لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

رسول ميمڻ: سنڌي افسانوي ادب جو رسول

هوش محمد ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ ھوش ڀٽيءَ رسول ميمڻ جي لکيل ڇھن ئي ناولن ”اوڻيھہ عورتون“، ”قالوبلا“، ”نجومي“، ”اسٽيل جا پنج گلاس“، ”اک ڇنڀ“ ۽ ”ڪُتا“ تي تفصيلي طور مضمون/تعارف ۽ تنقيدي حوالي سان لکيو آھي.

  • 4.5/5.0
  • 168
  • 31
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Sidnhi Afsanve Adab jo Rasool

سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن

ڪتاب جو نالو: رسول ميمڻ_سنڌي افسانوي ادب جو رسول
موضوع: ادبي تحقيق
ليکڪ: هوش محمد ڀٽي
ڪمپوزنگ: سڦلتا پبلشرز/پرنٽرز
ٽائيٽل ڊزائين: عباس ڪوريجو
سال: 2023ع جولاءِ
ڇپائيندڙ: سڦلتا پبليڪيشن، حيدرآباد
پتو: E-11 ايس آر ٽي سي ڪالوني سامھون انڊس هوٽل ٿڌي سڙڪ حيدرآباد
ڪتاب نمبر: 69

قيمت 300 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Sidnhi Afsanve Adab jo Rasool
(Research)
By Hosh Muhammmad Bhatti
Year : 2023 July
Published by: Saphalta Publication Hyderabad
Email: safalta.mag@gmail.com

03333788478Cell:

ارپنا

جن رسول ميمڻ جا ڪتاب ڇپايا،
قربان منگي
تاج بلوچ
ممتاز بخاري
انعام عباسي
سعيد سومري
جي نالي...

هوش محمد ڀٽي

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ھوش ڀٽيءَ پاران سنڌ جي مھان ناول نگار رسول ميمڻ جي ناولن تي لکيل تحقيقي مقالن/مضمونن جو مجموعو ”رسول ميمڻ؛ سنڌي افسانوي ادب جو رسول“اوھان اڳيان پيش آهي.
رسول ميمڻ سنڌ ادب ۾ نون لاڙن ۽ جديد تقاضائن پٽاندڙ لکندڙ تخليق ڪار آهي. جنھن سنڌي ٻوليءَ ۾ سريئلسٽڪ، جادوئي حقيقت نگاري ۽ علامت نگاريءَ جھڙن ڏکين تڪينڪن تي ناول، ڪھاڻيون ۽ شاعري سرجي. ان سان هن هڪ منفرد سڃاڻپ حاصل ڪئي. هوش محمد ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ ھوش ڀٽيءَ رسول ميمڻ جي لکيل ڇھن ئي ناولن ”اوڻيھہ عورتون“، ”قالوبلا“، ”نجومي“، ”اسٽيل جا پنج گلاس“، ”اک ڇنڀ“ ۽ ”ڪُتا“ تي تفصيلي طور مضمون/تعارف ۽ تنقيدي حوالي سان لکيو آھي.
ھي ڪتاب 2023ع ۾ سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سفلتا پبليڪيشن جي سرواڻ ھوش ڀٽيءَ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.

محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ليکڪ

آئون ذاتي طور انهن سڀني ليکڪن ۽ ڇاپ ڪارن جو ٿورائتو آهيان جن جي ڪتابن مان سڌي يا اڻ سڌي طرح، حوالي جي صورت ۾، مون ڪو مواد ورتو آهي.

ليکڪ

رسول ميمڻ ـ جيون نامو

تعليم ۽ نوڪريون:
رسول ميمڻ جو پـورو نالـو غلام رسول ولد محمد يعقوب ميمڻ آهي. هن پھرين جنوري1956 ع تي سکر ۾ جنم ورتو. سندس پرائمريءَ کان ڪاليج تائين جي تعليم سکر شھر ۾ ئي ٿي.
هن مئٽرڪ جو امتحان1969ع ۾ پاس ڪيو.
1978ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جو امتحان پاس ڪيو.
1981ع ۾ شڪارپور جي مشھور راءِ بھادر اوڌو داس تاراچند سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر مقرر ٿيو.
1982ع کان 1983ع تائين سکر سول اسپتال ۾ ساڳئي عھدي تي رهيو.
1983ع کان 1990ع تائين چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ڊمانسٽريٽر رهيو.
1991ع ۾ لاهور مان ڊپلوما ان ڪلينيڪل پيٿالاجي ڪيائين.
1992ع ۾ موٽي اچي سول اسپتال سکر ۾ پيٿالاجسٽ ٿيو.
1998ع ۾ بيسڪ ميڊيڪل سائنسز انسٽيٽيوٽ GPMS ڪراچيءَ ۾ هسٽوپيٿالاجي (Histopathology) ۾ ايم فل لاءِ داخل ٿيو ۽ 2000ع ۾ هسٽوپيٿالاجيءَ ۾ ايم فل ڪيائين.
2000ع کان آخر تائين ڪياماڙي اسپتال ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ رهيو.
سنڌ صحت کاتي تحت لاڙڪاڻي، سکر، ميرپورخاص ۽ ڪراچيءَ جي اسپتالن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين.
هُو ڪجهہ عرصو منسٽري آف هيلٿ سعودي عرب ۾ پيٿالاجسٽ پڻ رهيو.
ايڪٽيھہ ڊسمبر 2015ع تي رٽائر ٿيو.

ادبي دنيا ۾ داخلا:
رسـول ميـمـڻ کي نـنڍپـڻ کان وٺـي لکڻ پـڙهڻ سـان شـوق هـو. ادل سومري ۽ اياز گل سان گڏ ادب جي ميدان ۾ پير پاتائين. سندس پھريون شعر1976ع ۾ نئين دنيا پبليڪيشن لاڙڪاڻي ۾ مشھور اديب رزاق مھر شايع ڪيو ۽ سندس پھرين ڪھاڻي مارو پبليڪيشن، حيدرآباد ۾ ڇپي.
رسول ميمڻ، ڪھاڻيءَ جي ميدان ۾ جلد پاڻ کي مڃائي ورتو ۽ نئين ٽھيءَ جي نمائندہ ڪھاڻيڪارن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
لکڻ جي شروعات 1969ع کان ڪيائين، جڏهن نائين درجي ۾ پڙهندو هو. ان دؤر ۾ سندس ڪھاڻيون ۽ شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي هئي.

ڪھاڻين جا ڪتاب:
1. امن جي نالي1977ع
2. ڪـافـر ديوتا 1979ع
3. چـچـريل زندگين جا قافلا 1981ع
4. ابابيل جي اڏام ڪھاڻيون1993ع
5. فونو 2010ع
6. عشقَ جو آسيب
7. حليمان
8. سونو ڏند
9. اوجاڳي جا خواب!
10. کُليل دَري
11. وقت جو بادشاھہ
12. محمد خان جي زندگيءَ ۾ هڪ ڏينھن
13. روشنيءَ جو مينار
14. رسول ميمڻ جون ڪھاڻيون مرتب هوش محمد ڀٽي 2023ع
15. عجيب وارتائون

ناولن جا ڪتاب:
1. اوڻيھہ عورتون
2. قالوبلا
3. نجومي
4. اسٽيل جا پنج گلاس
5. اک ڇنڀ
6. ڪتا پھريون ڇاپو
7. ڪتا ٻيو ڇاپو
8. ڪتا ٽيون ڇاپو

شاعريءَ جا ڪتاب:
1. اوشا جي آشا
2. ساڌ ٻيلي جا گيت (شاعري)
3. هُدو

سائنسي فلسفي جا ڪتاب:
1. خدا روح ۽ سائنس
2. الف کان اڳ
3. پليسبو
4. نوسيبو

ترجمي جا ڪتاب:
1. ماڻھو جيڪي مرڻا ناهن
2. ٽھڪن ۽ فراموشين جو ڪتاب

مضمونن/ڪالمن جا ڪتاب:
1. گارشيا گذاري ويو
2. وطن، پرين ۽ موت
3. لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا

انگريزي ۽ اردو ۾ آيل ڪتاب:
1. بند کمري کا راز
2. شاعر علي شاعر
3. Songs of Sad Belo

مڃتا ايوارڊ:
1. ادبيات اڪيڊمي پاڪستان، اسلام آباد
2. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو
3. سنڌالاجي
4. سنڌي ادبي سنگت سنڌ
5. سارنگا ايوارڊ
6. ريکائون ايوارڊ

سنڌي ٻوليءَ جو ھيءُ ناميارو ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار 24 نومبر 2021ع تي ميرپورخاص ۾ دل جي دوري پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

مقدمو

رسول ميمڻ سنڌ ادب ۾ نون لاڙن ۽ جديد تقاضائن پٽاندڙ لکندڙ تخليق ڪار آهي. جنھن سنڌي ٻوليءَ ۾ سريئلسٽڪ، جادوئي حقيقت نگاري ۽ علامت نگاريءَ جھڙن ڏکين تڪينڪن تي ناول، ڪھاڻيون ۽ شاعري سرجي. ان سان هن هڪ منفرد سڃاڻپ حاصل ڪئي هن جو اسلوب سنڌي جي ٻين افسانوي ادب لکندڙن کان مٿانھون ۽ جدا هو. هن راويتن کان هٽي ڪري لکيو. نفسيات بہ هن جي لکڻين جو محور آهي.
جيئن تہ هي ڪتاب رسول ميمڻ جي ڇھن ناولن تي لکيو ويو آهي ان لاءِ ناول جي بنيادي وصف ڏيڻ ضروري آهي. جيڪا هن ريت آهي:
Novel: -A novel is a long work of fiction that typically explores complex characters, multiple plotlines, and extensive settings.
- It allows for in-depth exploration of themes and character development.
Example: "To Kill a Mockingbird" by Harper Lee.

