گڏهه نواز
ڪجهه ڏينهن جي وقفي کان پوءِ وري وٽس وڃڻ ٿيو،هميشه جيئان اُڪير سان مليو ۽ سِرڪي پنهنجي ڀر ۾ جگهه ڏنائين، ٻئي پل رڙ ڪري ڪانگڙيءَ کي چانهن جي ٻِن اڌڙين جو چيائين!!.
جڏهن کان مهانگائي وڌي آهي، چانهه وارو بِندرو ڪوپ پنج کان ڏهه ۽ ڏهه کان پندرنهن رپين تائين وڃي پُڳو آهي، تڏهن کان اسان پارن ڍينگهرن چانهن جي آڌيڪن ڪوپن جي صورت ۾ ڄڻ مهانگائيءَ جو مُتبادل ڳولي لڌو آهي!!.
پندرنهن رپين ۾ ٻه اڌ ڪوپ هوٽل واري کان وٺي پيئڻ ۽ گد گد ٿيڻ ڄڻ اسان جو معمول آهي!، گد گد ٿيڻ مان مُراد اسان انهيءَ سودي ۾ خوش آهيون باقي ڪي گهوڙا ناهيون ته ڪي گڏهه به ناهيون، بس اسان فقط اسان آهيون ۽ انسان آهيون، جيڪي اڃان تائين ڪجهه به ناهيون!.
ڇوته اسان مان ڪنهن کي به پُڇ ڪونهي، اسان کي بس ٻه هٿ ٻه پير، ٻه اکيون ٻه ڪن، هڪ مٿو ۽ هڪ نڪ آهي جو ڪنهن ڪم جو ناهي!!.
آهي ته وات به ۽ وات ۾ موجود هڪ عدد زبان به........... پر وات گودو ۽ زبان گُم آهي تنهن ڪري اسان سڀئي مٿو هڻي هڻي گهڻو ڪري آخر ۾ گد گد ٿيندا آهيون ۽ اهو ڪجهه ڪندا آهيون جيڪو اسان کي ڪرڻ نه کپي ۽ اسان اهو ڪجهه قطعي نه ڪندا آهيون جو اسان کي ڪرڻ گهُرجي.
معنيٰ اسان جو ڪجهه به ڪندا آهيون اهو سڀ نه ڪرڻ جهڙو هوندو آهي، جيئن هُوءَ پُر اسرار خواب ڏسندو آهي ۽ سوچيندو آهي انهيءَ خواب کي حقيقت ۾ ڪيئن لهجي؟؟ ۽ هُوءَ سوچي سوچي چُپ ٿي ويندو آهي، پنڊ پهڻ ٿي پوندو آهي ۽ پهرن جا پهر نه ڳالهائيندو آهي، بس سوچيندو رهندو آهي ۽ پوءِ نيٺ تنگ ٿي موبائل فون ڪڍندو آهي ۽ ميسيج ڪرڻ لڳي ويندو آهي!!.
۽ پوءِ ميسيج اچڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ هُوءَ انهن کي پڙهندو انهن جا جواب ڏيندو ويندو آهي، ڪئي پهر لنگهي ويندا آهن، هُوءَ ڪنهن سان به نه ڳالهائيندو آهي ان پل هُوءَ بس ميسيجن سان ئي ڳالهائيندو آهي، نيٺ دُنيا جهان کان بي سُڌ ٿي پوندو آهي، ڊگها پاڇا ننڍا ٿي ٻي طرف وري ڊگها ٿي ويندا آهن ۽ هن کي ڪل ئي ڪانه پوندي آهي!!. هُوءَ بس اڻ ڏٺل آڱرين جا ٽائيپ ڪيل ميسيج پڙهندو ويندو آهي ۽ انهن آڱرين ۽ اکين کي جواب موڪليندو ويندو آهي، جن کي ڏسڻ جي جوت سندس من مان اچي اکين ۾ گهر ڪندي آهي!.
