،
سدا ڇورن ڇپرُ آهيون، الئه ڪيئن سنڌ ٽوڙيندو.
متان ڀُلجي ڪڏهن ڪانئر کڻي ميري نظر هن ڏي،
سنڌي جوڌا جگر آهيون، الئه ڪيئن سنڌ ٽوڙيندو.
تنهنجين ناپاڪ ڳالهين کي ’مسافر‘ سمجهي ويا آهيون،
نه هرگز بي خبر آهيون، الئه ڪيئن سنڌ ٽوڙيندو.

ڪُوڪ نه ٻڌجي ڪوئل جي!

ڪُوڪ نه ٻڌجي ڪوئل جي!
ڇم ڇم ناهي پايل جي!
ٻانهون ڳچيءَ جو هار نه ٿيون،
سڪ لٿي نه سڪايل جي.
رهبر ڪرسيءَ کي چهُٽل،
قسمت قوم ستايل جي.
چارئي پهر اندر ۾ آ،
ڳڻتي ڌرتيءَ گهايل جي!
اکڙين مان ڪو جام ڏئي،
لاهي اڃ اڃايل جي.
اچ ته ’مسافر‘ سر گهوري،
ٿڃ ملهايون جيجل جي!

وڇوڙو اسان ۾ اچي جي ويو آ،

وڇوڙو اسان ۾ اچي جي ويو آ،
سفر زندگيءَ جو سزا ٿي پيو آ.
رڳو درد يادون بچيون يار آهن،
اچي ڏس اسان وٽ ٻيو ڇا رهيو آ.
نه مُرڪ ٻيڙي چپن تي لڳي ٿي،
ڏکن جو پئي ڳاھه من ۾ ڳهيو آ.
نياپا هوائن هٿان جو مُڪا تو،
اهو ڪم پرين اڄ ڪچو ڪيو تو آ.
چٽي رات چوڏهين وياڪل لڳي ٿو،
چري چنڊ کي تو ڀلا ڇا چيو آ.
دعا ڪر ’مسافر‘ وڇوڙو وڃي هي،
اُجهاڻو اڃا نه اميدن ڏِيَو آ.

آ پرين تو ڏني دغا مون کي،

آ پرين تو ڏني دغا مون کي،
ڪا ٻُڌا تون کڻي خطا مون کي.
ڏوھ ڪو رک ڀلا سڄڻ سائين،
بي سبب تون نه ڏي سزا مون کي.
ها جڏهن کان پري ڪيو تو،
سُور ماري پيو صفا مون کي.
مون وچن آ ڏنو وفا ڪندس،
تون ڀلي ير سدا ستا مون کي.
عيب سمجهيم الاءِ ڪيئن جُهڪيس،
ڪا نهوڙي وئي ادا مون کي.
آ وفا جي شمع ’مسافر‘ هي،
پر وسائڻ ٿي گهري هوا مون کي.

مون کي مون ۾ مات ڏئي وئي،

مون کي مون ۾ مات ڏئي وئي،
وڇڙي ڪاري رات ڏئي وئي.
جِيوَن جوتون ڄڻ بي نسليون،
سوچن کي سڪرات ڏئي وئي.
اکڙين مان سڀ خواب لڙهي ويا،
لڙڪن جي برسات ڏئي وئي.
روز مران ۽ روز جيئان ٿو،
يادن جو آ ڪات ڏئي وئي.
هن جا سور سر اکين تي،
ٿو سمجهان آ سوغات ڏئي وئي.
افشان منهنجا راز ڪري سڀ،
مون کي نالو ذات ڏئي وئي.
آهي ’مسافر‘ هُن جو ٿورو،
مون کي آهي ڏات ڏئي وئي.

