شانتي نه آهي
مون ٽيون ڍُڪ زهر جو ڀريو، ڄڻ اندر وڍجي ويم!!، زهر جي ڪؤڙاڻ سيني ۾ لهندي وئي پر مون کي شانتي نه ملي.
اُن پل سج ٽُٻي هڻڻ وارو هُيو ۽ مان بيچينيءَ جي عالم ۾ دربدر هئس!!، مان ٿڪجي پيس، منهنجي ڀوڳنا بي انت هئي، مون پنهنجا ڳورا قدم روڪي ورتا ۽ ڪُلهي مان ٿيلهو لاهي هيٺ زمين تي ڦِٽو ڪيم، بيچينيءَ روح کي ماندو ڪرڻ لڳي ۽ مون کي ڪجهه به نٿي وڻيو، اکٽ مونجهارن جي ور چڙهي مان وکرجڻ لڳو هئس، سوچن جي پڪڙ کان آزاد ٿي نه سگهيس، هڪ ٻيو سگريٽ ڪڍي دُکايم، اندر جلي ويو پر شانتي نه مِلي!!!.
سج لهي ويو هو، مان اسٽيشن تي انتظار ۾ پئي ڦٿڪيس، شهر ڏانهن ويندڙ آخري گاڏيءَ رستي ۾ ڪٿي رُلي وئي هئي ۽ جنهن ۾ مون کي سوار ٿي شهر ۾ وڃائجي وڃڻو هو!!.
شهر جيڪي وڏا ٻيلا آهن، جت ڪوبه وڃائجي سگهجي ٿو، ڳوٺن جا انيڪ ماڻهوءَ شهرن ۾ وڃي وڃائجي ويا آهن ۽ وري نه مليا آهن سو هن ڀيري مون به چاهيو پئي تي شهر وڃي وڃائجي وڃان ۽ وري نه لڀان!!.
“هُونئن به مان لڀندس ڪيئن.........!؟؟، لڀندا ته اُهي آهن جن کي ڪوئي ڳولڻ وارو هوندو آهي......... مون کي ته ڪو ڳولڻ وارو به ڪونهي!!، مان گُم نه ٿيندس، مان ته شهر ۾ دفن ٿي ويندس!!.”
سِگريٽ جي آخريءَ ڇيڙي ٻِن آڱرين جا ڪنارا ڏنگيا، ڏنڀجي پيس، ڇرڪ نڪري ويم، اسٽيشن جي سخت کُهري فرش تي سگريٽ جو فلٽر ڦِٽو ڪيم ڄڻ پنهنجي دُکندڙ وجود کي لتاڙجڻ لاءِ ڌرتيءَ تي ڦِٽو ڪيم.
ڪنڌ ڦيريم ريلوي ٽريڪ جي پرئين ڀر دُنيا کان بي سُڌ ٻن فقيراڻين تي نظر پئي، ميرن لٽن ۾ پُراڻي رلي وڇايو، وار کينڊيريو ٻئي شانت هُيون، هڪ ٿي شايد سگريٽ ڦوڪيو ته ٻيءَ ٿي سندس وارن منجهان ڪجهه ڳوليو.
ٻه فقيراڻيون.............!، جن جو گهر گهاٽ ريلوي اسٽيشن جي اوٽ!!، دُنيا جهان کان آزاد........... دُنيا جهان جي جهنجهٽن کان آزاد.........!!، هر غم خوشي کان پري، پُرسڪون، شانت ۽ لاپرواهه!.
ڪنهن ٽهڪ ڏنو، ڪنڌ ڦيري ڏٺم ڪو به نه هو ڄڻ تِرورو هو، وهم هو، ڪو گُمان هو، سُنسان اسٽيشن، ايڪڙ ٻيڪڙ آدم زاد کان علاوه ڪوبه نه هو!!، ڄڻ سڀنيءَ کي ڪا گاڏيءَ اڳ ئي کڻي وئي هُئي، ڄڻ سڀ وڃي چُڪا ها....... رهجي هڪ مان ئي ويو هئم!!.