الھداد ٻوهئي مطابق: ”ادب ۽ سماجي نفسيات جو تعلق واضح آهي. ادب هڪ سوچيندڙ سماج جي سوچ جي بنيادن تي قائم ٿئي ٿو ۽ اديب ان سوچيندڙ سماج جي زبان جيان سماج جي سوچ جو اظھار ڪري ٿو. ادب انھيءَ اظھار جو نالو آهي، جيڪو هڪ سوچيندڙ سماج جي سوچ جي پيداوار آهي.“ (1)
رسول ميمڻ اهڙو ادب تخليق ڪيو جيڪو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ۽ روشن خيال سماج جي نمائيندگي ڪري ٿو. هن جا ناول سنڌي ادب ۾ هڪ نئين سوچ جا ترجمان آهن. جن ۾ تاريخ، نفسيات، ٻولي، سماج، تھذيب، فلاسافي ۽ ٻيا انيڪ مضمون بحث هيٺ اچي وڃن ٿا.

اديب رحمت سومري موجب: ”موجودہ دؤر ۾ رسول ميمڻ جا ڇھہ ئي ناول سنڌي ادب ۾ الڳ حيثيت ۽ مڃتا رکن ٿا. سندس ناول سنڌي فڪشن ۾ هڪڙو نئون موڙ ثابت ٿيا آهن. (2)
رسول ميمڻ ڪھاڻي جي دنيا ۾ ان زماني ۾ ڌاڪو ڄمايو. جڏهن امر جليل جي بادشاهي هئي ۽ هن پنھنجي پھرين ڪھاڻي ڪتاب سان ئي پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪايو. امر جليل نہ صرف هن جي ڪتاب تي ڪالم لکيو پر خوشيءَ جو اظھار ڪندي چيو تہ اهڙي ڪھاڻي اڳ ۾ نہ لکي وئي آهي.
ائين هو ڪھاڻي کان پوءِ ناول جي پاسي آيو. هن جي ناول ڇھن ئي ناول جا موضوع فلسفيانا آهن جيئن موت، تاريخ، خوشي، انساني مزاج، نفسيات، سماجي اڻ برابري، ورهاڱو، سياست ۽ سائنسي سوچ آهن.

ممتاز بخاري مطابق: ”علامتي انداز ۾ پنھنجي منفرد اسلوب ۽ ڊڪشن وسيلي سنڌي ڪھاڻي کي ريج ڏيندڙ رسول ميمڻ جا هيڪاندا پنج ناول اوڻيھہ عورتون 2012ع، قالو بليٰ 2013ع، نجومي 2014ع، اسٽيل جا پنج گلاس 2017ع، اک ڇنڀ 2019ع ڇپيا. جيڪي سنڌي ناول لاءِ جديديت ۽ جديديت کان اڳتي جو طبل وڄائي رهيا آهن.“ (ص_70)
رسول ميمڻ جديد سنڌي ناول جي جديديت ۽ جديديت پڄاڻان جي انساني مسئلن، جنھن سياسي، سماجي، ذاتي معاملا، فرد جي اندر ۽ ٻاهر جي اڪيلائي، حالتن ۽ خيالن کي قلمبند ڪيو آهي. جنھن ۾ هن عام ماڻھو جي سوچ، خيال ۽ نفسيات کي بہ گھرو پرکيو آهي.
هن جا ناول جديد تحريڪن جي اثر جو نتيجو آهي. سنڌي ۾ اهڙن ناولن جي آمد ان کان اڳ حليم بروهي، غلام نبي مغل، ماڻڪ، اخلاق انصاري ۽ هاڻوڪي دؤر ۾ ممتاز بخاري، نور جوڻيجي ۽ ڪليم ٻٽ جا ناول آهن. جن جديد کان جديد لاڙن جو اثر وٺي ڪري ناول لکيا آهن.
علامتي نگاري ۽ جادوئي حقيقت نگاري رسول ميمڻ جي تخليقن تي گهڻو حاوي آهي. هن جي ناولن ۾ سکڻو رومانوي ماحول نہ آهي پر سماجي بناوٽ، فڪر فھم ۽ سوچ جا ساگر پڻ ملن ٿا. هن جي ٻوليءَ ايتري تہ جاندار آهي جو جن بہ رسول ميمڻ تي لکيو آهي تہ اهو ائين چوندو رهيو آهي تہ ڪتاب ۾ هڙئي جملا انڊرلائين ڪرڻ جھڙا آهن.
رسول ميمڻ جي ناولن تي هن جي حياتيءَ ۾ نقطہ چيني بہ ٿي، پر فڪري ۽ معياري تنقيد اڃا تائين نہ ٿي سگهي آهي. هو ٻاهرين ادب (مان مراد جديد ادب) جو گھرو مطالعو ڪندڙ هو. جڏهن تہ سنڌي ۾ نئين ادب کان ڪي ٿورا ماڻھو ئي واقف آهن. جنھن کي هن جي ناولن کي سنجيدہ پڙهندڙن تائين پھچندي هن جي حياتي پوري ٿئي ويئي.
سندس ناولن جي ٻوليءَ بامحاورا، سليس ۽ اسلوب تہ ڪمال جو آهي. جنھن ۾ فلسفيانا ۽ فڪرانگيز رنگ آهي. هن جي ناول ۾ هڪ فطري ڪشش ۽ خوبصورتي آهي. جيڪا هن جي سگهاري هئڻ جي داعي آهي. سائنسي فلسفي تي هن جا ڪتاب بہ سنڌي ۾ پھرين سائنسي فلسفيانا ادب جا شروعاتي ڪتاب آهن. جيڪي تمام گهڻا مقبول ٿيا آهن پر اهي مارڪيٽ مان جلدي وڪرو ٿي ويا آهن.
هن جيڪڏهن ترجمو بہ ڪيو آهي تہ ان ۾ بہ هن دنيا جي وڏن آرٽسٽن جي زندگيءَ جي احوالن تي مبني پروفائيل ترجمو ڪيا آهن. منھنجي خيال ۾ هن انھن سڀني آرٽسٽن جو پنھنجي تخليقن ۽ ايتري قدر جو ذاتي زندگيءَ ۾ بہ اثر ورتو.
هي صبيح صورت وارو سنڌي مفڪر سنڌ جي تاريخ، تمدن ۽ تھذيب کي پنھنجي لکڻين ۾ نيئن انداز ۽ اسلوب سان پيش ڪندو رهيو. جنھن جي ندرت کان ڪوئي انڪار نہ ٿو ڪري سگهي.

اوڻويھہ عورتون ناول: جنھن ۾ سنڌ جي راجا ڏاهر واري دؤر جي ڪھاڻي آهي. عرب سنڌ تي حملو ڪن ٿا ۽ هڪ وڏي مندر جي داسين کي ٻانھيون بڻائي کڻي وڃن ٿا. اهي عراق ڏانھن خليفي کي پيش ڪرڻ لاءِ بحربانيا موڪليون وڃن ٿيون. ان زماني جو هڪ ماڻھو آهي ڪھيداس جنھن جي محبوبا بہ انھن داسين ۾ شامل آهي.
ڪھيداس تمام گهڻو ڏاهو، حڪمت جو ڄاڻو، پامسٽ آهي. جيڪو بادشاه کي موت کان بچائڻ ۽ ان وڏي پٽ کي قوت باه وڌائڻ واري دوا حاصل ڪرڻ جي بھاني سان غلامي مان نجات حاصل ڪري ٿو. گهڻي جاکوڙ کان پوءِ مري ويل بادشاه ٽن پٽن ۾ انھن اوڻيھہ عورتن جي وراثت جي معاملي تان جهيڙي کي نبريندي پنھنجي محبوبا هارانسي کي بچائي سنڌ واپس وري وڃي ٿو.

رئوف نظاماڻي هن ناول کي تصوراتي ناول چيو آهي. وڌيڪ رئوف نظاماڻي موجب: ”هن ناول کي سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان لکيل ناولن جو تسلسل چئي سگهجي ٿو. جيڪي ورهاڱي کان پوءِ قومپرست تحريڪ جي زير اثر لکيا ويا، جن ۾ تاريخ کان وڌيڪ ليکڪ جو احساس ۽ جذبو حاوي رهيو آهي.“
هن ناول جي ڪردارن جا نالا، ماحول، منظرڪشي ۽ ٻوليءَ انتھائي دلنشين ۽ ڇڪيندڙ آهي. جنھن کي پڙهي رسول ميمڻ جي تخليق تي رڳو داد ئي ڏئي سگهجي ٿو.
هن ناول ۾ حقيقت کان وڌيڪ خيالي دنيا وڌيڪ اثرانداز آهي. جيتوڻيڪ هي تاريخي ناول آهي پر ناول نگار تاريخي طور گھرائي ۾ نہ ويو آهي ۽ هن احساساتي طور مختصر بيان ڪيو آهي.