وَرَ وَنِيُون ڪُسندي ڏٺيون ٿم ڪيتريون هن ديس ۾،

وَرَ وَنِيُون ڪُسندي ڏٺيون ٿم ڪيتريون هن ديس ۾،
بي حسيون ڇو ٿيون ٿين هي هيتريون هن ديس ۾.
نانءُ جيڏو آ وڏو تهذيب ۽ تاريخ ۾،
تلخيون ڀي تيز آهن ايتريون هن ديس ۾.
مغربي ماحول ۾ هي ڪيئن نه رنگبا ٿا وڃن،
ڇوڪرا ڇڙواڳ ڏس ۽ ڇوڪريون هن ديس ۾.
رشوتن جي لوڀ ۾ هي ديس پيو برباد ٿئي،
خون ناڻي ۾ ٻُڏن ۽ نوڪريون هن ديس ۾.
ديد ۾ دوکو هتي ۽ پيار سڏجي پاپ ٿو،
دربدر ٿيندي ڏٺم ڪي دلبريون هن ديس ۾.
بيوسين جا بار آهن ڪو هلي حِيلو نٿو،
دل ’مسافر‘ ٿي سڙي پر ڇا ڪريون هن ديس ۾.

جان مون ارپي ڇڏي توکي ۽ تنهنجي ياد کي،

جان مون ارپي ڇڏي توکي ۽ تنهنجي ياد کي،
ها چيو مون زندگي توکي ۽ تنهنجي ياد کي.
عشق جي هر هڪ ادا کي مون عبادت آ چيو،
مون ته سمجهيو بندگي توکي ۽ تنهنجي ياد کي.
درد ڇو درمان لئه هِن هُن اڳيان ظاهر ڪيان،
روح ڪوٺيو تازگي توکي ۽ تنهنجي ياد کي.
سمجهه ۾ آئي نه ڇو آهي وڏو ارمان ٿم،
هي جا منهنجي سادگي توکي ۽ تنهنجي ياد کي.
پر ’مسافر‘ سان ڪجو پُوري جلائڻ جي اچو،
آ التجا هيءَ آخري توکي ۽ تنهنجي ياد کي.

هوا زور آ لڳايو وري،

هوا زور آ لڳايو وري،
اسان ڀي ڏيئو آ جلايو وري.
زمانو ستائي ستائي ٿڪو،
اٿم پوءِ به ناتو نڀايو وري.
اهو عاشقن جو اصل ڏيج آ،
هڻي تُھمتون جڳ کلايو وري.
ٻچن جي بکئي پيٽ خاطر ڏٺم،
امڙ پاڻ کي ٿي کپايو وري.
رُنا رات ’مڪلي‘، ’موئن جو دڙو‘،
هيو سنڌ ڪونڌر ڪُهايو وري.
سڏي سرڪشن کي پيو ٿو ڏسو،
اچي عشق مقتل سجايو وري.
ڏٺا پير ۾ هِن زخم ڇير جا،
هيو وقت هُن کي نچايو وري.
اسان راھه ’مخدوم‘ تي ٿا هلون،
ڀلي هاڻ گهاڻو گهمايو وري.
ڏسو ٿا مسافر ٽِلَي ٿو پيو،
اٿس يار پنهنجي گهرايو وري.

ديد دلبر سندي ٿي عبادت رهي،

ديد دلبر سندي ٿي عبادت رهي،
من اندر ۾ اها ئي تلاوت رهي.
راھه اوکي ته آ پر پرين جي ملي،
هر قدم تي پئي ڀل قيامت رهي.
عشق اڻموٽ ۾ دل وڍي آ مگر،
بادشاهي حُسن جي سلامت رهي.
ڪٿ هوا ٿي ڏيئو هي وسائي سگهي،
جي اوهان جي هٿن جي حمايت رهي.
ڪونه سجدا وفا جا ڪنداسين قضا،
يار ڪنهن جي به ڪيڏي عداوت رهي.
سنڌ مٽڻي نه آ نيٺ ورچي پيا،
هن جي قدرت هٿان ٿي حفاظت رهي.
بي ضميرن مٿي ڇا ميارون ڪجن،
ٿي ضميرن لئه ئي ملامت رهي.
هي ’مسافر‘ ڀلي آزمائي ڏسو،
سام وانگي جتي ٿي صداقت رهي.

ستمگر ستم جي ڪري انتها وئي،

ستمگر ستم جي ڪري انتها وئي،
جفا ڏئي وساري سموري وفا وئي.
اکين جو ئي اٽڪڻ هيو ڏوھه منهنجو،
اکين کي روئڻ جي وڏي ڏئي سزا وئي.
ڦُري ٽهڪ مون کان ڏئي عشق جو غم،
ڪري ساھه ساڻو صنم آ صفا وئي.
لُٽي لاڙ جهڙا وئي خواب منهنجا،
مون کي انت کان اڳ ڪري آ فنا وئي.
اميدن جي هڪڙي ڪهاڻي اُجاڙي،
اڌوري وفا جي ڇڏي آ ڪٿا وئي.

