شاعري

سرور

مسرور پيرزادي جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سادگي، لفظن جي چونڊ ۽ عنوان، شاعريءَ جا خيال سچ تہ دلچسپ ۽ وڻندڙ آهن.  مسرور دلرباين، دلڪشين ۽ حسناڪين جو شاعر آهي. مسرور سونھن، سندرتا، سچ، محبت ۽ ڪائنات جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ شاعر آهي. مسرور سنڌي غزل کي اوج ڏنو ڏنو آھي. سندس نظم پڻ منفرد آھن.

  • 4.5/5.0
  • 149
  • 36
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Suroor

حق ۽ واسطا شاعر وٽ محفوظ

ڪتاب : سرور
موضوع: شاعري
شاعر: مسرور پيرزادو
ڪمپوزنگ: سليم اختر پيرزادو
اسڪيچ: سڪندر جوڳي، اسماعيل جوڻيجو
ڇاپو: پھريون ٢٠٠٨
ڇپيندڙ: روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو
قيمت: ١٥٠ رپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Book: SUROOR
(Poetry Collection by: Masroor Pirzado)
Edition: 1st 2008.
Published by: Roshni Publication, Kandiaro
Price: Rs. 150

انتساب

اعجاز منگيءَ جي نالي

جنھن ھڪ استاد وانگر
منھنجي ادبي پرورش ڪئي آھي
جنھن ھڪ وڏي ڀاءُ وانگر
منھنجي زندگيءَ جي ڏکين مرحلن کي آسان ڪيو آھي
جنھن جي لکڻين مان اتساھہ وٺي
مون کوڙ ساري شاعري ڪئي آھي
۽ جنھن جي دوستاڻي ساٿ جي
حاصلات لاءِ بہ مان خدا جو احسان مند آھيان.
-----


ڪھڙي ڪنڀر جوڙيو، مٽيءَ بنان ٿانءُ،
آھي تنھنجي ٻاجهہ سان، ميان منھنجو نانءُ،
ڪٿي ھجان آنءُ، جي نہ ھجين تون جوءِ ۾!

(شيخ اياز)

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر مسرور پيرزادي جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو ”سرور“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
مسرور پيرزادي جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سادگي، لفظن جي چونڊ ۽ عنوان، شاعريءَ جا خيال سچ تہ دلچسپ ۽ وڻندڙ آهن. مسرور دلرباين، دلڪشين ۽ حسناڪين جو شاعر آهي. مسرور سونھن، سندرتا، سچ، محبت ۽ ڪائنات جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ شاعر آهي. مسرور سنڌي غزل کي اوج ڏنو ڏنو آھي. سندس نظم پڻ منفرد آھن.
ھي ڪتاب 2008ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون مسرور پيرزادي جا جنھن ھي ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

مھاڳ

مسرور پيرزادي، پنھنجي پاران جيڪي ڪجهہ لکيو آهي، ان جو عنوان آهي ”حسن جي تخليق ۽ تخليق جو حسن“ ان ۾ هن پنھنجي شاعريءَ بابت ڳالھايو آهي. ۽ اُن تي ڳالھائي سگهجي ٿو. مثلاً هن لکيو آهي تہ ”مان پنھنجي لاءِ شاعري ڪئي آهي،“ ڳالھہ تہ صحيح آهي، پر سوال ٿو اٿي تہ پوءِ هن اُها شاعري ڇپائي ڇو آهي؟
شاعر جڏهن پنھنجي لاءِ شاعري ڪري ٿو، تہ پوءِ لکي بہ ڇو ٿو؟
بس ذهن ۾ اُها رکي ۽ جڏهن وڻيس، تڏهن ان کي ماڻيندو، چوڙيندو، لائيندو رهي. مون کي ياد آهي تہ منظور چيمبرس گاڏي کاتي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾، پيش ڪيل پنھنجي شاعريءَ تي ٿيل تنقيد جي جواب ۾ نعيم دريشاڻيءَ بہ ساڳي ڳالھہ ڪئي هئي ۽ ان تي ڪافي بحث ٿيو هو.
سو، شاعري جڏهن ڇپجي ٿي، تڏهن اها ساري جڳ جھان جي هوندي بہ، ان جي چڱاين جو ڪرئڊٽ جتي شاعر کي وڃي ٿو، اُتي ان جي لڱاين جو کاتو بہ شاعر جي نالي ئي کلي ٿو ۽ ان جو پڇاڻو بہ شاعر کان ئي ٿيندو، کيس ان جو جواب پڻ ڏيڻو پوندو. مثلاً مسرور جو پنھنجي پاران وارو عنوان ”حسن جي تخليق ۽ تخليق جو حسن“ جڏهن تہ سندس ئي هڪ شعر آهي.
ڇا پڇين ٿو تہ شاعري ڇاهي
شاعري عشق جي وڪالت آ
ممڪن آهي تہ اتي اهو چيو وڃي تہ ”اها وڪالت حسن جي ڪورٽ ۾ آهي“ مان نٿو ڄاڻان تہ عشق کي، جيڪڏهن اُهو واقعي عشق آهي تہ، ڪنھن وڪالت جي ڪا ضرورت آهي! اسين اهو چئي سگهون ٿا تہ شاعر کي پنھنجي شاعريءَ بابت نثر ۾ ڳالھائڻ گهرجي پر ڇا ڳالھائڻ گهرجي؟ اهو هڪ مسئلو آهي ڇاڪاڻ تہ شاعر توڙي جو پنھنجي لاءِ ئي جڏهن شاعري ڪري ٿو ( يا ٻين لاءِ)، تڏهن اُن ۾ ئي ڳالھائڻ جو هن وٽ بھترين موقعو هوندو آهي، جيڪو هن کي ڪڏهن بہ وڃائڻ نہ گهرجي. اتي وري هڪ ٻيو مونجهارو جنم وٺي ٿو تہ شاعري ڪبي آهي؟ يا ٿي ويندي آهي! جيئن عشق ٿي ويندو آهي يا اهي محض لفظ آهن؟ سکڻا، کوکلا لفظ!
شاعر جو پنھنجي شاعريءَ بابت نظريو رکڻ سٺي ڳالھہ آهي، پر شاعري خود هڪ نظريو آهي ۽ خود ”حسن“ ڇا آهي؟ ۽ حسن بس حسن آهي! شايد اهائي اُن جي بھترين تشريح آهي. حسن هڪ احساس جو نالو آهي ۽ بس، ان احساس کي شاعريءَ ۾ ڪيئن آڻجي؟ جو پڙهندڙ جي دل ۾ حسن يا اُهو احساس جاڳي. هتي آءٌ ”مارئي“ جو مثال ڏيڻ ٿو چاهيان (جن کي ڪي ”ماروي“ ٿا لکن!) لاکيڻو لطيف ان جي سُونھن هئين ٿو بيان فرمائي:
پکي ۾ پد مڻي، ڪرڏي ورا اڪ وڄُ،
سائي صورت سِڄُ، سائي مورت مارئي
پر اهائي سونھن اهوئي حسن هن لاءِ آزار بڻجي ٿو وڃي، پھرين تہ ڦوڳ جي من ۾ مير ٿو اچي. پوءِ جڏهن مارئي نٿي ملي تہ عمر آڏو هن جي سونھن ٿو بيان ڪري ۽ جڏهن عمر مارئيءَ جي سونھن تي هن کي مارئيءَ کي کوھہ تان کنڀي وڃي ڪوٽن ۾ ٿو ڪڙي، تڏهن هڪ ٻي مارئي اسان جي آڏو ٿي اچي، هوءَ اڻڀا سڻڀا نٿي ڪري، لوئي نٿي لاهي، پاڻ تي ماس نٿي چاڙهي ۽ ائين هوءَ پنھنجي سونھن (ظاهري) وڃائي ٿي ڇڏي:
سونھن وڃايم سومرا، ميرو منھن ٿيوم،
وڃڻ تِت پيوم، جت هلڻ ناھہ حسن ري
پر ان سان مارئيءَ جو حقيقي حسن، سچي سونھن اسان جي آڏو اچي ٿي، جنھن کي ڪا بہ فنا ناهي. جنھن کي دائميت آهي. اهو اندر جو حسن آهي. جنھن کي سيرت چئي سگهجي ٿو. ”حسن“ کي توازن بہ چيو ويو آهي ۽ اهو توازن صورت ۽ سيرت جي ميلاپ سان ئي ٺھي ٿو. ٻي ڳالھہ مسرور تخليق جي حسن جي ڪئي آهي ۽ ان ڏس ۾ پنھنجي مرشد شيخ جون ڳالھيون هن حوالي طور ڏنيون آهن، پر هن اياز کي ڪاپي نہ ڪيو آهي، جيئن ٻيا ڪري رهيا آهن. مسرور وٽ پنھنجي انفراديت آهي، ان ڪري ئي هو ٻين کان مختلف آهي:
شاھہ ڀي جو چيو، شيخ ڀي جو چيو،
سو نہ ورجاءِ، ڪر شاعري مختلف
مختلف هجڻ ۾ ئي شاعر جي انفراديت هوندي آهي.
سوچن جو صحرا، ريل دريءَ مان ٿو ڏسان!
صحرا جو ضد ڇا آهي؟ ضد لھڻ لاءِ هرکُر بہ ڇو؟ انھيءَ رات اسين سحر ۽ آءٌ، سنڌ يونيورسٽي پاران ملھايل علامہ آءِ آءِ قاضي فائونڊرس ويڪ جي سلسلي ۾ اردو شعبي جي احتمام هيٺ هڪ اردو مشاعري ۾ شريڪ ٿياسين. پروين ٽالپر ۽ هن جو گهر وارو سلمان بہ اسان سان گڏ هئا. پروين انگريزيءَ ۾ لکندي آهي سلمان بہ هڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ غني ماڻھو آهي. هنن منھنجا ۽ سحر جا نظم پسند ڪيا، باقي مشاعري لاءِ پروين جي راءِ مون کي ڇرڪائي وڌو، هن چيو ”سڄي شاعري ضد/ ابتڙن تي بيٺل هئي!“ ”بيٺل يا ويٺل؟“ مون پڇيو هو ۽ اسان چئن ڄڻن سحر، پروين، سلمان ۽ منھنجو هڪ گڏيل ٽھڪ ٻريو هو.
پروين ٽالپر جي راءِ تي مون کي پنھنجو هڪ شعر ياد اچي ويو:
تضادن تي بيٺل آهي
گيان اَگيان رهي ٿو جڳ ۾
پروين ٽالپر جي ان راءِ کي آءٌ مسرور پيرزادي جي شاعريءَ سان ٺهڪائڻ نٿو گهران، توڙي جو مسرور وٽ حسن/ عشق، حيات/ ممات، فراق/ وصال، وفا/ جفا، بقا/ فنا جو ورنن ڪجهہ سرس ئي آهي:
فراق تنھنجي منجهان مان نکارجي ويندس
وصال تنھنجو مليو جي تہ کارجي ويندس
مسرور جي شاعريءَ ۾ هڪ نواڻ آهي، هن لتاڙيل موضوعن کي بہ نئين انگ رنگ سان پيش ڪيو آهي، مثلاً موت، جيڪو زندگيءَ وانگي ئي پراسرار آهي ۽ وجود جي انھن ٻنھي ڇيڙن ابتدا ۽ انتھا، آر ۽ انت، شروعات ۽ خاتمي تي دنيا جي هر ٻوليءَ جي هر شاعر لکيو آهي، پر مسرور وٽ ان موضوع کي پيش ڪرڻ جو انداز الڳ آهي:
مري رڳو ملي سگهجي ٿو ڪنھن مُئل سان جي
تہ پوءِ اچانءِ ٿو مان، موت دور ڪھڙو آ.
صوفين وٽ محبوب حقيقي سان ملڻ جو واحد ذريعو موت آهي، مسرور بہ اهائي پرٿو پاري:

موت ملايو هوت سين،
موت! هجئي شاباش،
پوري آياسين.
ان وائيءَ جو ٿل ۽ پھرين مصرع بنان ڪنھن بہ ٽيڪا جي ئي ڏئي سگهجي ٿي:
اسان تنھنجو لاش،
پوري آياسين.
ايئن اسان کي آ لڳو،
ڌرتيءَ ۾ آڪاش،
پوري آياسين.
شايد، ”تخليق جي حسن“ مان اهائي مراد هجي، جنھن کي مان ”تزپڻو“ چوان ٿو.
مسرور پيرزادي هڪ ڀيري مون کي هي شعر بہ ٻڌايو هو:
جو خدا کي وڻي ويو هوندو
وقت کان اڳ ڇڻي ويو هوندو
اها هڪ غزل جي مطلع آهي، ”ڇڻڻ“ سان گل جو تصور اُڀري ٿو انسان بہ هڪ گل آهي ۽ هتي وقت کان اڳ مرڻ جي ڳالھہ آهي، ۽ اسان پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ، ڏک کي جهڪي ڪرڻ لاءِ اهڙا جملا چوندا آهيون تہ اهڙي ماڻھوءَ جي ﷲ وٽ ضرورت هئي، خدا پنھنجي پيارن کي پاڻ وٽ گهرائي وٺندو آهي. . خود ”وقت کان اڳ“ جو تعين ڪير ڪندو؟
ڪيترو اڳ؟ مثال طور جيڪي ٻار پيٽ ۾ ئي مري ٿا وڃن ڄمڻ کان پوءِ واري پھرين رڙ بہ نٿا ڪن! تہ ڇا اُهي ﷲ کي وڌيڪ پيارا آهن؟ بوسنيا، عراق، فلسطين، افغانستان... ۾ مڙهيل جنگ ۾ ڪيترائي ماڻھو، جن ۾ عورتون، ٻڍا، جوان، ٻار، وقت کان اڳ ڇڻي (مري!) ويا آهن تہ ڇا اُهي بہ خدا کي وڻي ويا آهن؟ اهڙا ڪيترائي سوال هڪ مطلع جي حوالي سان اڀرن ٿا اها بہ ان جي ڪاميابي چئي سگهجي ٿي ٻيو تہ مطلع ٻڌندي ئي ياد ٿي وڃي ٿي، جيئن تہ شاعر پاڻ باهيو آهي تہ هو پنھنجي لاءِ شاعري ڪري ٿو، ان ڪري اهڙو ڪو ذاتي انڀو بہ ٿي سگهي ٿو. اهڙا ذاتي تجربا اسان سڀني جا آهن، جن کان وقت کان اڳي ڪيترائي پيارا، گلن جھڙا ماڻھو وڇڙي ويا!
هن مجموعي ۾ ”بيت“ بہ آهن. ”بيت“ منھنجي پسند جي صنف آهي، ساڳئي وقت بيت هڪ ڏکي صنف بہ آهي ”بيت“ سنڌي ماڻھو جي مزاج وٽان آهي، ڪلاسيڪل شاعرن کان وٺي سگهڙن تائين بيت چيا ويا آهن. موجوده دور ۾ بہ بيت ”لکيا“ ويا آهن: طالب الموليٰ، شيخ اياز، تنوير عباسي، الياس عشقي، استاد بخاري، ابراهيم منشي، قلندر لڪياري، عزيز ڪنگراڻي، فياض چنڊ ڪليري، ۽ ٻين ڪيترن شاعرن بيت ”لکيا“ آهن، بيت جي گهاڙيٽي ۾ تہ تجربي جي گنجائش نہ آهي، پر ڪجهہ شاعرن ان ڏس ۾ ڪوشش ضرور ڪئي آهي. مثلاً مردف بيت، جئين مسرور جو هي بيت آهي:
سياري جي هن سيءَ ۾، ڏيھي ڏڪن ٿا،
ويچارا رمضان ريءَ، روزا رکن ٿا،
ڳوڙها ڳڙن ٿا، ڏسي ڏيھي ڏيھہ ۾.

ان ريت بي قافيا بيت بہ مسرور جي هن مجموعي ۾ آهن:
هتي هڪ ڳوٺ جي حوالي سان مسرور جي بيتن تي ڳالھائيندس ۽ ائين هن جي ڳوٺ ٻلھڙيجي جي حوالي سان پنھنجي ڳوٺ تي، بلڪ سنڌ جي ڳوٺن تي بہ ڳالھائيندس!
ڳوٺ اسان لاءِ اجنبي ٿي ويا آهن. ۽ شھرن ۾ اسين اجنبي ٿيندا پيا وڃون. ۽ اهو اجنبيت جو ڌُنڌ وڃي ٿو گهرو ٿيندو. اسين جيڪي پڙهڻ. نوڪريءَ يا ڪنھن ڌنڌي ڌاڙيءَ سانگي. پنھنجن ڳوٺن مان نڪري، پنھنجن شھرن ڏانھن وياسين. ۽ اتي جي پيھہ ۽. زندگيءَ جي هڻ وٺ ۾ ڪٿي رُلي وياسين. سڄي ڏينھن جي رولڙي کان پوءِ، ڌڪا ٿاٻا کائي، ٿڪي ٽٽي، جڏهن پنھنجي مسواڙي ٿاڪ تي موٽياسين تہ. نہ بجلي، نہ پاڻي، نہ گئس، نہ ئي وري ماءُ جي ٻاجهارن هٿن جي پڪل ماني، نہ سرنھہ جو ساڳ نہ پلي جي ڳڀي، نہ ڏڌ جو وٽو!
مسرور پيرزادو ”ٻلھڙيجي“ جو آهي، جيڪو بہ منھنجي ڳوٺ ”ٽکڙ“ وانگر سنڌو جي ڪپ تي آهي، مون کي تہ پنھنجي ڳوٺ وئي ڏينھن ٿي ويا آهن. جڏهن تہ ڪو وقت اهڙو هو، جو منھنجا سڀ رستا ڳوٺ ڏانھن ويندا هئا غزل جي هيءَ مطلع (شايد!) ان دور جي عڪاس آهي:
شھر: زهر لھجا، نقاب هر چھري تي پاتل
ڳوٺ: گهٽيون ڄاتل، ماڻھو واقف، ڏيک سڃاتل

پر ان کان پوءِ هڪ وقت اهڙو بہ آيو، جو:
ڄائس جتي پليس مان، نپنس وڏو ٿيس مان
اڄ وائڙو پريشان، ان ڳوٺ جي ڳليءَ ۾!

يا ”بند گهٽي“ نظم: پر سچ ڪري پڇو تہ مسرور پيزادي جا، ڳوٺ جي حوالي سان هي بيت پڙهي مون کي هڪ ڀيرو وري پنھنجو ڳوٺ ياد اچي ويو. ۽ منھنجي اکين ۾ ستارا لھي آيا.
سو مسرور پيرزادي پنھنجي انھن بيتن ۾ ڳوٺ جي ياد جي انڊلٺ تاڻي ڇڏي آهي. ”ٻلھڙيجي“ جيڪو موهن جي دڙي جي ڀرسان آهي. جتان شاه لطيف جو عاشق ۽ ڄاڻو انور پيرزادو اڀريو ۽ سنڌيءَ شاعريءَ کي هڪ نئون رنگ ۽ آهنگ ڏنائين. مسرور پيرزادي جو خمير بہ ان ساڳي مٽيءَ مان جڙيو آهي، جنھن جي سڳنڌ هن شاعريءَ ۾ ڀري ڇڏي آهي سو انھيءَ شاعريءَ مان اهڙي واس وٺڻ لاءِ ئي مون هي بيت چونڊيا آهن.
مون کي خبرناهي تہ ”ٻلھڙيجي“ جو حال هن وقت ڪھڙو آهي؟ جنھن کي ڪراچيءَ جي تيز رفتار. دونھاٽيل ۽ اوپري زندگيءَ ۾ مسرور، ياد ڪري رهيو آهي، هونئن اسان جي ڳوٺن ۽ شھرن جو حال ڏاڍو هيڻو آهي. ”سنڌو“ جيڪو سانوڻ توڙي سياري ۾ پيو وهندو هو ان ۾ بہ ڊيمن شيمن جي ڪري واري پئي اڏامي. اسان جا شھر، جن جي آبادي پوري پُني هوندي هئي ۽ اهي صاف سٿرا هوندا هئا، اتي هاڻي آباديءَ وڌڻ ڪري مسئلا بہ وڌيا آهن. ڳوٺن مان توڙي ٻين صوبن مان ماڻھن جي انھن شھرن ڏانھن لڏپلاڻ جي ڪري بہ انھن شھرين جو حشر نشر ٿي رهيو آهي. رستا کوٽيا پيا آهن. گٽر اٿليا پيا آهن. مھانگائي چوٽ تي آهي. مينھن پوي ٿو تہ ڪراچيءَ جھڙي شھر ۾ پاڻي بيٺو آهي. ان جي مک رستن تي ٽرئفڪ جام ٿي ٿي وڃي. ڳوٺ جي حالت تہ انھن کان بہ ابتر آهي، اڳي ڳوٺن ۾ ”ٿورو کٽيو. گهڻي برڪت“ هوندي هئي!
آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏيھاڙي سومرا

هڪ ڏينھن جي ڪمائي بہ ٻہ ٽي ڏينھن هلي ويندي هئي، غريب غربو، مزور مڙو، هاري ناري بہ پلي جو چوٿو يا اڌ پاءُ گوشت وٺي سگهڻ جي سگهہ رکندو هو نہ تہ بہ اوڌر جي ماءُ اڃا بہ مري نہ ويئي هئي، ڪنھن واڙي يا آرڻ تي وڃبو هو تہ گدرا، ونگا، ميھا، ڇانھيون... وٽ طور وٺي اچبا هئا، لُلر، مَريڙو بہ ٻنيءَ مان وڃي پٽي اچبو هو. مينھن وسندو هو تہ کنڀيون جام ٿي پونديون هيون. منگها، ڱاڱيون بہ کوڙ ٿي پوندا هئا، پيرون، ڏونرا، دود ڦلا، گرگالون، گولاڙا تہ جتي ڪٿي نونر لڳاپيا هوندا هئا، ليا پڪا پيا هوندا هئا، انھن تي نہ واهيت، نہ ڪي چاري هئا! ڍنڍن ڍورن ۾ تلائن ۽ کڏن ۾ سينگار ڪوڻيون، ڪُم ۽ لوڙھہ هڪياتڪيا هوندا هئا، هر ڪنھن جي گهر اڳنڌ ۾ ڪا مينھن، ڍڳي نہ بہ ٻڪري تہ هوندي ئي هوندي هئي. ڀاڳين جا ڀاڻ ڀريل هوندا هئا، تڏهن اڃا ايتريون هوٽلون نہ هيون کير وڪڻڻ کي عيب سمجهيو ويندو هو. ڳوٺ جو وڏيرو، چڱو مڙس ڳوٺ لاءِ ڇپر ڇانو، هوندو هو ننگ سڃاڻندو هو. اڙيءَ اوڏيءَ پنھنجي راڄ جي هر طرح واهر ڪندو هو. رانديون رونديون، ميلا ملاکڙا، ڪاڄ سڪاڄ، ريت نيت، سرسنگيت، ڪچھريون اهي سڀ، ڪھڙي ٻوڏ آئي، جنھن ۾ لڙهي ويون!؟ هاڻي تہ انھن ڳوٺن ۾ بدامنيءَ جو واسينگ ڦڻ ڪڍيو ويٺو آهي. پر ”واسينگ“ ويچاري جو تہ رڳو نالو بدنام اهي، نہ تہ اهو ماڻھو ئي آهي، جيڪو ماڻھوءَ جو ويري آهي، اڳي جتي سڄي ڏينھن جي پورهئي کان پوءِ ماڻھو رات جي ماني کائي ڪچھريون ڪندا هئا. ڏور بيت ۽ ڳجهارتون ڏيندا ويندا هئا، رانديون رونديون ڪندا هئا، يا ڪنھن رس رهاڻ ۾ هليا ويندا هئا ۽ وڏڙيون ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائينديون هيون. اتي هاڻي ماڻھو سنجهي کان ئي گهرن ۾ واڙجي ٿا وڃن! سنڌ کي انھيءَ اگري صورتحال مان ڪئين ڪڍجي؟ ان ڏس ۾ يقيناً شاعرن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. هن کي نہ رڳو پنھنجي ڪردار ۽ عمل سان پنھنجي ٻوليءَ کي، پر ان جي ڳالھائيندڙن کي بہ بچائڻو آهي. بلڪ اڃا بہ جيڪڏهن ائين چوان تہ هڪ شاعر کي سموري انسانذات کي بچائڻو آهي.
انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي ان ڏس ۾ ورتل ڪوشش جي وڏي ضرورت آهي، سو اچو تہ اهڙي ڪوشش اڄ کان، بلڪ هينئر کان ئي شروع ڪريون. هاڻي اچو تہ مسرور پيرزادي جا سندس ڳوٺ جي حوالي سان بيت پڙهون ۽ پنھنجي پنھنجي ڳوٺ کي ياد ڪريون.
هلو هلؤن ڳوٺ ڏي. ٻيرن ڪيا ٻير.
يارو! پنھنجا پير، ڳولن رستو ڳوٺ جو.

ننڍي لوڪون لوڏيو، ڏکن پينگهي ۾،
وڏا ٿي وياسين، ڏک ڏسي هن ڏيھہ ۾!

آلين ڪاٺين تي پئي، ماني پچائي،
مڙس سندا هوءَ موچڙا، کوڙ پئي کائي،
ڇاتيءَ سان لائي ريجهائي ٿي ٻارڙا!

کاوان پلي مانڙي، سيڪي ٽانڊن تي،
جيڪر سياري ۾، هليو هلجي ڳوٺ ڏي.

چانھہ پيون ڪا چُلھہ تي، پنھنجن يارن سان.
پنھنجن پيارن سان، سيارو پيارو ڳوٺ جو.

ويڙهي سيڙهي پاڻ کي چلھہ پئي ٻاري،
ساريو پئي ساري، سياري جون ڪي راتڙيون.

مند مٽائي آ اسان، ڏينھن ڦريا هن ڀاءُ!
هاڻ تہ موٽي آءُ، پنھنجي پياري ڳوٺ ڏي.