اُن مهل هُوءَ اصل مجنون ۽ ميهار لڳندو آهي!، ڏور ڪنهن ماڳ تي وسندڙ، اڻ ڏٺل سُهڻيءَ، اڻ ڏٺل ليليٰ کي دل ئي دل ۾ سجدا ڪندي خوابن جي پيشانيءَ رڳڙي ڇڏيندو آهي، محبت جي ڪيل سجدن جي نشانيءَ سندس آڱرين جي ڇيڙن تي ظاهر ٿي پوندي آهي ۽ لڳاتار ميسيج ٽائيپ ڪرڻ ڪري آڱوٺي ۽ اشهد آڱر جي ڪُنڊن ۾ پيل گهُٻ هن کي محبت جي سجدن جا نشان لڳندا آهن ۽ پوءِ سندس حالت ڪنهن مجذوب جهڙيءَ ٿي پوندي آهي.
هُوءَ جنهن کي هيترا سارا ميسيج ڪندو آهي تنهن کي پنهنجي عشق جي ابتدا ۽ سندس ماءُ کي پنهنجي محبت جي انتها سمجهندو آهي ڇو ته نه هن کي ڪڏهن ڏٺو اٿائين نه سندس ماءُ کي پر هُوءُ جڏهن ماءَ جي ڊپ کان کيس ميسيج ڪندي ڪندي اوچتو ماٺ ٿي ويندي آهي ته ڄڻ هي منزل تي پُڄندي پُڄندي رهجي ويندو آهي، انهيءَ ڪري سندس ماءُ کي پنهنجو ويري نه بس پنهنجي عشق جي انتها سمجهندو آهي!.
ها هن ڪڏهن به کيس ڏٺو ناهي، عشق جي انڌ ۾ گُم هُوءَ بس فون تي فقط ميسيجن جا جواب موڪلي مست مجذوب ٿي پوندو آهي، مون سميت کيس به خبر ناهي ته فون جي سامهون آخر ڪهڙيءَ هستيءَ آهي!؟.
سندس سوچڻ ۽ اڻ ڏٺل محبوب کي ميسيج ڪرڻ کان سواءِ ٻي ڪا مصروفيت آهي ته اسان وانگر ويٺي ويٺي واندا واندا سپنا ڏسڻ!.
اُهي ٺلها ٺوٺ سپنا هُوءَ ننڊ ۾ نه ڏسي سگهندو آهي، ننڊ ۾ ته فقط ۽ فقط هُوءَ محبوبا کي ڏسندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن محبوبا جي ماءُ کي باقي سڀ سپنا هُوءَ جاڳ ۾ پٽيل اکين سان ڏسندو آهي ۽ گُم ٿي ويندو آهي.
عشق جي خواب ۾ وڃائجڻ کان پهرين جاڳ ۾ هڪ پُراسرار سپنو هُن اسان سان گڏ به ڏٺو هو ۽ اُن سپني ڪارڻ ورهين کان کيس ڪئي دربدريون ۽ رولاڪيون سنگت جي ساٿ ۾ ڀوڳڻيون پيون پر وريو ڪجهه به ڪين ۽ مُرڳو پُراسرار خواب سندس ٻين سڀني خوابن تي چِٿرون ۽ ٺٺوليون ڪرڻ لڳو آهي، پر هن اڃان خواب ڏسڻ جي آس نه ڇڏي آهي ۽ اسان هن سان گڏ آهيون ۽ هُوءَ اسان سان گڏ آهي.
اصل ۾ انهيءَ هڪ پُراسرار سپني ئي اسان ٽنهيءَ کي ملايو آهي جيئن چنڊو چنڊي کي سئو ڪوهه تي ڳولي لهي!!.
ها اسان ائين هڪٻئي کي ڳولي لڌو آهي................... .هُوءَ، مان ۽ پيرل پرديسي!!.