ڏک هجي يا سک سڄڻ کي سارجي،

ڏک هجي يا سک سڄڻ کي سارجي،
واعدو جيڪو ڪجي سو پارجي.
جي صنم جي جيت آ ان ۾ ته پوءِ،
بس ٻڌي هٿڙا اتي ئي هارجي.
ٿا چئو رهجي وفائن جو ڀرم،
لوڀ ڪوئي ڪِينَ دل ۾ ڌارجي.
سر وڍي ڏيندي ڪجي ڪا دير ڇو؟
ٿو خوشي اهڙي گهري ڪا يار جي.
سوچ جو هاڻي وقت ناهي رهيو،
رات ڪاري آ ڏيئو ڪو ٻارجي.
ڀل کڻي ڪيڏا به ڏک ڪَڙڪِي پون،
دل شڪسته ٿي نه خود کي مارجي.
جتي وفا جو گيت ڪو گونجي نٿو،
اُت ’مسافر‘ پل نه هڪڙو گهارجي.

خوب کان خوب تر ٿي وڃون،

خوب کان خوب تر ٿي وڃون،
يا وري دربدر ٿي وڃون.
يا رڳو سوچ ۾ گم رهون،
درد جو ڪو سفر ٿي وڃون.
جي وفا ۾ بقا ٿو گهري،
وڻ وفا جو ثمر ٿي وڃون.
دل چوين ٿي پرين پاڻ هت،
هر زبان جو ذڪر ٿي وڃون.
چئو ته تاريخ جو باب ٿيون،
يا قصو مختصر ٿي وڃون.
ابد کان انت تائين هجو،
ڇو نه وڇڙي امر ٿي وڃون.
اچ نظر ۾ نظر تون ملا،
ان نظر جي نظر ٿي وڃون.
جو پراڻو پرين ڪين ٿئي،
سو وفا جو وکر ٿي وڃون.
چار پل کان ڀلو آ مٺا،
هر جنم همسفر ٿي وڃون.
دل ’مسافر‘ منهنجي ٿي چوي،
ڪو غزل ڪو نثر ٿي وڃون.

اسان جو نينهن نوٽن تي ائين نيلام ٿي ويندو،

اسان جو نينهن نوٽن تي ائين نيلام ٿي ويندو،
نه ڄاتم منهنجي خوابن سان اهو قهرام ٿي ويندو.
پناهون پيار جون آڇي ڪري نروار دنيا ۾،
اڪيلو راھه ۾ مون کي ڇڏي گمنام ٿي ويندو.
سُهانو خواب ساڀيان جي ويندو رڻ ۾ رلي يارو،
اسان جو عشق امرت مان ڦري الزام ٿي ويندو.
وصل جي واٽ جا تارا اچي ويندا ڪنهن گردش ۾،
ائين ماتام منهنجي لاءِ صبح ۽ شام ٿي ويندو.
’مسافر‘ يار جنهن تان مون ڇڏيو ساھه گهوري هو،
عجب هي روح جو رشتو صفا بدنام ٿي ويندو.

هت يار وفائن جو ڪو شهر اڏي وڃبو،

هت يار وفائن جو ڪو شهر اڏي وڃبو،
ها ڪونه جفائن جي هڪ وار تڏي وڃبو.
اشرف مليو توکي اشرف جي سڏائڻ جو،
رک پاڻ ڀرم پنهنجو هڪ ڏينهن لڏي وڃبو.
جُهڪبو نه ڪڏهن ساٿي ڪٿ زور زبر آڏو،
اعلان ڪري حق جو آواز وڏي وڃبو.
سڏ آهي سفيرن کي عاشق جي سڏائن ٿا،
جو ساڻ اسان سان آ هر ساٿ سڏي وڃبو.
ويڙها نه وڏا گهرجن بس جاءِ ملي دل ۾،
اکڙين جي عبادت ٿئي گوڏو نه گڏي وڃبو.
آ لوڪ سڄڻ تو بن مارو ته ’مسافر‘ جو،
هي ڳوٺ پرين تنهنجو ۽ ٿاڪ ڇڏي وڃبو.