سدارنگاڻي ”خادم“ نارائڻ شيام جي شعري مجموعي ”ڏات ۽ حيات“ جي مھاڳ ۾ لکي ٿو:
”فني تخليق بہ روحاني عمل آهي. فني خدا روحاني تجربي ۾ انسان جن اُتاهين کان علم ۽ سياڻپ قاصر آهي. (ص 14)
ڪنھن بہ تخليق لاءِ فني لوازمات سان گڏ روحانيت جو هجڻ بہ ضروري آهي، بلڪ لازمي آهي. هتي روحانيت مان مراد ”روحاني وزن“ واري ناهي، پر ”پاڻ ۾ پيھي، روح رهاڻ“ واري آهي.
ساز رکيل ڀِتَ ساڻ،
بند اکيون، چُپ ڳائڻو،
راڳن ساڻ رهاڻ!
(شيام)

اها ساڌنا، تپسيا، رياضيت، ڌيان گيان ئي آهي، جن سان اُها مراد ماڻي سگهجي ٿي ۽ ان لاءِ نہ رڳو لاڳيتو لکندو/ ڇپجندو رهڻ ضروري آهي، بلڪ پنھنجي اتھاس جو اڀياس ڪندو رهڻ بہ ضروري آهي. شاعريءَ ۾ تجربيت، ابهام ۽ ايمان جو اُهاءُ ٿئي ٿو. اي، ڪمل جو چونڊ ڪلام ۾ لعل پشپ لکي ٿو تہ:
”سِٽ جي سڄي سونھن اُتي آهي، تہ اسان جي سامھون هوندي بہ اسان جي پٺيان آهي.“

انھيءَ ڪري ئي شاعري سمجهڻ کان وڌيڪ محسوس ڪرڻ لاءِ هوندي آهي. ان کي سمجهڻ/ سمجهائڻ ۽ ان جي تشريح/ ڇيد ڪرڻ، ان جي ڳُڻن/ اوڳڻن کي بحث هيٺ آڻڻ تنقيد جو ڪم آهي، جيڪا اسان وٽ ناهي.
”ڪاڏي آخر پاڻ هلون ٿا؟“
”ڪانھي مون کي ڄاڻ، هلون ٿا.“

”ڄاڻ نہ هئڻ“ ”جي“ ”ڄاڻ“ جي اظھار جي اهميت آهي:

مون سين پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪِئا
”واٽون ويھہ ٿيون، ڪُھہ ڄاڻان ڪھڙيءَ وِئا؟“

واريءَ صورتحال ۾ پنھنجو پاڻ سونھون ٿيئڻو پوي ٿو اُن لاءِ ”سسئي“ ”بڻجڻو“ پوي ٿو ۽ انھيءَ سڀ جي لاءِ ”پنھوءَ“ جو هئڻ ضروري آهي.
ڳوٺ بہ ڳاڙها ريٽي رت سان،
شھر بہ رتو ڇاڻ هلون ٿا.

پر ڪيڏانھن؟
تاڏي
جاڏي واٽ وٺي وڃي!

مسرور پيرزادو گهٽ ڇپيو آهي. ان ڪري بہ جو اسان وٽ سنڌيءَ ۾ رسالا بہ نہ آهن. منھنجي راءِ اها هئي ڪنھن وقت ۾ تہ هڪ شاعر جو ڇپجندو رهڻ ضروري آهي، جيئن هو پڙهندڙن تائين پھچندو رهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پڙهندڙن جي راءِ بہ هن تائين پھچندي رهي، مشاعرن ۾ بہ هن جي شرڪت لازمي آهي، توڙي جو ذوالفقار راشديءَ چواڻيءَ تہ مشاعرن ۾ Popular Poetry ئي پيش ڪئي ويندي آهي. پر ائين هو ٻڌندڙ/ عوام سان سڌي رابطي ۾ اچي ٿو. پرهاڻي تہ مشاعرن جي حالت بہ اها وڃي رهي آهي، جو انھن ۾ بہ ذاتي/ گروهي مفاد جي جهيڙي ۾ هڪ شاعر دل جي دوري سبب لاڏاڻو بہ ڪري ويو! ۽ مشاعرو پوءِ/ ”چالو“ رهيو! رسالا بہ ائين ”هالو چالو“ ٿي ويا آهن! سو ان صورتحال ۾ جيڪڏهن مسرور ائين ٿو چوي تہ هو شاعري پنھنجي لاءِ ٿو ڪري تہ هو پنھنجي ليکي صحيح بہ آهي ۽ هر شاعر شايد ائين ئي سمجهي بہ ٿو!
پر اهو تہ هو شاعري پنھنجي لاءِ ڪري ٿو، هن جو شعور آهي، پر جئين تہ هو شاعري پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪري ٿو، جنھن کي انيڪ خطرا آهن. ۽ ان ۾ وڏي ۾ وڏو خطرو اُن ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ، لکندڙ ۽ پڙهندڙ ئي آهن، خاص طور ”لکندڙ“ جي بنيادي ذميواري پنھنجي ٻوليءَ ڏانھن آهي تہ هو ان کي بچائي ۽ وڌائي، انھن لکندڙن ۾ بہ خاص طور شاعر جو اهو پنھنجو فرض آهي تہ ٻوليءَ کي بچائي ۽ وڌائي، جيئن ٽي ايس ايليٽ چيو آهي، ۽ لاشعوري طور مسرور پيرزادو بہ ان ڏس ۾ سرگرم عمل آهي، نہ تہ اڪثر شاعر تہ ”ولائتي ڪٻر، سنڌ ۾ مئنا“ واري احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا آهن ۽ اڙدوءَ جو مٿن ايڏو تہ اثر آهي، جو سندن لھجو ئي ڌاريو ٿي ويو آهي. ۽ اهي ”پراين دلھن تي احمقن وانگرنچي“ رهيا آهن. انڪري بہ، هڪ شاعر لاءِ پنھنجي اتھاس جو اڀياس لازمي آهي. مثال طور جيڪڏهن بيت لکو ٿا تہ لوڪ/ ڪلاسيڪل/ نيم ڪلاسيڪل/ نئين دور جي بيت جو مطالعو ضرور آهي ۽ اهو شرط سڀني صنفن سان لاڳو سمجهڻ کپي.
شاعري گهراين کي لڀڻ، وسعتن کي ڇھڻ، ۽ اوچاين تائين رسڻ جو جتن آهي، ان ۾ ڪيتريقدر ڪاميابي ٿئي ٿي، اهو هڪ الڳ مسئلو آهي، پر شاعر کي اهڙو اُدم ضرور ڪرڻ کپي ۽ ظاهر آهي تہ اهو اُدم هن جي شاعريءَ ۾ ئي لڳي ٿو ۽ منھنجي راءِ ۾ مسرورپيرزادي جي شاعريءَ ۾، ڄاتي، اُڄاتي، اهڙو اُدم ملي ٿو:
روئي ويٺي ماءُ، تنھنجي کٽ خالي ڏسي

ستن لفظن ۾، هڪ ماءُ جو درد اوتڻ ڪو ايڏو سولو ناهي. اهو درد صرف شعر جي سٽ ۾ ئي اوتي سگهجي ٿو. ڪيڏي نہ سادي ۽ ساڳئي وقت ڪيڏي نہ گهري سٽ آهي! ان وائي ۾ ماءُ، ڀيڻ، وني/ مڱيندي/ پريمڪا جي احساسن جي بہ اُڻت ٿيل آهي. ۽ وراڻي!! تنھنجي کٽ خالي ڏسي مھرڪن سان ڦٻِو بيٺو آهي. ۽ آخري ٻن مصراعن ۾ زندگي ۽ وڇوڙي جو ذڪر آهي:
ڪا نہ وڻي ٿي زندگي
ڪونھي ان ۾ ساءُ
تنھنجي کٽ خالي ڏسي!

گهرو ٿيندو ٿو وڃي
روز وڇوڙي گهاءُ
تنھنجي کٽ خالي ڏسي!

شاعري اُهائي اسان جي ترجمان بڻجي ٿي، جيڪا اسان کي ڪا سوچ ڏئي ٿي. ٻئي بند ۾ ئي اسان کي پتو پئجي ٿو وڃي اهو ڪردار زندھہ آهي. ڪھڙي ”هائيءَ“ ۾ هليو ويو آهي؟ ڪٿي کنڀجي ويو آهي؟ هن جي اچڻ جي آس وري بہ زندھہ آهي. ان ريت مسرور جي شاعري پڙهي، ان احساس جي زندھہ هجڻ جو ويساھہ ٿو جاڳي تہ شاعري ٿي رهي آهي. عشق بہ موجود آهي. تہ حسن بہ ۽ شاعر بہ:
سواءِ عشق جي دل کي سُرور ڪھڙو آ
اوهان جي سونھن سوا ڪو بہ نُور ڪھڙو آ
شعور، ساڃاھہ، سرت، ڄاڻ، پرائڻ جو واحد وسيلو رڳو اُٺ ڪتابن جا پڙهڻ نہ آهي. جي ايئن هجي ها تہ اڄ سنڌي، توڙي سڄي دنيا ۾ امن ۽ آسودگي هجي ها، سونھن هجي ها، پيار هجي ها، هيئن انسان هٿان انسان جي تذليل نہ ٿئي ها.
ها! هئين آدم، جيڪو اشرف المخلوقات آهي، آدم جي هٿان رسوا نہ ٿي ها. ڦرجي، لٽجي، ۽ مارجي نہ ها! آزاد انسان کي ڪو غلام نہ بڻائي ها. مذهب/ ڌرم، سائنس/ فلسطو، نظريو، اخلاقيات، فن، هنر، راڳ، سنگيت، گرنٿ، صحفا سپرپاور، يو اين او هن دنيا کي بدزيبي ٿيڻ کان بچائي سگهيا آهن؟ نہ! شاعري ايئن ڪري سگهي ٿي، پر شرط آهي تہ اُها شاعري هجي، جيڪا جاهليت کان علم ڏانھن اونداهيءَ مان روشنيءَ ڏانھن نراس مان آس ڏانھن اسان کي آڻي سگهي، اسان کي پنھنجي وجود جو شعور بخشي سگهي: پنھنجو پاڻ پڙهڻ تي اسان کي اُڀاري سگهي:
پڙهيئہ نہ پاڻ، رڳو اُٺ پڙهيئہ ڪتابن جا،
وجود پنھنجي بنان، ڪو شعور ڪھڙو آ!


امداد حسيني
ڄام شورو سنڌ

حسن جي تخليق ۽ تخليق جو حسن

ھي منھنجي شاعريءَ جو ٻيون مجموعو آھي. پھرئين مجموعي ”چاندني تو سوا نہ ٿيندي“ جي ڇپجڻ کان پوءِ ڪافي ماڻھن شاعريءَ کي ساراھيو تہ سھي پر پوءِ بہ ان ڪتاب جو مجموعي طور ڪھڙو تاثر بيٺو؟ ان سوال جو جواب ان ڪري بہ نہ ملي سگهيو ڇو تہ اسان وٽ ادبي تنقيد جي تمام گهڻي کوٽ آھي. ائين کڻي چئجي تہ ادبي تنقيد آھي ئي ڪونھ، تہ غلط نہ ٿيندو. اسان وٽ فقط ڪجهہ شاعرن جا دوست ساٿي انھن تي مضمون لکي انھن جي شاعريءَ جو مقام طيءِ ڪندا آھن. شاعر ۽ شاعريءَ جو مقام آسانيءَ سان طيءِ ناھي ٿيندو. ھڪ دور جي مشھور شاعري ٻئي دور جي سطحي شاعري بہ ٿي پوندي آھي ۽ اھو بہ ڏٺو ويو آھي تہ ڪنھن دور ۾ سرجيل شاعري ان دور ۾ ڪو خاص اثر ڇڏي نہ سگهي پر اھا ايندڙ دور ۾ ڪافي اثرائتي ٿي وئي. ان ڪري شاعريءَ جي مقام جو تعين ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ھجي ٿو. پر خير شاعريءَ جو اصل مقام متعين ڪرڻ تہ پري جي ڳالھہ آ، اسان وٽ تہ شاعريءَ کي چڱيءَ طرح پڙھڻ، محسوس ڪرڻ ۽ ان تي ڪا سنجيدہ راءِ ڏيڻ وارو اھم رجحان بہ تمام گهٽجي ويو آھي. بقول اعجاز منگيءَ جي تہ ”ھي اھو بيرحم دور آھي، جتي شاعريءَ جي پکين کي ماڻھو ٿورو ڌيان جو داڻو بہ نہ ٿا وجهن.“
شاعريءَ جي سنجيدہ مطالعي جي ڪميءَ جو وڏو نقصان شاعرن کي تہ ٿيو آھي پر اھو اوترو ئي نقصان انھن کي بہ ٿيو آھي، جيڪي ان شاعريءَ جي خوشبوءَ کان محروم رھيا آھن.
مون کي ان ڳالھہ جي پرواھہ ناھي تہ ماڻھو منھنجي شاعريءَ کي ڪيئن ڏسن ٿا، ان کي ڪھڙي مقام تي بيھارين ٿا. مون کي انھن ڳالھين جي پرواھہ ان ڪري بہ ڪونہ آھي ڇو تہ مان ھيءَ شاعري انھن ماڻھن لاءِ ناھي ڪئي. مان پنھنجي لاءِ ئي شاعري ڪئي آھي. شاعري ڪرڻ مون لاءِ پنھنجو پاڻ کي ڳولڻ، سڃاڻڻ آھي ۽ پنھنجي اڌوري ذات جي تڪميل جو عمل آھي. ھڪ گل پنھنجي خوشبوءَ ۾ ئي مگن ھوندو آھي. ان کي ان ڳالھہ جي ڪا پرواھہ ناھي ھوندي تہ ھن جي خوشبوءَ مان ڪي ماڻھو لطف اندوز ٿين ٿا يا نھ! ڇا چوڏھينءَ جي چنڊ کي جيڪڏھن اھا خبر پوي تہ ان ڏانھن ڪو بہ نگاھہ کڻي ان جي سندرتا کي نہ ٿو ڏسي، تہ ڇا چنڊ پنھنجي چانڊوڪيءَ کي ڦھلجڻ کان روڪي سگهندو؟ منھنجي شاعري منھنجي ڪيفيتن، محسوسات ۽ سوچن جو اظھار آھي. اھو ڪنھن کي ڪيئن ٿو لڳي، ان سان مان ٻڌل ناھيان. مان تہ فقط پنھنجي شاعري Share ڪرڻ ٿو چاھيان. ھونءَ بہ ڪو خاص مقصد آڏو رکي ڪيل شاعريءَ مان شعر جو روح نڪري ويندو آھي. شاعري تہ خود ڪلامي آھي. ۽ ان خود ڪلاميءَ ۾ مان ڪنھن قسم جي داد ۽ تحسين کي بہ رڪاوٽ سمجهندو آھيان. بقول جون ايليا:
داد و تحسين ڪا يہ شور ھي ڪيون،
ھم تو خود سي ڪلام ڪر رھي ھين.

منھنجي نظر ۾ شاعري بنيادي طور تي ھڪ اھڙو فن آھي، جيڪو انساني اڌمن، احساسن ۽ سوچن کي خوبصورت لفظن ۽ مترنم انداز ۾ اظھاري ٿو، ۽ اھڙي خوبصورت ۽ مترنم انداز لاءِ شاعريءَ جون فني گهرجون پوريون ڪرڻ بيحد ضروري آھي. مون کي ان حوالي سان انھن ترقي پسند اديبن سان بہ سنجيدہ اختلاف آھي، جن ترقي پسنديءَ جي نالي ۾ شاعريءَ جي حسن کي پٺتي ڪري ان کي ڇيھو رسايو. مثلا؛ نثري نظم لکي انھن پنھنجي نظريي جو تہ پرچار ڪيو پئي پر انھن نثري نظمن جي ڪري شاعريءَ جو حسين ۽ مترنم تصور خراب ڪري ڇڏيو. مون کي ذاتي طور تي نثري نظم واري چئي ويندڙ شاعري ان ڪري ناھي وڻندي، ڇو تہ ان ۾ شاعراڻو حسن سمايل ناھي ھوندو. منھنجي خيال ۾ نثري نظم ھڪ ڳالھہ آھي. ۽ ڳالھہ سٺي بہ ٿي سگهي ٿي. ان ۾ ڪو بہ اختلاف ناھي. پر شاعري ھڪ ٻي شيءِ آھي. شاعري فقط ڳالھہ ناھي، شاعري تہ ڳالھہ کي حسين ۽ مترنم ڪرڻ وارو خوبصورت فن آھي. نثر ڀلي ڪيڏو بہ اعليٰ ۽ فلسفي ۽ ڏاھپ سان ڀرپور ھجي، پر پوءِ بہ ان کي شعر تہ نہ ٿو چئي سگهجي. مون کي نثري نظم اڄڪلھہ جي ھوٽلن تي فروخت ٿيندڙ ”فاسٽ فوڊ“ جھڙو لڳندو آھي، جيڪو ترت تيار ٿي ويندو آھي پر اھو صحت (شاعريءَ جي صحت) تي خراب اثر وجهندڙ آھي. ۽ اصل شاعري ان گهر جي مانيءَ جھڙي ھوندي آھي، جنھن کي کائڻ کان پوءِ تن ۾ تازائي اچي ويندي آھي. خير، اھو منھنجو خيال آھي، ۽ مان غلط بہ ٿي سگهان ٿو. پر دنيا جي عظيم شاعرن جي شاعري ڏٺي وڃي تہ انھن اھا شاعراڻي عظمت نثري نظم لکي حاصل ناھي ڪئي. شاھہ لطيف کان وٺي شيخ اياز تائين، شيڪسپيئر کان وٺي شيلي تائين ۽ غالب کان وٺي فيض تائين مون کي عظيم شاعري ھميشھ وزن بحر ۾ ۽ فني گهرجن جي خوبصورت پورائي سان ئي نظر آئي آھي ۽ اھي ماڻھو جيڪي شاعريءَ ۾ نظريي ۽ مقصد کي شاعريءَ جو ڪارج سمجهندا آھن. مون کي انھن سان بہ اختلاف آھي. (ھتي نظريي ۽ مقصد مان منھنجي مراد سياسي حوالي سان آھي) شاعري خود ھڪ مقصد ۽ نظريو آھي. شاعريءَ جو اھو بہ ھڪ مقصد آھي تہ اھا خوبصورت ھجي ۽ پڙھڻ ۽ ٻڌڻ ۾ مزو ڏئي. مون کي شيخ اياز جي اھا ڳالھہ ڏاڍي وڻندي آھي تہ ”حسن جي تخليق ۽ تخليق جو حسن، ان کان بھتر موضوع شاعر لاءِ ڪھڙو ٿي سگهي ٿو؟“ منھنجي نظر ۾ شاعري ڪنھن بہ موضوع تي چيل ڳالھہ جو حسين ۽ مترنم اظھار آھي. موضوع وڏا ۽ ننڍا ناھن ٿيندا. موضوع سڀ ھڪجھڙا ھوندا آھن. سياسي ۽ نظرياتي موضوعن کي اھم ۽ محبت ۽ فطرت جي موضوعن کي غير اھم چوڻ وارا ڪير ٿيندا آھي، انھن جو تعين ڪرڻ وارا؟ ۽ نہ ئي سياسي ۽ سماجي موضوعن تي لکيل شاعري عظيم ھوندي آھي ۽ نہ ئي محبت ۽ نفيس موضوعن تي لکيل شاعري گهٽ درجي جي ھوندي آھي. شاعريءَ جي عظمت تہ ان جي شاعراڻي بيان ۾ ھوندي آھي. اھو انداز بيان ئي ھوندو آھي، جيڪو ڪنھن بہ شعر کي اصل شاعراڻي خوبصورتي عطا ڪندو آھي. غالب جي شاعراڻي عظمت بہ ان ”انداز بيان اور“ جي ڪري ئي آھي. ۽ اھڙو انداز بيان فني گهرجن جي پورائي کان عاري نہ ٿو ٿي سگهي.
شاعري فقط خيال ناھي. حسين ھنر بہ آھي. شاعري موسيقيءَ وانگر ھڪ فن آھي. جيئن ڪو ڪلاسيڪل گويو ڪي ٻول ناھي چوندو ۽ رڳو پلٽا ھڻندو آھي تہ اھي بہ خوبصورت لڳندا آھن. انھن پلٽن ۾ ڪي ٻول ناھن ھوندا، پر انھن ۾ ان گويي جي فن جي حسين ڪاريگري ھوندي آھي. يا ڪي ڪيسٽون توھان کي اھڙيون بہ ملنديون آھن جن ۾ فقط بانسري، طبلو يا ڪو ٻيو ساز ڀريل ھوندو آھي ۽ انھن ۾ انھن سازن جي حسن کان سواءِ ٻي ڪا سوچ يا مقصد ناھي ھوندو. اھڙيءَ طرح اھا شاعري بہ سھڻي آھي، جنھن ۾ صرف ۽ صرف فني خوبصورتيون ھجن، ڀلي ڪو خيال نہ ھجي، پر شاعر جي لفظن ۽ شاعريءَ جي فن سان ڪيل راند روند ھجي. ۽ جيئن موسيقيءَ جي فن سان لاڳاپيل ماڻھن کي سرگم اچڻ ضروري آھي. تيئن ئي شاعرن کي بہ وزن بحر جي ڄاڻ ھئڻ لازمي آھي. ان علم سان خيال وڌيڪ سھڻو ٿي اظھارجي ٿو.
شاعري جماليات کان سواءِ بلڪل ٻسي آھي. شاعريءَ جا ڪلاسيڪل موضوع حسن ۽ عشق رھيا آھن. پر جيئن تہ شاعر ھڪ حساس دل رکندڙ انسان ھجي ٿو تنھنڪري ھو ھر قسم جي ظلم ۽ زيادتي کي بہ برداشت نہ ٿو ڪري سگهي ۽ انھن ظلمن خلاف بہ ھن جي حساس دل مان سريلا نغما نڪري پون ٿا. پرمنھنجي خيال ۾ مزاحمتي شاعري بہ اھا ئي اثرائتي آھي جيڪا ڀرپور جمالياتي انداز ۾ ٿيل ھجي. اھڙي اثرائتي ۽ ديرپا مزاحمتي شاعري سرجيندڙن ۾ فيض احمد فيض ھڪ اھم مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. فيض انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري بہ تمام خوبصورت فنڪاريءَ سان ڪئي ۽ جماليات جي مس مان قلم ڀري ڪئي. ان ڪري ئي فيض اڃان تائين ان دور جي ٻين انقلابي شاعرن کان مٿي بيٺل ٿو ڏسجي. نعريبازيءَ جي عمر گهٽ آھي. نعرو فقط تيستائين اثرائتو آھي جيستائين اھا جدوجھد جاري آھي، جنھن لاءِ اھو ڪم اچي ٿو. نعري بازيءَ واري شاعري پايندہ نہ ٿي رھي. شاعريءَ ۾ پايندگي فقط فن ۽ حسن واري اظھار کي آھي. نعري بازي تہ رڙيون ڪرڻ آھي. جڏھن تہ شاعري محبوب جي ڪنن ۾ پيار سان ڪيل سرٻاٽ آھي. اوشو چيو ھو تہ:
Poetry is very close to silence. It creates sounds, but in such a skillful way that silence is not disturbed but enhanced.

ھن ڪتاب ۾ موجود شاعريءَ ۾ توھان کي مختلف موضوعن تي شعر ملندا. ھونءَ تہ اھي سڀ موضوع يعني حسن، عشق، فن، تصوف، موت، غم دنيا، ڳوٺ وغيرہ، سڄي ڪتاب ۾ آھن، پر پوءِ بہ پڙھندڙن جو خيال ھڪ طرف رکڻ لاءِ انھن کي مان موضوع وار ڪري ورھايو آھي. ان کان علاوہ پڙھندڙن کي خيالن توڙي اظھار جي نواڻ بہ ملندي.

مسرور پيرزادو
A-9 گلي نمبر- 1
مجاھد ڪالوني ڊالميا ڪراچي
0301-2148079

پنھنجي پاران باقي ڪجهہ مان پنھنجي استاد شيخ اياز جي لفظن ۾ لکان ٿو.


ادب فقط زلزلي – ماپ جي اوزار وانگر نہ آھي، جو فقط قومي زندگيءَ جا سارا ڌوڏا ڏيکاري ٿو، پر ھڪ قطب نما وانگر بہ آھي، جا منزل جو طرف ڏيکاريندي آھي.


شاعر پنھنجي ذات جي تڪميل لاءِ لکندو آھي ۽ نہ ئي ٻين جي تحسين لاءِ.


ڇا ڪنھن خوبصورت گل تي نظم ”ادب براءِ ادب“ آھي يا ”ادب براءِ زندگي“ آھي؟ ڇا گل زندگيءَ جو حصو نہ آھن!
ادب ذريعو نہ آھي، ادب مقصد آھي. ائين جيئن خدا ذريعو نہ آھي، پر مقصد آھي. نظريا زندان نہ بڻاءِ! انھن مان نڪري آءُ! ٻاھر کليل ھوا آھي ۽ آسمان ۾ چنڊ وڃي رھيو آھي.


مون سدائين محسوس ڪيو آھي تہ شاعر ريڊيو ايريل (Radio Aerial) وانگر آھي ۽ ھن کي لھرن تي ڪي آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جن جو اظھار ھو پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪندو آھي.


شاعريءَ جي تخليق وقت جسم روح ۾ بدلجي وڃي ٿو، من تن جي پڃري جون تيليون ڊاھي ھوا ۾ اڏامي ٿو، زندگي پنھنجا سارا ٻنڌن ٽوڙي پنھنجي غلاميءَ مان اجهل آزادي ماڻي ٿي، ۽ ريت جي ڪڻ ڪڻ کان وٺي تارن جي رم جهم تائين ساري ڪائنات شاعريءَ جي دائري ۾ اچي وڃي ٿي.


شاعريءَ جي منتھا، حسن جي تخليق آھي، ٻيا سڀ نظريا بڪواس آھن.


سڀ شيون گذري وڃن ٿون ۽ ناپائدار آھن، فقط آرٽ ئي پائدار آھي.


ادب زندگيءَ لاءِ تہ آھي پر ان کي وڌيڪ اگرو، وڌيڪ اڻڀو، وڌيڪ اڻ – سجلائتو بڻائڻ لاءِ نہ آھي. زندگي ڪيتري نہ بدزيبي آھي! ان کي زيب جي ضرورت آھي، ان کي سجل بڻائڻو آھي ۽ اھا آرٽ جي وڏي ۾ وڏي سوڀ آھي، وڏي ۾ وڏي ڪاريھ آھي، زندگيءَ کي حسن جي سوغات ڏيڻ کان وڌيڪ ماڻھو ڪھڙي کيپ کٽي سگهي ٿو!


جي شاعر پٽ – ڪيڙن مان ريشمي پوشاڪ اڻي تہ ڪنھن کي ڪھڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو؟


انقلابي! توکي گٽر ۾ چنڊ پسند آھي، تون ان کي سنڌوءَ جي ڇولين ۾ ڏسڻ نہ ٿو چاھين؟


ھر شاعر محب شاعر انقلاب آھي. ھر شاعر انقلاب شاعر محبت نہ آھي.


شاعر فرشتو نہ آھي، پر فرشتو بہ تہ شاعر نہ آھي.


اي ڪاش! مان گمناميءَ ۾ جيئان ۽ گمناميءَ ۾ مران. بدنامي ۽ ان کان بہ وڌيڪ نيڪنامي شاعر جي تخليقي انفراديت لاءِ مھلڪ آھي.