اسان ٽئي سنگتي اُن سپني جي سُڃ ۾ رُليا پيا آهيون ۽ جُدا ٿي نه سگهيا آهيون ڇوته اهو سپنو اسان ٽنهي جو اجتماعي سپنو آهي، انهيءَ جي ساڀيا اسان جي اجتماعي ساڀيا آهي، انهيءَ جو ڏُک اسان جو گڏيل ڏُک آهي، باقي محبوبن جا خواب اسان ڌار ڌار ڏسندا آهيون، هُن جي محبوبا حيدرآباد جي هوائن جهڙي دوشيزه آهي ته منهنجي محبوبا مون وانگر موڳي آهي ته پيرل پرديسي جي محبوبا جنت جو ڪو غلمان آهي!!.
فرق بس اِهو آهي باقي پيرل پرديسي گهڻو ڳالهائيندو آهي، مان ڳالهائي نه سگهندو آهيان ٻُڌي سگهندو آهيان سو ٻُڌندو آهيان، سوچي به نه سگهندو آهيان جو سوچڻ سان مٿو اصل لاٽون وانگي ڦيريون پائي ڦِري پوندو آهي باقي هُوءَ ئي ڪجهه وڌيڪ سوچيندو آهي جو اها بيماريءَ ننڍپڻ جي اٿس. ويٺي ويٺي سوچن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويندو آهي ۽ وري اوچتو ڳالهائڻ شروع ٿي پوندو آهي، پل ۾ پاتال پيهي ويندو آهي ته پل ۾ مٿاڇري تي تريءَ ڪک پن وانگر نروار ٿي پوندو آهي.
اڄ هن ڪجهه سوچڻ کان سواءِ معمول جي اُبتڙ ڊگهيءَ خير عافيت ۽ حال احوال وٺي هڪ وڏو ۽ نه کُٽندڙ سبق ڏيڻ شروع ڪيو، چوڻ لڳو؛ “پاٽولي گهڻا ماڻهوءَ ادب نه پڙهندا اٿئي تنهنڪري ادب به نه ڪندا اٿئي!!.”
مان رُڏ مغز نه هئس، مان مٽر يا هنداڻو به نه هُئس، منهنجي مغز ۾ بُهه به ڀريل نه هُئي، منهنجو مٿو صفا خالي هو پر مان منُجهي پيم، هُوءَ چوڻ لڳو؛ “ها پاٽولي گهڻا ماڻهوءَ سچ ادب نه پڙهندا اٿئي، شاعري نه پڙهندا اٿئي، ڪهاڻيون قِصا، چوڻيون پهاڪا ايتري قدر جو تاريخ به نه پڙهندا آهن........... فقط نِصاب ۽ حساب ڪتاب پڙهندا آهن، ليکو چوکو پڙهندا آهن اُهي ۽............ ۽ ٿڪي پوڻ کان پوءِ نماز پڙهندا آهن اُهي!.”
ڀائنيم چريو ٿي پيو آهي، ڪل ٿِڙي پئي اٿس، چالو پُرزو ٿي پيو آهي، اڻ ڏٺي عشق ۽ پُر اسرار خواب جي رولاڪين پويان رُلندي يا محبوبا جي ماءُ ننڊ جي خواب ۾ ڪي دڙڪا ڏئي هانءُ وجهي وئي اٿس!،؛ “ڪجهه نه ڄاڻندا آهن اِهي...............”، چوڻ لڳو؛ “اهي گهڻا ماڻهوءَ گهڻو ڳالهائيندا آهن، گهڻو ڪمائيندا آهن، گهڻو کائيندا آهن ۽ گهڻو جيئندا آهن پر اصل ۾ اهي پل به نه جي سگهندا آهن ۽ هڪ ڊِگهي عمر ماڻڻ کان پوءِ اهي گهڻا ماڻهوءَ وڃائجي ويندا آهن، ڍير ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ مِٽيءَ ۾ مِلي مِٽيءَ سان مِٽيءَ ٿي ويندا آهن، ائين گُم ٿي ويندا آهن ڄڻ ڄاوا ئي نه هئا ڪڏهن!!.”
لڳم سندس ڪو سپنو مري پيو آهي، يا محبوبا جي ماءُ سندس ڪنهن سپني جي مٿان چڙهي وئي اٿس، حيرانيءَ مان چيومانس؛ “ڇا ٿيو آهي توکي؟، اڄ هي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين تون پيرل پرديسيءَ جهڙيون!.”