ٽهڪ جو وهم دل مان ڪڍي مون ٿيلهو کنيو، پٿر جي بئنچ تي اچي پاڻ کي ڦِٽو ڪيم، بيچينيءَ وڌڻ لڳي پر گاڏيءَ جي خبر نه هُئي ته ڪڏهن ايندي!
“پاڪستان جي ريل......... سدائين مون وانگر ليٽ!!.”
سوچن جو سلسلو وري وڪوڙي ويو؛ “هن ڀيري شهر وڃي گُم نه ٿيندس........ دفن ٿي ويندس ها دفن ٿي ويندس ائين جو ڪڏهن گس پُڇائي شانتي جو مون وٽ پُڄي به ته کيس مان نه منهنجا هڏ ئي مِلنس!.
“پر شانتي منهنجا گس ڇو پُڇائيندي!؟؟، هن ته ڪڏهن مون سان پريم ڪيو ئي ڪونهي!!، شانتي ته نرمل کي چاهيو آهي!!، نرمل کي پوڄيو آهي هُن!!، ها نرمل جيڪو کيس مائٽن ڏنو........ سوئي سندس...........
دل چيو روئي پوان پر روئي نه سگهيس، هي ڳوٺ جنهن ۾ مون جنم ورتو، جنهن ۾ منهنجو ٻاروتڻ گذريو، جنهن ۾ مون پرائمري جا پنج درجا پڙهيا، هي منهنجو ڳوٺ مون لاءِ اڄ ڪيڏو نه اجنبي ۽ اوپرو ٿي پيو آهي!!.
ها هن ڳوٺ مون کان منهنجي سُڃاڻپ کسي ورتي آهي اڄ، مان لک بُرو ئي سهي پر مون هميشه شانتي کي ئي چاهيو آهي!، اڄ مان بيگانو ٿي پيو آهيان، هن ڳوٺ مون کي جنم ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڏنو به نه آهي، مان وري نه موٽندس هِن ڳوٺ!، مان شهر وڃي دفن ٿي ويندس، هِن ڳوٺ ته رُڳي مون کان کسيو آهي، بابا........ امان........... سُک..........چين........... ۽.......... ۽..........
۽ اڄ ته شانتي به مون کان ڦُري ورتائين!!.
منهنجيون اکيون ڀرجي آيون، سانوڻ ڪاهي پيو من ۾، مان ڀِڄندو ويس، پُسندو ويس، جت سنڌ جي وستيءَ واهڻ، گس گهيڙ، ٻنيون ٻارا سنڌوءَ جي جل ٿل پاڻي ۾ تار ها اُت منهنجي اندر ۾ به سيلاب ڪاهي پيا ها ۽ مان غرق هئس!!.
سيلابن جي مُند آهي!!، سيلاب ڪاهي پيا آهن.
سيلاب........ ها سيلاب منهنجي جيون ۾ آيو آ پر سيلاب ته سنڌ ۾ ڌوڪي آيو آ، وڏو سيلاب.......... تاريخ جو بدترين سيلاب!، جنهن سنڌين کان الهه تلهه ڇني ورتو آ پر هي ڪهڙي ٻوڏ آئي آ جنهن مون کان منهنجو ڳوٺ، منهنجو تر، منهنجو گهر، منهنجو سڀ ڪجهه مون کان کسي ورتو آ!، جنهن منهنجي اندر ۾ ڇِتيءَ ٻوڙ ٻوڙان ڪئي آهي، جنهن مون کان شانتي به.............
لڳم ڄڻ روئي رهيو آهيان، مان اُٿي پيس پٿر جي بئنچ تان، پسار ڪرڻ لڳس اسٽيشن جي کُهري فرش تي پر سڪون هيو جيڪو نٿي آيو من کي!!.
هر هر شانتي جا لفظ؛ “ڀُلائي ڇڏ ته اهو مُمڪن آهي........ تون مطلبي آهين ڪوڙو........... فريبيءَ آهين تون.............. هتان نڪري وڃ!”.
ڳالهيون جن ڄڻ وسرڻ جو نانءُ ئي نٿي ورتو ۽ گاڏيءَ جنهن اچڻ جي ئي نٿي ڪئي، سج الوپ ٿي چُڪو هو، من الوپ ٿيڻ پئي چاهيو ۽ هوريان هوريان مان ڇِتي دُک ۾ الوپ ٿيندو پئي ويس!!.