قالو بلا ناول: پرڏيھي ادب کان ويندي سنڌي ادب تائين موت جي موضوع تي شاعرن تمام گهڻو لکيو ڳايو آهي. شاه لطيف يمن ڪلياڻ ۾ موکيءَ جي متارن ذريعي موت جي موضوع تي بيت چيا آهن. شيخ اياز پنھنجي حياتي جي آخري ايامن ۾ موت جي فلسفي تي تمام گهڻو لکيو. جنھن سان سندس زندگيءَ جي آخري سالن ۾ ڇپيل ڪتابن جا مھاڳ ڀريل آهن.
موت جو موضوع فلسفي جو عنوان آهي. پر موت جي فلاسافي تي رسول ميمڻ ”قالو بلا“ جھڙو پورو ناول لکيو آهي. سنڌي ادب ۾ شاعريءَ کان پوءِ افسانوي ادب ۾ رسول ميمڻ ان موضوع تي وڏو فڪرانگيز اسلوب ۾ مختلف پھلوئن کان لکيو آهي. جيڪو لاجواب آهي.

نجومي ناول: امر جليل ڪلاس روم واري پروگرام ۾ نجومي ناول بابت ڳالھائيندي چيو هئائين:
”جيڪڏهن رائيٽر ڪنھن روشن خيال ملڪ جو هجي ها تہ سڄي عمر ان هڪ ڪتاب جي ڪمائي کائي ها ۽ تاحيات امر رهي ها، پر بدقسمتيءَ سان اهو ليکڪ اسان جي سنڌ جو آهي.“
هاڻي بہ سنڌ جي رعوبدار ادبي شخصيت رسول ميمڻ امر آهي ۽ جيستائين سنڌ آهي تيستائين هن جون لکڻيون تاحيات رهنديون.
نجومي ناول سنڌي ادب جو جداگانہ ناول آهي. رسول ميمڻ کي پنھنجي موضوعن تي تمام گهڻي گرفت ۽ ملڪو هو. ان ڪري ئي هن جا ناول هڪ نئون موڙ ثابت ٿيا آهن. هو سنڌ سان محبت ڪندڙ اديب هو.
پاڻ ڪٿي چيو اٿس تہ ”آئون ڪھڙي بہ ٻوليءَ ۾ لکان پر لکندس سنڌ بابت ئي. ڌرتي تخليق جو وسيلو آهي، ڌرتي آهي تہ اسان جون تخليقون آهن. ڌرتيءَ کان سواءِ سڀ تخليقون بي مقصد آهن.“
رسول ميمڻ چوڏهن سالن جي عمر ۾ روسي ادب پڙهي، مطالعي
جي شروعات ڪئي. روسي ليکڪن کان پوءِ هُو لاطيني آمريڪي ليکڪن کان وٺي ماڻڪ کي بہ پسند ڪندو هو.
نجومي ناول جي دنيا وڏو طلسم رکندڙ آهي. جنھن ۾ ڪھاڻيون نڪرن ٿيون تہ ڪائنات ٿي پوي ٿي.
آدرش ارشاد شيخ لکي ٿو: ”رسول ميمڻ جا ٻہ ناول اوڻيھہ عورتون ۽ قالو بلا پنھنجي جاءِ تي. باقي هن جو ناول نجومي ڪمال جو ناول آهي. ان ناول تي هڪ جملو سورهن آنا سچ آهي: ”باڪمال ليکڪ، لاجواب ناول.“

اسٽيل جا پنج گلاس ناول:
رسول ميمڻ جادوگر ليکڪ آهي. جن هن پاڻ ئي چيو آهي تہ ”لکڻ جادو آهي ۽ جادو سيکاري نہ ٿو سگهجي.“
اهڙو جادو هن جي هن ناول اسٽيل جا پنج گلاس ۾ آهي. هن جو لکڻ هڪ ڪرشمو لڳي ٿو. هن کي هن جي اڪيلائي ۽ رياضت اهڙي ڏات بخشي هئي جنھن جي ذريعي هن اهڙا خوبصورت ناول ۽ ٻيا ڪتاب لکيا. جن جو جادو صدين تائين رهڻو آهي. رسول ميمڻ شيخ اياز جي ساڳئي شھر سکر جو هو. جيئن اياز چيو هو مون تي ميلو مچڻو آ، ائين ئي رسول ميمڻ جي ناولن ۽ تخليقن تي ميڙو مچندو ۽ نوان زويا دريافت ٿيندا.
بيدل مسرور بدوي مطابق: ”ڊاڪٽر رسول ميمڻ واقعي هڪ جينيئس ماڻھو آهي. هن وٽ جيئڻ، جيئري رهڻ متعلق انساني مسئلن جو وڏو تعداد آهي ۽ خوشيءَ جي ڳالھہ آهي تہ هن ۾ انھن جي حل جي تلاش جي سگهہ بہ آهي تہ جستجو بہ آهي.“
رسول ميمڻ جا ڪردار هلندي ڦرندي ملي وڃن ٿا. هوُ تاريخ کي برزباني هن ناول ۾ ڪيئن ڪلا سان ورجائي ٿو. اها بہ ڏات جي خوبي آهي. هي ناول نوجوانن ۾ سياسي شعور ڏيڻ ۽ سمجهہ رکندڙن لاءِ ڪنھن تحفي مثل آهي.

اک ڇنڀ ناول: تاريخ جي شاگرد عثمان علي ۽ لزا جي هيءَ ڪھاڻي هڪ خوابن وارن خيالن سان سرجيل آهي. جنھن ورهاڱو، ڪراچي ۽ سنڌ جي ابتر حالتون سياسي سماجي تناظر ۾ ڏٺيون ويون آهن.
SURREALISM واري رجحان تي هڪ ئي خيال تي مبني هي ناول ڪيئي ڪھاڻيون ۽ خيال کوڙي ڇڏي ٿو. جيڪي سنڌ جي زندگيءَ جو نئون پاسو ڏيکارين ٿا. ڪھاڻي سنڌ جو موجودہ دؤر ۽ انگريزن جي دؤر کي گڏائي ڪري ڏيکاري وئي آهي. جنھن تمثيلون، تشبيھون ۽ استعارا سھڻي نموني استعمال ڪيا آهن. جن سان هڪ وڻندڙ تخليق جو امتراج ٿئي ٿو.

ڪتا ناول: هن ناول جي ٻي ڇاپي اچڻ کان پوءِ سائين بيدل مسرور هڪ پوسٽ فيس بوڪ تي رکي هئي تہ حليم بروھي جي ناول اوڙاه ۽ ڪتا ناول ۾ هڪجھڙايون آهن. منھنجي خيال ۾ ٻنھي ناولن جا موضوع تمام گهڻا تبديل آهن. ها باقي زندگيءَ ۽ انساني وارتا ٻنھي ۾ ساڳئي آهي. اوڙاه ناول جو موضوع جنس آهي. جڏهن تہ ڪتا ناول انسان جي اڪيلائي، ويڳاڻپ ۽ نفسيات گهڻ طرفو پھلو رکندڙ آهي. انھن جي لکتن ۾ بہ پنجاه سالن جي وٿي آهي. اوڙاه جديد ناول ۽ ڪتا جديديت پڄاڻان ناول آهي. انھن جي ٽريٽمينٽ بہ الڳ الڳ آهي.
ان ڳالھہ کي اتي ڇڏيندي ڪتا ناول تي ڳالھايون ٿا تہ هي ناول سنڌي ادب جو تيز وڪرو ٿيندو ناول آهي. هن ناول تي نوجوان ٽھي کان ويندي سنڌ جي سينئر اديبن ۽ ناول نگارن بہ ڳالھايو ۽ لکيو ويو. هي ناول اڃا تائين تہ سنڌي فڪشن پڙهندڙ وٽ بحث جو محور آهي.
ڪھاڻيڪار ناول نگار عباس ڪوريجي موجب: ”رسول ميمڻ اڄوڪي دؤر جو ڏاهو ليکاري آهي، جنھن جي تحرير جيتري آسان نظر ايندي آهي اوتري ئي ڳوڙهي هوندي آهي. جنھن جو مثال سندس هي ناول ڪتا پڻ آهي.“
هي ناول جتي مشھور ٿيو آهي اتي گھڻ کي تہ سمجهہ ۾ بہ گهٽ آيو آهي پوءِ ان ناسمجهي ۾ اجائي نقطہ چيني بہ سامھون آئي آهي. رسول ميمڻ جي لفظن ۾ ”فڪشن جي حد اتان شروع ٿئي ٿي، جتي حقيقت جي حد ختم ٿئي ٿي. هن ناول جا ڪتا ناياب آهن. ليکڪ جي تصور جي ڪائنات خلقي ٿو، ان ڪري اهي ڪتا منھنجا خلقيل آهن. (ڪتا ناول ڇاپو ٻيوـ 18ص)
منھنجي نظر ۾ رسول ميمڻ هڪ مڪمل فڪشن رائيٽر هو. جنھن فلسفي، نفسيات، سائنس جي گهري مطالعي مان فڪشن تخليق ڪيو. جيڪو گوناگون ماهيت رکندڙ آهي. ڪتا ناول ان جو تسلسل آهي.
هي تحقيق ڪندي گهڻي محنت ۽ مٿي ماري ڪرڻي پئي آهي. زندگي جي ان ڏاڪي تي آهيان جتي ڏينھون ڏينھن وقت جي قلت ٿيندي پئي وڃي. زندگيءَ جا انيڪ مامرا ڪر کينو بيٺا آهن. جن کي منھن ڏيندي ڏيندي قلم وارا ڪم گھٽ ڪريان پيو. پر پوءِ بہ زوري وڙهي سڙهي وقت ڪڍي ڪريان ضرور پيو.
رسول ميمڻ جي ڪم تي هي ڪم ڪري مون ڪو وڏو تير نہ هنيو آهي. هيءَ هڪ محبت جو اظھار آهي. رسول ميمڻ ان مڃتا جو حقدار بہ آهي. Procastination جي ڪري هن جي ناولن تي وقت سر لکي ڇپرائي نہ سگهيس. پر پوءِ بہ هي پورهيو شل ثاب پوي.