انقلابي ادب پھرين ادب آھي، پوءِ انقلابي آھي. جي ان ۾ پنھنجو انفرادي حسن ۽ خوبي نہ آھي تہ اھو ڪنھن بہ انقلابي تحريڪ لاءِ بيڪار آھي.


شاعر جا ٻہ نمايان فرض آھن ۽ اھي آھن تہ نہ فقط جيئن دنيا آھي، ان جو آئينو ٿئي، پر جيئن دنيا ٿيڻ گهرجي ان جو تخيل بہ پيش ڪري.


ھاءِ“ ھي انسان ڪڏھن ڄاڻندا تہ سندن روحاني نجات جا وسيلا فقط ادب ۽ آرٽ آھن!

ترنم ۾ حسن آھي ۽ حسن ۾ ترنم آھي.

ھي چنڊ بدلجي ويندو آ، سنسار بدلجي ويندو آ

ھي چنڊ بدلجي ويندو آ، سنسار بدلجي ويندو آ،
ھر چيز بدلجي ويندي آ، جئن يار بدلجي ويندو آ.

ھو پيار نہ پائي قاتل آ، مان پيار نہ پائي شاعر ھان،
ڪنھن صدمي ۾ ڪجهہ ماڻھن جو ڪردار بدلجي ويندو آ.

ڪا ڪين وضاحت ڪر پياري! ڪا ڪين شڪايت ڪر پياري!
تو مون جھڙن انسانن جو، ھي پيار بدلجي ويندو آ.

ڪي گل وڌائيندا آھن، گلزار سڄي جي سندرتا،
تن ٿورن گلڙن بن سارو، گلزار بدلجي ويندو آ.

*

ٿو عشق ڪري ماڻھو انسان ٿي وڃي،

ٿو عشق ڪري ماڻھو انسان ٿي وڃي،
انسان خدا جو پو امڪان ٿي وڃي.

جي عشق سندو ساجن! احسان ٿي وڃي،
پو موت جيان جيون آسان ٿي وڃي.

بس عشق اجاڳر ٿو راھون ڪري نيون،
جي عشق ھلي اڳيان، ڇا ڇا نہ ٿي وڃي!

ايڏو تہ اوھان بن مان، ويران آھيان،
ٿو رڻ بہ ڏسي مون کي حيران ٿي وڃي!

ڪيڏو نہ ڏکوئيندڙ سو وقت آ جڏھن،
محبوب خيالن ۾ مھمان ٿي وڃي!

تون اچ تہ گلن جھڙي! گهر منھنجي ڀي ڪڏھن،
ڪر ھيءَ عنايت گهر، گلدان ٿي وڃي.

ھي ساھہ ٿڌو منھنجو، تو لاءِ بي اثر،
اي ڪاش اھو ڪڏھين طوفان ٿي وڃي!

ٽوڙڻ کان سوا ڪھڙي، ٻي واٽ ٿي بچي!؟
ھيءَ زندگي جڏھن ڀي زندان ٿي وڃي.

ڪندو محسوس ڪوئي ڪين پنھنجي ڪا ڪمي پيارا!

ڪندو محسوس ڪوئي ڪين پنھنجي ڪا ڪمي پيارا!
اسان لئہ اک ڪنھن جيءَ ۾ نہ ھوندي ڪا نمي پيارا!

اِھو ئي عشق سلجهائي سگهي ٿو سٽ جيون جو،
عقل سان ھي تہ الجهائي اڃا ٿو آدمي پيارا!

حياتي ھيءَ پنھنجي ڀي لڳي ٿو امتحان آھي،
انھي ۾ عشق جو آ سوال ڪرڻو لازمي پيارا!

جڏھن کان بيوفا جي بي رخيءَ جي برفباري ٿي،
تڏھن کان لڙڪ اکڙين ۾ اسان جي پيا ڄمي پيارا!

جڏھن کان تون ڪري ڪاوڙ، رسي ويو آنھہ او رسڻا!
تڏھن کان موسمون مون لئہ، مڙيوئي ماتمي پيارا!

پڇي معصوم ٿو محبوب ”ڪيڏو پيار ٿِي مون سان؟“
چوان ٿو پيار تورڻ جي نہ آ ڪا ساھمي پيارا!

جيڪڏھن...

ڪنھن ڪفن جھڙو نہ ھي جيون ھجي ھا،
ڀرت ان ۾ ھوءَ ڀري ھا جيڪڏھن.

دل ٻسي گلدان وانگر ڇو ھجي ھا!
پيار جا ھوءَ گل وجهي ھا جيڪڏھن!

دوستي در در نہ لايان ھا ڪڏھن،
ھوءَ نہ مون کان دور ٿئي ھا جيڪڏھن.

مان فقيرن جئن صدائون ڇو ھڻان ھا،
دل سندو ھوءَ دان ڏئي ھا جيڪڏھن.

ھو شڪاري ڪين ماري ھا پکي،
ٻولڙيون تن جون ٻڌي ھا جيڪڏھن.

ھاڻ ڳالھيون ھي اجايون ٿيون لڳن،
ھيئن ٿئي يا ھونءَ ٿئي ھا جيڪڏھن.


*

زندگي مختلف، موت ڀي مختلف،

زندگي مختلف، موت ڀي مختلف،
جا بہ ھن شيءِ ڪئي، سا ڪئي مختلف.

تون بہ ليليٰ نہ آن، مان بہ مجنون نہ ھان،
آ اسان جي پرين! عاشقي مختلف.

ڪين اکڙيون سمنڊ، ڪين وار ئي گهٽا،
پوءِ بہ ويئي وڻي، ڇوڪري مختلف.

چاندني رات ۾، ھوءَ نڪتي جڏھن،
ڪجهہ لڳي پئي جهڪي، چاندني مختلف.

ڳالھہ تو جا چئي، سا چڱي ڀي چئي،
ڪين سا پر وڻي، جو نہ ھئي مختلف.

شاھہ ڀي جو چيو، شيخ ڀي جو چيو،
سو نہ ورجاءِ، ڪر شاعري مختلف.
*

عشق مشڪل شاعري آ، ڇا ڪجي!

عشق مشڪل شاعري آ، ڇا ڪجي!
ڇوڪري ھوءَ سادڙي آ، ڇا ڪجي!

بيوفائيءَ جي بہ بدلي پيار آ،
ڇو تہ پنھنجي دل وڏي آ، ڇا ڪجي!

ھڪ طرف دنيا سنديون آسائشون،
ٻئي طرف ھوءَ سانوري آ، ڇا ڪجي!

ھڪ تہ پنھنجي ڪين دنيا سان پوي،
ٻيو وري ھوءَ ڀي رٺي آ، ڇا ڪجي!

مون ڪيون آھن گهڻيون ئي محبتون،
مون ۾ محبت، ھا گهڻي آ، ڇا ڪجي!

ھا، توھان سڀئي سياڻا آھيو،
ھا، اسان جي دل چري آ، ڇا ڪجي!

پاڻ اڻ تارو ۽ دنيا سمنڊ آ،
ناو دل جي ڀي ٻڏي آ، ڇا ڪجي!

*

آسائشن ۾ گذري، آ زندگي سدائين،

آسائشن ۾ گذري، آ زندگي سدائين،
پر پو بہ روح ۾ آ، افسردگي سدائين.

جڏھين بہ پيار پِيتو، پيالين مان مون چپن جي،
تڏھين وڌي وئي آھي تشنگي سدائين.

محبوبڙيون تہ منھنجون، ھا مٽجنديون رھيون ھن،
پر پيار سان رھي آ، وابستگي سدائين.

منھنجو مزاج مٺڙا! آھي ھوا جيان ھي،
ڪئي مون تڏھن اڪارڻ، آوارگي سدائين.

الجهي پيا اھي ئي، جن عقل آھہ اڳيان،
پر پار آھہ پھتي، ديوانگي سدائين.

ھي روح جسم جي اڄ ٿو قيد مان بہ نڪري،
ڪيڏي عجيب ھوندي آزادگي سدائين!

اجنبيت

اجنبيت

ھتي غلطيءَ مان آھيان اچي ويو مان،
ھتي ڀلجي اچي ويو آھيان مان،
اِئين بلڪل جئين ڪوئي مسافر،
غلط ڪنھن ريل گاڏيءَ ۾ چڙھي پئي،
۽ غلطيءَ مان ڪنھين ٽيشڻ،
اڄاتيءَ تي لھي پئي.
ھتي ھر چيز منھنجي لئہ،
صفا ڄڻ اجنبي آھي،
گذارڻ جيڪا چاھيان ٿو،
ھتي سا زندگي ناھي،
ھتي سو باغ ئي ناھي،
جتي دل جو پکي منھنجي،
لنوي ويٺو سريلي لات پيو ڪائي،
ھتي ڌرتي آ پٿريلي،
۽ ناھموار، نوڪيلي،
ھتي ڪئن پير منھنجا ھي،
نچن سو ناچ جنھن سان ھي،
سڄو ماحول پئي جهومي!
سندم سڀ گيت لڙڪن جي،
لکيل ٻوليءَ ۾ آھن،
اھي ئي گيت سڀ منھنجا،
ھتان جي ڪنھن بہ ٻوليءَ ۾،
ڀلا ڪئن ترجمو ٿيندا؟

رڳو بس اجنبيت آھي!
رڳو بس اجنبيت آھي!
مگر ھن اجنبي ماحول ۾ ڀي،
انھي ڪئن لات کي روڪيان،
جا لنوجي ٿي اندر ۾ پئي!؟
انھي ڪئن ناچ کي روڪيان،
رڳن ۾ جو رھي ٿو پيو؟
مان پنھنجا گيت ڳائينديس،
جي لڙڪن جي ھن ٻوليءَ ۾،
ڀلي ڪوئي نہ سمجهي سي،
ڀلي ڪوئي نہ سمجهي سي.


*

تون ڏکن جو ڏڪار ٿيندين ني؟

تون ڏکن جو ڏڪار ٿيندين ني؟
معنيٰ، بي انت پيار ٿيندين ني؟

مان ھٿيارن بنان شڪاري ھان،
شوق سان تون شڪار ٿيندين ني؟

لالچي آھيان خوشين جي لئھ،
تون خوشيون بي شمار ٿيندين ني؟

عشق، بي عزتي ھتي آھي،
عشق ۾ تون وقار ٿيندين ني؟

زندگيءَ جي تتل بيابان ۾،
موسلاڌار پيار ٿيندين ني؟

سنڌ جئن مان سڪان پيو ساجن؟
تون سدائين سڪار ٿيندين ني؟

مان اڃا يار! ٻار آھيان ڪو،
مون سان کيڏڻ لئہ ٻار ٿيندين ني؟

آنءُ بي اختيار ئي رھندس،
منھنجو تون اختيار ٿيندين ني؟

عشق جو تون شراب ٿيندين ني؟
عمر ڀر جو خمار ٿيندين ني؟

بس اھا پڪ ڏي مون کي پيارا!
پيار ۾ پائدار ٿيندين ني؟

شاعريءَ منجهہ تون اچي منھنجي،
شعر ڪو شاھڪار ٿيندين ني؟

*

ڇو

ڇو

ڇو نہ محبت ڪنھن ڪڪر وانگر پئي سڀ تي وسي!
او پرين! ھيءَ صرف تنھنجي لاءِ محبت ڇو ھجي؟

چنڊ چمڪائي پيو جڳ چاندنيءَ سان چؤطرف،
چنڊ جي ھڪ شخص جي لئہ ھيءَ چاھت ڇو ھجي؟

گل، خوشبوءَ ساڻ واسي ٿو سڄي سنسار کي،
گل جي ھڪ فرد لئہ خوشبوءَ- راحت ڇو ھجي؟

عشق سڀ کي ٿو ڪشادي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري،
عشق کي سوڙھي ڪرڻ جي ڪا بہ حسرت ڇو ھجي؟

*

ڪري ناٽڪ ڏکن جو يار! فنڪاري ڪئي آھي،

ڪري ناٽڪ ڏکن جو يار! فنڪاري ڪئي آھي،
سموري عمر مون سائين! اداڪاري ڪئي آھي.

محبّت ڀي تہ مون محبوب! واپاري ڪئي آھي،
محبّت ۾ بہ مون سياڻپ، سمجهداري ڪئي آھي.

اڻانگو عشق آ، ان لئھ، اسان ياري رکي آھي،
انھي بس عشق کان توبھہ، اسان زاري ڪئي آھي.

ڀٽائي! ڏس، اسان سنڌين جا تون ھي ڪارناما ڏس!
ڪھاڙيءَ ساڻ ھر سھڻي، ڪھي ڪاري ڪئي آھي!

مان شرمندو بہ آھيان پر حقيقت ھيءَ ئي آھي،
ڪڏھن پئسن جي ڪارڻ ڀي قلمڪاري ڪئي آھي.

نظر جيڪو اچان ٿو مان، اھو ناھيان، اصل ناھيان،
مون غم جي پاڻ تي ڪيفيت اھا طاري ڪئي آھي.

اداسي ۽ اڍنگائي، اٿي فنڪار جو فيشن، 
رئاري جنھن سموري خلق، فنڪاري ڪئي آھي.

*

آ عشق نشو، ھوش ۾ ڀي ڪيئن اچان مان؟

آ عشق نشو، ھوش ۾ ڀي ڪيئن اچان مان؟
جت ھوش ڀي مدھوش، اتي روز رھان مان.

ڪا آڳ ھجي عشق جي، ان منجهہ پچان مان،
اي ڪاش سچي سون جيان يار! ٿيان مان!

ٿو پاڻ پنھنجي ذات کي ڳوليندو وڃان مان.
جئن پريم نگر جون ٿو گليون روز گهمان مان.

آ سار سندي تار ڇِڙي ۽ ٿو وڄان مان،
ھن عشق سندي ساز تي ٿو ناچ نچان مان.

ھوءَ مند بسنتي آ، گلن جيئن ٽڙان مان،
خوشبوءَ جيان دور گهڻو دور وڃان مان!

اڄڪلھہ تہ رڳو ھيءَ ئي بس آرزو آھي،
سينگار ڪري ھوءَ اچي ۽ پيو ڏسان مان.

طوفان جيان ياد پرين! آئي اوھان جي،
ڪمزور وڻ جي ڏار جيان ۽ ٿو ٽٽان مان.

تون پيار سندو يار! اڃا پيار ھي پيالو،
آ اڃّ ازل جي، نہ ٿو ڍاپي نہ ڍاپان مان.

جيون بہ عجب راند آ، اک – ٻوٽ جيان ھي،
ٿو پاڻ کي ڳوليان ۽ پيو پاڻ لڪان مان.

ھيءَ سمنڊ جيان شاعري سھڻي ٿي لڳئہ، پر
ڄاڻين نہ پيو سمنڊ جيان ڇو ٿو ڇلان مان!

مون کي تہ رڳو شعر لکڻ ڏانءُ اچن ٿا،
مون کي تہ ڇڏي ڏيو تہ پيو شعر لکان مان.

*

شاعر ويٺو روز لکي،

شاعر ويٺو روز لکي،
گيت ڪئي سوچي سوچي،
گيت امن ۽ محبت جا،
ڌرتيءَ تي ئي جنت جا،
۽ ڏسندي ھو ھاريءَ کي،
جيڪو ٻج ڇٽي ٿو ڪي،
ايندڙ ڪنھن خوشحاليءَ جا،
دل ۾ ھر ھر ھيئن چوي:
”ڇا ھيءَ محنت مون واري،
اھڙي ڪارآمد ناھي،
جهڙي ھاريءَ جي آھي؟“


*

تو سنڌ ڇڏي پرديس وسايو، پوءِ ڇا ٿيو!

تو سنڌ ڇڏي پرديس وسايو، پوءِ ڇا ٿيو!
ھيءَ ڀونءِ ڇڏي تو خوب ڪمايو، پوءِ ڇا ٿيو!

تنھنجي روح سندو گهر ڀورا ڀورا ٿي ويو،
پر بنگلو تو آ خوب بڻايو، پوءِ ڇا ٿيو!

تو بہ سڃاڻ وڃائي دور دڙي کان رھندي،
تو ڀي سنڌو درياھہ ڀلايو، پوءِ ڇا ٿيو!

پنھنجي ٻولي، ڌرتي، مائٽ مٽ ڇڏي تو،
ھي دوريءَ جو دک درد پرايو، پوءِ ڇا ٿيو!

پريت پکن جي ماڙين ساڻ مٽايئہ ڇا لئہ؟
اڄ سوني تي تو سيڻ مٽايو، پوءِ ڇا ٿيو!

اڄ بہ ڪنڊيءَ تي ڪانءُ لنوي ٿو، ڇا تون ايندين؟
اڄ تون نہ مگر تنھنجو خط آيو، پوءِ ڇا ٿيو!

*

فراق تنھنجي جي آڳ پنھنجي اڃا بہ من ۾ مچي رھي آ،

فراق تنھنجي جي آڳ پنھنجي اڃا بہ من ۾ مچي رھي آ،
اسان جي ھستي سموري جنھن منجهہ سون وانگي پچي رھي آ.

ممات گذري وڃي ٿي ڀرسان، حيات ھر ھر بچي رھي آ،
لڳي ٿو مون کي تہ ڏور جيون جي ھاڻ منھنجي ڪچي رھي آ.

ڏسو تہ ھوءَ پنڌ ۾ تہ ناھي سمورو عالم ئي واسجي ويو،
وجود، چندن جي مھڪ جھڙو، سنواري ٺاھي اچي رھي آ.

جڏھن کان ھن کي بہ عشق ٿيو آ، تڏھن کان سھڻي وئي ٿي ٻيڻي،
ھوءَ عشق ۽ سونھن جي سمورن، رنگن ۾ ھاڻي رچي رھي آ.

قسم کڻي جنھن بہ ڳالھہ ڪئي ھئي، سڀن ۾ ھئي بس اھائي ڪوڙي،
ڪڇيو نہ جنھن ۽ پڇيو نہ جنھن بس اھا سڀن ۾ سچي رھي آ.

ھيءَ شاعري بس ”خيال“ ناھي، حسين ھڪڙو ”ھنر“ بہ آھي،
انھي جو مقصد اھو بہ آ جو رقاص وانگر نچي رھي آ.

*

حسين ڪيڏي تہ ڏس ھوءَ دلربا آھي!

حسين ڪيڏي تہ ڏس ھوءَ دلربا آھي!
پو ڇا ٿيو جي ڀلا ھوءَ بيوفا آھي!

بَيان جو نہ ڪري ٿو سگهي اھو مان ھان،
بيان جو نہ سگهي ٿي، اھو خدا آھي.

خوشيءَ جي لاءِ اوھان جي اوھان سان مون پياري!
ملڻ ڇڏيو، ھيءَ محبّت جي انتھا آھي.

سدائين سنڌ رھي سک سان سڄي سائين!
ھيءَ نڪتي دل منجهان درويش جي دعا آھي.

”بقا تہ ڪجهہ بہ نہ آھي، رڳو فنا آھي!“
”فنا تہ ڪجهہ بہ نہ آھي، رڳو بقا آھي!“

*

عشق جنھن جي ڪئي امامت آ،

عشق جنھن جي ڪئي امامت آ،
عمر ڀر سا ڪئي عبادت آ.

ھاڻ خاموش ٿي ٻڌو يارو!
عشق جي ٿي رھي تلاوت آ.

ھوءَ ڏسي ديد پاڪ ٿي ويئي،
ايتري ھوءَ خوبصورت آ.

ھي پرين آھہ يا خدا آھي؟
ھي مجاز آھہ يا حقيقت آ؟

ھاڻ نفرت سان ڀي نہ نفرت آ،
ھاڻ ھر چيز سان محبّت آ.

عشق جي سمنڊ مان ڪوئي موتي،
جي ملي پئي تہ ڀي غنيمت آ!

جيترو سوچجي تہ منجهجي ٿو،
ھيءَ دنيا بہ ڪا ڳجهارت آ!
 

شاعري بس اسان جي ملڪيت آ،

شاعري بس اسان جي ملڪيت آ،
سا بہ محبوب جي عنايت آ.

ڇا پڇين ٿو تہ ”شاعري ڇاھي؟“
شاعري، عشق جي وڪالت آ.

سونھن جو گل سڪي، ڇڻي ويندو،
ھيءَ سرءُ جيئن ھاءِ غربت آ!

ھٿ ڏاڍو اٿي نہ ٿو ھن تي،
حسن ۾ ڪيتري تہ طاقت آ!

حسن ھرکي وڃي ٿو پئسي تي،
پيار لئہ ڄار، يار! دولت آ.

حور يا ھوءَ پري نہ آھي ڪا،
ھوءَ مڪمل، حسين عورت آ.

تنھنجي سادي وجود جي پياري!
ڪيڏي سينگار کي ضرورت آ!

آخري وقت ۾ ملي آھي،
ھوءَ سڄي زندگيءَ جي اجرت آ.

سانوري ٿي جدا جڏھن کان آ،
شاعريءَ سان تڏھن کان سنگت آ.

ڪيترو ٿي ڇڪي وٺي دل کي،
سانوري، سانوري جا رنگت آ!

لوڪ آڏو لڪايان محبت کي،
ھيءَ مون سان وڏي مصيبت آ!

ھونءَ مصروف آھيان ڏاڍو،
ھا مگر تنھنجي لاءِ فرصت آ!

سونھن تنھنجيءَ جو ڪين سج لھي،
ڪيڏي معصوم منھنجي حسرت آ!

واپسيءَ جي نہ ڪائي صورت آ،

واپسيءَ جي نہ ڪائي صورت آ،
ھوءَ وئي، ٿي وئي قيامت آ.

جسم ھن جو مٽي مٽيءَ سان ٿيو،
سوچ ھن جي مگر سلامت آ.

تنھنجي لئہ ڪجهہ ڪري سگهيو ناھيان،
پاڻ سان مون کي ھيءَ شڪايت آ.

پاڻ سان پاڻ مون ڪئي آھي،
پاڻ تي ئي مون کي ندامت آ.

خوش ڪرڻ جي نہ ڪائي ڪوشش ڪر!
ھيءَ اداسي تہ منھنجي عادت آ.

آدمين کي ادا تہ ڪرڻي آ،
درد، زنده رھڻ جي قيمت آ.

ڪنھن بہ لالچ ڪري ڪجي جيڪا،
سا بہ ڪھڙي ڀلا سخاوت آ؟

جا ھئي پنھنجي ڪيئن مٽجي وئي؟
اڄ بہ مون کي انھي تي حيرت آ.

آھہ سائنس کير فيڊر جو،
ماءُ جي کير جيئن فطرت آ.

مان چوان ٿو ”پراڻي دنيا ڏيو!“
ھو چون ٿا ”اھا جھالت آ!“

سڀني بُڇڙائين جي ھوندي ڀي،
زندگي ھيءَ خوبصورت آ!

ماءُ جھڙي ھجي ڪا محبوبا،
ٻار جھڙي اڃا طبيعت آ!
*

تارازيءَ ۾ سوچ جي، توکي توريو مون،
منھنجي امان تون، ڀاري ڏيھہ پرڏيھہ تي.

جو رواجن ٺاھيو سو ڊاھہ ڊاھہ!

جو رواجن ڊاھيو سو ٺاھہ ٺاھہ!

پيار جي تون ڇانوري ۾ ويھہ ويھہ!
زندگيءَ جا پير ٿڪل ساھہ ساھہ!

بس ھلون ٿا ھن دنيا کان دور دور،
چنڊ جي ٻيڙي مسافر ڪاھہ ڪاھہ!

زندگيءَ جي تون مٿي تان ڳڻتين جي،
ھيءَ ڀري ھيڏي ڳري اڄ لاھہ لاھہ!

شعر ٺاھڻ سان گڏوگڏ صبح شام،
پنھنجو اندر ڀي تہ پيارا ٺاھہ ٺاھہ!

زندگيءَ کي ڳاھہ وانگي ڏينھن رات،
ڳاھہ ويٺو، ڳاھہ پيارا! ڳاھہ ڳاھہ!

تون خدا جو آنھہ ڪوئي شاھڪار،
تو جيان مورت ڏٺي مون ناھہ ناھہ.

ھڪ تہ پنھنجي آ جواني تيل تيل،
ٻيو وري ھوءَ ڇوڪري آ باھہ باھہ!

جسم تنھنجو آھہ جانان! ظلم ظلم،
جو ڏسي ٿو سو ڪري ٿو ”آھہ آھہ!“

من اوھان جو منھنجي منزل آھہ يار!
تن مگر تنھن ڏانھن ويندڙ شاھراھہ.

پاڻ پائڻ لئہ پرين! ڪر پيار ٻِيار،
ڪنھن کي لالچ کان سوا تون چاھہ چاھہ!

بس، ڪيو مون کي نظر انداز يار،
پر ڳڙيا ڳوڙھا اکين مان ٽاھہ ٽاھہ.

خون دل جي سان لکان ٿو شعر شعر،
۽ ٻڌي اڄ سڀ چون ٿا ”واھہ واھہ!“



*

شعرن ٺاھڻ ساڻ تون، پنھنجو پاڻ بہ ٺاھہ!

شعر تہ مقصد ناھہ، مقصد آھي ماڻھپو.

*
پنھنجي ڳولا آ اِھا، جي ٿو بيت لکان،
آخر ڇا آھيان، سمجهائي ٿي شاعري.

يار جي تصوير ڀي ڏس! يار جھڙي ڪين آ

يار جي تصوير ڀي ڏس! يار جھڙي ڪين آ،
پيار واري شاعري ڀي، پيار جھڙي ڪين آ!

خوابَ جي دنيا پرين! ساڀيان کان سھڻي آ گهڻي،
ھيءَ ملڻ جي مھل توسان، سار جھڙي ڪين آ.

ڀيٽ ڪائي ڪين آ اصلي ۽ نقلي چيز ۾،
گل جي تصوير، اصلي خار جھڙي ڪين آ.

آ سڄي دانشوري معصوميت آڏو حقير،
ھن دنيا جي ڪا بہ ڏاھي، ٻار جھڙي ڪين آ.

ھوءَ شھري ڇوڪري سينگار ڪيڏو ڀي ڪري،
ڳوٺ جي ھڪ سادڙي ھوءَ نار جھڙي ڪين آ.