“پنهنجي دماغ مان اهو وهم ڪڍي ڇڏ ضمير ته ڪڏهن شانتي توکي به چاهيندي.”
سگريٽ وري دُکي پيو پر منهنجو اندر هو جنهن وسامڻ نٿي چاهيو!، “مون کي شانتي ڏي واپس ورڻ نه گُهرجي ها............ ها مون کي ائين ڪرڻ نه کپندو هو......... مان واپس آيس ئي ڇو؟؟”، ٽوڪ، ٺٺول........ پنهنجي پاڻ کي لعنت ملامت، سوچون پولار ۽ مان.........
“ها مون کي واپس اچڻ نه گُهرجي ها، هن گهڙين ۾ ته هرگز نه........... جنهن ۾ شانتي دُک ۾ ورتل آهي، دربدر آهي!.”
“پر مون ته سندس ڏُک ونڊڻ پئي چاهيا ۽ شانتي ته...........!”.
مان ڪيئن آيس واپس؟، ڇو آيس؟، ايتري وقت کان پوءِ.......... مون کي نه اچڻ کپي ها!!، مان سوچڻ لڳس، مان شهر کان سِڌو رليف ڪئمپ ڇو پهتس؟.
مان پنهنجن ئي بي انت سوالن جا جواب پنهنجي پاڻ کي نه ڏئي سگهيس، ٻوڏ منهنجي من ۾ اچي وئي، پر هڪ ٻي ٻوڏ پوري سنڌ ٻوڙي ورتي هُئي ۽ سڄي سنڌ رليف ڪئمپ بڻجي پئي هُئي، واهڙ واهڙ رليف ڪئمپ!!.
۽ هڪ رليف ڪئمپ جيڪا منهنجي ڳوٺ جي ٻاهران قائم ڪئي وئي هئي، درياءُ جي بي ضبط پاڻي سنڌ جا ڪئي ڳوٺ ٻوڙيا ها، انهن ڳوٺن ۾ منهنجو ڳوٺ به هو، ها منهنجو ڳوٺ به........ تنهن به درياءُ جي پاڻي ۾ پاڻ پُسائي درياءُ کي جيءُ ۾ جاءِ ڏني هُئي!!.
ڳوٺ جا سڀ گهر ٻُڏي ويا، منهنجو گهر به ٻُڏي ويو ته شانتي جو گهر به ٻُڏي ويو پر منهنجو لُڙهيو ڪجهه به ڪين ها باقي شانتي جو بچيو ڪجهه به ڪين!!.
پناهه به لُڙهي ويس ته بند تي قائم ڪئمپ ۾ اچي پناهه ورتي هئائين!.
منهنجو ڪجهه لُڙهي به ڪيئن ها؟، مان ته ورهين کان شهر ۾ جو گُم ٿي ويو هئس!، پنهنجو سڀ ڪجهه سهيڙي شهر ۾ وڃائجي ويو هئس، سرڪاري نوڪري سان گڏ انساني خدمت جي تنظيم کولي هئم، ٻين وڏين تنظيمن کان غريبن جي نالي ڪئي فنڊ ۽ مددون ورتيون هئم، ڏاڍي ٺٺ سان زندگي گهاريم پئي، غريبن، اٻوجهن جا فوٽو ڪڍي، ننڍڙن جلسن ۾ کين سڏي خانه پوري پئي ٿي ڪيم، اخبارن ۾ وڏا ليک به لکيا هئم، ٻٽاڪون ڀي هنيون هُيم ها ٻٽاڪن جو ته صفا ماهر ٿي ويو هئس، نه صرف اٻوجهن کي دوکا پئي ٿي ڏنم پر ڪئي ادارن سان ڪئي ڪوڙ سلي غريبن جي نالي لکين روپيا ڀي وٺي کاڌا هُئم، مُنهنجي پُٺ، پناهه ۽ پئسو ڏسي عزت احترام ٿي ڪئي سڀن منهنجي!!.