“پاٽولي سچ ٿو چوانءِ!.”، هن منهنجي سوال جو جواب نه ڏنو ۽ چوڻ لڳو؛ “ڏٺو اٿئي قبرستان جي بي نام قبرن منجهه ڪئي ماڻهوءَ سٿجي صدين تائين بنان ڪنهن نام نشان ۽ سُڃاڻپ جي بي سُڌ سُمهيا پيا هوندا آهن؟، اهڙا گهڻا ماڻهوءَ عجب ۽ حيرت کان سواءِ ڪجهه به ناهن پاٽولي........، پر ڪي ٿورا ماڻهوءَ ادب پڙهندا آهن، زندگي پڙهندا آهن، سچ پڙهندا آهن، سُونهن پڙهندا آهن، قُدرت پڙهندا آهن، فطرت پڙهندا آهن، کين دل جي ديوانگيءَ ۽ عقل جون اکيون عطا ٿيل هونديون آهن.”
“پر ايل.پي.سي...........!”، سندس پورو نانءُ لاهوتي پرمانند چوٽيال کڻڻ بجاءِ مون رڙ ڪري سندس Short نانءُ کنيو پر هُن منهنجي ڳالهه ڪٽي ورتي ۽ چوڻ لڳو؛ “اِهي ٿورا ماڻهوءُ لوڀ لالچ پالي نه سگهندا آهن.”
“لڳيم ٿو ڪنهن سپني کي دفنائي آيو آهين!.”، مون سندس اکين ۾ ڪنهن مُئل خواب جو وڇايل تڏو ڏسندي چيو پر هُن منهنجي ٺوڙهه تي پنهنجي آڱرين جو ٺونگو هنيو ۽ چوڻ لڳو؛“اهي ماڻهوءَ ٿورو ڪمائيندا آهن، ٿورو کائيندا آهن، ٿورو جيئندا آهن ۽ جلد اُڏاميءَ ويندا آهن!!.”، کن رکي وري چيائين؛ “ڇوته اهي پل پل کي جي ويندا آهن ۽ پوءِ صدين تائين جيئندا ويندا آهن ۽ صدين تائين جيئندا رهندا آهن، ڪڏهن به نه مرندا آهن ۽ نه مري سگهندا آهن، انهن ٿورن ماڻهن ۾ سچل، ساميءَ، بلاول، عنايت، ڀٽائي...................
“پر لاهوتي.............
“ها پاٽولي اهي ئي ٿورا انسان صدين تي ڀاري آهن، باقي گهڻن مان مڪليءَ جو قبرستان آهي جنهن ۾ هزارين قبرون صدين کان اڃان تائين پنهنجا پنهنجا وارث ڳولين ٿيون!!.”.
هُن هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ مون بي چينيءَ ۽ بيزاريءَ کي پاڻ مٿان کنوڻ جيئان ڪرندي ڏٺو، پيٽ ۾ مروڙ جهڙي مريض وانگر، هر هر پاسا ورائڻ لڳس، تڏهن اوچتو هن کي ڪجهه ياد آيو ۽ پنهنجو Non stop سبق اڌ ۾ ڇڏي رازداريءَ سان چيائين؛ “ٻُڌ پاٽولي هڪ اُگري خبر آئي آهي!.”.
“اُگريءَ خبر............!!.”، حيران ٿي پيس.
“ها اُگريءَ خبر آهي انتهائي.”، هن منهن ٺاهيندي چيو.
“ڄاڻان ٿو!.”، چيم؛ “جاڳ جو ڏٺل ڪو سپنو رسو ڇِنائي ڀڳو هوندئي!.”.
“اڙي ڇِتو انڪشاف اٿئي!.”، هن چيو؛ “ٻُڌندين ته صفا ڇِتو ٿي پوندين!.”.