هوش محمد ڀٽي
حيدرآباد

حوالا:
1. الهداد ٻوهيو، ادب جا فڪري محرڪ، سنڌي اديبن جي سھڪاري سنگت حيدرآباد، سنڌ، جون 1984ع.
2. رسول ميمڻ جي ياد، روزاني ڪاوش حيدرآباد، ايڊيٽوريل صفحو، 2022ع.
3. سنڌي ناول جو سفر، ممتاز بخاري، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2020ع.
4. Source: eng-literature.com

رسول ميمڻ- سنڌي افسانوي ادب جو رسول

جنم: پھرين جنوري 1956ع
وڇوڙو: چوويھن نومبر 2021ع

ڊاڪٽر رسول ميمڻ سنڌ ادبي دنيا جي مھان هستي، جن کي ڪي سال ويجهو رهڻ جو ڀاڳ زندگي ۾ رهيو. سائين جي وڇوڙي جو ٻڌي اندر اماوس ٿي ويو هو. مون جلدي ۾ وڃي واٽس ائپ جو ان باڪس ڏٺو تہ ڪٿي سائين جو ڪو وائيس ميسيج تہ ناهي آيل...
پر اتي ڪو بہ پيغام نہ آيل هو. مايوسي جي مونجهہ وڪوڙي وئي. ارمان ۾ اڪيلو ٿي پيس، ڪجهہ سمجهہ ۾ بہ نہ آيو تہ ڪنھن سان اندر اوريان... مون بس پنھنجي جيون ساٿياڻي کي حيرت وارين اکين سان چئي رهيو هوس ”سائين رسول نہ رهيو...“
رسول ميمڻ اسان جي سنڌي افسانوي ادب جو اهو تخليق ڪار هو جنھن تي ناول ۽ ڪھاڻيون ڪنھن وحي جيان لھنديون هيون.
آدرش ارشاد شيخ ڇا تہ ڪمال جي ڳالھہ ڪئي آهي:
”انور پراچا اسپتال ۾ مريضن جي نبض ڏسي، کين دوا درمل ڏئي، مسيحا بڻجي سنڀال ڪري، ڊيوٽيءَ جون گهڙيون پوريون ڪري اسٽيٿو اسڪوپ ڳچيءَ ۾ لڙڪائي، معصوم شاھہ جي ميناري واري لاهين لھندي ڊاڪٽر غلام رسول ميمڻ، آهستي آهستي ايندو هو تہ ائين لڳندو هو ڄڻ ڪو ساڌ ٻيلي جو ديوتا درياءَ جي پاڻي مٿان هلي رهيو آهي.“
مون سوچيو سائين تہ آخري ڀيرو ليکراج کي فون تي چيو هو تہ ”تون منھنجو ايترو فڪر نہ ڪر مان موت کي مات ڏئي چڪو آهيان. مون پنھنجا ڪم پورا ڪري ڇڏيا آهن.“
خبر ناهي ڪھڙا ڪم ڪم پورا ڪيا هئائين... اها ڪل بہ نہ هئي تہ اڃا ڇا ڪرڻو هوس... مون کي تہ زندگي ڪڏهن نہ ملي آهي نہ ئي ان جي ڪا سمجهہ سمجهي سگهيو هجان.. سائين رسول جي ئي لفظن ۾ لکون ٿا. هو چوي ٿو:
''مون محسوس ڪيو آهي، زندگيءَ جو تجربو ڄڻ پتل مان سون ٺاهڻ آهي جيڪو سدائين ناڪام ويو.'' (ڪتاـ32)
2021ع جا پويان پساھہ هئا جو شايد هو سمجهي ويو هو تہ زندگي جي موڙي هاڻي پوري آهي. تڏهن تہ آخري ڀيرو جڏهين ملياسين تہ چوڻ لڳو:
”هوش! مون کي ڪرونا ٿيو تہ آئون ڪنڌ بہ نہ پيو چوري سگهان. اهو بہ منھنجي مائي پئي سوري. هاڻي جڏهن خوش ٿيو آهيان تہ زندگيءَ جي موج ۾ مگن آهيان ۽ فطرت کي ماڻيان پيو.“
چوندا آهن آخري سفر آخري ديدار وڏي ڇڪ هوندا آهن هن جي لاءِ منھن ڏسڻ لازمي هجي يا نہ.. پر آئون پنھنجي پيارن جا آخري ديدار نہ ڪري سگهان اهڙو ڪنو مزاج اٿم. رسول جو ڏک بہ نہ ملھائي سگهيو هوس.. ايڏو بہ سور ٿيندو آهي جو ان جو جشن بہ نہ ڪري سگهجي.
سنڌي ناول جو رسول چوي ٿو:
”ماڻھو جيئري منھن نہ ڏسندا آهن پر مئي منھن ڏسندا آهن. انسان جيئرو آهي تہ هڪ اميد آهي، پيا منھن ڏسنداسين، ڪو مري ٿو تہ اهو سوچي منھن ڏسي ٿو، اهو منھن وري ڪڏهن نہ ڏسنداسين.“ (ڪتاـ38)
سائين رسول جو منھن هاڻي ڪڏهن نہ ڏسنداسين کلندڙ مسڪرائيندڙ ۽ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندڙ... ها هو تصويرن ۽ تصورن ۾ مسڪرائيندو ۽ ڪڏهن ڪي اشارا بہ ڪري وٺي پر اهي زندگي ڪمي پوري نہ ڪندا.
لاڙڪاڻي ۾ نور جوڻيجي جي ناول ”سندرتا ۽ ڪروڌ“ جي مھورت هجي. آئون سائين سان ڪيئي سال فون تي رابطي ۾ رهيو هوس. اهو پھريون دفعو هو جو سائين سان منھن سامھون ملاقات ٿي رهي هئي. پاڻ جڏهن پنڊال ۾ آيا تہ ساڻن محمد علي پٺاڻ گڏ هجي، اڳتي پوئتي ڏسي رڙ ڪيائون ”يار هوش محمد آهي؟“ تہ مون بہ رڙ ڪري جواب ڏنو ''جي جي سائين آهي.'' مون کي ڳلي لڳايائون ۽ محمد علي پٺاڻ بہ چيو تہ اچو تہ ڀاڪر پايون. سائين رسول مون کي پوپٽ رسالي جو ''رسول ميمڻ نمبر'' تحفي ۾ ڏنو ۽ ڪي گهڙيون ڳالھائيندا رهيا تہ آئون بلڪل خاموشيءَ سان کين ٻڌندو رهيس. اهو پروگرام يادگار هو. سائين سان ويھڻ ڳالھائڻ ۽ فوٽو ڪڍائڻ جا موقعا مليا. نور جوڻيجو خوش نصيب آهي جو هن جي ناولن تي رسول ميمڻ جھڙي شخصيت نہ صرف ڳالھايو پر لکيو بہ.
منھنجو جڏهن ناول آيو هو تہ مون سائين کي موڪليو هو سائين پڙهي فون تي فيڊ بيڪ رايو ڏنو هو. تمام گهڻي خوشي ٿي هئي ۽ چيو هيئن تہ لکندا رهو. سٺو ٿا لکو.
تمام گهڻو اتساھہ مليو هو.
رسول ميمڻ اسان نوجوانن جو اتساھہ هو. هو ويجهڙ ۾ نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو هو ۽ تيزي سان هُو هُن کي پڙهي رهيا هئا. جڏهن کان نوجوانن ۾ سائنسي ادب ۽ سوچ جو شعور پختو ٿيو تہ اهي رسول ميمڻ جي ڪتابن کي ڳولڻ لڳا هئا.
رسول ميمڻ جون يادگيريون هڪ احساس آهن، ڪو خواب آهي، جيڪو رکي رکي ياد اچي ٿو تہ عجب سحر طاري ٿي وڃي ٿو تہ ھہڙي فلاسافر ۽ دانشور ليکڪ اسان سان گهاريو، شل اڃا وڌيڪ وقت گهارجي ها.
آگسٽ 2021ع جي مھيني ۾ سائين سان نور جوڻيجي جي ڪري ڪچھري ڪرڻ جو موقعو مليو. جنھن ۾ نور جوڻيجي جي نيئن ناول جو مسودو کڻي، اسان سائين جي غلام محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص جي هاسٽل وڃي پھتاسين.
هاسٽل تہ اهڙي هئي، جھڙي جيل ۾ دوستو وسڪي کي رکيو ويو. جتي محافظن جي جوتن کي بہ بخمل لڳل هوندو هو تہ متان ان سان بہ ڪو آواز پيدا ٿئي. سانت اهڙي جو دل جو دهڪو بہ آساني سان ٻڌي سگهجي. رسول ميمڻ اهڙي شانت ماحول ۾ رهندو هو. جتي هُو احساسن ۽ خيالن جا پکي اڏائيندو هو ۽ اهي ڪنھن شاهڪار تخليق ۾ اچي لھندا هئا.
هن اسان جي لاءِ پاڻ چانھہ ٺاهي ۽ ناولن جي دنيا جون ڳالھيون شروع ٿي ويون. ان ۾ نور جوڻيجي جو نئون ناول بہ بحث هيٺ آيو. جنھن تي بعد ۾ سائين پڙهي رايو لکي موڪليو هو. جيڪو جلد سڦلتا پبليڪيشن پاران ڇپائي آڻينداسين.
اسان جي ڪچھري ڪتابن جي دنيا کي ڇڏي زندگي ڏانھن موٽي آئي. جنھن تي سوايو سائين رسول ميمڻ ئي ڳالھايو هو. هو چئي رهيو هو:
''انساني جسم جي اندر Telomerase وارو انزئم وڌائڻ لاءِ موسيقي، سيڪس ۽ رقص، نيون جايون گهمڻ، نوان نوان کاڌا کائڻ گهرجن. ان سان زندگي ۾ جنبش اچي ٿي.''
''زندگي ۾ ڪرنٽ جي لاءِ مايوسي کي مارڻو پوندو. اوهان جيڏانھن بہ ڏسندا تہ اوهان کي زندگي پيدا ٿيندي نظر ايندي هر پاسي سيڪس نظر ايندو. جنس زندگي جي علامت آهي.''
''سيڪس مخلوق ۾ آهي پکين ۾، حيوانن ۾، انسانن ۾ ۽ جڏهن انسان ۾ نسل وڌائڻ جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي تہ هو ناڪارہ ٿي مري وڃي ٿو.''
علي بابا جي ناول ۽ ڪھاڻين بابت جڏهن مون سائين کان پڇيو تہ سائين وڏو حيران ڪندڙ جواب ڏنو هو:
''علي بابا جون ڪھاڻيون ۽ ناول الائي ڇو مون کي نہ وڻندا آهن.''
اهو سائين جو پنھنجو هڪ رايو هو. کل خوشي واري ماحول ۾ اسان ڏاڍو آنند ورتو هو. آخر ۾ هي هيڏو وڏو ماڻھو هاسٽل جون ڏاڪڻيون لھندو، اسان کي هيٺ ڇڏڻ آيو ۽ ٻانھون کولي اسان کي ڀاڪر پائي موڪليائين. آئون ڪافي دير تائين سنڌ جي هن جوهري کي ڏسندو رهيس ۽ پوءِ اسين اچي گاڏيءَ ۾ ويھي رهياسين ۽ حيدرآباد پھچڻ تائين رسول ميمڻ جون ڳالھيون هيون ۽ ان جي ملاقات جو جادو هو. جيڪو طاري ۽ جاري رهيو ۽ هميشہ رهندو.