صفا ماري ڇڏيندي آ، ادا خاموش اکڙين جي،

صفا ماري ڇڏيندي آ، ادا خاموش اکڙين جي،
سَھَڻ کان ٿي مٿي وئي آ، سزا خاموش اکڙين جي.
اچي ٿي سار جي خوشبو هوا جي هر ته جهونڪي مان،
بڻي ڏس آهي پيغمبر، هوا خاموش اکڙين جي.
هيو اظهار ڪو اُلجهيو چپن جي يار رڦڻي ۾،
وڏو ٿي روڳ وئي دل جو، خطا خاموش اکڙين جي.
ڳڙيو جو لڙڪ گونگو ٿي، هيو سو باھه جو شعلو،
الا! سمجهي نٿو ڪو هت، وفا خاموش اکڙين جي.
وجهي ڇو ساھه لفظن ۾، ڪرين هر راز ٿو افشان،
چريا آخر لکين ڇو ٿو، ڪٿا خاموش اکڙين جي.
عجب آهي ’مسافر‘ جو، مسيحا ئي ته قاتل آ،
اڃا ڇا ڳولجي يارو، دوا خاموش اکڙين جي.

سمنڊ ڪناري شام لڙي وئي،

سمنڊ ڪناري شام لڙي وئي،
توکي ساري شام لڙي وئي.
مس ته سمهاريا ها مون جيڪي،
سُور اٿاري شام لڙي وئي.
مون کي تنهنجون يادون ڏئي،
من کي ٻاري شام لڙي وئي.
هو جو جڳ لئه روشن ڏيئو،
ان جي واري شام لڙي وئي.
ڀٽڪي ڀٽڪي ساڻو ٿيو هان،
منزل ڌاري شام لڙي وئي.
ياد اٿئي ڪو يار ’مسافر‘،
ان کي ماري شام لڙي وئي.

نه ئي مومل ملي مون کي نه ئي ڪا ڪاڪ چاهيان ٿو،

نه ئي مومل ملي مون کي نه ئي ڪا ڪاڪ چاهيان ٿو،
ڏيو ڏک ايتري مهلت رهي دل چاق چاهيان ٿو.
نه سيني جو سور گهرجي نه ئي زلفن وڇاڻو ڪو،
نه ئي ٻانهن جي هارن ۾ لڪل ڪو ٿاڪ چاهيان ٿو.
صنم سادو صفا آهيان رکي مون سوچ سادي آ،
ٿئي ڪو داد ڌرتي سان، نه سکڻي هاڪ چاهيان ٿو.
رهي ٿي روح ۾ رت سان نه سو آ ماڳ ماڻڻ چاهيان جو،
وفائن جو نڀائڻ هي ته رشتو پاڪ چاهيان ٿو.
’مسافر‘ ٿي ته آهي هي وڏو جو مانُ ماڻيو مون،
تڏهن محبوب ڌرتيءَ جي چمڻ بس خاڪ چاهيان ٿو.

ڏسان ئي نٿو ڪٿ خوشيون عيد واريون،

ڏسان ئي نٿو ڪٿ خوشيون عيد واريون،
ڏٺم بس لَٽا ۽ جُتيون عيد واريون.
ڀري يار ڀاڪر نه ڪنهن کي وڌو ڪنهن،
نه مرڪون ڪٿي مون پَسيون عيد واريون.
ڏنيون ٿي غريبت کي گاريون ڪچيون ڪن،
ويون جِيءُ جلائي گهڙيون عيد واريون.
سوين چنڊ چهرا اجهاڻا ڏٺا مون،
چيائون نه پهتيون چٺيون عيد واريون.
وڃو من ورائي موئن جي دڙي ڏي،
ڏسو هاڻ سوچي جُٺيون عيد واريون.
اسان کي اسان جي وڍيو آهي عُضوَن،
تڏهن هت روئن ٿيون رتيون عيد واريون.
ڀلا يار مون ڪجهه اجايو بَڪيو آ،
اوهان ڪٿ ڏٺيون ڪي اکيون عيد واريون.
وڏا ڀاڳ تن جا ’مسافر‘ چوان جو،
مليون جن ڳَلن کي مِٺيون عيد واريون.