“انڪشاف!.”، پُڇيومانس؛ “ٻُڌاءِ ڪهڙو آهي انڪشاف؟”، مان ذري تي ٻُڏتر ۾ پئجي ويس لڳم مون وارو سنگتيءَ داناءُ مان ديوانو ٿي پيو آهي اڄ..... جو اهڙيون اُبتيون ڳالهيون ڪندي وري وجهه ڏسي هُن مون کي چڪ پائڻ جي ڪوشش ڪئي، پرتي ڌڪيندي چيومانس؛ “گڏهه نه ٿيءُ ايل. پي. سي!!.”.
“مان گهوڙو ٿيڻ پسند ڪندس ويرا!.”.
“پوءِ راجه توکي رُپئي ۾ ئي وڪڻين ڇڏيندو ڀُوڪ.”.
“گهوڙي کي وجهه گهاڻي ۾ تون انڪشاف ٻُڌ.................”.
“گهاڻي ۾ گهوڙو نه گهڙندو!.”، چيم؛ “بلاول گهڙندو، تون گهڙندين ۽ مان گهڙندس!.”.
“جذباتي نه ٿي مقاميءَ غير معروف اداڪار!.”، هن ڇنڊ پٽيندي چيو؛ “انڪشاف ٻُڌ ته اڄ کان ڪئي ورهيه اڳ وتائي فقير سچ چيو هو!.”.
مان موڳو اڳي ئي هئس ويتر مُنجهي پيس، ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، وات پٽي کيس ڏسندو رهيس، هُوءَ مُرڪي رهيو هو ۽ مان سوچڻ لڳس ته وتائي ڪهڙو سچ لاهوتي کي چيو آهي!!.
مٿي کي اصل ڀنواٽي اچي وئي، کوپڙي بجلي جي ميٽر وانگر صفا تيز گهُمڻ واري هئي ته اوڏي مهل ياد آيم وتائي ته سڀ سچ ئي چيو آهي!!.
پر ايل.پي.سي کي اڄ وري وتائي جو ڪهڙو سچ وڻيو آهي!؟، مٿو لاٽون وانگر گهُمي گهُمي بيهي رهيو پر ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيم، جڏهن ڪجهه به دماغ ۾ گهِڙي نه سگهيم تڏهن کائنس پُڇيم؛ “ڇڏ يار وتائي کي!، آرام ڪرڻ ڏي هن کي، تون ٻُڌاءِ انڪشاف ڪهڙو آهي؟”.
“اهو ئي ته انڪشاف آهي!.”، هُن وري ٺوڙهه ۾ ٺونگو هڻندي چيو؛ “مون کي خبر پئجي وئي آهي ته وتائي سچ ئي چيو هو!، تون، مان، پيرل ۽ پاڻ جهڙا ٻيا به اهڙا ڪئي ڪجهه به کڻي ڪن پر ورندو ڪجهه به ڪين ڇو ته وتائي سچ ئي چيو هو جو.”.
“ڇا مطلب؟”، سمجهي نه سگهيم ته پُڇيومانس.
“مطلب پاڻ ڍينگهر آهيون ۽ پاڻ ڍينگهر ئي رهنداسين!.”.
“ڀائنيان ٿو اڄ وري ڪيلي جي کل تان ترڪيو آهين يا تو واري مستانيءَ کي ماڻس وري دٻ ڪڍي آهي ڪا!!.”.
“نه ويرا............ ترڪيو ناهيان ٿاٻو کاڌو اٿم.”، سندس مُنهن لهي ٻليءَ جي ٻچي جهڙو ٿي پيو.
“ڇو وري ڪا اڌوري آس من جي ونواهه مان اٿاري اٿئي يا ڪو سپنو يتيم ٿيو اٿئي!؟.”.
“اسان جي سپنن کي ڇاهي!.”، هن ڳنڀير ٿيندي چيو؛ “اسان جا سپنا ته آهن ئي يتيم ۽ بي سهارا پاٽولي!، جيڪي ساڀيائن لاءِ نه پر مرڻ لاءِ جنم وٺندا آهن.”.
“پر ٿيو ڇا آهي ايل.پي.سي؟؟.”، پڇيومانس.
