سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا
مِٺڙو لَھجو، لفظَ نِيارا.
سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا.
جنھن ٻوليءَ ۾ لولي آئي.
ڇُلنديِ سنڌوءَ ڇولي آئي.
اَکرن ۾ اڄ رَنگَ کِڙي پيا،
لفظن جي آ هولي آئي.
سج جيان آ سُھڻي روشن،
شَبد، چَندرما، ٽُٻڪا تارا.
سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا.
ٻوليءَ جو اِتھاسُ اَنوکو.
موتيي جو جيئن واسُ اَنوکو.
الف، بي جي پَٽِي پياري،
لفظن جو اَلماسُ اَنوکو.
اوچي هي تھذيب رکي ٿي،
هِن جا وارث”موهن“وارا.
سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا.
ڪيڏي سُونھين مَنجهه ڪتابن.
انسانيت جو دَرس نِصابن.
مَڪتب جو ٿيو مانُ مَٿاهُون،
علم پکيڙيو نُور جَوابن.
زيرون، زَبرون پيش سُريلا،
ٻوليءَ جا آواز پيارا.
سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا.
شاهه ڏِنو پيغام مُحبت.
سَچل، سامي جام مُحبت.
اَنالحق جي گُونج اِنھيءَ ۾،
وَحدت واري مام مُحبت.
هِنسا کي آ اَلف مِٽايو،
لفظ اَهنسا جا هِن سارا.
سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا.
مٺڙا ٻاتا ٻول ٻُرن ٿا.
لکندي ننڍڙا هَٿَ چُرن ٿا.
آئيندي جا روشن تارا،
سنڌيءَ ۾ تعليم گُهرن ٿا.
علم پِرائڻ ڪارڻ آتا،
گُلڙن جھڙا ٻالڪ سارا.
سنڌي ٻولي امرت ڌارا.
ڇا ته اکر هِن موتين-داڻا.
سبق پَڙهن ٿا مُومل، راڻا.
بيت ڪتابن جا ٿا سارن،
نظم اُچارن ٿا ٻاراڻا.
هَٿڙن مَنجهه ڪتاب، قلم ۽،
پيرن ۾ مَڪتب جا چارا.
سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا.
موهن جي لِپِيءَ جي عَظمت.
اُوچي آ سنڌوءَ جي عَصمت.
سنڌي ٻولي اُلفت واري،
اُن جي مٽيءَ ۾ آ وَحدت.
لاڏا، ڳيچ، سُريلا سھرا،
ساٿ هَمرچو ڳائڻ وارا.
سنڌي ٻولي اَمرت ڌارا.
*