گــُلن تي ماڪ جھڙي آن، نڀائيندينءَ ڀلا ڪيسين؟

گــُلن تي ماڪ جھڙي آن، نڀائيندينءَ ڀلا ڪيسين؟
اڙي او زندگي! مون کي بچائيندينءَ ڀلا ڪيسين؟

محبّت سمنڊ وانگي آ، گهٽائيندينءَ ڀلا ڪيسين؟
اجايو پاڻ کي پياري! ٿڪائيندينءَ ڀلا ڪيسين؟

ڀڄان خواھشن جي پويان آنءُ ٿو ناڪام موٽڻ لئھ،
مگر خواھش! پٺيان پنھنجي، ڀڄائيندينءَ ڀلا ڪيسين؟

ٻڏي ٿي ناو جيون جي، ڪنن ۾ اڄ زماني جي،
ٻڏڻ کان عاشقي! ان کي بچائيندينءَ ڀلا ڪيسين؟

ڦٽو جو پيار گلڙن جيئن آھي تنھنجي اندر ۾،
پرين! ان جي سڳنڌن کي، لڪائيندينءَ ڀلا ڪيسين؟

اچين ٿي ياد جڏھين تون، نچي ھر انگ منھنجو ٿو،
پرين! ديوانگيءَ ۾ پئي، نچائيندينءَ ڀلا ڪيسين؟

پراڻي وقت جي يادن جي وسندڙ باھہ کي ڦوڪون،
ڏئي او شاعري! ھر ھر، مچائيندينءَ ڀلا ڪيسين؟

دل لڳي ھئي گهڻي، عاشقي گهٽ ھئي

دل لڳي ھئي گهڻي، عاشقي گهٽ ھئي،
جسم سان پيار ھو، بندگي گهٽ ھئي.

سونھن ھن جي گهڻي، ڪين مون کي وڻي،
جو انھي سونھن ۾، سادگي گهٽ ھئي.

ھا، اميري ڇڏي، مون فقيري کنئي،
عشق جي غم اڳيان، ھر خوشي گهٽ ھئي.

ھوءَ ايڏي تہ سندر پئي اڄ لڳي،
حسن ھن جي اڳيان، آرسي گهٽ ھئي!

دوستي ڀي لڳي ڪالھہ رسمي ھئي،
چانھہ ۾ چاھہ جي چاشني گهٽ ھئي.

عمر ۾ ھو تہ ڪو، جهور پوڙھو ھيو،
پر سندس عمر ۾ زندگي گهٽ ھئي.

تو ٻڌايا پئي، جيڪي نثري نظم،
ڳالھڙيون ھون گهڻيون، شاعري گهٽ ھئي!

چنڊ، سورج نہ ڦول آ سائين

چنڊ، سورج نہ ڦول آ سائين،
پو بہ دل سان قبول آ سائين!

عشق، رھبر جيان ھلي آڏو،
بس اھو ئي اصول آ سائين!

ڪين محبوب کي ڪرڻ حاصل،
عاشقيءَ جو حصول آ سائين!

ھر دفعي يار کي وسارڻ جي،
ھر ڪا ڪوشش فضول آ سائين!

ائن لڳي ٿو پرينءَ پنھنجي تي،
حسن جو ٿيو نزول آ سائين!

اڻ ميون محبتون مليون مون کي،
پو بہ منڙو ملول آ سائين!

عشق جيڪا خوشي کسي، سا ڪئي،
شاعريءَ کان وصول آ سائين!

*

سڪ ان سان سڄڻ! سوائي آ

سڪ ان سان سڄڻ! سوائي آ،
جنھن ڪئي يار! بيوفائي آ!

مان ملان ڪين ٿو پرينءَ سان جو،
عشق ان ساڻ انتھائي آ.

جا حصو ھئي وجود منھنجي جو،
سا بہ ڏس ٿي وئي پرائي آ!

ٿورڙو وصل آھہ محبت ۾،
پو جدائي رڳو جدائي آ.

عشق جو ڪو علاج ڪونھي ڪو،
ھر دوا مون بہ آزمائي آ.

روح آلو ويو آ ٿي سارو،
مينھن جئن ياد تنھنجي آئي آ.

پيار پنھنجي جي ڳالھہ ٿوري ھئي،
پر زماني کڻي وڌائي آ.

ڪين ڪجهہ ڀي ڪري سگهيو آھيان،
آس ۾ عمر مون گنوائي آ.

پيار ڀي اختيار ۾ آھي،
ياد تنھنجي بہ مون گهٽائي آ.

کائجي، ڪجهہ ڪمائجي، سمھجي،
زندگي ڪيتري اجائي آ!

مستقل ھن عذاب - جيون کان،
اڄ مري جند مون ڇڏائي آ.

مال، ملڪيت پڇي اٿي منھنجي،
شاعري عمر جي ڪمائي آ!

*

ايڏو ھن کي چاھہ! جو ھن جي چاھت مان آزاد ٿئين!

ايڏي راحت حاصل ڪر! جو راحت مان آزاد ٿئين!

جيڪا ڀي تون محبت ڪر، ڀرپور نموني سان تون ڪر!
ڪا بہ تمنا ڪين رھي، جئن محبت مان آزاد ٿئين!

*

ڪنھن اجري آئيني وانگر، ھيءَ آھي منھنجي تنھائي

ڪنھن اجري آئيني وانگر، ھيءَ آھي منھنجي تنھائي،
جنھن منجهہ اندر ٿو آنءُ ڏسان، ھيءَ اھڙي آھہ اڪيلائي.

ڪلھہ ڳاتي ھئي وسڪاري ۾، ڪنھن رات ڀٽائيءَ جي وائي،
دل ڦٿڪي توکي ساريو ھو، دل گهايل پنڇي ھئي ڪائي.

ڪا رات انڌيري ويسر جي، ھن دل تي ڇانيل رھندي ھئي،
پوءِ چانڊوڪيءَ وانگي جانان! ڄڻ ياد اوھان جي ڪا آئي.

ھي تنھنجو پيار تہ آ پياري! جنھن دنيا مون لئہ سينگاري،
جنھن گهري دنيا ڪئي سا آ، تنھنجي نيڻن جي گهرائي.

ڪا نظر لڳي وئي ڄڻ آھي، ھن پنھنجي دل جي گلشن کي،
ھر ٽاري سڪل پيار سندي، آ جيڪا ڪالھہ ھئي سائي.

ڪا سرد ھوا ٿي جيئن گهلي، ٿو اک ۾ پنھنجي نير ڇلي،
اڄ باھہ وسامي وئي پيارا! ڪلھہ جيڪا تو ھئي ڀڙڪائي.

اڄ فرق مٽائي ٻولين جا، انسان وڃون ٿي تون ۽ مان،
ھي ”ڀائو“ لفظ اٿي مون وٽ، جئن آھي تو وٽ ھي ”ڀائي“.

ڊڄان پيو تہ ڪٿي ھن کي مون سان پيار نہ ٿئي

ڊڄان پيو تہ ڪٿي ھن کي مون سان پيار نہ ٿئي،
اجايو ھوءَ محبّت ۾ سوڳوار نہ ٿئي!

عجيب آھہ ۽ مشڪل منھنجي تمنا ھيءَ،
ڪجي ڪو عشق مگر جيءُ بيقرار نہ ٿئي!

اسان جو پيار اسان جي ھجي ڪا آزادي،
اسان جو پيار اسان لاءِ پرين! ڄار نہ ٿئي!

گذاريو جو ھيو دور تنھنجي دوريءَ ۾،
چوان ٿو مان تہ اھو عمر ۾ شمار نہ ٿئي!

پکيءَ پيار منجهان جنھن تي اڻيو آکيرو،
دعا ڪيان ٿو اھو ڌار وڻ کان ڏار نہ ٿئي!

جهان جوڙجي اھڙو جدوجھد سان، جو،
خدا جي سامھون بندو ڪو شرمسار نہ ٿئي!

سوال ھو يا جواب ھو، ڇا ھو؟

ھو حقيقت يا خواب ھو، ڇا ھو؟

سامھون ڪلھہ سڳنڌ سان واسيل،
تنھنجو منھن يا گلاب ھو، ڇا ھو؟

حسن ھن جو ڏٺو نہ ٿيو مون کان،
جرڪندڙ آفتاب ھو، ڇا ھو؟

جو وڄايو ھٿن سان مون ويھي،
جسم ھو يا رباب ھو، ڇا ھو؟

ياد آ اڄ بھ، جنھن تباھہ ڪيو،
چين ھو يا عذاب ھو، ڇا ھو؟

جنھن کي ھر ھر پڙھيو پئي مون ھو،
شخص ھو يا ڪتاب ھو، ڇا ھو؟

اڄ بہ جنھن جو نشو نچائي ٿو،
عشق جو ڪو شراب ھو، ڇا ھو؟

شاعريءَ مان تون پرک جيون کي!
تہ سٺو يا خراب ھو، ڇا ھو؟


*

جنھن سان ڪئي تو عاشقي، ڏس ڪير آ؟ ڏس ڪير آ؟

ھوءَ شاعريءَ جئن ڇوڪري، ڏس ڪير آ؟ ڏس ڪير آ؟

جنھن جي سرن من ڪيو مگن، ھٿ پير ٿا جنھن تي لڏن،
ھن روح جي ھوءَ راڳڻي، ڏس ڪير آ؟ ڏس ڪير آ؟

اڳ ۾ بہ دل لڳيون ڪيئھ، مستيون ۽ بس مڳيون ڪيئھ،
جنھن جي ڪرين ٿو بندگي، ڏس ڪير آ؟ ڏس ڪير آ؟

ھوءَ چنڊ جي ڄڻ چاندني، ھوءَ سجّ جي ڄڻ روشني،
ھوءَ ساھہ جھڙي سانوري، ڏس ڪير آ؟ ڏس ڪير آ؟

ڏس ڪير آ؟ ڏس ڪير آ؟ ھوءَ جيڪا تنھنجي زندگي؟
ھوءَ جيڪا تنھنجي زندگي، ڏس ڪير آ؟ ڏس ڪير آ؟


*
آھہ سڪي وئي ڳل تان چميءَ جي آلاڻ،
پر سا رھندي ھاڻ، دل تي ساري زندگي.

مون کي ڏسندي سانوري رڪجي وئي آ،

وقت جي ڄڻ ھر گهڙي رڪجي وئي آ.

تو بنان ھي ڏينھن گذرن ٿا پيا، پر،
تو بنان ھيءَ زندگي رڪجي وئي آ.

چنڊ، ملي وڇڙي ويو پر عمر ساري،
دل – اڱڻ تي چاندني رڪجي وئي آ.

عشق بِن ٻوساٽجي ٿو ساھہ ساجن!
عشق بِن ڄڻ نبض ڀي رڪجي وئي آ.

مند مرڪڻ جي تہ گذري وئي مٺا! پر،
مند من تي ماتمي رڪجي وئي آ.

سج آب و تاب سان جرڪي پيو ٿو،
پوءِ بہ ڪائي روشني رڪجي وئي آ.

کوڙ ڏينھن کان رنو ناھيان پرين! مان،
خوف ٿئي ٿو عاشقي رڪجي وئي آ.

”کڻ اکيون، کل يار!“ مون سان مل اچي تون،
ساھہ جھڙي شاعري رڪجي وئي آ.


*

جا تنھنجي پيار ڪئي پاڳل، سا پوءِ سياڻي ٿي نہ سگهي

جا تنھنجي پيار ڪئي پاڳل، سا پوءِ سياڻي ٿي نہ سگهي،
جا باھہ برھہ جي ٻاري تو، سا پوءِ اجهاڻي ٿي نہ سگهي.

ٿي چاندي چمڪئي وارن ۾، ۽ گهنج پيئي رخسارن ۾،
پر پو بہ وڻين ٿي اڳ جئن تون، ھيءَ پريت پراڻي ٿي نہ سگهي.

افسوس! چني تنھنجي بہ ڪڏھن، مون لاءِ رلي ڪا ٿي نہ سگهي،
افسوس! جو تنھنجي ٻانھن ڪڏھن، مون لاءِ وھاڻي ٿي نہ سگهي.

اڄ ھيءَ حياتي دنيا جي، دردن جي ڪھاڻي ٿي وئي آ،
افسوس! حياتي ھيءَ پرين! ڪا پريم – ڪھاڻي ٿي نہ سگهي.

ھي درد، سمندر آھي ڪو، جنھن جو نہ ڪنارو آھي ٻيو،
وئي نيٺ حياتيءَ - ناو ٻڏي، پر ان جي پڄاڻي ٿي نہ سگهي.

*
ڪاڪل ڀي ھن ڪوڙڪي، جنھن ۾ ڦاسڻ بعد،
ڪيڏي آ آزاد، سجني! ساري زندگي!

مون ھميشہ ئي ڪيو ھي ورد آ،

رب پرينءَ جي روپ ۾ ڪو فرد آ.

عشق جو مون آ سبق ان کان سکيو،
درسگاھن جيئن جيڪو فرد آ.

ھيءَ خوشي ڪنھن ٻيٽ وانگي آ پرين!
سمنڊ وانگي چؤطرف ڄڻ درد آ!

چاھہ جي تون باھہ ٻاري ويھجان!
زندگيءَ جي رات ڏاڍي سرد آ!

واس ون جي ووءِ راڻي! تو بنان،
زندگيءَ جو رنگ ٿي ويو زرد آ!

اڄ بہ ھن جي ٿي صدا سڀ کي سڏي،
ھو قبر ۾ جوان جيئرو مرد آ.

مون تہ سينو اڄ بہ چِيري آ ڏٺو،
جاءِ دل جيءَ تي رڳو بس درد آ.

نيڻ تنھنجي درشن لئہ، روز روز آتا ھن

نيڻ تنھنجي درشن لئہ، روز روز آتا ھن،
ساڄڻا! اچڻ ۾ تو، کوڙ ڏينھن لاتا ھن.

گل بھار ۾ ڪيڏا، پيار ساڻ پوکيان ٿو،
توڙي سڀ سانباھا، مون سرءُ جا ڄاتا ھن.

تنھنجي بيوفائيءَ کان پو بہ توکي چاھيون ٿا،
ھي ٽٽڻ سندا ساجن! ڪٿ اسان جا ناتا ھن!؟

ڪالھہ وڻ جنھين ھيٺان، ڳالھڙيون ڪيون پياريون،
پيار جا پکين ان تي، گيت اڄ بہ ڳاتا ھن.

ڪيتري ٺھي ٿي ڀِت، ھيءَ اڇي اجريءَ کان،
ٻار جئن ننڍي ان تي، ليڪڙا ھي پاتا ھن.

انتظار تنھنجي ۾، پير ساڻ ڌرتيءَ تي،
ڪيترا اجايا اڄ، مون نشان پاتا ھن!

اڄ بہ سار ھن جي ٿي، شاعري ڏئي، جنھن جو،
چنڊ جيئن چھرو آ، نيڻ مڌ ماتا ھن.

تنھائي

جيون ڪوئي آھہ جزيرو،
جنھن چوڌاري
آھہ سمندر تنھائيءَ جو –

ماڻھو ڪيڏو تنھا آھي،
ڪو بہ نہ آھي
جيڪو ھن جي پيڙا ڄاڻي،
کاٽ ھڻي جو من ۾ ھن جو درد سڃاڻي –
ماڻھو تنھا آيو آھي،
تنھا ئي ھو وڃڻو آھي،
روز ھجومن ۾ رھندي ڀي،
ھر ڪو تنھا تنھا آھي،
ھر ڪو ماڻھو آھہ پرولي،
جيڪا ڪنھن کان ڪو نہ ڀڄي ٿي،
ميڙن ۾ ھي مرڪي ماڻھو،
ڪنڊ وٺي ٿو تنھا سڏڪي.

ھر ماڻھو ڪا دنيا آھي،
دنيا، جنھن جا راز جدا ھن،
نتِ نوان انداز جدا ھن.
ھر ماڻھوءَ کي ساٿي آھن،
تنھائيءَ کان دور ڀڄڻ جا،
جيڪي صرف بھانا آھن،
تنھائيءَ کان ڌيان ھٽائڻ
جي لئہ سڀ زمانا آھن.

پر ھن تنھائيءَ کان آخر
ڪيسين ڌيان ھٽائي ماڻھو؟
تنھائي جا آھہ حقيقت –

تنھائيءَ جو ھيءُ سمندر
ھوريان ھوريان روز جزيري
جيون جي کي پائي ٿو،
نيٺ سمندر تنھائيءَ جو،
ٻوڙي ٿو
ھيءُ جزيرو جيون جو –

*

جيون - گاڏي ريل جي، ھلندي رھي ٿي

جيون - گاڏي ريل جي، ھلندي رھي ٿي،
دل جون ڪيئي ٽيشڻون، پٺتي ڇڏي ٿي،
ڪنھن وٽ جنڪشن وانگيان، يڪو بيھي ٿي،
ساٿي ڪوئي جي لٿو، تنھن لئہ ڪوڪي ٿي،
ڇوھي وڃي ٿي، ڇڪ ڇڪ ڪندي موت ڏي!
*

سوچن جو صحرا

سوچن جو صحرا،
ريل – دريءَ مان ٿو ڏسان.

پاڻيءَ ۾ ڪي پيار سان، ڇورن جا ڇپڪا،
ريل – دريءَ مان ٿو ڏسان.

من جي ميري مڙس جا، ڌوئي ٿي ڪپڙا،
ريل – دريءَ مان ٿو ڏسان.

سنڌوءَ سان ڪي واءُ جا، ڳائيندي نغما،
ريل – دريءَ مان ٿو ڏسان.

لاباري لئہ ڪل فصل، لھرائن بيٺا،
ريل – دريءَ مان ٿو ڏسان.

سونھن ڏئي خيرات ۾، پِني ٿي پيسا،
ريل – دريءَ مان ٿو ڏسان.

ريل ڏسي ڪي ٻارڙا، ھٿ لھرائن ٿا،
ريل دريءَ مان ٿو ڏسان........

ڳوٺ پڄڻ جا مان پيو، ھاڻي ئي سپنا،
ريل دريءَ مان ٿو ڏسان........

آ تہ اڄوڪو ڏينھن ملھايون!

آ تہ اڄوڪو ڏينھن ملھايون،
ديوانا ٿي، مستانا ٿي!
آ تہ وڻن جي ڇانو ۾ ويھي،
بچپن واريون رانديون کيڏون،
ھٿ وٺي ھڪٻئي جو ھٿ ۾،
بيمقصد ڪي پايون ڊوڙون،
آ تہ ڇٻر تي ليٽون پيٽون،
آ تہ پرين جي آکاڻين جا،
تون، مان ڪي ڪردار ٿيون ٿا،
آ، بادل تي بستر ٺاھي،
اڀ کي پنھنجي چادر ٺاھي،
ليٽي پئون ٿا چار گهڙيون ڪي،
ھن دنيا جا ٿڪ ڀڃون ڪي،
چنڊ – نگر تي آ تہ ھلون ٻئي،
آ تہ فضائن منجهہ رلون ٻئي،
آ ھڪٻئي جي نيڻن جي ھن،
واديءَ ۾ اڄ يار! لھي پئون،
جت مورن جئن روح نچي پئي،
دل تي چاھت – رنگ رچي پئي.
آ تہ چمين جي بارش ۾ اڄ،
ڌوڙ جدائيءَ جي ڌوئون ٿا،
آ ڀاڪين کي ھڪٻئي جو اڄ،
ويس ڪري ڪوئي پايون ٿا،
آ خوشبوءِ وٺون گلڙن کان،
آ پوپٽ کان رنگ پِنون ڪي،
آ تہ ھوا کان آزادي ۽
يار! پکين کان گيت گهرون ڪي.

آ تہ اڄوڪو ڏينھن ملھايون،
ھن دنيا کان بيگانا ٿي،
ھيءَ دنيا جا جيل جيان آ،
جنھن ۾ ھر ڪو قيدي آھي،
قيدين جا ڀي قسم ڪئين ھن،
ڪو محبت جو، ڪو دولت جو،
ڪو غيرت جو، ڪو راحت جو،
ڪو بہ ھتي آزاد نہ آھي،
ھر ڪو پنھنجو قيد ڪٽي ٿو،
ھر ڪو پنھنجي پڃري ۾ آ،
اِن لئہ آ تہ ھلي اڄ ساٿي!
ديوانا ٿي، مستانا ٿي،
ھن دنيا کان بيگانا ٿي،
آ تہ اڄوڪو ڏينھن ملھايون!
آ تہ اڄوڪو ڏينھن ملھايون!

شاعري تنھنجي جدا ئي آ پرين!

يار مون کان ٿا پڇن
”شاعري تون ڇو نہ ھاڻي ٿو ڪرين؟
ڇو نہ ھاڻي ٿو ٻرين،
بِرھہ جي تون باھہ ۾ ڪاٺيءَ جيان؟“
مان انھن کي ٿو چوان:
”شاعري مان ڪين ھاڻي ٿو ڪيان
شاعريءَ کي آنءُ ھاڻي ٿو جِيان،
ھاڻ ڪنھن تشبيھہ جي مون کي ضرورت ڪين آ،
ھاڻ خِيالي ڪنھن بہ مورت جي ضرورت ڪين آ،
ڇو تہ ھاڻي سنگ مون سان ھو پرين آ،
جو سراپا شاعري آ.

تون ئي چئھ او يار! منھنجا
جيڪڏھن ڪنھن ساڻ پرچي چنڊ پئي،
پوءِ تنھن کي ڪنھن بَتيءَ جي ڇا ضرورت؟
جيڪڏھن ڪنھن کي ملي منزل پوي
پوءِ تنھن کي شاعريءَ جي ڇا ضرورت؟

مان مڃان ٿو
شاعري سو خوبصورت آ سفر،
جو وڃي منزل طرف ٿو، ھا مگر
جيڪڏھن ڪنھن کي ملي منزل وڃي،
پوءِ تنھن کي ان سفر جي ڇا ضرورت؟

جيڪڏھن ڪنھن کي ملي من جو نگر
پوءِ تنھن کي رھگذر جي ڇا ضرورت؟
ھاڻ مان ڀي ائن چوان ٿو،
جئن چيو ھئو شيخ اياز،
”شاعري تنھنجي جدائي آ پرين!“

Phoenix


Phoenix

دل سدا محبّت ٿي،
بس رڳو ڪرڻ چاھي،
باھہ ۾ محبّت جي،
ھيءَ ٿي جلڻ چاھي،
۽ جلي مرڻ چاھي،
خاڪ ٿي وڃڻ چاھي،
پو وري بہ فينڪس جئن
خاڪ مان ڄمڻ چاھي.
سلسلو سدائين سو،
ھيءَ ٿي گهرڻ چاھي.

جهولو

ڪالھہ جهولو جا جهلي پئي ڇوڪري،
اڄ الائي ديس ڪھڙي ٿي وسي!

ھوءَ جيڪا وار کولي پئي جهلي،
۽ جهلي، مرڪي وري مون کي ڏسي،
سا الائي ديس ڪھڙي ٿي وسي!

ٿي سگهي ٿو ھوءَ ھاڻي ڇوڪري،
ڀاڪرن جو جهولو ڪو جهلندي ھجي.
يا ننڍي ڪنھن ٻار پنھنجي کي پئي،
ھنج جي جهولي ۾ جهوليندي ھجي،
يا اِئين ڀي ٿي سگهي ٿو ھاڻ ھوءَ،
زندگيءَ جي تيز جهولي تان ڪري،
ڪنھن قبر ۾ ننڊ اڄ پيئي ھجي.

ھوءَ الائي ڪٿ رھي ٿي ڇوڪري،
ھاڻ خالي ھيءُ جهولو آ پيو،
ھا مگر اڄ اِئن مون کي آھي لڳو،
ڄڻ تہ منھنجي دل بڻي جهولو ھجي،
جنھن تي ساڳي ڇوڪري جهلندي ھجي.

*

ڪين آھي وئي ھوءَ مون کي ڇڏي

ڪين آھي وئي ھوءَ مون کي ڇڏي،
ياد ۾ ھوءَ ھر ھر پئي ٿي اچي.

عشق – درياھہ ۾، زندگي – ناو کي،
ڪاش ڪوئي نہ ڪڏھين ڪنارو ملي!

ذھن ٻارن جيان، دير تائين پيو،
ياد تنھنجيءَ جي پينگهہ تي ٿو لڏي.

حالتن جو تپي، ڏينھن ڏاڍو ويو،
ساھہ پٽ! دوستيءَ جي ٿڌي ڇانو ۾.

او پرين! آ وري او پرين! آ وري!
تو بنان رات ٿي، پار پيئي ڪڍي!

گل وانگي جڏھن، آرزو ٿي ڇڻي،
ھا تڏھن ڪا نئين، آرزو ٿي ڦٽي.

ٿي وئي شاعري، آ اھا ڇوڪري،
روز جيڪا رسي، روز پرچي وڃي.

شعر ڪو ٿو ٺھي ايترو اوچتو،
ڪو وري سور کائي وڏا ٿو ٺھي.

*

ملي اچي يار سان اسر جو، ڊڄي ۽ سھڪي سمھي پئي آ

ملي اچي يار سان اسر جو، ڊڄي ۽ سھڪي سمھي پئي آ،
جئن رات راڻي ڏئي سڳنڌون، صبح جو مھڪي، سمھي پئي آ.

اوھان جي آڏو زبان ۾ ئي، ڪا ڳالھہ اٽڪي سمھي پئي آ،
ڪچيءَ ننڊ مان ڪا ٻارڙي ڄڻ، اٿي ۽ ڦٿڪي سمھي پئي آ.

انڌيري ۾ نا اميدين جي، اسان جون راتيون وڃن ٿيون گذري،
اميد روشن سحر جي ساٿي! بہ ھاڻ سڏڪي سمھي پئي آ.

پکيءَ وانگي ھئي حياتي، ھئي شڪاريءَ جئن مماتي،
لڳو نشانو پکيءَ وانگي، حياتي ڦٿڪي، سمھي پئي آ.

اسان جي ھئي شاعري رقاصا، مگر ٿيا زخمي پير تنھن جا،
انھي جي پيرن ۾ ياد تنھنجيءَ جي ڇير ڇمڪي سمھي پئي آ.


*
جاڙيون ھن ڀينرون
عاشقي ۽ شاعري!

*

تيسين ڪين خدا آ، مسجد، مندر ۾

تيسين ڪين خدا آ، مسجد، مندر ۾،
جيسين ڪينھي پنھنجي ئي ھو اندر ۾!

خون ٽِمي ٿو قاتل جي ھن خنجر مان؟
يا ڪي ڳوڙھا خون سندا ھن خنجر ۾؟

پنھنجي ذات سنديون ڪي پاڙون جاچڻ لئھ،
آنءُ ڏسان ٿو روز مھين جي کنڊر ۾!

ٿا روز مداريءَ لاءِ تماشو ڏيکارن،
فرق ڪٿي آ ماڻھو ۽ اڄ بندر ۾!

محبوبا جي وڇڙيل ڪائي ياد اچي ٿي،
چنڊ ڏسان ٿو جئن مان پورو امبر ۾.

سوچ ٻڏڻ ۽ ترڻ سنديءَ کان عاري ٿي،
آءٌ ٽپو ڏيون اجري پيار – سمندر ۾!