“پاڻ محترم نه هئاسين، پاڻ محترم نه آهيون، پاڻ محترم نه ٿي سگهيا آهيون ۽ پاڻ ڪڏهن به محترم نه ٿي سگهنداسين پاٽولي!!.”.
“اڄ چوين ڇا پيو تون؟؟”، صفا پريشان ٿي پيس، ڪجهه به سمجهه ۾ نٿي آيم، چيومانس؛ “ڀائو طبيعت ته ٺيڪ اٿئي؟؟.”.
“مان سئولو آهيان ويرا........... پاڻ سچ محترم نه ٿي سگهيا آهيون بس.”.
“پوءِ اهو ڏُک اٿئي اڄ؟.”.
“ڏُک اِهو نه اٿم............ ڏُک ته اهو اٿم وتائي سچ ئي چيو هو!.”.
“اوهه خُدايا........!!.”، هُن کي گِهه ڪرڻ جي عادت هُئي، بيزار ٿيندي چيومانس؛ “يار ايل.پي.سي............... سچي ڪو ايل.پي.سي آهين!!، ٻيليءَ وتايو ته وتايو هو نه آخر ڀلا رت ڇو ٿو پين!.”.
“ها تڏهن ته چوان ٿو تون مڃ وتائي جي ڳالهه.”.
“يار وتائي ته انيڪ سچ چيا آهن.”، چيومانس؛ “تون آخر وتائي جي ڪڍ ڇو لڳو آهين اڄ؟، آخر وتائي جي ڪهڙي سچ جي پُٺيان پيو آهين اڄ؟؟.”.
“اوهه پاٽولي............... تون ته صفا ڪو منگهڻ آهين يار!.”، هُوءَ بيزار ٿي پيو ۽ چيائين؛ “ميڄالو نه اٿئي مغز ۾!!”.
مان مُنهن ميسڙو ڪري کيس نهارڻ لڳم، تڏهن کن رکي هُن چيو؛ “ٻيا سچ ڇڏ وتائي جا ويرا............... ها رڳو اهو سچ ڳول جنهن ۾ سندس انڪشاف آهي!.”.
“يار وتائي جي ته مون کي هر ڳالهه سچ لڳندي آهي.”، سندس فلسفو منُجهيل هو ۽ مان ته اڳ ئي منُجهيل هئس سو ڪجُهه به نه پئي سمجهي سگهيم، چيومانس؛ “سنئون ڳالهاءِ يار!، تنهنجون هي رُڏ مغز ڳالهيون منهنجي معصوم دماغ ۾ نٿيون گهِڙن!!.”.
“فارسي ۾ پيو ڳالهايان؟”، هُن ڇڙٻ ڏني، مُنهنجيون اکيون چِنجهيون ٿي پيون؛ “سئولي سنڌي توکي سمجهه ۾ نٿي اچي نادان!!؟”، ۽ هن ڊگهو شوڪارو هنيو، سمجهي ويس سوچ جي ڪُن ۾ غرق ٿيڻ لڳو آهي، ان کان اڳ جو هُوءَ پهرن جا پهر سوچن ۾ ٻُڏي پوي، ڪُک وارو هڪ گهوڪو وهائي ڪڍيومانس، ڪنڌ لوڏي هوش ۾ اچي ويو؛ “يار....................!!.”، وري ايترو چئي چُپ ٿي پيو، آڱر اُڀي ڪيم، ٻئي گهوڪي جي سٽ سهڻ نه هئس جو تڪڙو چيائين؛ “يار پاڻ واري سنگتيءَ پيرل پرديسيءَ جي ڄمار چڙهي وئي اٿئي!!.”.
مان تعجب وچان کيس گهورڻ لڳس، هن ڪجهه به نه ڪڇيو تڏهن چيومانس؛ “اڙي ڇا تي چڙهي وئي اٿس ڄمار؟؟، گهوڙي تي!؟، گڏهه تي يا ڪنهن وڻ تي!؟؟.”.
هن هٿ جون تريون مهٽيندي چيو؛ “اڙي پاٽولي پيرل پرديسيءَ هن سال مُدي خارج ٿي پيو آهي يار!.”.