بي گُڻي سان گُڻ ڪري غلطي ڪيم،

بي گُڻي سان گُڻ ڪري غلطي ڪيم،
جِيءَ ۾ اُڻ تُڻ ڪري غلطي ڪيم.
هُو نسورو داغ هئي محبت مٿان،
پاڻ کي صابُڻ ڪري غلطي ڪيم.
ڪونه ڄاتم مون مٿان ڪِرندو اچي،
ٿڙ سُڪل کي وڻ ڪري غلطي ڪيم.
هُو ايندي باھه ڏئي ويندي هلِي،
روح کي پن ڇڻ ڪري غلطي ڪيم.
جنهن مٽي جي مانَ کي ميرو ڪيو،
دل اتي اوڏڻ ڪري غلطي ڪيم.
بي وفا ۽ بي قدر هڪ ڇوڪري،
ساھه جي سانئڻ ڪري غلطي ڪيم.
نير جا هي جهير جنهن لئه ڀوڳ ها،
نيڻ ات واهڻ ڪري غلطي ڪيم.
هو ’مسافر‘ سادگي ۾ ئي مزو،
عشق جو اوڇڻ ڪري غلطي ڪيم.

پيار وفا جي پوکي ڪر تون،

پيار وفا جي پوکي ڪر تون،
ساھه ذري هي سوکي ڪر تون.
امرت عشق اندر ۾ اوتي،
من ۾ پيدا ’موکي‘ ڪر تون.
هي حياتي پاڻ هٿن سان،
ڪين انا ۾ اوکي ڪر تون.
مرهم جهڙا گيت لکي ڪي،
پنهنجي ڏات انوکي ڪر تون.
پاڻ وساري يار ’مسافر‘،
جڳ لئي خود کي ڏوکي ڪر تون.

خوشامد جا کيل ڏٺا مون،

خوشامد جا کيل ڏٺا مون،
لفظ لفظ ۾ سيل ڏٺا مون.
ڪنهن جي ڪنهن جي ڳالهه ڪيان مان،
طبقا طبقا جيل ڏٺا مون.
وقت وفا ۽ روَين آڏو،
رُئندا ڪي رابيل ڏٺا مون.
پنهنجن جا هت پنهنجن سان،
ويرين وارا ويل ڏٺا مون.
چانڊوڪي ۽ چيٽ رُنا ٿي،
اهڙا محبت ميل ڏٺا مون.
رهبري ۾ رهزني ٿي،
ڀُونگا ٿيندي ڀيل ڏٺا مون.
پَرِ ڀي پاڻ پٽيوسين جن ۾،
حال اهي هيل ڏٺا مون.
جو به سچو سو آهي ’مسافر‘،
ٽرڙا ٽيڊي تيل ڏٺا مون.

مشعل کڻي هٿن ۾ ڳولڻ شعور نڪتو،

مشعل کڻي هٿن ۾ ڳولڻ شعور نڪتو،
پاڳل وڏو اهو ئي ظاهر ظهور نڪتو.
پيرا کڻون ته ڪنهن جا قاتل چئون ته ڪنهن کي،
پنهنجي ئي پاڻ سان آ پنهنجو ڪَلُور نڪتو.
انصاف ڏس اسان وٽ ڪيڏو نه آ نرالو،
پهرين سزا ٿو ڀوڳي پوء بي قصور نڪتو.
مون ۾ ته تون ئي آهين اڪثر هيو ته چوندو،
ڏک ۾ ڏسي اهو ئي دلبر به دور نڪتو.
چاهت چري اسان جي دنيا سڄي سياڻي!
سجدا ڪيا مون جنهن کي سو بي سرور نڪتو.
هَوڪَو هليو حُسن جو، عاشق اچي ڪُسَي ڪو،
ڊوڙي اچي ’مسافر‘ حاضر حضور نڪتو.