حوالا:
1. ڪتا ناول،رسول ميمڻ، ڇاپو پھريون، سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2021ع.
2. ساڌ ٻيلي جو ديوتا، آدرش، ارشاد شيخ، رسول ميمڻ پوپٽ نمبر، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور، 2017ع، ص ـ77
3. ساڳيو

اوڻيھہ عورتون_ 2012ع

تاريخي ناول ڪن تاريخي واقعن تي آڌاريل ھوندو آھي. ان لاءِ اھو ضروري آھي تہ اھو ماضيءَ جي تاريخي واقعن تي آڌاريل ھجي نہ ڪي فقط ڏھ پندرھن سال پراڻو. ھي ناول حقيقي بہ ٿي سگهي ٿو تہ تصوراتي بہ.

رسول ميمڻ هن ناول بابت لکيو آهي ته:
”تاريخ هن ناول جو پَس منظر آهي. جڏهن تہ پيش منظر خيالي ڪردار آهن. اهڙا ڪردار جيڪي تاريخ اندر گذريل خاص وقت جو الميو پيش ڪن ٿا. ”اوڻيھہ عورتون“ ناول لڳ ڀڳ تيرهن سوَ سال پراڻي تاريخي واقعي اندر پيش ايندڙ خيالي خاڪو آهي.“ (1)
Historical Novel:
A Historical novel is a novel set in a period earlier than that of the writing.
Examples: Thackeray's Vanity Fair, Charles Dickens's A Tale of Two Cities, George Eliot's Romola and Charles Kingsley's Westward Ho! (2)

