شاعري

ديوان مفتون (مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ ھمايونيءَ جو ڪلام)

ديوان مفتون ۾ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جي ولادت، سوانح، خاندان جي احوال، مولانا جي شاگردن، همعصرن، پونيرن ۽ ڪتابن جي احوال سان گڏ سندس شاعري شامل آهي. هي ديوان غزلن جو نہ آهي، پر هن ۾ مولانا مفتون همايونيءَ جون 116 ڪافيون شامل آهن، جيڪي نج سنڌي ٻوليءَ جو اعليٰ نمونو آهن. 

Title Cover of book ديوان مفتون (مولانا عبدالغفور ’مفتون‘ ھمايونيءَ جو ڪلام)

خاندان جو احوال

مولانا جا وڏا اصل ڀاڳناڙيءَ جا رهاڪو هئا، جتي سندن اباڻو ڳوٺ ڇَٽ جي نالي اڃا تائين آباد آهي. هي ابڙن جي لِڇ مان هئڻ ڪري پيچوها سڏائيندا هئا، سندن گذران اُٺي جي آباديءَ تي هوندو هو. اتفاق سان، جڏهن ناڙيءَ جي پٽ ۾ ڪا برسات نہ پوندي هئي تہ هنن کي پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي، اتر سنڌ ۾ بيگاري واھہ هي ڀروارن ڳوٺن ۾ اچي پوکي راهي ڪرڻي پوندي هئي. انھيءَ وچ وڃ جي ڪري هتان جي رهاڪن سان سندن واهپو وڌندو ويو.
مولانا جو ڏاڏو محمد مبارڪ مالوند ماڻھو هو. هڪ دفعي جهنگ ۾ مال چاريندي کيس ڪو اهلِ علم مسافر مليو. جنھن هن کان پاڻي اچي گهريو. هن ڀاڳئي پاڻيءَ بدران مسافر جي کير سان خاطر تواضع ڪئي. حال احوال وٺندي، جڏهن مسافر کي معلوم ٿيو تہ سندس ميزبان جي خاندان ۾ ڪو بہ پڙهيل ڪونہ آهي، تڏهن کيس پنھنجي اولاد لاءِ علم جي حصول جي صلاح ڏنائين. ٿورن ڏينھن کان پوءِ محمد مبارڪ کي پٽ ڄائو، جنھن جو نالو محمد يعقوب رکيائين.
هي نينگر جڏهن سمجهہ سان ٿيو تہ محمد مبارڪ هن کي علم جي تحصيل لاءِ وقت جي برک عالمن ڏانھن رجوع ڪيو. تنھن زماني ۾، سنڌ جي علمي مرڪزن وانگي، ڀاڳناڙيءَ ۾ بہ علمي ادار موجود هوا، جن مان ڪنڊي، لانڍي ۽ ڪٽبارن ۾ ٺٽي، پاٽ ۽ بکر جي علمي مرڪزن جيان مشھور درسگاھہ هئا.
ميان محمد يعقوب پنھنجي ذهانت جي زور تي ابتدائي تعليم جا مرحلا طئي ڪندو ويو، پڇاڙيءَ، تر جي جيد عالم، مولانا عبدالحليم ڪنڊيءَ وار کان فارغ التحصيل ٿيو، ان کان پوءِ پاٽ شريف جي روحاني پيشوا، ميان محمود کيس خلافت جي خلعت عطا ڪئي.
ميان محمد يعقوب عالم هئڻ سان گڏ حليم طبع ۽ فياض شخص هو، انڪري ٿوري ئي عرصي اندر هن جي عزت ۽ شھرت اوري پري پکڙجي وئي. آخرڪار، همايون جي زميندارن ميان غازي خان سومري ۽ وڏيري مسو خان سڌائي جي استدعا ۽ ميان محمود جي هدايت تي هي بزرگ همايون ۾ آيو ۽ ٽيھن ورهين جي ڄمار ۾ هتي هڪ علمي اداري جو پايو وڌائين.
همايون جو ڳوٺ اوائل ۾ سومرن ۽ سڌاين جو اڏايل هو، جتي پوءِ ٻيون قومون بہ اچي آباد ٿيون. همايون جي باري ۾ هيءَ روايت مقامي طور عام آهي تہ مشھور مغل حڪمران همايون، شير شاھہ سوريءَ کان شڪست کائي، جڏهن 950ھہ مطابق 1543ع ڌاري، ايران ويندي، لڏپلاڻ ۾ هو، تہ هتي هڪ رات پڙاءُ وڌو هئائين. اها ميدان اڃا سوڌو ساڳئي نالي سان ڳوٺ جي اوڀارئين پاسي ڪراچيءَ کان ڪوئٽيا ويندڙ قومي شاهراھہ ۽ ريلوي جي وچاڳ ۾ موجود آهي، جنھن جي ڏاکڻين طرف کان هڪ سرڪاري بنگلو هوندو هو. جو هاڻ ڊهي پڌر ٿي چڪو آهي. انھيءَ واقعي کان پوءِ هي ڳوٺ همايون جي نالي سان هاڪارو ٿيو.
ميان محمد يعقوب جي اچڻ کان پوءِ هن ڳوٺ جي رونق ۾ چڱو واڌارو ٿيو. اڳتي هلي، جڏهن هتي ريلوي اسٽيشن قائم ٿي تہ ڳوٺ هڪ ننڍڙي شھر ۾ قائم ٿي ويو ۽ آسپاس جي ڳوٺن توڙي واهڻن لاءِ علم عرفان سان گڏ وڻج واپار جي ڪم ڏيڻ لڳو.
ميان صاحب پھريان هتي هڪ مسجد تيار ڪرائي، جنھن سان گڏ هڪ حجرو بہ هو. تنھن کان پوءِ وڌندڙ ضرورتن جي پيش نظر عظيم الشان جامع مسجد جوڙايائين، جنھن جي ايوان جي اڳياڙيءَ ۾ ٻہ ويڪرا حجرا بہ تعمير ٿيل آهن. اها مسجد اڄ تائين انھيءَ شان مان سان قائم آهي، ليڪن ان جا حجرا اسان جي سانڀر ۾ ڊهرائي وري نئين سر ٺهرايا ويا هئا.هيءَ مسجد جيئن ان جي قطحہ تاريخ مان ظاهر آهي، سنہ 1253ع مطابق 1856ع ۾ ٺھي راس ٿي هئي.
ميان محمد يعقوب جي وفات 1273ھہ، مطابق 1856ع ۾ ٿي. هن پنھنجيءَ زندگيءَ ۾ علم ۽ دين جي وڏي خدمت ڪئي. ڪيترا طالب هن وٽان فيضياب ٿي ويا ۽ هن جون ڪيئي فتوائون سنڌ ۽ بلوچستان-- ويندي افغانستان تائين، جاري ٿيون، جنھن ڪري سندس درگاھہ ۽ درسگاھہ جي ناموس ۾ هن جي وفات کان پوءِ بہ ڪو فرق نہ آيو.