ٿو زخمي ٿي ڄڻ شعر لکان، پو ڀي ھيءَ راحت ڇا آھي؟

ھي گهاءَ لڳن ٿا گل مون کي، ھيءَ شعرن – طاقت ڇا آھي؟

ڪلھہ منھنجي ھئي، اڄ تنھنجي آ، ۽ ھوءَ سڀاڻي ڪنھن جي آ؟
ھر ڪنھن تي بارش جيئن وسي، ھيءَ آخر عورت ڇا آھي؟

دل روز اکيڙي ڦٽ پئي، ھي ماضيءَ لمحن جا ڪيئي،
ٿو خون وھي ۽ شعر ٺھن، ھيءَ آخر عادت ڇا آھي؟

ڪلھہ ڪيئن جدائيءَ جو تنھنجي، طوفان اندر ۾ ھو منھنجي!
پر ھاڻي سو گذري بہ ويو، ھيءَ آخر حالت ڇا آھي؟

جي دور اڳي پو ٿيڻو آ، ۽ تنھا تنھا رھڻو آ،
سڀ چاھہ وساري ڇڏڻو آ، پو ملڻ – عنايت ڇا آھي؟

تون ڪيڏو مون کي چاھين ٿي، پو ڇو ايئن پيار لڪائين ٿي؟
دل ٺاھين ٿي، دل ڊاھين ٿي، ھيءَ تنھنجي چاھت ڇا آھي؟

ٿو اڄ ڀي پنھنجي موليٰ کان، ڪيڏو نہ گهرين ۽ پيٽ ڀرين،
ھي ڀي گهرجي، ھو ڀي گهرجي، ھيءَ آخر حاجت ڇا آھي؟


*

جيون تو بن گذري ويندو

جيون تو بن گذري ويندو،
پن پن ٿي ھي وکري ويندو.

جھڙو ٿڌڙو ساھہ ڀريان ٿو،
تھڙو شعر بہ نسري ويندو؟

لڙڪ لڙيو جو آھہ ڳلن تان،
شعرن ۾ سو نکري ويندو.

ھاڻي گــُل جئن مرجهايل آن،
پو ڀي واس نہ وسري ويندو.

اچ تہ اڏامون، ڇو تہ اڳي پوءِ،
ساھہ - پکي ڀي اڏري ويندو.

لڙڪن ۾ ھي جيءُ اسان جو،
ڌوپي ڌوپي اجري ويندو.


*

زماني جي روايت کي ڇڏي ڏي!

نقل جي تون بہ عادت کي ڇڏي ڏي!

سبق بس عشق جو پڙھہ يار! باقي
ڪتابن جي جھالت کي ڇڏي ڏي!

محبّت جو جڏھن رشتو مري پئي
تہ پو اھڙيءَ مصيبت کي ڇڏي ڏي!

پنھنجي من جو مھٽ ھي مير مٺڙي!
بدن جي تون غلاظت کي ڇڏي ڏي!

لکن جي عشق جي پويان ئي لڳ تون!
ٽڪن جي ھن ذھانت کي ڇڏي ڏي!

حياتيءَ مان ڀلي سڀ ڪجهہ کڻي وڃ!
رڳو ھڪڙي محبّت کي ڇڏي ڏي!

مٺي محبوب جا ماڻا ئي سھہ تون،
پنھنجي دل جي شڪايت کي ڇڏي ڏي!

ٽڙيل گلڙن جيان پئي ٽھڪ ڏي تون،
منھنجي روئڻ جي عادت کي ڇڏي ڏي!

اڙي شاعر! ٻڌي ٿو ڪير تنھنجي!
ڇڏي ڏي، ان نصيحت کي ڇڏي ڏي!
*

وار کولي کلي رھي آھي

وار کولي کلي رھي آھي،
شاعري ڄڻ ڪري رھي آھي.

”ڇا خدا آھہ؟“ ان ڳجهارت کي،
حسن سان ھوءَ ڀڃي رھي آھي.

ماڪ کي سج جي خبر آھي،
پو بہ گل کي چمي رھي آھي.

ڳالھہ جا ڪن ۾ ڪيئہ جانان!
ھل ٿي اڄ ھلي رھي آھي.

چاندنيءَ ۾ چمان پيو توکي،
رات حيران ٿي رھي آھي.

ڀاڪرن ۾ ڀريان پيو ھن کي،
گل وانگي ٽڙي رھي آھي.

رات جو خواب ۾ ملي مون سان،
صبح، بستر ڏسي رھي آھي.

”ايترو ڪيئن مون کي چاھين ٿو؟“
ھوءَ ھر ھر پڇي رھي آھي.

موڪلائي وڃان پيو واپس،
ھوءَ دريءَ مان ڏسي رھي آھي.

پيار، دولت ملي وئي شھرت،
پو بہ ڪائي ڪمي رھي آھي.


*

توتي سوچيم جو سڄڻ!

شعرن جا ڪي ڌڻ،
جهوميا آھن اوچتو.

ڪھڙي ڳالھہ ڪئي ھوا،
جو اڄ سارا وڻ،
جهوميا آھن اوچتو.

تنھنجي مرڪن – مينھن ۾،
منھنجي من جا رڻ،
جهوميا آھن اوچتو.

ڏس تہ چمين کان پوءِ ھي،
پنھنجا انگ سڄڻ!
جهوميا آھن اوچتو.

بس ڏينھن ٻِن جو ئي ساٿ آ، پوءِ تون ڪٿي، پوءِ مان ڪٿي!

نہ وھيءَ کي ڪا ثبات آ، پوءِ تون ڪٿي، پوءِ مان ڪٿي!

اچ پيار جي برسات ۾، وھنجي اندر ھي اجاريون،
ڪجهہ دير جي برسات آ، پوءِ تون ڪٿي، پوءِ مان ڪٿي!

ھن زندگيءَ جي اماس ۾، بس پيار ئي تہ آ چاندني،
اچ چوڏھينءَ جي رات آ، پوءِ تون ڪٿي، پوءِ مان ڪٿي!

پل پيار جا جي ملن پيا، ڀرپور اچ تہ گذاريون!
بس پيار ئي تہ حيات آ، پوءِ تون ڪٿي، پوءِ مان ڪٿي!

گل جيئن تون مرجهائبينءَ، اڏڻو مون کي بہ ڀؤنر جئن،
بس مند جي ھيءَ بات آ، پوءِ تون ڪٿي، پوءِ مان ڪٿي!


*

پرين! پکيءَ جيان توکي مون اڏايو آ

پرين! پکيءَ جيان توکي مون اڏايو آ،
ڪجانءِ معاف، توکي مون سدا ستايو آ،

اسان جو ساٿ ڪنڊن جيئن ريشمي ناري!
قريب ٿيڻ کان توکي تڏھن بچايو آ.

اوھان تہ ھونءَ بُتن جيئن ھيا بيحس پر،
اسان جي عشق اوھان کي خدا بڻايو آ.

محبّتن جي بہ مرھم اثر ڪري نہ سگهي،
ڦٽن ۾ دل جي اڃا سور اڄ سوايو آ.

اسان جي اڃ ڪڏھن ايتري نہ ھئي اڳ ۾،
وسي ٻہ پھر ڪڪر اڃ کي وڌايو آ.

اوھان تہ پاڻ پرين! ڪائنات ڪا آھيو،
لڳي ٿو جز ۾ ئي ڪل ڄڻ سمايو آ.

خدا شناس ھان، ليڪن جڏھن پڇين تون ٿو،
چوان ٿو سمجهہ ۾ مون کي خدا نہ آيو آ.

اڄ پرينءَ سان ملي تہ ڏسجي ھا!

حال دل ڀي چئي تہ ڏسجي ھا!

پوءِ ٺاھي ڀلي يا ڊاھي ھا،
ھن اڳيان دل رکي تہ ڏسجي ھا!

صبح جي آس ۾ مري وياسين،
صبح جي روشني تہ ڏسجي ھا!

ڳوٺ جنھن جي ڪري وڻيو مون کي،
ھيل سا سانوري تہ ڏسجي ھا!

جنھن ۾ ملندا ھياسين ماضيءَ ۾،
ڳوٺ جي سا ڳلي تہ ڏسجي ھا!

شاعري جنھن تي تو ڪئي پيارا!
ڪاش سا ڇوڪري تہ ڏسجي ھا!


*

ٿي روز پئي راھہ نئين ھيءَ رلي دل

ٿي روز پئي راھہ نئين ھيءَ رلي دل،
اي ڪاش! اصل ھاڻ پرين ھيءَ لھي دل.

ھي آھہ خدا، يا ھي پرين آھہ مون آڏو،
يا آھہ وھم ھي بہ، اڃا پيئي ڀلي دل؟

ڳولا ۾ مدد تون تہ ڪجان يار! اسان جي،
ھن جي ئي گهٽيءَ گم ٿي وئي آھہ ڪٿي دل.

ڪي ڏينھن ٿيا، نينھن اسان کي نہ آ گهايو،
ٿي روز نئين نينھن جي گهاون لئہ سڪي دل.

سمجهائجي ڀي ڪيئن ڀلا، سمجهي نہ ٿي دل،
ديدار پرينءَ جو ٿي پئي روز گهري دل.

ھي درد پرين! ٻوڏ جيان اوچتو آيو،
ان منجهہ ننڍي ڳوٺ جيان پيئي ٻڏي دل.

ان جي تہ شعاعن تي پيو شعر لکان مان،
ٿي ميڻ بتيءَ جيئن پئي روز ٻري دل.


*

سپنا تنھنجا سانوري

سپنا تنھنجا سانوري!
منھنجي راتين ساڻ
کلي، کيچل ڪن پيا.

تنھنجا ھيٺ ڪري پرين!
ھي وار ڳلن ساڻ،
کلي، کيچل ڪن پيا.

لمحا تنھنجي ساٿ جا،
اڄ تنھاين ساڻ.
کلي، کيچل ڪن پيا.

ڏس تہ ھوا جا جهوٽڙا،
وڻن سمورن ساڻ،
کلي کيچل ڪن پيا.

فوٽو بچپن جا سڀئي،
وڏڙن ماڻھن ساڻ.
کلي، کيچل ڪن پيا.

جيون جي ڪمن منجهہ سنڀاري نہ سگهياسين

جيون جي ڪمن منجهہ سنڀاري نہ سگهياسين،
پر پو بہ صفا توکي وساري نہ سگهياسين.

بس سونھن ڏسي تنھنجي ويون ڍاپجي اکڙيون،
ٻئي ڪنھن ڏي وري پاڻ نھاري نہ سگهياسين.

شايد تہ اچي ھو بہ پڪارن تي ھا واپس،
پر پاڻ الئہ ڇو بہ پڪاري نہ سگهياسين.

ڏسجي تہ رڳو ڏينھن ھيو پيار جو ھڪڙو،
سو عمر سڄي ڏينھن وساري نہ سگهياسين.

ڪلھہ شام اچي ويھي رھيو ھٿ تي پوپٽ،
پڪڙي نہ سگهياسين ۽ اڏاري نہ سگهياسين.

ڇا مند ھئي پيار جي، اھڙا تہ کرياسين،
اڄ ڏينھن تائين پاڻ سڌاري نہ سگهياسين.

ٻيا سڀ تہ گذارن ٿا پيا پيار بنان ڀي،
بس پاڻ عجيب آھيون، گذاري نہ سگهياسين.


*

بادلن ۾ بُوند جي ناھي بچي

بادلن ۾ بُوند جي ناھي بچي،
تن کي تون منھنجي اکين جو ڏي پتو!

ساز جيڪي سانت آھن تن کي تون،
اڄ ربابن جئن رڳن جو ڏي پتو!

ڪا مٺائي مان مٺي ڀانيان م ٿو،
چاشنيءَ کان وڌ چپن جو ڏي پتو!

منھنجو محلن، ماڙين ۾ من منجهي،
پيار وارن تون پکن جو ڏي پتو!

جسم ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ چيم:
”نار! دل جي ڀي درن جو ڏي پتو!“

عقل جون ڳالھيون اجايون ڪين ڪر!
عشق جي تون پيچرن جو ڏي پتو!

دل گهري ٿي جاءِ جنت جيھڙي،
دل کي ساجن جي اکين جو ڏي پتو!

*

بُت ھي مٽيءَ سان ئي، ٿيڻو ڪڏھن مٽي آ

بُت ھي مٽيءَ سان ئي، ٿيڻو ڪڏھن مٽي آ،
پر ميت! گيت تنھنجو، ٿيڻو نہ ھي مٽي آ.

جيڪي بہ توڏي آيا، موٽي نہ ماڳ آيا،
مقتل ڪو عاشقن لئہ، گهر تنھنجي جي گهٽي آ.

ھڪ ڌوپ آزمائش سان رنگ سڀ لھي ويا،
سستي لٽي جيان اڄ، سنگت وئي ڦٽي آ.

اڄ شب اماس آھي، پر دل اداس ناھي،
ھيءَ سار تنھنجي سپرين! ڄڻ چاندني چِٽي آ.

ھوءَ ڪالھہ ٻالپڻ ۾، رسندي ھئي راندڙين ۾،
ھن اڄ بہ پيار جي ھيءَ چيو ”راند بس ڦٽي آ!“

تنھنجي تہ تات ھر پل، رھندي اسان جي آ دل،
اڄ مينھن ۾ مٺي! ھيءَ ڄڻ تات ٿي ٻِٽي آ.


*

حياتي ھيءَ عجب جي ڪا نشاني ٿي وئي آھي

حياتي ھيءَ عجب جي ڪا نشاني ٿي وئي آھي،
گوارا زندگي تو بن بہ جاني! ٿي وئي آھي.

ڪڙين وانگي سڀن رشتن، ٻڌي سوگهو ڪيو ساجن!
ڪنھين زنجير وانگي زندگاني ٿي وئي آھي.

زمانو جيئن روڪي ٿو، وڌان ٿو تيئن مان اڳتي،
رڪاوٽ سان طبيعت ۾، رواني ٿي وئي آھي.

سڀئي محبوب مٺڙي کان، جدا ٿي جاڙ جيئن ٿا،
سڀن جي ديس ۾ پوڙھي جواني ٿي وئي آھي.

اسان جي عشق – آکاڻي، پرين! توئي پڙھي ناھي،
اھا جا ياد سڀني کي، زباني ٿي وئي آھي.

*

تِير تنھنجي ڪمان ۾ آھي

تِير تنھنجي ڪمان ۾ آھي،
ڇا اِھو منھنجي شان ۾ آھي؟
ھو اکين جي اڳيان نہ آھي پر،
منھنجي ھر وقت ڌيان ۾ آھي.

تو سوا ووءِ ساھہ جا سائين!
ڇا ڀلا ھن جھان ۾ آھي؟
اڄ بہ محبت سندو مٺو منھنجي،
ذائقو ھن زبان ۾ آھي.

ڪالھہ سارو گــُمان يقين ھو پر،
اڄ يقين ڀي گــُمان ۾ آھي.
منھنجي محبوب جي ڳلن جھڙو،
گل نہ ڪو گلستان ۾ آھي!

نانءُ منھنجو، اڳي اڳي تنھنجي،
ظلم جي داستان ۾ آھي.
چوڏھينءَ چنڊ جئن پرين منھنجو،
سوچ جي آسمان ۾ آھي.

ڪنڊ ۾ مسجدن جي ڇا ملندءِ؟
ھو تہ ساري جھان ۾ آھي!
ذھن ۽ دل جي خواب جو سودو،
شاعريءَ جي دڪان ۾ آھي.
شاعريءَ جي شراب جو پيارا!
بس نشو ئي بيان ۾ آھي.
*

بادل! آوارا،

مون کي ڀي ھل تون کڻي.

ڪاڏي ڇوھي ٿي وڃين؟
او سنڌوءَ ڌارا!
مون کي ڀي ھل تون کڻي.

منھنجو باقي ڇا ھتي؟
ووءِ مرڻ وارا!
مون کي ڀي ھل تون کڻي.

پِرين جي اڄ پار ڏي،
پکيئڙا پيارا!
مون کي ڀي ھل تون کڻي.

آھين منھنجو آجپو،
ساجن سونھارا!
مون کي ڀي ھل تون کڻي.

*

تنھنجي نيڻن جي محبّت جو خزانو گهرجي

تنھنجي نيڻن جي محبّت جو خزانو گهرجي،
دل رکي ڇڏ! اگر توکي بيانو گهرجي.

سرس ڪجهہ سار اوھان جي بہ اسان کي آئي،
ڪجهہ اسان کي بہ رئڻ لاءِ بھانو گهرجي.

ايترو جلد ڀلا ڪيئن وساريان توکي!
گهاءَ کي ڀي تہ ڇٽڻ لاءِ زمانو گهرجي.

ھر دفعي ھوءَ ھوا جيئن ھلي ويندي آ،
اھڙي پنڇيءَ جي پڪڙ لئہ ڇا نشانو گهرجي!؟

مون کي عالم، نہ ڪو عاقل، نہ ڪو عارف گهرجي،
عشق جي سخت سفر لئہ ڪو ديوانو گهرجي.


*

اي يار! چئو ھن کي، ڇو ھيئن رليو آھي!

من ڏانھن اچي موٽي، ڇو راھہ ڀليو آھي!

سنسار تہ ھي سارو، ٿو واس ڏئي ھاڻي،
جو عشق اندر منھنجي، گل جيئن کليو آھي.

ڪا ڳالھہ نہ ھئي اھڙي، بس ھوءَ وئي وڇڙي،
پر نير اکين ۾ ھي، ڇا ڇا نہ ڇليو آھي!

اظھار ڪيو ڪونھي، مون راز رکيو آھي،
پو عشق ھوائن ۾، ھي ڪيئن ھليو آھي؟

ٿو خوف ٿِئي مون کي، تون ڀي نہ وڃين وسري،
ھي واءُ وري ويسر، جو ھاڻ گهليو آھي.

جڏھين بہ اداسيءَ ۾، بيزار ٿيو تڏھين،
ھي جيءُ تہ شعرن جي، جهولي ۾ جهليو آھي!

*

ھي اکين جو ڪڪر وسڻ تي آ

ھي اکين جو ڪڪر وسڻ تي آ،
شخص ھو اڄ شھر ڇڏڻ تي آ.

ڇو بڻائين پيو تون آکيرو؟
ھي پکي پر ھڻي اڏڻ تي آ!

موت جي ھن وڏي سمندر ۾،
ناو دل جي پرين! ٻڏڻ تي آ.

ايترو ويجهڙو ھلي آئينءَ،
ڇا ڀلا ساٿ ھي ٽٽڻ تي آ؟

ايتري بي رخي ڪندي ڇو آن؟
دل اسان جي ٽـُٽي پوڻ تي آ.

بي وفائي، سرءُ جيان جنھن ۾،
پيار پن پن ٿي ڇڻڻ تي آ.

عشق جو شوق ھو شروع ۾ ڪو،
عشق ۾ ھاڻ دل جلڻ تي آ.

ڏس! گــُلن جيئن ٿا وڃون ٿيندا،
عشق جو معجزو ٿيڻ تي آ.

ماٺ، ماحول ۾ اٻس آھي،
ڪوئي طوفان ڄڻ اچڻ تي آ.



*

پيار مان پل جي نھارين تہ ٻيو ڇا گهرجي!

تون وري مون کي پڪارين تہ ٻيو ڇا گهرجي!

تنھنجا مقتول اسان لاءِ امر ماڻھو ھن،
تون اسان کي بہ جي مارين تہ ٻيو ڇا گهرجي!

سار تنھنجيءَ جي بدن تي ڪو زخم آھيان مان،
تون صفا مون کي وسارين تہ ٻيو ڇا گهرجي!

زندگي ھيءَ ڪو درياھہ آ دھشت وارو،
تون اِھو مون کي اڪارين تہ ٻيو ڇا گهرجي!

وار پنھنجا جي پريشان ۽ اڻڀا، تن کي،
آڱرين سان جي سنوارين تہ ٻيو ڇا گهرجي!

تون ڀلي ڪين ھي سنسار اجار او پيارا!
پنھنجو اندر بہ اجارين تہ ٻيو ڇا گهرجي!

*

ممات جو ڇــُھاءُ ئي شفا جيان پئي لڳو

ممات جو ڇــُھاءُ ئي شفا جيان پئي لڳو،
ممات ڏانھن پل پل، دوا جيان پئي لڳو.

گلن جو ساٿ ڀي ڪڏھن سزا جيان پئي لڳو،
۽ سج جون جو ڪڏھن گهٽا جيان پئي لڳو.

عبادتن جيان جڏھن، اسان جو عشق ٿي ويو،
تڏھن بُتن جيان پرين، خدا جيان پئي لڳو.

اسان جي دل جو ديپ ھي، ھو پاڻ ٻاريو جنھين،
اھو ئي شخص مون کي اڄ، ھوا جيان پئي لڳو.

سڄڻ جو ھر ستم اسان کي ڪو لقب پئي لڳو،
اسان جو تنھن کي پر ڏسڻ، خطا جيان پئي لڳو.

اوھان جو ھي ڪتاب ڄڻ، ھٿن جيان کلي پيو،
جنھين ۾ شعر شعر ڄڻ دعا جيان پئي لڳو.

*

دل اڄ بہ چوي ٿي تہ نئون گيت ڳائجي

دل اڄ بہ چوي ٿي تہ نئون گيت ڳائجي،
پر گيت نئين لاءِ نئون نينھن لائجي.

”مان ھاڻ سوا تنھنجي رھي خوش ٿو ٿي وڃان“
مغرور پرينءَ کي ھي وڃي اڄ ٻڌائجي.

سھڻو جو پکي ھي ٿو اڏي آسمان ۾،
سو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪھي ڪيئن کائجي!

ڳوڙھا بہ رسي ھاڻ اسان کان ھليا ويا،
ھي بار ڀلا دل جو پرين! ڪيئن لاھجي؟

جملو نہ ڪوئي لڙڪ جيان ٿي سگهيو پرين!
ھي درد سٽن منجهہ ڀلا ڪئن سمائجي!

*
ھي پرين آھہ يا خدا آھي!
ھي مجاز آھہ يا حقيقت آ!


*

قاتل ڀي تون، پريتم ڀي تون، ھا دشمن پيارو تون ئي آن

قاتل ڀي تون، پريتم ڀي تون، ھا دشمن پيارو تون ئي آن،
برکا ڀي تون، جهولو ڀي تون، ۽ سيءُ سيارو تون ئي آن،

تون ڪجهہ ناھين، تون سڀ ڪجهہ آن، تون آنھہ فنا، تون آنھہ بقا،
تون آنھہ پرين، تون آنھہ خدا، ۽ سچ بہ سارو تون ئي آن.

محبوب مجازي تون ئي آن، محبوب حقيقي تون ئي آن،
تن تون ئي آن، من تون ئي آن، بس منھنجو سھارو تون ئي آن.

درياھ بہ تون، دھشت ڀي تون، ڇولي ڀي تون، ۽ ڪن بہ تون،
ٻيڙي ڀي تون منھنجي آھين ۽ منھنجو ڪنارو تون ئي آن.

ھو ٻيجل ڀي تون ئي آھين، ۽ راجا ڀي تون ئي آھين،
تون تند بہ آن، تون ڪنڌ بہ آن، ۽ ھو بہ ڪٽارو تون ئي آن.

آڪاس بہ منھنجو تون آھين ۽ رات بہ منھنجي تون آھين،
آن چنڊ بہ منھنجو تون ئي تون، ۽ منھنجو ستارو تون ئي آن.

*

ھر ظلم بہ سھڻو پوندو آ، ۽ رت بہ روئڻو پوندو آ

ھر ظلم بہ سھڻو پوندو آ، ۽ رت بہ روئڻو پوندو آ،
ھن عشق ۾ منھنجا او سائين! ڏس ڇا ڇا ڪرڻو پوندو آ!

خود کي بہ ختم ڪر او پيارا! پو عشق شروع ڪر او پيارا!
محبوب اڳيان ماري من کي پو نئين سر ڄمڻو پوندو آ.

جي ڪندن بڻجڻ چاھين ٿو، پو مچ ۾ پچ محبَت جي،
ھي عشق ازل جي آڳ اٿي، جنھن ۾ ئي جلڻو پوندو آ.

تون ماس پچائي پنھنجو کاءُ! ۽ درد، دلي مان دل جي پيءُ!
ھن عشق جي دعوت لئہ دلبر! خود کاڌو ٿيڻو پوندو آ.



*

سندم سو شعر آ شھڪار جيڪو مون لکيو ناھي

سندم سو شعر آ شھڪار جيڪو مون لکيو ناھي،
ڀلو سو باغ ۾ آ گل، جو اڄ تائين ڦٽو ناھي.

جڏھن تون سامھون ايندين، سڃاڻي توکي ويندس مان،
اھا ٻي ڳالھہ آھي جو، ڪڏھن توکي ڏٺو ناھي.

اوھان جي راھہ منھنجي رھبري آ ھر قدم تي ڪئي،
اھا ٻي ڳالھہ آھي جو، اوھان جو ڪو پتو ناھي.

مان پنھنجي سمجهہ سان توکي سڃاڻان ٿو ۽ ڄاڻان ٿو،
اھا ٻي ڳالھہ آ توتي ڪڏھن مون سوچيو ناھي.

*
جيڪي اندر جون اکيون، تن سان ڏس پيارا!
پوءِ طرف سارا، ساجن ئي ساجن اٿي!

عشق جو اثر

اِھو عشق جو ئي اثر آھہ جانان!
تنھنجي عشق جو ئي اثر آھہ جانان!
جو ھستيءَ مان منھنجي رڳو عشق جي ئي
ڪا خوشبsو اچي ٿي،
اِھو تنھنجي ئي سونھن جو بس اثر آ،
جو دنيا سڄي ھاڻ سھڻي لڳي ٿي،
اھو تنھنجي گهرين اکين جو اثر آ،
جو مون کي ھيءَ دنيا،
اڳي کان گهڻي ھاڻ گهري لڳي ٿي،
اِھو تنھنجي ئي بس چميءَ جو اثر آ،
جو منھنجي رڳن منجهہ محبت رھي ٿي،
محبت رڳن منجهہ رت جئن ڊڪي ٿي.

اِھو عشق جو ئي اثر آھہ جانان!
جو ھاڻي پکين جون پڪارون پروڙي سگهان ٿو،
وڻن جي وڏائي بہ سمجهي سگهان ٿو،
گلن جي نزاڪت بہ محسوس ڪيان ٿو،
۽ پوپٽ جي مان پيار کي ڀي پسان ٿو،
ھوائن ۾ ڪيئي سنيھا ٻڌان ٿو،
سمندر جي بيچيني پرکي سگهان ٿو،
ڏٺل جو نہ آھي انھي کي ڏسان ٿو،
ٻڌل جو نہ آھي انھي کي ٻڌان ٿو.

اِھو عشق جو ئي اثر آھہ جانان!
جومان پنھنجي پاران،
دنيا جي بدن تي،
زخم ڪو بہ ٿو اڄ ڏيڻ ڪو نہ چاھيان،
دنيا کي مان تنھنجي ڪري چاھيو ھو،
۽ ھاڻي سڄي ھيءَ دنيا منھنجي لئہ ”پرين“ آ،
مان ھر شيءِ ۾ تنھنجو ئي جلوو ڏسان ٿو،
اِھو عشق جو ئي اثر آھہ جانان!
تنھنجي عشق جو ئي اثر آھہ جانان!