“Money is power!!”
پر هن مهل هن سُنسان ريلوي اسٽيشن تي مان نِٻل، نِستو، ڪمزور ۽ ڀڙڀانگ بيٺو هُئم!!.
مان وڏو محترم هئس، مان ٻين انيڪ ماڻهن لاءِ وڏو ماڻهوءَ هُئس، توڙي جو منهنجو قد بنهه ننڍو هو..........
ٻٽاڪي هئس مان هڪ درجي جو............. ڪائنر هئس مان صفا گيديءَ......... پر دنيا ۾ منهنجو قد ڪاٺ ۽ مان مرتبو پئسي تي هو باقي نڪي منهنجي ڪرتوتن تي!
ها سو منهنجو ڪجهه لُڙهي به ڪيئن ها سيلاب ۾؟، ڳوٺ ۾ ته فقط هيڪلو گهر ڇڏي آيو هئس سو گهر ٻُڏي ويو، گهر ۾ هيو ڪجهه به ڪين سو لُڙهي ڪيئن ها!!.
پر شانتي ڀريي گهر مان گهڻو ڪجهه درياءُ کي ارپي ڇڏيو، بچائي سگهي ته بس سُڌير کي بچائي سگهي باقي سندس سڀ ڪجهه لُڙهي ويو، سندس گهر ٻُڏي ويو، ننڍڙي آشا گيسٽرو جي ور چڙهي کائنس رُسي وئي ۽ نرمل........ نرمل ڪچي ڀِت جي هيٺيان دٻجي پنهنجا پساهه پورا ڪيا!!.
نرمل سندس ساٿ ڇڏي ويو........... ها اُهو نرمل جنهن جي محبت ۾ هن ساهه ٿي کنيا پر هُن جي شادي شده هوندي به مون کيس چاهيو هو ۽ کائنس محبت گُهري هئم، ها اِهو منهنجو انڌ هيو جو مان سدائين ناحق تي هريل هئس پر شانتي برهم ٿيندي مون کي چيو هو؛ “منهنجي اک سُڌير جي پيءُ کان سواءِ ڪنهن کي ڏٺو ئي ناهي!!.”
مون وس ڪيا، جتن ڪيا، سانگ رچايم، نانگ نچايم پر وريو ڪجهه به ڪين نيٺ مان بد دِل ٿي ڳوٺ ڇڏي شهر جي غفائن ۾ اچي گُم ٿي ويس!، ڪئي ورهيه شهر ۾ انيڪ حرامپايون ڪندي مون گذاري ڇڏيا پر هيلوڪين برساتن ۾ خبر پيم ته ڳوٺ ٻُڏي ويو آهي ۽ شانتي هيڪلي پُٽ سان بند تي ڪئمپ ۾ ترسيل آهي ۽ نرمل به وٽس نه آهي!.
پُراڻي ڇِڪ من ۾ اُڀري آيم، نرمل جو ائين اڌ ۾ ساٿ ڇڏي وڃڻ، شانتي جو بي سهارا هئڻ............ ورهين پُڄاڻان دل ۾ ٺُڪرايل چاهت......... شانتي کي منهنجي ساٿ سهاري جي ضرورت هوندي ۽ مان حسرتن کي دٻائي نه سگهيم ترت رليف ڪئمپ اچي پهتس جتي اٻوجهن سان اُهي ساڳيون جُٺ گيريون ٿي رهيون هُيون جيڪي اسان به ٿي ڪيون!.
مان رليف ڪئمپ پهتم، اُتي شانتي ۽ اٺ سالن جو سُڌير امداد جي نالي مرياڌا کي تار تار ٿيندي ڏسي رهيا ها، مون شانتي کي وٺي وڃڻ چاهيو، سندس ڪو به نه بچيو هو پر شانتي پهريان ته مون کي سُڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو!!.
گهڻين دليلن کان پوءِ سُڃاتائين ته سهي پر....... پر مون کي ٺُڪرائي ڇڏيائين........ ها ٻِيو ڀيرو شانتي مون کي ٺُڪرائي ڇڏيو، کيس چيم؛ “شانتي مان توکي وٺڻ آيو آهيان!؟”
“ڪهڙي رشتي سان؟؟.”، ڏاڍي کُهرائي مان چيائين، مان ڊِڄي ويس، پريشاني منجهان چيم؛ “ڇا مطلب؟.”