مرڪ چپن ڪا ماڻي ناهي،

مرڪ چپن ڪا ماڻي ناهي،
جذبن جوش جواڻي ناهي.
روز قيامت سهندي آ دل،
سُور سهي ٿي ساڻي ناهي.
اُلڪن جي اذيت پنهنجي،
پُورن جي به پڄاڻي ناهي.
سنڌو باڇا پاڻ اڃارو،
ڇا هي ڄاڻي واڻي ناهي؟
ڏيهان ڏيهه ڏڪار ڏسون ٿا،
عيد ڪريون ڪيئن پاڻي ناهي.
سوڳ هوا تي ڇايل ڇو آ؟
ڪٿ ڪا نار ڪُساڻي آهي؟
غربت جا مون گهاوَ سٺا پر،
منهنجي ڏات وڪاڻي ناهي.
هڪ آ ڌرتي سرتي جو ڏک،
باھ برھه به وساڻي ناهي.
ٻئي جي دل جي يار ’مسافر‘،
پڙهندو ڪير ڪهاڻي ناهي.

امن پيار ۽ ڪٿ برھه بات آهي،

امن پيار ۽ ڪٿ برھه بات آهي،
جتي ڏس ظلم جو اُڀو ڪات آهي.
کلي عام وحشت هلي ٿي ڏسون ٿا،
وئي ظلمتن جي وڌي رات آهي.
’دڙي‘ ۾ ڪو ’پرڪاش‘ دانهون ڪري ٿو،
ڇُلِي اک پئي ۽ ڏکي ڏات آهي.
کڄي واٽ ويندي ٿي وينگس ڪٿان ڪا،
چَڪن سان ته چِٿجي ڪُٺي ڪاته آهي.
جبر جِيءُ جهوري جِنجهوڙي وڌو آ،
اڃان ماٺ روزو رهيو ڇاته آهي؟
ڪبي جي ’مسافر‘ مياڻي نه ڪائي،
ته پوءِ ماڻهپي جي پڪي مات آهي.

درد سان ٻکجي انگل آرا سُتا،

درد سان ٻکجي انگل آرا سُتا،
پل اچي دل ۾ ڏکن وارا سُتا.
چاهتن جا چيٽ ڪو ڀيلي ويو،
آس جي هر پن مٿان پارا سُتا.
هار حق کاڌي انائن جي هٿان،
ڏس کلي خوش ٿي وڃي ڪارا سُتا.
چنڊ چرين جيئن ڳوليندو رهيو،
سمنڊ جي آغوش ۾ تارا سُتا.
روز وحشت کي هتي وسندو ڏسي،
سوڳ ۾ هِن گَسَ گليون چارا سُتا.
آ اديبن جو ڀرم پَٽَ سان لڳو،
پوءِ به گَھِري ننڊ مون پارا سُتا.
ڪو ته وراث قوم جو جاڳي ڀلا،
ڇو ته رهبر هِن هتي سارا سُتا.
هت ’مسافر‘ ويل ۾ مظلوم آ،
چَئن سان آهن سدا مارا سُتا.

منهنجو ساھه سزا ۾ آهي،

منهنجو ساھه سزا ۾ آهي،
۽ هُو غم ادا ۾ آهي.
هُو بس مرڪي نيڻ ملائي،
درد ته منهنجو دوا ۾ آهي.
پنهنجي ڪرڻي پاڻ ڏسو ٿا،
ڏوھه اجايو قضا ۾ آهي.
نا انصافيون تيز ڏسون ٿا،
سارو ڏيهه وبا ۾ آهي.
تو کي چاھه جفا سان جانان،
منهنجو شوق وفا ۾ آهي.
هرڪو پنهنجي ناڙي ٿو هت،
سارو دور دغا ۾ آهي.
حق جا ٿي ڏس ديپ اُجهائي،
ڪيڏي هوڏ هوا ۾ آهي.
اڄ جو آدم ڇو ٿو سمجهي،
هر ڪو عيب ’حوا‘ ۾ آهي.
ٻي هر هام اجائي نڪتي،
هڪڙي آس خدا ۾ آهي.
يار ’مسافر‘ پيار ورهايو،
رکيو ڇا ته انا ۾ آهي.