*

ھي عدم ۽ وجود ھڪ آھي

ھي عدم ۽ وجود ھڪ آھي،
ھيءُ نابود، بُود ھڪ آھي،
شيءِ ھر ڪا جڙيل آ ٻي شيءِ سان،
ھيءَ شمع ۽ دود ھڪ آھي.

*

تنھنجو يار! بدن

تنھنجو يار! بدن،
آھہ خدا جي شاعري.

چانڊوڪيءَ جي رات ۾، پنھنجو ھيءُ وطن،
آھہ خدا جي شاعري.

ڏس تہ ھوا ۾ سرنھن جا، فصل پيا جهومن،
آھہ خدا جي شاعري.

روز شفق ڏي ٿا پکي، بيپرواھہ اڏن،
آھہ خدا جي شاعري.

ماڪ گلن کي ٿي چمي، ۽ ٿا گل لڏن،
آھہ خدا جي شاعري.

شور ڪندي اڄ مينھن ۾، ٻار پيا وھنجن،
آھہ خدا جي شاعري.

اڄ ھي منھنجا نيڻ ٿا، جيڪي ڪجهہ ڏسن،
آھہ خدا جي شاعري.

محبت جو ھي مچّ ئي، اٿي سارو سچ،

پچ اِنھي ۾ پچ! سون ٿئين جي سانورا!

*
وري ڪم ڪنا ڪرين، پورو ٿيو رمضان،
ڇو تون مسلمان، آھين ھڪڙي ماھہ لئہ؟

*

خامشي ڀي آ صدا درويش جي

خامشي ڀي آ صدا درويش جي،
بات ئي ڪجهہ اور آ درويش جي.

ھيءَ فقيري آ اميريءَ کان مٿي،
آھہ دولت بي بھا درويش جي.

اڃّ سان ٿو ھو اجهائي اڃّ کي،
بُک ئي بس آ غذا درويش جي.

بي لباسي آھہ بس ھن جو لباس،
ننڊ ڀي ڄڻ جاڳ آ، درويش جي.

موت ناھي، ساھہ جي ڏوري ٽٽڻ،
ھيءَ فنا ڀي آ بقا درويش جي.

روح منھنجي کي پراڻو روڳ آ،
مون وتي تنھن لئہ دوا درويش جي.

ڪاميابيون تنھنڪري ڪيئي مليون،
آ ٿيل مون کي دعا درويش جي.

اڄ وڃان درويش بابا ڏي وري،
جهٽ مڃيندو آ خدا درويش جي.

ڀل چئو ”وھمي“ پيا مون کي توھان،
مان وٺان ٿو راھہ، جا درويش جي.

منھنجي شعرن جي،

واٽ وڃي تو ڏانھن ٿي.
تون ئي تون آن ھر طرف،
دل جي نيڻن جي،
واٽ وڃي تو ڏانھن ٿي.
ساري ساڀيان ڪوڙ آ،
سھڻن سپنن جي،
واٽ وڃي تو ڏانھن ٿي.
موت جِنين جو يار آ،
تِنين دردن جي،
واٽ وڃي تو ڏانھن ٿي.
ڪونہ انا جي جِن جتي،
انھن پيرن جي،
واٽ وڃي تو ڏانھن ٿي.

وجود کي جو وڍي وجهي ٿو، اھو ئي منھنجو طبيب آھي

وجود کي جو وڍي وجهي ٿو، اھو ئي منھنجو طبيب آھي،
اھو ئي قاتل، اھو ئي خالق، اھو ئي ويري، حبيب آھي.

تلاش جڏھين ڪيان ٿو ان کي، تہ ھو پري آ، گهڻو پري آ،
تلاش جڏھين ڇڏيان تہ منھنجي، نھن کان ڀي ھو قريب آھي.

ڪڏھن تہ سڪ مان سڏي اسان کي، ڪڏھن تہ در تان ڇڏي ڌڪاري،
قبول دل سان ڪيو آ پنھنجو، انھي وٽان جو نصيب آھي.

اسين پِنون ٿا انھي کان جنھن وٽ، خزانا ڪيئي کٽڻ جا ناھن،
اھو ئي ليڙون لٽن سان درويش لوڪ ليکي غريب آھي.

انھي سوا ڪوئي ڪيئن منھنجي، محبّتن کي سگهي ٿو سمجهي،
اھو ئي منھنجو تہ يار آھي، اھو ئي منھنجو رقيب آھي.

*

سريلا سانت جا نغما، ٻڌين ٿو؟

اھي تون گيت گلڙن جا، ٻڌين ٿو؟

ھيءَ خاموشي خدا جو گيت آھي،
انھي جا ٻول تون ٻرندا ٻڌين ٿو؟

شيون ڳالھائينديون آھن سڀيئي،
ٻڌين ٿو، تون اڙي ٻوڙا! ٻڌين ٿو؟

وٺي تون جوڳ، جوڳي ٿيءُ جاني!
سڏي سارو پيو صحرا ٻڌين ٿو؟

وڍين ٿو تون وڻن کي ووءِ قاتل!
پکين جا تون مگر شڪوا ٻڌين ٿو؟

معزز ميڙ ۾ ماڻھو ھيو جو،
اھو ئي ٿي ويو رسوا، ٻڌين ٿو؟

تون مايا – موھہ ۾ پئجان نہ مٺڙا!
اٿي مايا رڳو ماڻا، ٻڌين ٿو؟

*

عشق جا ڪيئي سبق ھي ٿا پڙھائن نيڻ تنھنجا،

زندگيءَ جو ڄڻ تہ مقصد ٿا ٻڌائن نيڻ تنھنجا.

مون مٿان ڪا زندگي ڄڻ ٿا وسائن نيڻ تنھنجا،
ڏس تہ مون کي! خوبصورت ٿا بڻائن نيڻ تنھنجا.

تنھنجي نيڻن ۾ ڏسڻ ئي، ڪا عبادت آھہ منھنجي،
مون کي پياري! ڄڻ خدا سان ٿا ملائن نيڻ تنھنجا.

”عشق ڇاھي؟“ فلسفو ڪو ڀي نہ سمجهائي سگهيو آ،
ڳالھہ سا سولي ڪري پر ٿا ٻڌائن نيڻ تنھنجا.

تو سوا ھو زندگيءَ جو ذائقو ئي زھر جانان!
گهور سان پر زھر سارو ٿا گهٽائن نيڻ تنھنجا.

ڄڻ تہ ڪنھن طوفان وانگي ٿا اچن او سانوري! ۽
درد سڀ ڪک پن جيان ھي ٿا اڏائن نيڻ تنھنجا.

تون اچين ٿي جيئن مون ڏي، ڪو ئي ٻيو ٿو ڪين رھجي،
جو بہ منظر آ اکين ۾ ٿا ھٽائن نيڻ تنھنجا.


ڊڄان پيو تہ ڪٿي ھن کي مون سان پيار نہ ٿئي،
اجايو ھوءَ محبّت ۾ سوڳوار نہ ٿئي!

مقدس

تون تہ پوپٽ جيئن آھين پوپري!
ڇا تہ تنھنجي سونھن آھي ڇوڪري!
تون رنگا رنگي ڪري ھي
ويس جڏھين ٿي گهمين،
ايئن تڏھين ٿي لڳين،
ڄڻ تہ ڪو پوپٽ پکيڙي پر پنھنجا ٿو اڏي،
جو ھوا تي ڄڻ پيو ٿورو ڪري،
مان اِئين توکي پري کان ٿو ڏسان،
سونھن تنھنجيءَ جو سمندر ٿو پسان،
رنگ تنھنجا ونگ دل کي ٿا وجهن،
ناز تنھنجا ساز ٿا ڇيڙي ڇڏن،
ساز، جيڪي دل منجهان ٿا پيار جا نڪري پون،
ساز، جيڪي بي محبت سانت سان باغي ٿين.

پر پرين! پوپٽ جيان،
ڪيئن توکي مان ڇھان؟
ڪيئن توکي آنءُ پڪڙيان؟
ڇو تہ تنھنجي سونھن جا ھي رنگ نازڪ
ھٿ لائڻ سان لھي ويندا پرين!
۽ تنھنجي ھن سونھن جي ھيءَ نازڪي
ٿي ختم ويندي ڇھڻ سان.
تون تہ ايڏي خوبصورت آنھہ جو،
ھٿّ لائڻ سان وڪوڙي خوف ٿو،
تنھنجي اجرائپ تي گندي داغ جو،
ھاڻ تون ئي ڏس پرين!
ڪئن عبادتگاھہ ڪنھن ۾،
پاپ جي آئون پليتائي ڪيان؟
ڪئن مصور جي حسين شھڪار تي
گندگي پنھنجي گناھن جي ڪيان؟
ڪئن ڪيان مان پائمال
او پرين! تنھنجو تقدس؟
تون تہ مٺڙي! آن مقدس
ھاڻ تون ئي چئھ پرين!
مان ڀلا ڪئن ڏوھہ اھڙو ڪو ڪيان!؟
مان ڀلا ڪئن ڏوھہ اھڙو ڪو ڪيان!؟

*

ھنج ۾ ھن جي کلي ٿو ٻارڙو

مک مان ھن جي پئي ممتا ٽِمي،
ھوءَ تڏھن ڀي ايتري سھڻي نہ ھئي،
مند ۾ منھنجي جڏھن محبوب ھئي.

*

کلن سک ڏي سوين رستا، جڏھن تون مسڪرائين ٿي

کلن سک ڏي سوين رستا، جڏھن تون مسڪرائين ٿي،
سمھن ٿا سور ۽ صدما، جڏھن تون مسڪرائين ٿي.

خدا خود خوبصورت آ، پسند ھر خوب شيءِ ھن کي،
خدا خوش ٿو ٿِئي يارا! جڏھن تون مسڪرائين ٿي.

مٺي آ مرڪ مصريءَ کان، مٺي آ مرڪ ماکيءَ کان،
سڀئي ميٺاج ٿين ماٺا، جڏھن تون مسڪرائين ٿي.

تنھنجي مرڪن جي موسيقي، ٻڌي ماحول ٿو جهومي،
وڄي ٿي ڄڻ تہ ڪا وينا، جڏھن تون مسڪرائين ٿي.

رھي ٿي رات ڄڻ ڪاري، جڏھن ٿي تون رسين راڻي!
صبح جا ٿين سويرا ٿا، جڏھن تون مسڪرائين ٿي.

دنيا جا باغ، باغيچا، تنھنجي ئي سونھن سان سرھا،
کلن پوپٽ، کڙن گلڙا، جڏھن تون مسڪرائين ٿي.

اسان جي اختيارن ۾، ڪٿي توکي ڪڍڻ دل مان!
کلن ٿا دل جا دروازا، جڏھن تون مسڪرائين ٿي.

تنھنجي لاءِ دعا

اِئن لڳي ٿو عشق توکي ٿي ويو آ،
۽ تنھنجو محبوب ڀي توکي مليو آ،
ڇو تہ تنھنجي ھاڻ نيڻن ۾ چمڪ ڪائي نئين آ،
مک تنھنجي تي دمڪ ڪائي نئين آ.
ھاڻ تنھنجي ڀي چپن جي گل تي
خوبصورت مرڪ جا پوپٽ لڏن ٿا.
کل تنھنجيءَ ۾ سڄي سنسار جا ڏکڙا مرن ٿا،
ھاڻ تنھنجي ڳالھڙين واري نديءَ تي،
پيار جا پنڇي لھن ٿا،
ھاڻ ساري تنھنجي ھستيءَ مان پئي ٿي،
عشق جي ئي عطر جي خوشبو اچي
ھاڻ تنھنجي لوڏ مان ڀي
عاشقي پيئي بکي.
ھاڻ تون ڀي دير تائين چاندنيءَ ۾
وار کولي ٿي گهمين،
۽ ستارن سان سڄڻ جون
تون مسلسل ٿي پئي ڳالھيون ڪرين،
ھاڻ سينگارن منجهان تنھنجي لڳي ٿو،
عشق توکي ٿي ويو آ،
۽ تنھنجو محبوب ڀي توکي مليو آ.

ھا پرين! مان ڀي دعا توکي ڪيان ٿو،
ھو سدا توسان ملي،
۽ ملي توسان کلي،
شال تنھنجي مک جي پياري چمڪ قائم رھي دائم رھي!
کل تنھنجيءَ جي نہ ھيءَ خوشبو کٽي!
مرڪ تنھنجي ڀي سدا مٺڙي ھجي!
گل وانگر جسم ھي ٽڙيل رھي!
شال تنھنجي ھن جوانيءَ تي خوشي
مينھن وانگر پئي وسي!
درد دل ۾ ڪو نہ تنھنجي ڀي ڪڏھن ديرو ڪري!
تون ھميشہ ئي رھين ڀاڳن کي آکيرو ڪري!
شال پياري خيال منھنجو ڪو نہ توکي ڪو اچي!
جو سندءِ دل کي دکائيندو رھي
سوچ تنھنجيءَ کي ستائيندو رھي.

*

سانڍيو آھي ساھہ سان، تنھنجو گــُل ڏنل،
توڻي ھاڻ سڪل، پوءِ ڀي سرھو سانوري!

آ پرين! وڇڙي وڃون!

تون تہ پياري! نازڪيءَ جي آن علامت،
پر ڏکي ۽ سخت آھي ھيءَ محبَت،
تون سھي سگهندينءَ ڀلا ڪئن،
تاءُ محبت جي مچيل ھن مچ جو؟
تون سھي سگهندينءَ ڀلا ڪئن،
دورين جي روز درياھن جا دڙڪا،
۽ فراقن جي ڪنن جا ڪيئي ڪڙڪا،
تون سھي سگهندينءَ نہ چانڊوڪيءَ جا چڪ،
تون لنگهي سگهندينءَ نہ تنھاين جا لڪ.

تون تہ آن معصوم ڏاڍي،
تون نہ ٿي ڄاڻين تہ تنھنجو،
اک کڻي مون ڏي ڏسڻ ،
موت کي ڄڻ آھہ دعوت ڪا ڏيڻ .
تون نہ ٿي ڄاڻين تہ محبت جي گلن کي،
ھي زمانو ڪيئن ڇِني بي درد ٿو.
تون نہ ٿي ڄاڻين تہ محبت جي پکين کي،
روز ماري ٿو ڪو ماري،
۽ ڪري ٿو ڪارو ڪاري.
مون کي پنھنجي جان جو ناھي فڪر،
ھا مگر،
مان نہ ٿو چاھيان تہ تنھنجي،
ھن اڇي اجريءَ ھستيءَ تي پرين!
داغ ڪوئي ڪنھن ملامت جو لڳي.
مان نہ ٿو چاھيان تہ تنھنجي،
ھن گلن جھڙي بدن کي ڀي ڪھاڙي ڪا ڪپي،
مان نہ ٿو چاھيان تہ تنھنجي،
سونھن جي ھيءَ حڪمراني ختم ٿئي،
مان نہ ٿو چاھيان تہ تون،
جلدي دنيا کي ھئن اجاڙي
ڪنھن قبر ۾ پئين سمھين.

ھا مگر مان ھي ٿو چاھيان،
دور مون کان تون رھين،
عشق جي سختين جي ويجهو ئي نہ ٿئين،
ھا پرين! مان ھي ٿو چاھيان،
سونھن تنھنجيءَ جو سدائين سج ھي ٻرندو رھي،
جنھن طرف مون جئن سوين،
سورج مکين جھڙا ڪي عاشق،
بس تڪيندا ئي رھن!
۽ تڪي حيران ٿيندا ئي رھن!
سونھن تنھنجيءَ جا سڀيئي ڏيک ھي،
جنتن جا ڏس ئي ڏيندا رھن!

آ پرين! وڇڙي وڃون،
ھي ملڻ، ويجهو ٿيڻ، حاصل ڪرڻ،
عشق جي ھيءَ ناھہ ڪائي حاصلات،
عشق جي پر ھيءَ آھي حاصلات،
ھڪٻئي جي روح ۾ رھجي وڃون،
دور ھوندي ڀي سدا ويجهو ھجون،
آپرين وڇڙي وڃون!
آ پرين وڇڙي وڃون!

*
نم جي ھيٺان او پرين! ڳالھيون ڪيئہ جي،
ھاڻي ڀي آھي، تن جو گهاٽو ڇانورو.

*

محبَت کي منزل، ڪري آھہ آئي،

حياتيءَ کي حاصل، ڪري آھہ آئي.

اکين ۾ کڻي ھوءَ محبت جي ملڪيت،
سوين سيٺ سائل ڪري آھہ آئي.

خبر بي خياليءَ ۾ کلندي نہ پيڙس،
گهڻئي گهوٽ گهايل ڪري آھہ آئي.

کڻي پير پنھنجا، جو پياري ھلي آ،
تہ پاڙو ئي پاڳل، ڪري آھہ آئي.

گهڙي کن گهمي ڇوڪري آئي ڇت تان،
تہ چپ چنڊ، چنچل ڪري آھہ آئي.

محّبت جي ماڻن سان ماري مون کي اڄ،
شھيدن ۾ شامل، ڪري آھہ آئي.

ڀڃي پھريون ڀوري، پو ٺاھي سنواري،
مون کي اڄ مڪمل، ڪري آھہ آئي.

ھڪ قيمتي ڇوڪريءَ لاءِ

او گلن جي باغ جھڙي ڇوڪري!
توکي مالھيءَ جئين ڪو ماڻھو ملڻ گهرجي مٺي!
جيڪو تنھنجي سونھن ۽ خوشبوءَ جي،
ٻار پنھنجي جئن ڪري ويٺو حفاظت!
ھاءِ پر ھيءَ آ مصيبت،
توکي جيڪو ھو محافظ آ مليو،
سو اناڙي، ڄٽ مالھيءَ جيئن توکي،
بس اجاڙي ٿو سگهي،
سونھن تنھنجيءَ کي بہ ساڙي ٿو سگهي،
سونھن تنھنجي جا گلن جي ٻاري جھڙي آ انھي کي،
ڏاند وانگر ھو لتاڙي ٿو سگهي،
ھو نہ توکي ڪو بہ سو ماحول ڏيندو،
جنھن سان تنھنجي سونھن ھيءَ قائم رھي!
دائم رھي!

تون تہ ڪو موتي املھہ آھين مٺي!
جنھن جي ھن کي ڪا پرک ناھي پئي،
ھو تہ ڪو وينجهار ناھي،
سونھن تنھنجي جو تراشي ۽ وڌائي،
ھو تہ توکي عام پٿر جيئن سمجهي،
سونھن تنھنجيءَ سان ڪندو بي واجبي!
تون سريلو ساز آھين سانوري!
توکي موسيقار ماھر جا ئي ڪي ھٿڙا کپن،
ھاءِ پر، تون جنھن جي آھين اڄ ھٿن ۾،
سو تہ تنھنجي نازڪيءَ جي تار تار،
بس رکائيءَ مان ڇني وجهندو اي نار!

تون رنگن جي آنھہ راڻي!
ڪھڙي پر تقدير آھي تو بہ ماڻي!
سو مصور ڪين توکي آ مليو،
جو رنگن مان تنھنجي پياري! بار بار،
بس بڻائيندو رھي ڪي شاھڪار!

ڪاش توکي قيمتي او ڇوڪري!
ڪوئي ساٿي اھڙو ئي بس پئي ملي،
جيڪو پياري! سونھن تنھنجيءَ کي سڃاڻي،
۽ وڌائي!

منھنجي تو لئہ بس اھا آھي دعا،
جو قدر تنھنجو سڃاڻي،
بس اھو ئي توکي ماڻي،
ھا اھو ئي توکي ماڻي!!

*
پيار توکان بہ پو ڪيو آ مون،
توکي ڀي ڪو وڻي ويو ھوندو.
پيار مان جو ڏنو ھيم توکي،
ھاڻ سو گل ڇڻي ويو ھوندو.

*

اعتراف

اچ اعتراف ٿا ڪيون!
مٽجي وياسين مان ۽ تون.
دعويٰ وفا سندا پرين!
ڇاڪاڻ پاڻ ڪي ڪيون؟
ھي وقت بيوفا اٿي،
جيون بہ بيوفا اٿي.
ھي ڦول جي ٽِڙن پيا،
ڪجهہ دير پو ڇڻن پيا،
مٽجن ٿيون جيئن موسمون،
مٽجن ٿيون تيئن زندگيون.
مٽجڻ ئي زندگيءَ سندو،
آھي اصول ڪو رھيو.
ان لاءِ منھنجي جان جان!
اچ اعتراف ٿا ڪيون!
مٽجي وياسين مان ۽ تون.

ڪوڙو ھي لفظ آ ”وفا“
بس ڪو خيال آ ”وفا“،
بس سچ صرف پيار آ،
جنھن ۾ ٿو من سون ٿئي،
سو مچ صرف پيار آ.
۽ پيار زندگي اٿي،

ان لاءِ او منھنجي مٺي!
مٽجي ٿو ھي گهڙي گهڙي.

اچ اعتراف ٿا ڪيون!
او جان جانان! مان ۽ تون،
ماڻھو ڪي عام آھيون،
سيلابِ وقت ۾ پرين!
ڇوھيون گهڻيون ھون ڇولڙيون،
توکي بہ ڪا کڻي وئي،
مون کي بہ ڪا کڻي وئي.

ھڪٻئي کان ھئن جدا رھي،
آھيون اسين نہ ويا مري،
تنھنجي بہ دل لڳي وئي،
منھنجي بہ دل لڳي وئي،
ھن پِينگهہ پيار جيءَ ۾،
توسان بہ ڪو لڏي ويو،
مون سان بہ ڪا لڏي وئي،
توکي بہ ڪو ملي ويو،
مون کي بہ ڪا ملي وئي،
اچ اعتراف ٿا ڪيون!
اچ اعتراف ٿا ڪيون!

اڄ ڏسي ھي خوبصورت ناِريون

اڄ ڏسي ھي خوبصورت ناِريون،
دير تائين مون اکيون پئي ٺاريون.

بس نشا منھنجا رڳو آھن اِھي،
شاعري، محبت ۽ سھڻيون ناِريون.

خوشنصيبن تن منجهان مان آھيان،
جن گهڙيون ھن سان گهڻيئي گهاريون.

جئن جهڪو ٿيو جوش جوڀن جو پرين!
تئن وڌي ويون پيار ۾ ھي ڏاريون.

چاھہ جي جا باھہ ويئي آ وسي،
اچ تہ ڦوڪون ڏيئي تنھن کي ٻاريون!

اچ تہ ويھي واس ٿا تن جو وٺون،
جيسين گلڙن جون ٽڙيل ھن ٽاريون!

بس کڻي ڪر ھي بھانا بيوفا!
ڇڏ کڻي ھاڻي اِھي فنڪاريون!

ڪيترين نارين کي مون ناراض ڪيو،
ڪيڏو چاھن پِيون مون کي ويچاريون.

تون وڏي ڪا ڳالھہ ناھين او مٺي!
کوڙ مون پويان رليون تو پاريون.

اڄ پراڻي ياد جي برسات سان،
شاعريءَ جون ٿي ويون گلزاريون.

*

او ڀٽائي! سھڻيون تنھنجون ساريون

او ڀٽائي! سھڻيون تنھنجون ساريون،
اڄ ڪھاڙي ٿي ڪري پئي ڪاريون.

ديس جو چھرو ڏسي اخبار ۾،
ٿيون اچن دل ۾ ڪچيون ڪي گاريون.

*
چقمق ڇِڪي جيئن ٿي، حسن ڇڪي ٿو تيئن،
ڪيئن نہ اچان، ڪيئن، توڏي سجني سانوري!

*

آنءُ اڌورو آھيان

آنءُ اڌورو آھيان،
آءُ! تہ پورو ٿيان،
آءُ پرين! اوري اڃان.
آھين منھنجي آرسي،
آءُ تہ پاڻ پسان،
آءُ پرين! اوري اڃان.
دل جي دوري جي نہ آ
پوءِ ڇو دور اسان؟
آءُ پرين! اوري اڃان.
تو ۾ مٺڙي! منتقل،
اچّ تہ آنءُ ٿيان،
آءُ پرين! اوري اڃان.
تنھنجي تن مان گذرندي،
من ۾ آنءُ ملان.
آءُ پرين! اوري اڃان.
مون سان ڀي سا ڪار آ
”پيئان نہ ڍاپان.“
آءُ پرين! اوري اڃان.

*
ٻئي جي بستر تي بہ تون، منھنجي آھين اِيئن،
ھئي سھڻي جيئن، ڏم ھوندي ميھار جي!

ھوءَ مون لاءِ خوابَ آڻي ٿي

ھوءَ مون لاءِ خوابَ آڻي ٿي،
خوبصورت سرابَ آڻي ٿي.

عشق جي ڪيترن سوالن جا،
ھڪ نظر ۾ جواب آڻي ٿي.

ھوءَ مون لئہ وجود پنھنجي ۾،
سونھن جا ڪي ڪتاب آڻي ٿي.

ويجهڙائي گناھہ ڪونھي ڪو!
ڀاڪرن ۾ ثواب آڻي ٿي.

گهور ھن جي چميءَ جھڙي آ،
لطف ڪي بي حساب آڻي ٿي.

مان خمارن منجهان نہ ٿو نڪران،
عشق جا ھوءَ شراب آڻي ٿي.

ياد تنھنجي، بھار جي موسم،
شاعريءَ جا گلاب آڻي ٿي.

*

جو خدا کي وڻي ويو ھوندو

جو خدا کي وڻي ويو ھوندو،
وقت کان اڳ ڇڻي ويو ھوندو.

ٿورڙي عمر ۾ ڪمي پنھنجي،
ڏئي گهڻن کي گهڻي ويو ھوندو.

چين ساري جھان جو جاني،
پاڻ سان گڏ کڻي ويو ھوندو.

دل جي دولت وڌي وئي آ، ھو،
دل کي ڌاڙو ھڻي ويو ھوندو.

پيار، توکان بہ پو ڪيو آ مون،
توکي ڀي ڪو وڻي ويو ھوندو.

پيار مان جو ڏنو ھيم توکي،
ھاڻ سو گل ڇڻي ويو ھوندو.

سار تنھنجي تہ شاعري آھي،
شعر پاڻھي بڻي ويو ھوندو.

*

سڀن جا ٻول ھت اقرار جا ھئا

سڀن جا ٻول ھت اقرار جا ھئا،
اسان جا خيال پر انڪار جا ھئا.

پرينءَ جي سامھون خاموش ٿي وئين،
اِھي پل پيار جي اظھار جا ھئا!

وڃڻ جو وقت ٻيو ڀي ٿي سگهيو پئي،
اِھي ئي پل تہ پيارا پيار جا ھئا!

محبّت منجهہ ملڻو ھئو مڇين کي،
ارادا مختلف پر ڄار جا ھئا!