“ها ڪهڙي رشتي سان آخر وٺڻ آيو آهين؟.”
“مان تنهنجو ڳوٺائي آهيان شانتي!.”
هن ڪنڌ ڦيري ڇڏيو، سندس نگاهه ۾ نفرت هئي، جيڪا مون محسوس ڪئي ٿي، چيم؛ “ڏس شانتي........ مان لک بُرو سهي پر تون هِت دُکي آهين مان چاهيان ٿو ته تون..........
“سڄو ڳوٺ دُکي آهي!.”، هُن ٽوڪيندي چيو؛ “توکي هڪ شانتي ئي دُکي نظر ڇو ٿي اچي!؟”
“پر شانتي............
“پر ڇا؟”، هن چِڙندي چيو؛ “هي ڳوٺ وارا ڇا هن بند تي خوشي سان ويٺا آهن!؟.”
“تون ڀل واپس موٽي اچجان جڏهن پاڻي ڳوٺ مان........
هن زهر ڀري نگاهه سان مون کي ڏٺو ڄڻ منهنجي نيت پڙهندي هُجي!، کن رکي چيائين؛ “مان ڳوٺ وارن کي ڇڏي ڪيڏانهن نٿي وڃي سگهان!.”
“ته ڇا تون اهڙي عذاب ۾ رهڻ پسند ڪندين؟”، کيس چيم؛ “ڪجهه سُڌير جو ته سوچ!!.”
“ها مان اهڙي عذاب ۾ رهڻ پسند ٿي ڪريان جنهن ۾ اڄ سموري سنڌ ورتل آهي!.”، هن فيصلائتي انداز ۾ چيو؛ “سُڌير جو فڪر تون نه ڪر ۽............. ۽ مان سنڌ ته ڇڏي نٿي سگهان!.”
“مان سنڌ ڇڏڻ جو ته نٿو چوان!؟.”.
جهُڪيل نگاهون کڻي مون ڏي ڏٺائين چيومانس؛ “تون شهر هل مون سان گڏ......... منهنجي گهر........ هت تون اڪيلي..............
“مان اڪيلي ناهيان!.”، هن ذري گهٽ رڙ ڪئي؛ “سمورو ڳوٺ آهي مون سان گڏ ۽ ان کان سواءِ..............
مان چُپ ٿي پيم ۽ پٿر اکين سان کيس ڏسڻ لڳس، هن ساعت رکي چيو؛ “ان کان سواءِ سُڌير جو پيءُ به ته هت آهي اسان سان گڏ!.”، ڏٺم سندس اکيون نم ٿي چُڪيون هيون، منهنجي پيرن هيٺيان زمين ٿي نڪتي ۽ هن جي اکين جا بند ڀڄي پيا، سُڏڪن ۾ پئجي وئي، مون کيس پرچائڻ چاهيو پر منهنجا لفظ ڇسا ۽ کوکلا ها، مان ٻٽاڪي هئس، ڪوڙو دلاسو ڏيندي چيومانس؛ “سڀ ٺيڪ ٿي ويندو...... گهٻراءِ نه شانتي...........!!، مان آهيان نه توسان گڏ.”
“بس ڪر خدارا بس ڪر.................!!.”
“شانتي مان ڪُوڙ نٿو ڳالهايان........... تون يقين ڪر ته...............
“مون کي تومان اها اميد نه هُئي ته ڪو...........
“تون غلط پئي سمجهين شانتي....... مان توکي سچي دل سان چاهيان ٿو.... دل جي انيڪ گهراين سان..............
“ڇا............!!؟، هنن گهڙين ۾ به تون اهو چوڻ آيو آهين!؟.”
“شانتي تون غلط پئي سمجهين مان توکي دُکي نٿو ڏسي سگهان، مان تنهنجا ڏُک ونڊڻ آيو آهيان!.”