اوڻيھہ عورتون سنڌ جي تاريخي پس منظر ۾ لکيل ناول آهي. جنھن جو مکيہ ڪردار سان ملڻ ٿئي ٿو جا عربي آهي. اها مائي ڳورهاري آهي. هوءَ ٻڌائي ٿي تہ ”راجا ڏاهر هن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي هئي. هن جي پيٽ ۾ هُن جو ٻار آهي.“
هُو ان کي خليفي وٽ پيش ڪري ٿو ۽ ان کي سڀ ڪجهہ ٻڌائي ٿو. هيءَ اها ئي عورت آهي جنھن سان هن جي پٽ جو اولاد ٿيندو ۽ هُو ان سان پرڻو ڪري ٿو.
اها عورت حسينا آهي جيڪا ڪھيداس سان ان شرط تي قيد مان ڀڄي اچي ٿي تہ هو هن کي ڪنھن سکي جاءِ تي پنھنجي وطن ۾ ڇڏيندو ۽ ڪھيداس ان کي حرفت سان بادشاھہ جي حوالي ڪري ٿو.
سنڌ جي تاريخ جي لحاظ کان عربن جي دؤر تي تحقيق اڻ پوري آهي ۽ ڪيترن ئي ماخذن کي اڃا هٿ ئي نہ لاتو ويو آهي. اهڙيون ڳالھيون موجودہ وقت جي عالمن روبرو ادبي ڪچھرين ۾ ڪيون آهن.
رسول ميمڻ جو هي ناول عربن جي دؤر جي تاريخ ۾ هڪ ننڍڙي جهاتي آهي. جيڪا ناول نگار پنھنجي تخيل ذريعي پاتي آهي.
محمد سليمان وساڻ موجب: ”تاريخ هن ناول جو پسمنظر آهي. جڏهن تہ پيش منظر خيالي ڪردار آهن. اهڙا ڪردار جيڪي تاريخ جي اندر گذريل وقت جو الميو پيش ڪن ٿا. اوڻيھہ عورتون لڳ ڀڳ تيرهن سو سال پراڻي تاريخي واقعي اندر پيش ايندڙ خيالي خاڪو آهي.“ (3)
هي ناول عربن جي حملن ۽ راجا ڏاهر جي دؤر کي نظر ۾ رکي لکيو ويو آهي. عربن جي سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ زرخيزي کي اک ۾ رکي ڪاهون ڪيون. هي ناول جتي تاريخ جو تذڪرو ڪندي اڳتي وڌي ٿو اتي قومي شناخت جي اهميت کي بہ نشانبر ڪري ٿو.
اوڻيھہ عورتون برهمڻ آباد مان قيد ڪيون وڃن ٿيون. جيڪي هڪ مندر جون داسيون آهن. ان ۾ هڪ داسي هارانسي آهي. جيڪا هن ناول جي هيرو ڪھيداس جي محبوبا آهي. ڪھيداس بہ برهمڻ آباد واري حملي ۾ غلام بڻايو وڃي ٿو ۽ ٻيڙي جو ونجهہ هلائڻ لاءِ کيس غلامن شمار ڪيو وڃي ٿو.
هارانسي جنھن جي پيءُ جي خواهش هئي تہ هوءَ داسيءَ جي روپ ۾ ٻڌ جي مجسمي اڳيان نرت وجهي ۽ ان جي گهنگهرن جو آواز هن جي روح تائين پھچي پر ائين نہ ٿو ٿئي.
ڪھيداس هڪ بازيگر جو پٽ آهي. هو نجوم جو علم پنھنجي مامي کان سکي ٿو. جنھن کي پنھنجي موت جو اڳوٽ علم هو. هارانسي هن جي ٻالپڻ جي سھيلي آهي، پريميڪا آهي. هي ٻئي پيار ڪندڙ غلام بڻائي قيد ڪري عرب حڪمرانن جي چنبي ۾ اچي وڃن ٿا. ڪھيداس پنھنجي عقلمندي سان حڪمران کي اهو ٻڌائي ٿو مون کي حڪمت ايندي آهي ۽ ان حرفت سان هو انھن جي دليون کٽي وجهي ٿو. جنھن ۾ بيمار بادشاھہ ۽ ان نامرد پٽ بہ آهي.
شوڪت حسين شوري موجب اوڻيھہ عورتون ناول کي قصہ گوئي واري انداز ۾ لکيل ناول آهي. جيتوڻيڪ ناول ۾ قصو هوندو آهي. ائين هن ناول ۾ ڪمال جو قصو آهي، پر رسول ميمڻ جو لکڻ جو انداز جديد ۽ نرالو آهي. جنھن جي پڙهڻ ۾ پاٺڪ گم ٿي ان دؤر جي سنڌ ۾ پھچي وڃي ٿو. جنھن ۾ سنڌي سمنڊ رستي سفر ڪندا هئا.
ڊاڪٽر ادل سومرو مطابق: ”رسول ميمڻ جو سمورو تخليقي سفر منھنجي سامھون گذريو آهي. مشاعري ۾ پھرين شعر پڙهڻ، پھرين ڪھاڻي لکڻ کان وٺي، هن ناول ”اوڻيھہ عورتون“ تائين. هو هڪ آرٽسٽ تخليق ڪار آهي. جنھن وٽ منظرنگاري ۽ ڪردار جو اهڙو آرٽ آهي، جنھن کيس منفرد ۽ مٿانھون درجو ڏياريو آهي.“ (5)
رسول ميمڻ سنڌي ادب ۾ منفرد ۽ يگاني حيثيت رکندڙ آهي. هن جي منظرنگاري سڀني ناولن ۾ تہ آهي، پر هن ناول ۾ هُو تاريخ جي جهروڪن ۾ صديون پوئتي وڃي ڪري ان دؤر کي جيئن جو تيئن پيش ڪري ٿو، جيئن هيءَ منظر آهن:
”ٻيڙا هندي وڏي سمنڊ کان ٿيندا نار جي ملڪن ڏانھن واپار سانگي ويندا هئا. انھن تي اناج، گرم مصالحو، ڪپھہ ۽ تماڪ رکيل هوندو هو. ڪجهہ بازاري عورتون پڻ هونديون هيون جيڪي سيلاني سفر ۾ ساڻ کڻندا هئا. سمنڊ جي سطح تي هلندڙ انھن ٻيڙن مان ڪڏهن بنسريءَ جون پرسرور ڌنون اڀرندي ٻڌبيون هيون. ڪڏهن انھن تي سوار خواجا سرا مستيءَ مان نچندي ڀرسان لنگهندڙ ٻين تي ٻيڙن تي سوار ماڻھن مٿان چٿرون ڪري ٽھڪن سان سمنڊ جي خاموشيءَ کي ٽوڙي وجهندا هئا. ص 46
هن ناول جي اڻت، ڪردار نگاري، ڪردارن جا نالا، اسلوب ۽ ٻولي خوبصورت، مضبوط ۽ ٺهڪندڙ آهي. هن جو تخليقي آزمودو ڪمال آهي.
سامونڊي سفر جي منظر کي ليکڪ هن ريت چٽيو آهي:
”شراب جو کونجو ڀري ڪھيداس کي ڏنو ۽ ڀر ۾ ويھاريو. هن خواجا سرا کي حڪم ڏنو تہ حسينا کي ٻيڙي جي تھہ خاني ۾ وٺي مهمانوازي ڪري. جڏهن ٻيڙو بحربانيا هليو تہ آسمان ۽ سمنڊ ۾ ڪو فرق نہ هو. نيري آسمان تي جهڙ جون لھرون ٺھيل هيون ۽ هيٺ سمنڊ تي لھرن جو جهڙ هو. هوا ٿڌي ۽ خشڪ هئي. ٻيڙي جا سڙھہ تيز هوا ۾ پاڻيءَ بنا مڇيءَ جيان پئي ڦتڪيا.“ ص96
ڪھيداس وڏي عقلمندي ۽ ڏاهپ سان بادشاھہ کي قوتِ باھہ جا نسخا ڏي، پنھنجي هارانسي کي ورهاست ۾ ائين ورهائي ٿو جو اها ان جي حصي ۾ اچي وڃي ٿي ۽ ڪنھن کي ڪو اعتراض بہ نہ ٿو ٿئي. جيڪو هن ناول جو وڻندڙ پاسو آهي. پر رسول ميمڻ ناول جي پڄاڻي بہ وڏي خوشحال ۽ آسودي سنڌ جي خواب واري ڪئي آهي. هو هارانسيءَ کي کٽي جڏهن گهوڙي تي ويھاري ٿو تہ هوءَ سوال ڪري ٿي؛
”ڪيڏانھن؟ سنڌ جا رستا تہ بند ٿي چڪا آهن.“ ڪھيداس وراڻي ٿو:
”هڪ اهڙي سنڌ جي ڳولھا، جتي مذهب، نظريا، فرقا ۽ ذاتيون نہ هجن. اهڙي ملڪ جي ڳولھا ۾ جتي امن شرافت ۽ پيار هجي. جتي انسان انسان جي خون جو اڃايل نہ هجي. جتي جنگين ۽ تباهين جو ڪو وجود نہ هجي. ماڻھو خوف کان آزاد هجن، استحصال جا در بند هجن. تحفظ جي حڪمراني هجي. هر طرف خوشيون ۽ ٽھڪ هجن.“ص112
سنڌ جي جيڪا هر سنڌي جي دل جي ڌڙڪن آهي اها رسول ميمڻ جي دل ۾ بہ ڌڙڪي ٿي. اها سنڌ جنھن جي آسمان ۾ مٿيون سڀ فضائون هجن. اهو هڪ آرٽسٽ هڪ تخليق ڪار ئي ٻڌائي سگهي ٿو، سرجي سگهي ٿو ڇو تہ ان وٽ قلم جو هٿيار آهي هو ان سان سنڌ جي سينڌ سنواريندو ۽ رسول ميمڻ ڪھيداس جي هٿان اهو سڀ چوايو آهي جيڪا هن جي پنھنجي هڪ آس هئي.


حوالا:
1. اوڻيھہ عورتون،رسول ميمڻ، ڇاپو پھريون، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور، صفحو 08، 2012ع.
2. Source: eng-literature.com
3. ڊجيٽل ڇاپو، صفحو 5، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام.
4. ادل سومرو، اوڻيھہ عورتون،رسول ميمڻ، ڇاپو پھريون، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور، بيڪ ٽائيٽل 2012ع.

قالو بلا – ناول -موت جي تاريخ

قالو بلا ناول جي ڪھاڻي هن ڪتاب جي ارپنا ۾ ئي سمايل آهي. رسول ميمڻ جي ڪتابن جون هڙئي ارپنائون انوکيون، حيرت ۾ وجهندڙ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندڙ آهن. تمثيل ۽ استعارو هن جي ڪھاڻين ناولن توڻي مضمونن تي بہ ڇانيل آهي.
جيئن امر اقبال لکي ٿو: ”رسول ميمڻ جون ڪھاڻيون هڪ عجيب پراسراريت جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هونديون آهن. اها پراسراريت جيڪا سٽ سٽ سان گڏ پڙهندڙن جي ذهنن ۾ سرايت ڪندي ويندي آهي، اها ئي رسول ميمڻ جي لکڻين جي خوبي بہ آهي ۽ انفراديت بہ.“ (1)
هي ناول موت يا عدم جي جھڙوڪر تاريخ آهي. جنھن ۾ خدائن جي بارگاهن ۾ ناول جو مک ڪردار پنھنجي پريتما کي موت راڪاس کان بچاءُ خاطر التجائون ڪندو رهي ٿو. پر ٿئي ڪجهہ بہ نہ ٿو. هن ناول جي ڪھاڻي ناول نگار جي دوست ڊاڪٽر ظفر مختيار جي آهي. سندس گهر واري ان پل عدم جي سفر تي هلي وڃي ٿي، جڏهن هو ننڊ جي مٺي نشي ۾ گم هجي ٿو.
هڪ شادي شدہ جوڙو هن ناول جو محور آهي. ان ۾ عرشنا جيڪا هن گولي تي موجود ان بيماريءَ ۾ مبتلا آهي، جنھن جو علاج اڃا تائين دريافت نہ ٿي سگهيو آهي. هن جو گهر وارو وارث هن کي بچائڻ ۾ جنجهيل آهي. هوءَ سندس ٻانھن ۾ هوندي آهي تہ وارث موت جو حل ڳولھڻ جي لاءِ خوابيدہ جھان جي جڳ ۾ هليو وڃي ٿو. جتي خدا، ڏاها، مفڪر، اديب، فاتح، جنگجو ۽ عاشقن کي پنھنجي محبوبہ کي بچائڻ لاءِ عرض ڪري ٿو، پر موت جي اڳيان اهي سڀئي بي وس لڳا پيا آهن. موت جيئن پوءِ تيئن عرشنا جي جسم ۾ لھندو ان کي فنا ڪندو ٿو وڃي. وارث دنيا جي سڀني تھذيبن کان بہ عرشنا جي حياتي پني ٿو. هو اهڙي آدم جي تلاش ۾ هوندو آهي جيڪو هن جي زال کي موت جي ٽاري سگهي.
دنيا جي سڀني تھذيبن کان مايوس ٿي، وارث سنڌي تھذيب جي والين وٽ اچي ٿو. پر اتي بہ هن جي درد جي دوا يعني جو موت جو ڪو نعم البدل ڪو نہ ٿو ملي. موت هڪ گمنام سپاهي جيان عرشنا جي وجود کي فتح ڪيون هليو ٿو وڃي.