گذاري بي سري تنھن زندگي ھئي،
سريلا ٻول جنھن فنڪار جا ھئا.

رنا، گڏجي سڀئي رانديڪڙا، جي
مري ويندڙ سي ننڍڙي ٻار جا ھئا.

لکيا ھئا شعر وسندي مينھن ۾ مون،
سھانا پل سکيءَ جي سار جا ھئا.

*

جهان جوڙجي اھڙو جدوجھد سان جو،
خدا جي سامھون بندو ڪو شرمسار نہ ٿئي.

*

دل جي لاٽ تہ ٻار!

ويھہ نہ لاھي آسرو.

نيڻ تپيا جي پنڌ ۾، سپنن سان سي ٺار!
ويھہ نہ لاھي آسرو.

دھشت ڇا درياھہ جي، پھچي پئبو پار،
ويھہ نہ لاھي آسرو.

حال ھٿان ھيڻو نہ ٿيءُ، مستقبل کي سار!
ويھہ نہ لاھي آسرو.

ڀِتِ ڀڄي ٿي ھوريان، ڏس تہ پئي ٿس ڏار،
ويھہ نہ لاھي آسرو.

مينھن اچي ٿو او مٺا! ٿيندي سنڌ سڪار،
ويھہ نہ لاھي آسرو.

ھاڻي ھانءُ نہ ھار تون، اٿ ۽ ٻيا بہ اٿار!
ويھہ نہ لاھي آسرو.

گيت محبت جا

اي دنيا! گيت محبَت جا،
تو ڪو نہ ٻڌا، تو ڪو نہ ٻڌا.

جن گيتن ۾ يڪتارن تي،
ڪا صوفي يار! صدا آھي.
جن گيتن ۾ محبت آھي،
۽ محبت ئي تہ خدا آھي.

جن گيتن ۾ پاڻيارين جي،
پاڻيءَ تي پياري ڳالھہ ھئي.
۽ ڳوٺاڻين جا ڳيچ ھئا،
سرتين جي ساري ڳالھہ ھئي.

جن گيتن ۾ ڪن ماڪ ڀنل،
رابيلن جي ڪا نرمي ھئي.
ڪا چنڊ سندي ھئي چنچلتا،
۽ ڀاڪين جي ڪا گرمي ھئي.

جن گيتن ۾ ئي امن سندي،
پيرن جي پياري آھٽ ھئي،
۽ پنڇين جون ھيون ٻولڙيون،
۽ راند ھئي ڪا ٻارن جي.

پر دنيا! گيت محبّت جا،
تو ڪو نہ ٻڌا، تو ڪو نہ ٻڌا.

۽ ھاڻي جنگيون، جهيڙا ھن،
بس چوڏس بَم بکيڙا ھن،
ھاڻي پنڇين بدران اڀ تي،
ٿا ڪيڏا ميزائيل اڏن.

ھيءَ ڌرتي گلشن ٿي نہ سگهي،
جنھن ۾ سڀ ماڻھو گل ھجن،
پر ھيءَ آ قبرستان جيان،
جنھن ۾ سڀ ماڻھو مئل ھجن.

اي دنيا! گيت محبّت جا،
تو ڇو نہ ٻڌا، تو ڇو نہ ٻڌا؟

قبيلن جا جرڳا

وري اڄ قبيلي جي جرڳي،
ڪھاڙيءَ جھڙي ڪنھين فيصلي سان،
محبّت جي سازن سريلن تي نچندڙ
دلين تي ڪيو وار آھي.
محبّت جي وڻ جو ٽٽو ڏار آھي!
انھي وڻ تي ويٺل پکي سڀ
اميدن جا رڙندا اڏي ويا.

قبيلن جا جرڳا
اھا آڳ آھن جنھين ۾
سنھين ۽ ٿلھين ڪاٺڙين جئن
ڪئين روز ماڻھو جلن ٿا،
مرن ٿا،
قبيلن جا سردار سارا
انھي آڳ تي ھٿ سيڪن ٿا پنھنجا.

قبيلائي جهيڙن ۾ وھندڙ لھوءَ سان
ڪا تاريخ لکبي
تہ ان ۾ ھي لکبو:
اھي ئي قبيلا
محبت جا مقتل رھيا ھن!
محبّت جا مقتل رھيا ھن!

ڌرتي

اِھا ڌرتي، اسان کي ماءُ وانگر جنھن ڄڻيو آھي،
مٽي جنھن جيءَ منجهان پنھنجو بدن سارو بڻيو آھي،
چوين ٿو تون، ”اھا ڌرتي بہ آھي غير قانوني“،
”اسين صدين جا رھواسي بہ آھيون غير قانوني!“

ھتي سورج اسان جي ساھہ ۾ شڪتي ڀريندو آ،
اسان کي رات جو سمھندي ھتان جو چنڊ چمندو آ،
اسان کي ھي ھوائون روز ڀاڪر ۾ ڀرينديون ھن،
اسان جي ئي زبان ۾ ھي نديون ڀي گيت چونديون ھن.

اِھا ڌرتي جِئڻ جي لئہ اسان کي کيت ڏيندي آ،
اِھا ڌرتي مرڻ کانپوءِ اسان کي جاءِ ڏيندي آ،
اِھا ڌرتي اسان سان سڏڪندي ۽ ٽھڪ ڏيندي آ،
اِھا ڌرتي سڃاڻپ ۽ اسان کي سونھن ڏيندي آ.

اسان جو پنھنجي ڌرتيءَ ساڻ فطري آھہ رشتو ڪو،
۽ فطرت جي عجب قانون کي تون ڪين سمجهين ٿو،
رڳو قانون ھي ناھي جو تنھنجي آ ڪتابن ۾،
اصل قانون ڌرتي ۽ دلين جي آ وفائن ۾.

(ڪراچيءَ ۾ غير قانوني ڄاڻائي سنڌي
قديم وسنديون ڊاھڻ واري عمل کانپوءِ لکيل)

*

ڪالھہ ھيو ھي تار،

سنڌو سڪندو ٿو وڃي!

ڪھڙو منھن مٿي کڻون، ڪونھي لڙڪن – لار،
سنڌو سڪندو ٿو وڃي!

سڪي ساري سنڌ ٿي، ٻنيون، ونيون، ٻار،
سنڌو سڪندو ٿو وڃي!

اڄ ڀي سنڌ جي روح تي، ويرين ڪيا وار،
سنڌو سڪندو ٿو وڃي!

ظالم فاتح ٿي ويا، وري حق جي ھار،
سنڌو سڪندو ٿو وڃي!


(ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ واري اعلان کانپوءِ لکيل)

دھشتگرديءَ جي خلاف جنگ

دھشتگردي ناس ڪرڻ لئہ،
ھو ٻي دھشتگردي ڪن ٿا،
باھہ وسائڻ خاطر ھڪڙي،
ھو ٻي ڪا باھہ مچائن ٿا.

ڪجهہ ماڻھن کي مارڻ جي لئہ،
ويڙھا ھو ويران بہ ڪن ٿا،
خار ھٽائڻ بدران چريا،
باغ سڄو ويران بہ ڪن ٿا.

”گوانتا نامو بي“ ۾ ڪيڏي،
ماڻھوءَ جي تذليل ٿئي ٿي.
قرآن جلڻ جو منظر ڏسندي،
بائيبل تڙپي روئي ٿي.

ھي امريڪا قاتل آھي!
ان جا ساٿي قاتل آھن!

صوم، صلوات، اذان جا قاتل،
ھي آھن انسان جا قاتل،
مائن جي لوليءَ جا قاتل،
پنھنجي ھن ٻوليءَ جا قاتل.

روزانو بمباري ڪن ٿا،
ڌرتيءَ کي ڄڻ ڪاري ڪن ٿا،
پنھنجي طاقت ساڻ سڀن کي،
ھيسائن ٿا، ڌمڪائن ٿا.

تن جو جيڪي ظلم سھن ٿا،
سي بہ بھادر ھيئن چون ٿا.

”پاڻ بہ ھيڻا ناھيون ظالم!
ھڻ ھڻ گوليون، ھڻ ھڻ گوليون،
پنھنجي ڪائي ڍال نہ آھي،
سينو آھي تنھنجي سامھون.

پنھنجو بس ﷲ ئي آھي،
جيڪو توکان ڏاڍو آھي،
پنھنجو منصف آھہ رڳو ھو،
سچو بس انصاف ڪندو ھو.“

(9/11 کانپوءِ امريڪا جي دھشتگرديءَ جي خلاف جنگ جي جواب ۾ مسلم ملڪن جي مزاحمت کان متاثر ٿي لکيل)

تاريخ

اسان جي ملڪ جا مالڪ، وري ورديءَ وارا ھن،
اھي جنرل، اھي فوجي، پنھنجي مرضيءَ وارا ھن.

لٽن، کائن پيا ھي ۽ پڇڻ وارو بہ ڪونھي ڪو،
لٽن ٿا لڄ ڌرتيءَ جي، ڪڇڻ وارو بہ ڪونھي ڪو.

انھن امريڪي سازش سان، ڌڪيو آ ديس پنھنجي کي،
وديشي تن ڪتن وانگر، چڪيو آ ديس پنھنجي کي.

انھن فوجين لتاڙيو آ، وطن ھي لانگ بُوٽن سان،
گلن سان واسيل سارو، چمن ھي لانگ بُوٽن سان.

سڪائي سنڌ ساريءَ کي، انھن اڳواڻ ڀي ماريا،
اسان تي ديس پنھنجي ۾ مسلط ڪيا ڪئي ڌاريا.

لٽيرا ھي پھاڙن جا، لٽيرا ھي درياھن جا،
لٽيرا ھي وسيلن جا، لٽيرا ھي ڪتابن جا.

جڏھن کان ھي بڻيو آھي تہ پاڪستان سان ڇا ٿيو؟
انھي جي شان سان ڇا ٿيو؟ انھي جي مان سان ڇا ٿيو؟

انھن جو ٽوڙيو، اوڀر، جي پاڪستان سان ڇا ٿيو؟
وزيرستان سان ڇا ٿيو؟ بلوچستان سان ڇا ٿيو؟

اسان جي زندگي گذري پئي ھيڻي سوالن ۾،
انھن وٽ گوليون، ڦاھيون، رڳو آھن جوابن ۾!

زلزلو

ٻڌايو زلزلي آھي،
رڳو سائنس تي ڀاڙيندڙ،
۽ فطرت کي نہ ليکيندڙ،
جديد ھن دور جي انسان کي ھي.
تہ ”تون ڪمزور ھئين، آھين ۽ رھندين!
ترقيون ڪيتريون ڀي ڪر،
مگر فطرت اڳيان بيوس،
ھئين، آھين ۽ رھندين!“

دنيا ھيءَ ڄڻ تہ شطرنج جي بساط آھي،
سڀئي ماڻھو انھي تي بادشاھن کان
پيادن تائين انھي جا ڄڻ تہ مھرا ھن.
خدا پنھنجي ھٿن سان سي
ھلائي ٿو ۽ ماري ٿو
خدا شايد لڳي ٿو کار ۾ ايندي،
ھنئي ان تي ڪا مڪ آھي،
لڏي ساري بساط آھي،
نتيجي ۾ ھي ڌرتيءَ تي،
اچي ويو زلزلو آھي!

جنت جا ڏيک ڏيندڙ شھر پيارا،
پو قبرستان بڻجي ويا سمورا،
جنين وادين ۾ گلڙن جي ھئي خوشبوءِ،
اتي لاشن جي آھي بس رڳو بدبوءِ
جتي ميون جا باغيچا ھئا اتڙي،
رڳو بس بُک برسي پئي،
جتي ھو آبشارن جو اڇو پاڻي،
اتي کارا رڳو ڪي لڙڪ پئي لڙيا،
ننڍن ٻارن جا مڪتب پوءِ
معصومن جا مقتل ويا ھئا بڻجي،
پھاڙي وادين جهڙيون حسين اکڙيون،
ھميشہ لاءِ بند ٿيون آھن
اھو درزي جو اڳ ۾ عيد کان ڪپڙا ھيو سبندو،
رڳو بس پوءِ ڪفن سبندو رھيو ويٺو.

محبت امن جا قائل اھي ماڻھو،
ويا وحشي سڀئي ٿيندا،
اھي امداد جي سامان تي وڙھندا رھيا ھئا.

انھي ئي زلزلي کان پوءِ جيڪا
بچي آ زندگي سا ڀي،
سڪي پئي موت جي لئہ ۽ چوي پئي؛
”بُکن، بيمارين، سردي ۽ اڃ جي اڄ
عذابن کي سھڻ کان موت بھتر آ!“
مگر ان زلزلي مان ڀي
بچيل ھڪ ڳورھاري زائفان جي،
ڄمندڙ ٻارڙيءَ پھرينءَ رڙ سان،
چيو ڄڻ ھي تہ ”ڄمندڙ ٻار ھرڪو،
کڻي ايندو اِھو پيغام آھي،
خدا انسانيت مان ڪين ٿيو مايوس آھي!“
اِئين ان موت جي اونداھہ ۾ ڪو،
ٻري پيو ڏيئڙو ڪو زندگيءَ جو!

رقاصھ زندگي جيڪا
منڊي ٿي زلزلي ۾ پئي،
سا منڊڪائيندي اڳتي ٿي وڌي پئي،
سفر پنھنجو ڪري پئي،
مگر آھستي آھستي،
اڃا اڳتي، اڃا اڳتي.

*

بس درد، درد، درد رڳو درد آ دلين

بس درد، درد، درد رڳو درد آ دلين،
بس لڙڪ، لڙڪ، لڙڪ، رڳو لڙڪ ھن اکين،
ھي زور آور زلزلو، ڇا ڇا ڪري ويو،
بس لاش، لاش، لاش رڳو لاش آ وطن!

(8 آڪٽوبر 2005 واري زلزلي کانپوءِ لکيل)

دل ڏکائيندڙ ڪراچي

جيئن ٺڪاءُ ٻڌي اڏي، پکي ٽاريءَ تان،
امن ڪراچيءَ مان، تيئن اڏي ويو اوچتو!

اڄ بہ ڪراچيءَ ۾ پيون، ھلن ٿيون گوليون،
خالي ٿينديون ٿيون وڃن، مائن جون جهوليون.
ھي رت جون ھوليون، کيڏن مسلم ٿا پيا.

اڄ بہ وري آھي لڳو، گولين جو طوفان،
جنھن ۾ ڪک پن ٿي ويو، ماڻھوءَ جو آ مان،
ڇا آھي انسان، اشرف ڪل مخلوق ۾؟

جيڪي پيا ھن لاش ھي، پٽ تي آوارا،
تن جو ڏوھہ اھو ھيو، جو ھئا ويچارا،
ھي بہ ڪڏھن تارا، ڪنھن جي نيڻن جا ھئا.

اڄ آھي آڪاس تي، چنڊ ڪراچيءَ جي،
جيڪو گولين جا پيو، ڌڌڪا سڀ ٻڌي،
ڊڄندي ھيئن چوي:”جيڪر ڪڪريءَ ۾ لڪان!“

ڪراچي

ڪالھہ گلابن وانگي ھئا جي مھڪيل مھڪيل ماڻھو،
سي اڄ پتيون پتيون ٿي ويا، وکريل وکريل ماڻھو.

ڪالھہ ڪراچيءَ جي ڪويل ڪا بڙ تان ڪوڪ ڪئي ھئي،
”دھشتگرديءَ جي جِن کان ھن، سھميل سھميل ماڻھو“

ڪجهہ پل اڳ ۾ کلندڙ، ڪڏندڙ، ماڻھن جو ھو ميلو،
پر ھاڻي سي رت ۾ آھن وھنتل وھنتل ماڻھو.

درد، پريشانيون، مصروفيت، سڀ جو آ معمول ھتي،
وقت کان اڳ ۾ پوڙھا آھن، اجڙيل اجڙيل ماڻھو.

پنھنجي گهر جي کڙڪي کولي، روز ڏسان ٿو ھي مان،
عورت ۽ پيسي جي پويان سھڪيل سھڪيل ماڻھو.

ڪنھن جو باطن اڊڙيل آھي، ڪنھن جو ظاھر اڊڙيل،
شھر سڄي ۾ ھرڪو آھي، اڊڙيل اڊڙيل ماڻھو.

بجلي، پاڻي ڪين شھر ۾ بيماري بہ وڌي آ،
روز طبيبن جي در آڏو ليٽيل ليٽيل ماڻھو.

ھڪڙي ڇت جي ھيٺان ھوندي، دور رھن ٿا ماڻھو،
روزانو گڏ ھوندي ڀي ھن وڇڙيل وڇڙيل ماڻھو.

اڄ بہ سمندر آھہ مٿان ھو چندرما چوڏھينءَ جو،
پر سو ڪين ڏسن ٿا منظر، رڌل، ٿڪيل ماڻھو.

ھڪڙا بنگلن ۾ بي آراميءَ جا ماريل ماڻھو،
ٻيا فٽ پاٿن تي بہ مزي سان ليٽيل ليٽيل ماڻھو.

نيٺ مسيحا ايندو مٺڙا! گهاءَ ڇٽائيندو جو،
ڪوڙ، ٺڳيءَ جا پوءِ نہ رھندا گهايل گهايل ماڻھو.

*
ھيسيل ھيڏي شھر ۾، گوليءَ رات ٺڪاءُ،
پٽ جي کٽ خالي ڏسي، ڇرڪ ڀريو آ ماءُ،
جِيءَ لڳس ڪو گهاءُ، ڄڻ گولي ھن کي لڳي.

آ پيءُ پريشان

آ پيءُ پريشان،
راند ڪري ٿو ٻارڙو!
سوچي ويٺي ماءُ ٿي
آڻيان ڪاٿان نان!
راند ڪري ٿو ٻارڙو!
دھشتگرديءَ ۾ مئو
سنڌي، ڌاريو، خان.
راند ڪري ٿو ٻارڙو!
ظلمن جون خبرون ٻڌي،
ھر ڪو آ حيران.
راند ڪري ٿو ٻارڙو!
واريءَ گهرڙو سمنڊ تي،
معصوميت جو شان،
راند ڪري ٿو ٻارڙو!

*
اڄ بہ ڪراچيءَ روڊ تي، گجرا وڪڻن ٻار،
گاڏين جو دونھون مگر، آھي ھت چوڌار،
خوشبوءَ تي جو يار! حاوي ٿي آھي ويو!

ھو نہ ٿو ڄاڻي اھو

سمنڊ واري ھن شھر جي،
ڪيھڙي تاريخ آھي!
ھيءَ ڪراچي يا ڪلاچي،
جنھن ۾ لھرن جو ردم آ،
۽ انھيءَ ئي لھر لھر جي ردم تي،
ھي شھر ٿو ڪئن رقاصھ جئن نچي!
ھو نہ ٿو ڄاڻي اھو
ڪئن سريلو ھي سمندر
اوتيو مھدي حسن پنھنجي سرن ۾!
ڪئن اسان جي شيخ اياز
ڇوليون ۽ ٻوليون ويٺي لکيون ھن سمنڊ جون!
ڪئن حياتيءَ جي ڀيانڪ ڪيفيتن جي
جون ايليا ڪئي ھئي جادوگري ڪا شاعريءَ ۾!
ڪيترا ھئا چتر ٺاھيا ھن شھر ۾ صادقين،
جي ھٿن وانگر انھي جي
ڪين سگهندا فوت ٿي!

ھو نہ ٿو ڄاڻي اِھو
ڪيئن عبدﷲ شاھہ غازيءَ تي اڀري ٿو چنڊ!
۽ سمورو ھيءُ منڊ
ڪيترن ماڻھن کي مستي ٿو ڏئي،
۽ کسي ھستي ڪا ٻي ھستي ٿو ڏئي!
ھو نہ ٿو ڄاڻي اِھو
ڪيترن معصوم ماڻھن جو وھيو آ خون ھتڙي!
ھو نہ ٿو ڄاڻي اھو
ڪيترن ٻارن جا ڳوڙھا ھئا اگهيا ستّار ايڌيءَ
ھن شھر ۾!
ھو نہ ٿو ڄاڻي اھو
ڪئن ڀٽي ۽ قائداعظم جي اکين ۾
ھن شھر جو خواب ھئو!
ڪئن عباسيءَ جو سمورو لاش چچريل،
ھن شھر جي دل ۾ ڌڙڪي ٿو پيو!

ھن کي ان سان ڪا بہ دلچسپي نہ آھي،
ھن جي لئہ بس ھي شھر،
آ نشي، نارين ۽ نوٽن جو شھر.

*
اڄ بہ ڪراچيءَ ڪويلون، ساڳي ڪن ”ڪوڪو“
پر ڪٿ ماڻھو ھو، جو سي ٻڌي پيار سان

12 مئي 2007ع – ڪراچي

دھشتگردن جي نگريءَ ۾،
پاڻ گذاريون ويٺا جيون.

گولي، ٻولي آھ ھتان جي،
ڏنڊي جو قانون ھتي آ،
ھت ڏاڍن جي ھلندي آھي،
طاقت ھتّ ”عوام“ ڪٿي آ؟

ٻوليون ٻوليندڙ سڀ پنڇي،
پڃرن ۾ ئي قيدي آھن،
باقي ڇِتّا ڪتّا سارا،
آزاديءَ سان بيٺا ڏاڙھن.

پنھنجا خيال تخّيل پيارا،
گوليءَ سان ھو گهايل ڪن ٿا،
ڏاھپ تي آ حاوي طاقت،
اڄ بہ حڪومت جاھل ڪن ٿا.

دھشتگردن ھن ڌرتيءَ سان،
زوري ڄڻ تہ زنا ڪئي آھي،
دھشتگردن ھت جيون جي،
معنيٰ ڄڻ تہ ”سزا“ ڪئي آھي.

جانان جي لاءِ

منھنجون ڳالھيون وسارجان جانان!
ڏينھن خوش ٿي گذارجان جانان!

باھہ ڀڙڪي پوي نہ ٻيھر ھيءَ،
ڪين پٺتي نھارجان جانان!

نيڻ، جن ۾ سڙي پيئھ سپنا،
ھڪ دفعو روئي ٺارجان جانان!

خواھشن جا پکي پراڻا سڀ،
دل - اڱڻ تان اڏارجان جانان!

مون سدا توکي ڏک ڏنا آھن،
مون سان نفرت سدا ڪجان جانان!

ياد جي باھہ جي ٻري بہ پوي،
ڦوڪ ڏيئي وسائجان جانان!

جيڪڏھن سامھون اچي بہ وڃون،
تون ڏٺو، اڻ ڏٺو ڪجان جانان!

نينھن جو شينھن آ ڏکيو پالڻ،
نينھن تون ڪين لائجان جانان!

گيت گڏجي ٻڌا ھيا جيڪي،
ڪين سي گنگنائجان جانان!

جيءُ تنھنجو جلائي جيڪا، سا
ياد دل مان ڌڪارجان جانان!

ھي نصيبن جو ھئو لکيو سارو،
دل کي آٿت اھا ڏجان جانان!

منھنجي ديوانگيءَ جا شاھد،
خط پيارا بہ ساڙجان جانان!

”ھو مري منھنجي لئہ ويو آھي.“
تون سڀن کي ٻڌائجان جانان!

لڙڪ، ماضيءَ ۾ جي لاڙياسين،
تن تي تون مسڪرائجان جانان!

ڪنھن سٺي جاءِ تي وري پنھنجي،
دل جي ول کي لڳائجان جانان!

تون محبّت جو وڻ رڳو ڌوڻي،
پوءِ دليون کوڙ ميڙجان جانان!

جيڪو سمجهين تہ توکي چاھي ٿو،
ھٿ انھي ڏي وڌائجان جانان!

حسن پنھنجي جي پياري! پارت ٿئي،
روز ان کي سنوارجان جانان!

وار کولي، گهٽا کي ريس ڏئي،
تون ڪجل روز پائجان جانان!

زندگي ھيءَ خوبصورت آ،
خوبصورت گذارجان جانان!

پرين! توکي ڀلائڻ ڀي، ضروري ٿي پيو آھي

پرين! توکي ڀلائڻ ڀي، ضروري ٿي پيو آھي،
سڀئي وعدا وسارڻ ڀي، ضروري ٿي پيو آھي.

اسان جي عشق جو سيلاب ٻوڙيندو اسان جا گهر،
انھي لئہ بند ٺاھڻ ڀي، ضروري ٿي پيو آھي.

پراڻي پيار پنھنجي جي، قبر تان اڄ اٿي پياري!
نئون ڪو نينھن لائڻ ڀي، ضروري ٿي پيو آھي.

پرينءَ جي پار جا پنڇي، اڱڻ تي آئيا جيڪي،
انھن کي اڄ اڏائڻ ڀي، ضروري ٿي پيو آھي.

پرين! توسان ملڻ، توکي ڏسڻ عادت پراڻي آ،
اھا عادت مٽائڻ ڀي، ضروري ٿي پيو آھي.

ضروري ٿي پيو آھي، اوھان کان موڪلائڻ ڀي،
اوھان کان موڪلائڻ ڀي، ضروري ٿي پيو آھي.

ٿو نينھن مينھن جئن وسي، ڇو پاڻ ۾ آ فاصلو؟

ڪو ميڙ اڄ ڪري وڃو، پرچايو ھن کي بادلو!

ھن سان وصال ڪين ٿيو، اھڙو ڪمال ڪين ٿيو،
ڀاڪر ڀري ڏٺم مگر، پو ڀي رھيو مفاصلو.

محبوب جي تہ مک ۾، سورج ٻري ٿو سونھن جو،
ڪو ڪئن ڏسي ڏسي ڀلا، ايڏو آ ڪنھن ۾ حوصلو!

ڌرتي ھئي دل سندي ڌڏي، ھوءَ دور جيئن ٿي ھئي،
دل اڄ بہ ھيءَ تباھہ آ، اھڙو ھيو سو زلزلو!

توکان جدا رھي بہ مان، توساڻ ئي رھان پيو،
توسان مون کي ملائي ٿو، ھي شاعريءَ جو سلسلو.

ڀورين ۾ سانوريءَ جي ڪا ڳالھہ ٻي ھئي،

تنھن سونھن، سادگيءَ جي ڪا ڳالھہ ٻي ھئي.

تو کان سوا بہ گذري ٿي زندگي مگر،
توساڻ زندگيءَ جي ڪا ڳالھہ ٻي ھئي.

جيڪا بہ عاشقي ڪئي، سا عاشقي ڀلي،
پر تنھنجي بندگيءَ جي ڪا ڳالھہ ٻي ھئي.

لذت بدن جي سارين نارين جي ھڪ طرف،
محبوبا جي چميءَ جي ڪا ڳالھہ ٻي ھئي.

سياست، سماج، فطرت واري بہ ھئي سٺي،
پر عشق – شاعريءَ جي ڪا ڳالھہ ٻي ھئي.