“ڇا پيرل پرديسيءَ مُدي خارج ٿي پيو آهي!؟.”، پُڇيومانس؛ “پيرل پرديسيءَ ٿيو ڪي ڊسپوزايبل سِرنج!!.”.
“يار تون ڀي نه صفا ڪو....”، هن بيزاريءَ مان چيو؛ “پيرل پرديسيءَ over age ٿي پيو آهي!.”
“اوور ايج!!.”، چيومانس؛ “ڇا ٿو چئين يار!، اڃان ته پيرل ڇڙو آهي، ڪو عشق به ته نه ڪيو اٿس!!.”.
“هاڻ هُوءَ ڪجهه به نه ڪري سگهندو پاٽولي.”.
“ڇو ڪجهه نه ڪري سگهندو؟، هُوءَ جو پاڻ سان گڏ خواب ڏسندو!.”.
“اِهو ئي ته ڏُک اٿم هُوءَ پاڻ سان گڏ هاڻ ڪي به خواب نه ڏسندو!.”، کن رکي هن چيو؛ “پيرل جي مت مري وئي آهي پاٽولي.”.
“مت مري وئي آهي!”، چيم؛ “ڇا مطلب دل ۾ ڌڪ لڳو اٿس يا صدمي ۾ پيرل.............
“اڙي پيرل ڇِتو ٿي پيو آهي!.“، هن ميز تي هٿ سنوان ڪندي چيو؛ “پيرل پاڳل ٿي ويو آهي.”.
“يار مون کي ته تو ۾ شڪ پيو لڳي!!.”.
“نه ڀائو.............. مان سالم آهيان پر پيرل پرديسيءَ...............
“پر پيرل کي ڇا ٿيو آهي آخر؟؟.”، مان صفا چِڙي ڇِتو ٿي پيس، چيم؛ “ٻُڌائين ٿو يا مان رڙيون ڪريان؟؟.”.
“يار چوان ته پيو پيرل جي ڪل ٿِڙي وئي آهي ڇو ته رات مون کيس اهڙي حال ۾ پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي جو ديوانگيءَ جي حالت ۾ هُوءَ مون وٽ آيو ۽ سيٺ لوٽا رام جي پُٽ مُڇو مل کي انيڪ بي ڍنگيون گاريون ڏئي بنان سُڌ ٻُڌ جي هليو ويو.”.
“پر مُڇو مل سندس ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟؟.”.
“اڙي مُڇومل ڇا!، هُن ته رات رئيس زوربخش ۽ سندس ڇوري جا به لاهه ڪڍي ڇڏيا!.”.
“اڙي......... چوين ڇا ٿو؟.”.
“ها ادا سچ ٿو چوان پيرل ڇِتو ٿي پيو اٿئي، صفا کوپڙيءَ گهُمي وئي اٿس، دماغ جا سڀ پُرزا پنهنجي پنهنجي جگهه تان ڍِلا ٿي هِلي ويا اٿس، اصل ڏاڪي تان لهي پيو آهي همراهه.”.
“پر ڪالهه تائين ته......................
“اوهه منگهڻ.............. هتي ته منٽن ۾ فيصلا ٿيندا آهن!.”.
“پر ايل.پي.سي........................
“ويرا ڏوهه پيرل پرديسيءَ جو ناهي يار!.”.
“پوءِ ڪنهن جو ڏوهه آهي؟.”.
“سڀ الله جي وس آهي يار!، جنهن کي وڻيس تنهن کي نوازي!!.”.
“اڙي الله ڪو رئيس، ڀوتار يا ڪو اسيمبلي ميمبر ته ناهي جو جنهن کي وڻيس تنهن کي نوازي!؟؟.”، احتجاجن چِڙندي چيومانس؛ “اسان به ته الله جا نيڪ ٻانها آهيون توڙي جو ڪجهه...............