مختيار ابڙي مطابق: ”قالو بلا هڪ اهڙو ناول محسوس ٿئي ٿو، جيڪو ادب سان گڏ هڪ تاريخ آهي. قرت العين جي ناول، ”آگ کا دريا“ جو دؤر چار هزار سالن تائين پکڙيل آهي. جڏهن تہ قالو بلا ڏھہ هزار سالن کان مٿي جي دؤر تي مشتمل آهي.“ (2)
سنڌي ٻوليءَ ۾ موت يا فنائيت جي موضوع تي اهڙو ڪو بہ ناول موجود نہ هو. پر رسول ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو اهو واحد ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار آهي. جنھن جي ڪھاڻين ۽ ناول جا عنوان اڇت ۽ بنھہ نوان آهن. هي عنوان بہ ادب ۽ فلسفي جو وڏو بحث رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ موت جي موضوع تي مون هڪ اڌ ڪا ڪھاڻي پڙهندي هوندي. ناول پھريون پڙهيو آهي جنھن ۾ پرائتي نموني ڪردارن کي تاريخ جي وڏن ماڻھن سان ملائي ٿو ۽ ڳالھرائي ٿو. سڄي ناول ۾ زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمش هلي ٿي. اها هڪ ناول نگار جي فني ڪمال جي نشاني آهي تہ هو ان کي ڪيئن تسلسل بياني سان کڻي هلي پيو.
نقاد/ناول نگار ممتاز بخاري، رسو ل ميمڻ جي هن ناول کي فينٽسي سنڌي ناول سڏيو آهي.
رسول ميمڻ هڪ انٽرويو ۾ قالو بلا ناول بابت چيو:
”جڏهن مون هِي ناول لکيو، تہ اسان جو هڪڙو دوست هجي، ڪياماڙيءَ ۾... ان جي گهرواري ويچاري، هُنَ جي بستري تي ئي گذاري وئي رات جو، هُن کي خبر ئي نہ پئي... هُنَ کي گهرواريءَ جي هَٿَ جي ٿڌاڻ محسوس ٿئي پئي ڪا... هُنَ ٻُڌايو تہ، يارَ! مان محسوس ڪيم پئي تہ منھنجي زال جو هٿ ٿڌو هو، پَر سمجهيم پئي تہ سُمھي پئي آ... اِهو پلاٽ مون کي نظر آيو. پوءِ مون ”موت“ کي موضوع بنايو، تہ ڪيئن هڪڙي انسان کي، انھيءَ حالت مان بچائي سگهجي ٿو؟! ڪنھن کي وڃي دانھن ڏيون جو انساني Survival ٿئي؟! اوچتو ئي اوچتو ڪنھن انسان جو موت ٿو ٿئي، جيڪو قدرتي يا فطري موت ناهي، حادثاتي آهي. ڪنھن بيماريءَ جي ڪري، ننڍي عمر ۾ ڪوئي گذاري ٿو وڃي.... پوءِ مان تاريخ ۾ هلندي، پوئتي، پوئتي ٿيندو ويم. آدم کان بہ اڳتي نڪري ويم. “Nothingness” جتي هئي، خول هو، Void هو، اُنَ اسٽيٽ ۾ وڃي پھتم.“ (3)
Fantasy Novel:
Stories involving paranormal magic and terrible monsters have existed in spoken forms before the advent of printed literature.
Examples: J. R. R. Tolkien’s The Hobbit, C. S. Lewis’ The Chronicles of Narnia.
هن ناول جي بابت ليکڪ انٽرويو ۾ يا هن ناول جي مھاڳ ۾ اهو لکيو آهي تہ مون موت کي موضوع بنايو آهي. پر ان سان گڏ ٻيا مک موضوع بہ هن جي ڏاهپ جو پاڇو آهن. جن ۾ پيار، تاريخ ۽ روح آهن. جيڪي بنيادي طور تي فلسفي جا موضوع رهيا آهن. فلاسافرن ۽ مفڪرن ان تي جدا جدا پھلوئن کان روشني وڌي آهي. ائين رسول ميمڻ جو اسان جو سنڌي مفڪر آهي. ان بہ تمام گهڻي گهرائي ۾ انھن تي پنھنجا خيال پيش ڪيا آهن.
جيئن هو پيار بابت لکي ٿو: ”پيار ڪو الھامي ڪتاب نہ آهي، جنھن جي صفحن تي ميلاپ ۽ وڇوڙي جا احڪام درج ٿيل هجن. پيار خالي ڪتاب آهي، جنھن کي پاڻ لکيو وڃي ٿو.“ ص_13
تاريخ بابت هُو عرشنا جي واتان تنقيد ڪري ٿو: ”مان نہ ٿي سمجهان تہ تاريخ ماضيءَ جي لاش مٿان ڳوڙهن ڳاڙن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ آهي. اسين حادثن جا لاش ڪلھن تي کڻي نمائش لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون. ڇا اهو ان لاءِ آهي تہ ايندڙ وقت کي ڊيڄاري المين کان پري رهي سگهون؟“ ص_13
تاريخ تي صرف عرشنا ئي ڳالھائي ٿي: ”تاريخ نانگ جيان آهي. جنھن جي لنگهي وڃڻ کان پوءِ اسين ڇڏيل نشان کي ڌڪ هڻي رهيا آهيون.“ ص_ 14
يا هيئن بہ چئي ٿو: ”جيڪو دولت تي فخر ڪري ۽ عيش ۾مسرور هجي، تاريخ ان جو قدر نہ ڪندي.“ص_49
موت بابت هڪ ٻيو لاجواب مڪالمو آهي: ”ياد رک! موت ڪارو پکي رحم جا آنا نہ ڏيندو آهي.“ ص_30
موت بابت: ”هوا هن جا ڳل چميا ۽ چيو ”چريا پٽ، پالڻھار اڃا لوليءَ جا اهڙا لفظ نہ خلقيا آهن جو موت کي مات ڏئي سگهن. عزرائيل ٻڌي تہ ان جي اکين مان ڳوڙها ڳڙن.“ ص_100

ناول نگار رڳو موت بابت نہ ٿو ڳالھائي هن زندگي کي ڪئين محسوس ڪيو آهي اهو بہ بيان ڪري ٿو:
”حياتي سمنڊ جي تھہ تي ترندڙ پاڻيءَ سان ڀريل دلو آهي. پاڻي پاڻيءَ سان ملي هڪ ٿي ويندو.“ ص_33
وري پيار بابت لکي ٿو: ”پيار جي غلامي سڀ کان وڏي آزادي آهي.“ ص_ 41
ناول نگار عاشق بلوچ موجب: رسول ميمڻ جا ناول تمام زبردست ۽ دل کي ڇھندڙ آهن، خاص ڪري نجومي ۽ قالو بلا وڏي پايي جا فڪري ناول آهن. (6)
فڪري حوالي سان بہ هي سگهارو ناول آهي، ائين ناهي تہ هن ۾ هوائي توائي بحث يا ڳالھيون آهن. جيڪي پڙهڻ سان ماڻھو سوچن ۾ سڪ ٿي وڃي ٿو. هر صفحي تي ڪنھن نہ ڪنھن موضوع سان هڪ فڪر انگيز ڳالھہ ڪيل آهي جيئن:
”اناج جا ٻوٽا سٿرن وچ ۾ جنم وٺندا آهن.“ ص_47
رسول ميمڻ مطابق: يونان، روم، فينيثيا، ڪارٿيجيا، ميسوپوٽيميا، مصر ۽ سنڌ (هند) سميت دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ عبادت جو آغاز بت پرستيءَ سان ٿيو، ڪنھن دؤر ۾ خدا شماري آدمشماريءَ کان وڌيڪ رهي آهي.“ (4)
ناول نگار ارتقا جي ڪھاڻي ۾ يقين رکندڙ آهي. ان ڪري هو ان جي حمايت ۾ ڪافي ڳالھيون لکيون آهن. جيئن تہ هو سائنسي نقطہ نظر رکندڙ هو. پر ان جو اهو بہ مطلب ناهي تہ ارتقا جي ڪھاڻي ڪا ڪُلُ آهي، ان تي بہ سوال ڪري سگهجن ٿا. جيئن مٿي اسان خدائن جي حوالي سان سندس حوالو ڏنو آهي. ان سبب ئي هو هن ڪائنات جي ڪارخاني کي خودڪار سمجهي ٿو ۽ ان جو دليل ارتقا وارو نظريو پيش ڪري ٿو.
اديب/صحافي اختر حفيظ موجب:
گذريل ڪجهہ سالن ۾ جيڪي سنڌي ناول لکيا ويا آهن، انھن مان هي هڪ بھترين ناول آهي. ناول جي ٻولي ۽ اسلوب ايترو تہ سھڻو آهي جو پڙهڻ وقت ناول هڪ ڀالي جيان سيني ۾ لھندو ٿو وڃي. (5)
هن ناول جون تشبيھون، ويچار ۽ استعارا ڪنھن شاهڪار کان گهٽ ناهن. جيئن هڪ تشبيھہ هت ڏجي ٿي:
”سندس منھن جو رنگ توريت جي پراڻن پنن جيان پيلو هو.“
ص_51