ھاڻي عجيب حال آ، ڪا خوشي نہ ڪو ملال آ

ھاڻي عجيب حال آ، ڪا خوشي نہ ڪو ملال آ،
نہ ئي دل ڏکي فراق ۾، نہ حسين ھي وصال آ.

اھڙي نہ آڳ عشق جي، منھنجي اندر ۾ ٿي جلي،
نہ وري پرين! اڳي جيان، تنھنجو اھو جمال آ.

ڪمزورين مان ھڪٻئي جي فائدو وتو اسان،
ھي عشق ڪو نہ آ مٺي! بس عشق جو خيال آ.

پر عشق آھہ ڇا مٺي؟ ۽ عشق ڇا نہ آ مٺي؟
ڪنھن نار جيئن ڪنوارڙو، اڄ ڀي اھو سوال آ.

اڳ ۾ تہ ڏينھن ڏينھن ڀي، ڪٽجي نہ پيو پِيا بنان،
ھاڻي مگر ڏٺي انھي کي ٿي ويو ڪو سال آ.

سوچيو نہ ھئو سڄڻ! اسان تہ ھيئن ٿينداسين جدا،
پر وقت ھي ظلم ڪري، ڏس ڪيئن ڪيو ڪمال آ!

پرين نہ آيو، اچي وئي وري اداسي آ

پرين نہ آيو، اچي وئي وري اداسي آ،
پرين ڇڏي ويو، ڇڏي ڪين وئي اداسي آ.

ٻہ چار ڏينھن پرينءَ سان ملياسين مرڪي پر،
حسابِ عمر جي پاڇي بچي اداسي آ.

سڄڻ کي سڪ منجهان ھي ڏجان سنيھو تون،
”ڪرائي وڃ ڪوئي درشن، وڏي اداسي آ!“

کڻي تہ سج ھلي آءُ سونھن پنھنجيءَ جو،
اسان تي رات جيان ھيءَ لٿي اداسي آ.

اسان تہ راندڙيون ئي گڏ رھيونسين بچپن ۾،
سڄي ڄمار سھيلي رھي اداسي آ.

اسان تہ پيار سدائين ڏنو پرينءَ کي ھو،
پرينءَ اسان کي سدائين ڏني اداسي آ.

*
ھيءُ سنسار ڪپڙو ٻسو آ سڄو،
ڀرت ان ۾ ٿيون سھڻو ڀرن عورتون.

*

ٿيون چلھي سان سدائين سڙن عورتون

ٿيون چلھي سان سدائين سڙن عورتون،
پو بہ ھر گهر جي رونق رھن عورتون.

پيار جي پياس پوتر ٻجهائن پيون،
پيار جي ٿيون نديءَ جئن وھن عورتون.

چنڊ جئن تون تہ جيون ۾ چمڪين پئي،
ٻيون ستارن جيان ٿيون ٻرن عورتون.

مرد سرڪش رھيا جيڪي گهوڙن جيان،
واڳ تن کي بہ ويٺيون وجهن عورتون.

ذھن سان مرد سڀ عشق سمجهن نہ ٿا،
عشق دل ساڻ محسوس ڪن عورتون.

روز مردن کي موڳو بنائڻ پيون،
چال چالاڪين سان چلن عورتون.

ڪي تہ شيطان کان ڀي بُريون ٿيون لڳن،
ڪي وري ٿيون خدا جئن لڳن عورتون.

ھيءُ سنسار ڪپڙو ٻسو آ سڄو،
ڀرت ان ۾ ٿيون سھڻو ڀرن عورتون.

توکي پيار پڪاري ساجن!

اک توکي ئي ساري ساجن!
ھر ھر ھنجون ھاري ساجن!
ھيل وڇوڙو ماري ساجن!
ھيل وڇوڙو ماري ٿو....


سانوڻ جا ھت مينھن پون ٿا،
نيڻ بہ تن سان تِيئن وسن ٿا،
گارين جھڙا ڏينھن لڳن ٿا،
آءُ ھليو ھن واري ساجن!
ھيل وڇوڙو ماري ساجن!

سينگار ٻسو تو بن ڀانيان،
تو بن ڪھڙي سرخي لايان!
توبن ڪھڙو سرمو پايان!
آءُ ڇڏي سينگاري ساجن!
ھيل وڇوڙو ماري ساجن!

ھي جي گهائن ڪويل – ڪوڪون،
منھنجي منڙي جيئن چون ٿيون،
”آنھہ ڪٿي تون؟ آنھہ ڪٿي تون؟“
تنھنجي آنءُ سھاري ساجن!
ھيل وڇوڙو ماري ساجن!

ٽھڪ ڏئي ڪلھہ ”رات“ پڇيو ھو،
”آھہ ڪٿي تنھنجو شھزادو؟“
چنڊ بہ ڏاڍو ھو چيڙايو،
ٽوڪيو تاري تاري ساجن!
ھيل وڇوڙو ماري ساجن!


نيڻ بہ تنھنجا خواب ڏسن ٿا،
ڳل ڀي توکي ئي ڳولن ٿا،
وار بہ تولئہ واجهائن ٿا،
تون تہ ھليو وئين کاري ساجن!
ھيل وڇوڙو ماري ساجن!

عورت پڻو

جنھن بہ شيءِ ۾ حسن آھي،
سونھن آھي،
آھہ سا عورت پڻو.
تنھن ڪري عورت پڻي جو آنءُ عاشق آھيان،
شاعري عورت پڻو آ،
عاشقي عورت پڻو آ،
زندگي عورت پڻو آ،
مامتا عورت پڻو آ،
ھا خدا عورت پڻو آ،
۽ سڄي تخليق جو ڪارڻ بہ ھي عورت پڻو آ.
ھن دنيا جي سڀ نزاڪت،
سڀ عبادت، سڀ راحت،
بس رڳو عورت پڻي جي ئي ڪري آ،
۽ اھو عورت پڻو
لازمي ناھي تہ عورت ۾ ھجي.
ھا اھو عورت پڻو
ڪنھن بہ شيءِ ۾ ٿي سگهي ٿو.

*

آنءُ ڪو سورج مکي

آنءُ ڪو سورج مکي،
منھن پيو ھن ڏي کڄي،
سج جھڙو شخص آ.
منھنجي ڪاوڙ ماڪ آ،
ھن کي ڏسندي ٿي ڀڄي،
سج جھڙو شخص آ.
ڪيئن ھن جي ٻک جي،
آرزو ڪوئي ڪري؟
سج جھڙو شخص آ.
ھن کي ڏسندي ڪير پوءِ،
ڪئن ڀلا ٻيو ڪجهہ ڏسي!؟
سج جھڙو شخص آ.
سڀ پري کان ئي ڏسو!
ڪين ويجهو ڪو وڃي،
سج جھڙو شخص آ.

*

ماڻھو مارڻ مڙسي ناھي

ماڻھو مارڻ مڙسي ناھي،
ماڻھو ٺاھڻ مڙسي آھي!
ڪارو آھہ ڪھاڙيءَ وارو،
محبت واري ڪاري ناھي!

*

تيرھن سالن جي ننڍڙي ڇوڪري

تيرھن سالن جي ننڍڙي ڇوڪري،
اڄ بڻي آ ڪنوار پوڙھي شخص جي.

ھوءَ ھاڻي ماءُ سان سمھندي نہ ڪو،
ماءُ، جيڪا ڇوڪريءَ جي آ پناھہ،
ھوءَ ھاڻي مڙس پوڙھي ساڻ آ،
ساٿ جنھن جو ھوءَ سمجهي ٿي گناھہ.

ھوءَ يونيفارم پائي اسڪول جو،
ڪين ساھيڙين سان ويندي گڏ پڙھڻ،
ھا مگر ھوءَ پائي جوڙو ڪنوار جو،
ساھرين ويندي ھلي روئڻ، رڙڻ.

زيورن، ڪپڙن جو ٺاھيو ويو ھو ڄار،
ھوءَ جنھن ۾ ٿي مڇيءَ وانگر شڪار،
بُک لاھڻ لئہ ڪٺي وئي مڙس جي،
سنڌ جي نينگر رني ھئي زار زار.

رسم شاديءَ جي اھا آھي اڏي،
زندگي جنھن تي وڃي ٿي ھت ڪٺي!
تيرھن سالن جي ننڍڙي ڇوڪري،
اڄ بڻي آ ڪنوار پوڙھي شخص جي.


*

پنھنجي جوڀن – مند جا

پنھنجي جوڀن – مند جا،
سارا رنگ ڀريم،
پِرينءَ جي پھراڻ ۾!

ساري سڳنڌ سڪ جي،
ويٺي پڻ ٽاڪيم،
پِرينءَ جي پھراڻ ۾!

پنھنجي وارن وانگيان،
گهاٽو ڀرت ڪيم،
پِرينءَ جي پھراڻ ۾!

سارا سپنا مند جا،
ھڪ ھڪ ڪري ھنيم،
پِرينءَ جي پھراڻ ۾!

ڳالھيون جيڪي اڻ چيون،
ٽاڪي ڪل ڇڏيم،
پِرينءَ جي پھراڻ ۾!

*

ڪو نہ لڙئين تون ھيل،

مرجهائيا رابيل،
توکان سوا سانورا!
ھيءَ جدائي آ ڏکي،
سيارو، سانجهيءَ ويل،
توکان سوا سانورا!
دل ئي ڌڙڪي ٿي وڃي،
ڪوڪي ٿي جو ريل،
توکان سوا سانورا!
ڪھڙا ڪجل، سرخيون!
ڪھڙا تيل ڦليل،
توکان سوا سانورا!

*
رڙيون رنڊي روح مان، ڪري ٿي جيڪي،
تن جي بَدن – بُکيا، توکي ڪل ڪٿي،
ظاھر ۾ توکي، ھوءَ مزي ۾ ٿي ملي!

جوڀن رت ۾ آ ٽڙيو، گل جئن ھيءُ بدن

جوڀن رت ۾ آ ٽڙيو، گل جئن ھيءُ بدن،
ڪيئن نہ پوءِ مڙن، ماڻھو پوپٽ وانگيان.

*
چپ چمين ٿو جيئن تون، زخم ڏئين ٿو ڄڻ،
ڇو جو تون نہ سڄڻ، آھين منھنجو اوپرا!

*
ڇوري! تنھنجون ڇاتيون، ڄڻ تہ چون ٿيون”اچ!“
ذھن چوي ٿو ”بچ ُ!“ ھر ھر مون کي ھوريان!

*
ڪالھہ ڪرائي جيئن تو، گڏيءَ جي شادي،
اِئين ئي تنھنجي، شادي ٿي وئي ڇوڪري!

*
تو خط مون کي ھو ڏنو، ڪڍي انگيءَ مان،
تنھن کان آنءُ پڇان، تنھنجي ڇاتيءَ ڳالھڙي!

*
تو جو مرڪي ٿورڙو، مون کي ڏٺو منڌ!
پو بس ھرڪا مند، خوشبو خوشبو ٿي وئي.

*
منھنجا بيت پڙھي پئي، منھنجي محبوبا،
ڄڻ تہ پنن ۾ ڪا، ھوءَ ڏسي ٿي آرسي.

دلڙي ڌڙ ڌڙ ڌڙڪي آھي

اک ڀي ڦڙ ڦڙ ڦڙڪي آھي

مينھن بہ ٻوڙان ٻوڙ وسي ٿو
وڄ بہ ڪڙ ڪڙ ڪڙڪي آھي

واءُ ٿو کڙڪائي يا تون آن؟
منھنجي کڙ کڙ کڙڪي آھي

آلا لڱ اندر ۾ پو ڀي
باھہ ڪا ڀڙ ڀڙ ڀڙڪي آھي

محبت وارو مچ مچائج
دل اڄ ٿڙ ٿڙ ٿڙڪي آھي
*

مينھن ۾ آنءُ توکي ڏسان ٿو پيو

مينھن ۾ آنءُ توکي ڏسان ٿو پيو،
تو منجهان ڀي وسي سونھن جو مينھن ٿو،
مون منجهان ڀي وسي عشق جو مينھن ٿو،
ھر طرف مينھن ئي مينھن آھي رڳو.

*

ھاڻ ھلي آ پيار!

مينھوڳيءَ جي مند ۾!
مٽّيءَ جي مھڪار جئن،
يادون تنھنجون يار!
مينھوڳيءَ جي مند ۾!
کنڀين سان گڏ آ ڦٽي،
ساجن! تنھنجي سار،
مينھوڳيءَ جي مند ۾!
گهنگهرو پنن – پير ۾،
وڻ وڻ ۾ جهڻڪار،
مينھوڳيءَ جي مند ۾!
توتي سوچي او سڄڻ!
نيڻن نايا نار،
مينھوڳيءَ جي مند ۾!
آھہ سھارو شاعري،
او دل جا دلدار!
مينھوڳيءَ جي مند ۾!

*
مينھن ۾ جسم ٿو جلي منھنجو
”باھ جئن ڇوڪري“ وسائي وڃ!

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

آھي چوڏھينءَ چنڊ جي، ” ٻلھڙيجيءَ(1) ۾ رات،
ڪيڏي فطرت – سونھن آ، ڪھڙي ڪجي بات!
ھو ڀي پائي جهات، ٿو ڏسي موھن جو دڙو.

سخي شاھہ جمار تي، سومر واري رات،
وائي شاھہ لطيف جي، ميھر (2) جي آ وات،
”ڇا ۾ آھہ نجات؟“ روڳي روح پڇي پيو.

ڪيڏو منظر موھڻو، سنڌوءَ مٿان ٻگهہ،
سائين! ڏي سا سگهہ، جو ھي چِٽيان شعر ۾.

وڻن پويان ڳوٺ جي، ڏٺم لھندي سج،
ڏات تہ اھڙي ڏج ُ، جو ھي چِٽيان شعر ۾.

عيد بھانو آ رڳو، ڳوٺ وڃڻ آ عيد،
ڳوٺ ڏسي اڄ ديد، آھہ ٺري پئي اوچتو.

ڏياٽيون ساري ڏيھہ ۾، ڦٽاڪن (3) جي عيد،
دلبر! در تي ديد، آھي تنھنجي آس ۾.

ھلو ھلئون ڳوٺ ڏي، ٻيرن ڪيا ٻير،
يارو! پنھنجا پير، ڳولن رستو ڳوٺ جو!

سياري جي ھن سيءَ ۾، ڏيھي ڏڪن ٿا،
ويچارا رمضان ريءَ، روزا رکن ٿا،
ڳوڙھا ڳڙن ٿا، ڏسي ڏيھي ڏيھہ ۾!

اک اک ڳوڙھا ڳوٺ ۾، ڏيھہ سڄوئي ڏک،
غربت گوڏي جيتري، بيماري ۽ بُک،
سائين! سڀئي سک، ھيل لڏي ويا لوءِ مان.

ننڍي لاڪون لوڏيو، ڏکن پينگهي ۾،
وڏا ٿي وياسين، ڏک ڏسي ھن ڏيھہ ۾!

آلين ڪاٺين تي پئي، ماني پچائي،
مڙس سندا ھوءَ موچڙا، کوڙ پئي کائي،
ڇاتيءَ سان لائي، ريجهائي ٿي ٻارڙا!

کاوان پلي – مانڙي، سيڪي ٽانڊ تي،
جيڪر سياري ۾، ھليو ھلجي ڳوٺ ڏي!

چانھہ پِيئون ڪا چلھہ تي، پنھنجي يارن سان،
پنھنجن پيارن سان، سيارو پيارو ڳوٺ جو!

سرڪيون ڀري چانھہ مان، ڪچھري ٿا ڪن،
اوڀاريون لھواريون، جيڪي ڪين کٽن،
ڪيڏو ڪتّابن کان، وڌڪ علم اٿن،
ٻاري – مچ ُ ويھن، جهونا اونھا ڳوٺ جا.

ويڙھي سيڙھي پاڻ کي، چلھہ پئي ٻاري،
ساريو پئي ساري، سياري جون ڪي راتڙيون.

مند مٽائي آ اسان، ڏينھن ڦريا ھن ڀاءُ!
ھاڻ تہ موٽي آءُ! پنھنجي پياري ڳوٺ ڏي.

سانوڻ جا ھت سانورا! پيا وسن مينھن،
آءُ ٻہ ٽي تون ڏينھن، موڪل وٺي ڳوٺ ڏي!

چڱو ٿيو جو ڳوٺ جي، بجلي رات وئي،
تارن - رات ڏٺي، ڪيڏي ڪلھہ مون پيار سان!

مينھن وسي ٿو ڳوٺ ۾، کيڏن ويٺا ٻار،
رڌي پيئي تانھري، نئين نويلي ڪنوار،
لڪي ھوءَ محبوب کي، ڏسي ويٺي نار،
سرڪيون ڀري چانھہ مان، چرچا ھڻن يار،
ٻنيون، ونيون ٿيون پسن، سک ڪيو سرڪار،
مٽيءَ جي مھڪار، واسي ڇڏيو ڳوٺ کي!

سانوڻ ڏينھن ۾ جڏھن، چڙھي ٿو درياھہ،
تڏھن منھنجو چاھہ، ويتر وڌي ڳوٺ سان.

سھڻا ھي درياھہ تي، سج سندا تجلا،
ٻلھڙيجيءَ جا ٻارڙا، وتن ٿا کلندا،
چيڪي مٽيءَ مان پيا، ٺاھن رانديڪا،
پکي ڀي پاٻوھہ مان، لاتيون لنون ٿا،
ھيءُ خدا جو آ، منظر ڄڻ تہ مصوري.

ڳوٺاڻو ھو ڇوڪرو، چاري ويٺو مال،
ٻڌي پيو جلال (1)، ريڊيو رکي ڪن تي.

چڙيون چري ٿيون وڄن، مال پيو موٽي،
پيئي ڌوڙ اڏي، سج لھي ٿو ڳوٺ ۾.

ڳڀرو منھنجي ڳوٺ جا، جوا کيڏن ٿا،
چرس ڀريل سگريٽ مان، سوٽا ھڻن ٿا،
ڪڇ ۾ ڪڪڙ کي ڪري، مڇون وٽِن ٿا،
سھڻو ڇورو ساڻ ڀي پنھنجي کڻن ٿا،
ھوٽل تي ويھي اھي، فلمون ڏسن ٿا،
علم ادب جي لفظ کان، ڏاڍو چِڙن ٿا،
ڪين سڌاري لئہ ڪڏھن، ويھي سوچن ٿا،
ڪيڏي جيئن ٿا، يار اجائي زندگي.

ماستر منھنجي ڳوٺ جو، پڙھي ٿو اخبار،
۽ ٻيا سڀئي ٻار، ڳالھيون ڪن ٿا پاڻ ۾.

پورھيو ڪري آ ستو، ٿڪل ويچارو،
ڪھڙو نظارو، ڪري چوڏھينءَ چنڊ جو!

پوڙھو مھاڻو، مڇي ماري ٿو،
ڪيڏي ڄاڻي ٿو، ھو ٻولي درياھہ جي.

ٻيڙيءَ تي ويندي پيو، مھاڻو ڳائي،
وڏو راڳي ڪين آ، پر من پِرڀائي،
گيت مڙيئي سادڙو، پو بہ پيو گهائي،
ھي مون کي پائي، سائر وانگر گيت ٿو.

پھرئين پھرئين پيار جو، لکي خط پئي،
جنھن ۾ پنھنجي دل جو، اوتي پيار پئي،
”ڪيئن ڏيان محبوب کي؟“ ھر ھر سوچي ٿي،
۽ پوءِ ڦاڙي ٿي، ڳوٺاڻي ھوءَ ڇوڪري.

تون بہ سکي ڇڏ او ڪوي! ڪنڀر واري ڪار،
ڳوھي جذبن جي مٽي، لڙڪن – پاڻي ھار،
چِت جي چاڙھي چڪ تي، سھڻي صورت ڏيار،
ھوريان، ٿي ھوشيار، ڪڍ پچائي خيال کي!

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون، ساديون سوديون يار!
پو بہ سڄي سنسار، کان وڌ مون کي ٿيون لڳن.

*

جڙون جنھن ۾ جِيءَ جون

جڙون جنھن ۾ جِيءَ جون،
سوئي ڳوٺ سڏي،
ھلئون موٽي ڳوٺ ڏي!
پئسن جي پوڄا ڇڏي،
سنڌوءَ ڏانھن لڏي،
ھلئون موٽي ڳوٺ ڏي!
ساين ٻنين ۾ ھلون،
دونھون شھر ڇڏي،
ھلئون موٽي ڳوٺ ڏي!
دليون جن جون ويڪريون،
تِنين يار! تڏي،
ھلئون موٽي ڳوٺ ڏي!
ھر ڪو ھتڙي اوپرو،
جيڪر پنھنجن ڏي،
ھلئون موٽي ڳوٺ ڏي!


ممات موقعو محبوب سان ملڻ جو آ،
وڃڻ جي وقت انھي ڏي سنوارجي ويندس.

فراق تنھنجي منجهان مان نکارجي ويندس،

وصال تنھنجو مليو جي تہ کارجي ويندس.

اوھان سان ساٿ جو آھيان تہ مون کي ساريو ٿا،
جدا ٿيس تہ اوھان کان وسارجي ويندس.

بھار ھيءَ بدن جي بہ بيوفا بڻبي،
سڪل پنن جان سڀاڻي اڏارجي ويندس.

پکيءَ جيان رھيو آزاد ھان فضائن ۾،
شڪارين جي ھٿان مان بہ مارجي ويندس.

ممات، موقعو محبوب سان ملڻ جو آ،
وڃڻ جي وقت انھيءَ ڏي سنوارجي ويندس.

*

مون کي ڪري اڪيلو، ڪيڏانھن تون ھليو وئين؟

اڌ ۾ ڇڏي ھي ميلو، ڪيڏانھن تون ھليو وئين؟

درياھہ درد جي ۾، مون کي ڇڏي ھميشہ،
ڪاھي مٺا! بتيلو، ڪيڏانھن تون ھليو وئين؟

ھا ويل ڪا وڃڻ جي، ھوندي تہ آھہ مٺڙا!
ايڏو ڀلا اويلو، ڪيڏانھن تون ھليو وئين؟

سنسان گهر ڪري وئين، ويران گهر ڪري وئين،
جيون ڪري جهميلو، ڪيڏانھن تون ھليو وئين؟

وھنجي ھڻي ڪا خوشبو، اوڍي اڇو وڳو تون،
ٿي اڄ نئون نويلو، ڪيڏانھن تون ھليو وئين!

ايڏو بہ غم ڏبو آ! ايڏو ستم ڪبو آ!
ڏئي سور اڄ سويلو، ڪيڏانھن تون ھليو وئين؟

*

سواءِ عشق جي دل کي سرور ڪھڙو آ؟

اوھان جي سونھن سوا ڪو بہ نور ڪھڙو آ؟

مري رڳو ملي سگهجي ٿو ڪنھن مئل سان جي،
تہ پو اچانءِ ٿو مان، موت دور ڪھڙو آ!

جڏھن تہ ھاڻ ھتي ڪين تون رھي آھين،
تہ پوءِ منھنجي ھجڻ جو ضرور ڪھڙو آ!

مزو تڏھن آ جڏھن سور ۾ مري وڃجي!
سھي جو سگهجي ڀلا سو بہ سور ڪھڙو آ!

جڏھن تون روح ۾ ھاڻي رلي وئي آھين،
تہ پوءِ ايئن رھڻ دور دور ڪھڙو آ!؟

اسان جي دل، جا اوھان جو ڪو آئينو ھئي سو،
تون ھاڻ ڏس تہ پرين! چور چور ڪھڙو آ!

پڙھيئھ نہ پاڻ، رڳو اٺّ پڙھيئھ ڪتابن جا،
وجود پنھنجي بنان ڪو شعور ڪھڙو آ!

*

اسان تنھنجو لاش

اسان تنھنجو لاش،
پوري آيا سين.

ايئن اسان کي آ لڳو،
ڌرتيءَ ۾ آڪاش،
پوري آيا سين.

عمر سڄي ھو راز ھو،
ڪين ٿيو جو فاش،
پوري آيا سين.

رھڻو نيڻن ۾ جِنين،
ڌار نہ ٿين اي ڪاش!
پوري آيا سين.

موت ملايو ھوت سين،
موت! ھجئي شاباش،
پوري آيا سين.

*

روئي ويٺي ماءُ

روئي ويٺي ماءُ،
تنھنجي کٽ خالي ڏسي.

ڀيڻ چوي ھر ھر پئي،
”ڪڏھن ايندين ڀاءُ؟“
تنھنجي کٽ خالي ڏسي.

ڪنھن جي نيڻن مان ڪريو،
لڙڪن سان پڇتاءُ،
تنھنجي کٽ خالي ڏسي.

ڪو نہ وڻي ٿي زندگي،
ڪونھي ان ۾ ساءُ،
تنھنجي کٽ خالي ڏسي.

گهرو ٿيندو ٿو وڃي،
روز وڇوڙي – گهاءُ،
تنھنجي کٽ خالي ڏسي.

*

ٿيو بند ساھہ – ساز آ، ٻيو ساز ڪو ڇِڙي تہ ڇا!

محبوب ھاڻ منھنجي ئي، گهر منجهہ ڀي گهڙي تہ ڇا!

تنھا رھڻ جا مون سدا، جيئري عذاب ئي سٺا،
اڄ موت کان پو مون مٿان، ميڙو بہ ڪو مڙي تہ ڇا!

اونداھہ سان اسان پرين! آ دوستي رکي ڇڏي،
ھاڻي تہ چوڏھينءَ جو، ڪو چنڊ ڀي کڙي تہ ڇا!

ھاڻي بھار کان اسان، ھر آس آ پلي مٺا!
ھاڻي ھوا گهلي تہ ڇا، ڪو گل ُ ڀي، ٽِڙي تہ ڇا!

چوڻو مون کي جو آ اھو، چوندس ضرور مان پيو،
پو ڀل ڪوئي کلي تہ ڇا! پو ڀل ڪوئي چِڙي تہ ڇا!

EPILOGUE

يارو! ھاڻي پاڻ ھلون ٿا،
پاڻ ڇڏي ھت، ھاڻ ھلون ٿا.

”ڪاڏي آخر پاڻ ھلون ٿا؟“
”ڪانھي مون کي ڄاڻ، ھلون ٿا.“

”دنيا ڪين رھڻ جھڙي آ،“
”بس ڪر منوا! ڄاڻ ھلون ٿا.“

”سڀ کي تنھا اچڻو وڃڻو،
ڪو بہ نہ ڪنھن جي ساڻ، ھلون ٿا.

ڳوٺ بہ ڳاڙھا ريٽي رت سان،
شھر بہ رتو ڇاڻ، ھلون ٿا.

تعريفن ۾ من ُ منجهي ٿو،
ايڏي ڇو واکاڻ؟ ھلون ٿا.

پنھنجي پاران دنيا کي ڏئي،
شعرن جي سرھاڻ، ھلون ٿا.