“بس بس........ وڌيڪ خيرخواهه ٿيڻ جي ضرورت ناهي!، تون وڃين سگهين ٿو.”
“پر............
“چيم نه تون وڃين سگهين ٿو.” ۽ هن منهن پرتي ڦيري ڇڏيو.
ڪجهه گهڙيون رکي کيس چيم؛ “ڏس شانتي ٿڌي دماغ سان سوچ........ تون اجايو مون کي غلط پئي سمجهين مان ته.........
“تون اِهڙين حالتن ۾ به پنهنجي غرض پنهنجي ڪم سان آيو آهين!”، هن رکائي مان چيو؛ “تون ڳوٺ ۽ اسان جي دُک ۾ نه آيو آهين ۽ جيڪو ماڻهوءَ مطلبي هُجي ان مان چڱائي جي ڪهڙي اميد ٿي رکي سگهجي؟؟.”
“شانتي ڏس مان مڃان ٿو ته مون غلط انداز ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪئي آهي!”، چيومانس؛ “زندگي ۾ فقط ٻٽاڪ هنيا اٿم، حرامپاين تي مون پنهنجا ڪاروبار هلايا آهن، مون غريبن جو پيٽ ڪٽي پنهنجو پيٽ ڀريو آهي، مون رُڳي پاڻ پڏايو آهي منهنجو قد بنهه ننڍو آهي پر مان هن گهڙين ۾ فقط.......
“تون سڌو چئو چوڻ ڇا ٿو چاهين؟.”
“شانتي انهي سڀ هوندي به مون فقط توکي چاهيو آهي سمورين سچاين سان!.”
“توکي خبر آهي تون چوين ڇا پيو؟؟.”، هن جي چهري تي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا رنگ لهڻ ۽ چڙهڻ لڳا، چيومانس؛ “ها شانتي مان توسان پريم ڪيان ٿو، توڙي جو انيڪ ورهيه مون لوڙيو آهي پر هاڻ تون منهنجو سهارو مان تنهنجو سهارو.......
“مون کي ڪنهن جي به سهاري جي ضرورت ناهي.”
“پر شانتي............
“مان نرمل جي غيرت آهيان ٻُڌي ڇڏ ضمير!!.”، هڪ نفرت واري نهار سان هن مون کي چيو؛ “تون منهنجي مدد ڪرڻ نه تون پنهنجو مطلب پورو ڪرڻ آيو آهين........... تون مطلبي آهين ڪوڙو فريبي.”
“بس بس شانتي..........بس!.”، چيم؛ “مان ته تنهنجو........
“خاموش.........!!.”، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي ٿي وئي ۽ انتهائي سخت لهجي ۾ مون کي چيائين؛ “بهتر اٿئي ته هتان هليو وڃ مون کي وڌيڪ نه ستاءِ مان اڳ ئي جام ستايل آهيان!.”
“پر.................
“ڏس مان نرمل جي عزت، نرمل جي غيرت آهيان!. تون ڀُليو آهين، جي مدد ئي ڪرڻي اٿئي ته هي ڪئمپ ڏس سڄي ڪئمپ ڪيئن پئي ٿي ڳڀي لاءِ لُڇي!!.”، کن رکي چيائين؛ “هنن سڀنيءَ ڳوٺ وارن جي مدد ڪر نه خدارا!!.”
“شانتي مان ته توکي...........
“مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏي بس.”
“ٻُڌ شانتي مان صرف...........
“بڪواس بند ڪر!!.”، هن رڙ ڪئي ڄڻ رليف ڪئمپ وڄي وئي ڀر پاسي جا ماڻهوءَ ڇرڪي پيا ۽ غور سان اسان کي ڏسڻ لڳا، تڏهن هن سخت ۽ کهُري لهجي ۾ چيو؛ “مان هن اڻپوري امداد تي ڪئي ورهيه دُک ۽ بُک تي گذاري سگهان ٿي پر تو جهڙي خصيص ماڻهو سان گڏ ڪڏانهن به نٿي وڃي سگهان!!، ان کان اڳ جو ڪجهه ٿئي تون هتان نڪري وڃ لالچي انسان!.”