“اوهه پاٽولي تون ته صفا ڪو چِمنيءَ آهين يار!!.”، هن بيزاريءَ مان چيو؛ “پر خير ڏسجانءِ هاڻي پيرل پرديسيءَ ڪڏهن خواب به نه ڏسندو ۽ نه ئي پاڻ وانگر ڪڏهن نوڪرين جا اشتهار ميڙيندو......... هاڻ هُوءَ فقط انڪشاف ڳوليندو!!!.”.
“ڇڏ يار تو واري رام ڪهاڻي مون لاءِ ته درد هاڻيءَ ٿي پئي آهي.”، بيزار ٿيندي چيم؛ “لڳيم ٿو پيرل پرديسيءَ وانگر مان به ڪِريڪ ٿي پوندس!!.”.
“تو جهڙا ڍينگهر ڪريڪ ئي ٿي پون ته بهتر آهي.”.
“او ايل.پي.سي.............!، تون پنهنجي هن ٺِيهي اندر ئي رهه، وڌيڪ اسان کي پنهنجي عقل جو آچار نه کاراءِ نه ته................
“مان ٺِيهيءَ ۾ نه رهندس پاٽولي!.”، ڌيرج سان چيائين؛ “مان بازار ۾ رهندس بازار ۾ ويرا!!.”.
“ته پوءِ وڃ مر بازار ۾!.”، مان صفا چِڙي ڇِتو ٿي پيس، مٿو گهُمي ويم ۽ ڪاوڙ مان وڃڻ لاءِ اٿيس پر هُن ٻانهن کان جهلي ورتو ۽ ڪن ۾ ڀُڻڪو ڪري ڪجهه چيائين. ڀائنيم مذاق ٿو ڪري پر نه هُن جي اکين ۾ ڪو سپنو نه هو، هُن جون اکيون سپنن کان خالي هيون، ها اهو ڪو ڪوڙ نه هو، هُن مون کي ڌونڌاڙيندي چيو؛ “ها ويرا پاٽولي هت ائين ئي ٿيندو آهي تنهن ڪري توهان کي به....................
وڌيڪ سندس ڪا ڳالهه سمجهي نه سگهيم، ائين محسوس ٿيو ڄڻ مُدي خارج ٿي پيو آهيان، اوور ايج، ايڪسپائر.............
هُن پنهنجي ٻنهي هٿن سان مون کي جنجهوڙيو؛ “پر يار مُڇومل ته پنج درجا مس پاس آهي!؟.”، انتهائي مايوسيءَ وچان کيس چيم.
“ها جانيءَ........!!.”، هُن لاپرواهيءَ مان چيو؛ “ڀوتار وارو لاڏلو ته اٺون به فيل آهي!!.”.
“معنيٰ پاڻ سڀئي انهيءَ نوڪري کان به وياسين؟؟.”.
“پنهنجو خير آهي ويرا.............. پهنجا اڃان ٻه چار سال پيا آهن پر پيرل پرديسيءَ جو سوچ جيڪو ڪريڪ ٿي پيو آهي هي سڀ ڪجهه سُڻي!!.”.
“پر يار..............
“پر کي هڻ گولي ۽ ڪو فڪر نه ڪر بس رُڳو وتائي واري سچ کي تون سمجهڻ جي ڪوشش ڪر!.”.
“وتائي جو سچ.........!!!؟؟.”.
هُن منهنجو مغز ئي ڦيرائيءَ ڇڏيو، وائڙو ٿي پيس مان، حيرانيءَ مان پُڇيومانس؛ “ڪهڙو سچ وتائي جو؟؟.”.
“يار اِهو ئي ته الله سائين گڏهه نواز آهي!!!.”، هُن اک هڻندي چيو؛ “اچ ته گڏهه ٿيڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ عمر چڙهڻ کان پهرين نوازجي وڃون!!.”
هُوءَ مون کي ڏسي مُرڪڻ لڳو ۽ مُنهنجي ڪنن ۾ گڏهه جي هينگن جو آواز آيو، مون هڪ نظر کيس ۽ پاڻ کي ڏٺو ۽ ٻِئي پل ڇرڪي پيس.
* * * * * * * * * * * *