اقرارن جي ڳالهه ڪجي ڇا،

اقرارن جي ڳالهه ڪجي ڇا،
اعتبارن جي ڳالهه ڪجي ڇا!
ماڻهو ڀي ٿا روز بدلجن،
اخبارن جي ڳالهه ڪجي ڇا!
هُو ڇا ريت پريتون سمجهن،
اظهارن جي ڳالهه ڪجي ڇا!
تو سان جان ڏيڻ ۽ دلبر،
دلدارن جي ڳالهه ڪجي ڇا!
هي هِن پيٽ پڄاري تِن سان،
حقدارن جي ڳالهه ڪجي ڇا!
ماسڪ پاتل هر ڪو آ هت،
ڪردارن جي ڳالهه ڪجي ڇا!
راڄ انڌيرن جو آ چئوڏس،
آثارن جي ڳالهه ڪجي ڇا!
هي سڀ وحشي درندا آهن،
ڀوتارن جي ڳالهه ڪجي ڇا!
ڏات ڏيئو آ ڏات ڌڻيءَ جي،
پِرڪارن جي ڳالهه ڪجي ڇا!
پنهنجا ڏک ۽ پنهنجا ڳوڙها،
غمخوارن جي ڳالهه ڪجي ڇا!
يار ’مسافر‘ هيڻا آهيون،
وس وارن جي ڳالهه ڪجي ڇا!


عشق امر نه پيار ڏسون ٿا،

عشق امر نه پيار ڏسون ٿا،
لالچ جا آزار ڏسون ٿا.
پنهنجو پنهنجي کي ٿو ماري،
ڪاريهر جي ڪار ڏسون ٿا.
ڪهڙو واءُ گُهليو آ يارو،
چوڏس مارومار ڏسون ٿا.
جن کي هڪ ٿي رهڻو هو هت،
تن کي ٿيندي ڌار ڏسون ٿا.
خوشبوئن ۾ ماتم آهن،
گل کان گل بيزار ڏسون ٿا.
’سهڻيون‘ ئي دل شڪسته هِن،
مرندي ڪي ’ميهار‘ ڏسون ٿا.
هڪڙو بڙ جو گهاٽو وڻ آ،
ٽُٽندي ان جا ٽار ڏسون ٿا.
سٽ ’نارائڻ‘ تنهنجي ٿيندي!
پوري سي پرڪار ڏسون ٿا.
گولن ٽولا گڏجي سڏجي،
بڻيا هن ڀوتار ڏسون ٿا.
ڪوڙو اڄڪلهه ڪڇ ۾ آهي،
حق جي پويان وار ڏسون ٿا.
جلد ’مسافر‘ ماريو ويندين،
تنهنجا هي اشعار ڏسون ٿا.

هر بار اسان جي خاموشي!

هر بار اسان جي خاموشي!
ٿي هار اسان جي خاموشي!
تو ڇا نه چيو مون ڇا نه سَٺو،
تون سار اسان جي خاموشي!
هڪ وار به سمجهي ڪونه سگهين،
ڇو يار اسان جي خاموشي!
هاڻ پاڻ وري تون ساريندين،
دلدار اسان جي خاموشي!
تو ساڻ ملي پوءِ ڏيندي آ،
آزار اسان جي خاموشي!
ڏسجان ته ڦٽائيندي تنهنجو،
دربار اسان جي خاموشي!
تون ساڙ نه ٻولي ساڻ رکي،
للڪار اسان جي خاموشي!
تو پڳ ڪِرڻ تي پاڻ پٽيو،
اظهار اسان جي خاموشي!
ٿي نيٺ پڙاڏو ٽوڙيندا،
اشعار اسان جي خاموشي!
هر يار ’مسافر‘ سمجهي ٿو،
بيڪار اسان جي خاموشي!

سادگي جي هار آهي ٿي وئي،

سادگي جي هار آهي ٿي وئي،
آدمي جي هار آهي ٿي وئي.
رهبري آ رهزني سان ڪئي مِٽِي،
مخلصي جي هار آهي ٿي وئي.
رات جي خاموشين ۾ شور آ،
روشني جي هار آهي ٿي وئي.
آ غلاظت جو بدن بڻجي پئي،
دل لڳي جي هار آهي ٿي وئي.
بک وگهي بيهوش ٿي نينگر مئو،
بيوَسي جي هار آهي ٿي وئي.
جام نالي جو ’ٽنڊي‘ ۾ قيس ٿيو،
مئڪشي جي هار آهي ٿي وئي.
خودڪشي جي سوچ ٿي هر هر اچي،
زندگي جي هار آهي ٿي وئي.
اڄ مسافر خوب آهي دل رُني،
تنشنگي جي هار آهي ٿي وئي.