مون آخري نگاهه سُڌير تي وڌي ۽ واپس مُڙيس؛ “امدادي ادارن جي پئسن تي پلجندڙ رت چوس ڍونگي درندو!.”، سرگوشي منهنجي ڪنن ۾ هٿوڙا ٿي لڳي ۽ کنيل قدم بيهي ويم؛ “مون دنيا ۾ ڌوڙ پاتي آهي!، مون بس فقط وڃايو آهي شانتي.............!!.”، مون ڪنڌ ڦيرڻ بنان کيس چيو.
“تنهنجي مهرباني ٿيندي ضمير تون هتان هليو وڃ!.”، هن ٻئي پل ۾ چيو؛ “مون کي منهنجي دين ڌرم منهنجي ڏُک درد تي رهڻ ڏي!.”
شانتي مون کي ٻيو ڀيرو ڌڪاري ڇڏيو، اهو به اهڙين گهڙين ۾ جڏهن مون.........
ٿيلهو ڪُلهي ۾ هڻي مان ٿڪل قدمن سان ڪئمپ منجهان هليو آيس، انهيءَ رليف ڪئمپ مان جنهن ۾ ڪِن کي ته امداد پئي ملي ته ڪن کي ڌڪا ۽ ٿاٻا پئي مليا، جن کي ڪجهه به نه مليو، ڌِڪا ۽ ٿاٻا مليا تِن ۾ ضمير به هڪِڙو هيو!!.
مان اسٽيشن تي هلندو آيس، سوچيندو آيس، لفظ من گهائيندا رهيا، منهنجو ڳوٺ نه ٻُڏو هو، منهنجو وجود ٻُڏو هو، ٻوڏ ۾ شانتي پنهنجو سڀ ڪجهه لوڙهايو پر ٻوڏ کان پوءِ رليف ڪئمپ ۾ مون پنهنجو سڀ ڪجهه لوڙهايو هو، مون زندگي ۾ ڪجهه به ڪين ڪمايو!!، مون پنهنجي گهڻ گهُريءَ، پنهنجا خيال خواب، پنهنجون چاهتون گُمان سڀ ٻوڏ ۾ وهائي ڇڏيم، آيو ته ڪجهه بچائڻ هئس پر واپس وريس سڀ لوڙهائي ٻوڙائي!!.
مون وڌندڙ اونداهيءَ ۾ريلوي ٽريڪ جي پرين ڀر وري نهاريو، هڪ فقيرياڻي هلي وئي هئي ٻي اڃان ٿي سگريٽ جا سوٽا هنيا، ٿورو پرڀرو ڪن ماڻهن پتي راند ٿي کيڏي، سوٽ بوٽ وارو همراهه منهنجي ڀر مان لنگهي اڳتي هليو ويو، سڀن کي جانچيم ڪنهن جي به مُنهن تي ڪا به بيچينيءَ، ڪوبه اضطراب، ڪوبه پڇتاءُ نه هو، ڊٺو مان هئس، ڊٺي سنڌ هئي!!.
مان دنيا جو اڀاڳو شخص آهيان، دل کي ڪو سُڪون ڪونهي، مُنهنجيون اڪيلايون اڄ وڌي ويون آهن، اڄ مان ڪُوڙ جي مڪر، فريب ۽ ڊاڙ، ٻٽاڪ جي رنگين کوکلي دنيا مان ٻاهر اچي ويو آهيان، مان حقيقت جي جهان ۾ لُڇان پيو، جنهن ۾ سڀ ڪجهه آهي پر شانتي نه آهي!!.
لفظ من گهائيندا رهيا پر وقت نٿي کُٽو، شهر ڏانهن ويندڙ آخريءَ گاڏيءَ نه ڄاڻ ڪٿي گُم ٿي وئي هُئي، من ٿي چاهيو جنهن گاڏيءَ ۾ مون کي چڙهڻو آهي اُها گاڏيءَ مون مٿان چڙهي گُذري وڃي ته بهتر آهي!!.
ڇوته مون کي گُم نه ٿيڻو آهي، مون کي ته دفن ٿي وڃڻو آهي.
* * * * * * * * * * * *