ناول ۾ ڪردار تمام گهڻا آهن. مک ڪردارن ۾ وارث ۽ عرشنا آهن، وارثActive ڪردار آهي. پر عرشنا پوري ڪھاڻي ۾ جامد ڪردار طور آندل آهي. ليکڪ ان کي سگهارو ڪري پئي سگهيو پر نہ ڪيو اٿس.
ڪتن جو ذڪر يا ان جو استعاراتي استعمال رسول ميمڻ پنھنجي اڪثر لکڻين ۾ ڪيو آهي. قالو بلا ناول ۾ ڪتن جو حوالو موجود آهي.
”اپالو سج جي رٿ تي سوار هو. جنھن کي چوڏهن ڪتا گھلي رهيا هئا. عرش ۾ ڪتا ڀونڪي رهيا هئا. ڌرتيءَ تي ماڻھو هڏي لاءِ وڙهي رهيا هئا.
اها ٽاڪ منجهند هئي. وارث دانھن ڏيڻ لاءِ اپالو جي رٿ کي روڪيو تہ ڪتن سندس ڀٽڪندڙ روح کي رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيو.
”روح جون ٻوٽيون جسم جي گوشت کان وڌيڪ ذائقيدار آهن.“ هڪ ڪتي ٻئي ڪتي کي چيو.
”روح جون ٻوٽيون اڻ کٽ لافاني آهن.“ ٻئي ڪتي جو جواب ڏنو. اپولو سج جي شعلن مان ڪنڌ ڪڍي ڏسندو رهيو. هن ڏٺو ڪتا ڏاڍا خوش هئا، توانا ۽ ڦڙت هئا. سندن رفتار تيز هئي. اپالو خوش ٿيو ۽ چھبڪ اڇلائي ڇڏيو.
”ڪتا خوش تہ ڪائنات خوش.“ هن مرڪندي چيو
وراث جو روح ڳڀا ڳڀا ٿي ويو. ڪتا سندس روح جون آڱريون چٽڻ لڳا. ان ڏينھن سج جي رفتار تيز هئي. ڏينھن ننڍو ٿيو. مرندڙ عرشنا جي زندگي جو کٽندڙ ڏينھن.“ ص_57

روح بابت ليکڪ لکي ٿو: ”روحن کي شڪيلون نہ هونديون آهن. اهي خواب ناڪ آهن. لکيل ميساريل بوندن ۾ مليل رنگ... تراشيل ڀڳل مجسما.“ ص_80
وري ٻي هنڌ روح بابت لکي ٿو: ”پاڇن جي ڪا ذات نہ هوندي آهي. هوائن جو ڪو مذهب نہ هوندو آهي. جهڙ جي ڪا زبان نہ هوندي آهي. روحن جي ڪا قوم نہ هوندي آهي.“ ص_85
مشتاق شوري موجب: ”اڄ سرجندڙ ساهت جو نہ ڪو مقصد آهي، نہ ئي معنيٰ. اهو نصيحت نہ ٿو ڪري، راھہ نہ ٿو ڏسي، پرچاري ناهي. ائبسرڊ ساهت ۾ انسان جي بيوسي، ڇت ڪتائي، فطرت/قدرت جي بي رحمي، نتيجي ۾ پيدا ٿيل نفسياتي ڏوھہ، جيڪي بي جوڙ ڪائنات، بي مقصد انساني هستي جي تخليق خلاف انصاف ڀريو احتجاج آهن، ۽ آئيندي جي ڀيانڪتا کي مختلف روپن ۾ اظهار ڏنو ويو آهي.“ (6)
رسول ميمڻ جيڪو بہ لکيو ان ۾ ائبسرڊٽي آهي. پوءِ اهي ان جون ڪھاڻيون هجن يا ناول انھن ۾ انسان جي بي اننت حياتيءَ جو نوحو آهي، ڇت ڪتائي جو جھان آهي. ماڻھو هيڻو آهي. موت اڳيان زندگي جي بي سبب، بي غرض ۽ مسلسل مسئلن سان دوچار آهي. جديد ساهت ۾ رسول ميمڻ جو هي ناول بہ مثال آڻي سگهجي ٿو. جنھن ۾ هڪ ماڻھو پنھنجي پياري جي حياتيءَ لاءِ لاچار آهي، وائڙو آهي تہ هُو زندگي جي اوچتي ۽ بيماري جي عجب ڀونر ۾ ڦاٿل زندگي کي ڪيئن نجات ڏياري ان بيماري کي ڪينسر چون ٿا. پر هو ڪو بہ هيلو وسيلو نہ ٿو ڪري سگهي ۽ هن جي محبوبا دارلبقا جي جھان جي راهي ٿي وڃي ٿي.
هن ناول ۾ تنقيدي نقطو اهو آهي تہ ليکڪ وارث کان عرشنا سان سنڀوڳ ڪرائي ٿو. جڏهن تہ عرشنا مري چڪي هوندي آهي. اهڙي ساهت جنھن ۾ ڪا معنيٰ ناهي ڪو مقصد ناهي. هي ناول ڄڻ ان جو مثال ٿي پوي ٿو. آخر هن مان هڪ پڙهندڙ جي ذهن تي ڪھڙا اثر پوندا جنھن مان اسان ڪجهہ حاصل ڪري سگهون. وارث جي هن عمل کي ڪھڙي نگاھہ سان ڏسون. هلو ٺيڪ آ ليکڪ تہ صرف ڪھاڻي بيان ڪئي آهي پر پوءِ اهڙي ڪردار کي اسان جي سماج ۾ ڪٿي جاءِ ملندي.
هڪ بحث طلب ڳالھہ اها بہ آهي تہ رسول ميمڻ سپت سنڌو تھذيب جي هڪ قيبلي ۾ چڪلن جي هئڻ جي منظرڪشي ڪئي آهي.
لکي ٿو: ”سمبارا قبيلي جا هاي ڇڙواڳ جوڌا جن جي بستي مھين جي اوڀر ان مقام تي هئي جو جڏهن سج لھندو هو تہ کوهن جا ڊگها ٿيندڙ پاڇا انھن جي گهٽين مان لنگهي درن تي پھچندا هئا. اهي سمبارا جا ڇڙواڳ خدا جي نانءَ کان وانجهيل ڪافر قيبلا جيڪي مھين کان پري ان جي دامن ۾ گناهن جا کيڏ کيڏندا ها. سندن سرعام چڪلا جن جي درن تي ڪڻڪ رنگيون ناسي نيڻن واريون وئشيائون اوسيئڙي ۾ بيٺل هونديون هيون. جن جي مڌشالن ۾ بدڙي چانورن جي راشيل هيڊي شراب جون ڪوناريون ڪڏهن نہ سڪيون.“ (قالو بلا ناول ـ ص 92)
اهو سمبارا قبيلو نہ پر سمارا قبيلو آهي. ڪيترن سنڌي ليکڪن شاعرن بہ ان کي سمبارا ناچڻي ڪري پيش ڪيو آهي. جيڪو تاريخي لحاظ کان درست ناهي. سمارا ناچڻي نہ پر ديوي هئي ۽ سنڌو تھذيب ۾ مادرانہ سماج هئڻ ڪري هوءَ پنھنجي راڄ جي راڻي هئي.
ان جو سمورو احوال ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي پنھنجي پي ايڇ ڊي مقالي جي ذيلي عنوان ”آريا ـ مال جا هاڻو ۽ سمارا ديوي“ ۾ تفصيل سان لکيو آهي.
ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي مطابق : ”انھيءَ دؤر جو قديم سنڌي سماج مادرانہ سماج هو. اها ڳالھه ثابت آهي تہ اهڙي قديم آڳاٽي دؤر ۾ بہ سنڌي لوڪن سمارا جھڙيون اعليٰ فھم ۽ فڪر رکندڙ، پنھنجي سماج لاءِ سفيرانا گڻ ۽ سفارت ڪاري واريون خوبيون رکندڙ عورتون موجود هيون، جيڪي ايڏن مسئلن کي سلجهائي تي ڄاڻنديون هيون ۽ دشمن وٽان وڏو مان ۽ مرتبو حاصل ڪري وٺنديون هيون.“
(شاھہ لطيف جي ڪلام جو سماجي ـ تحقيقي اڀياس ص 148)

ٻيو ليکڪ سنڌو سڀيتا ۾ شراب جي ڪونارين ڀريل وئشائن جو ذڪر ڪيو آهي. شراب سنڌو سڀيتا ۾ تاريخي حوالي سان نہ رهيو آهي. نہ ئي چڪلا ڇو تہ سنڌو تھذيب ۾ ڪميون نظام هو هر ڪو سکيو ستابو هو ان ۾ وئشا جو تصور ناهي. وئشا تڏهن جنم وٺندي جڏهن سماج ۾ ان کي معاشي تحظ نہ ملندو. اوائلي سنڌي سماج معاشي طور سگهارو رهيو آهي. ان ڪري اهڙي ڳالھہ نہ ٿي ٿئي سگهي.
سنڌو سڀيتا ۾ مڌ جو خيال بہ گهڻو پوءِ جو آهي موهن جي دڙي يا سپت سنڌو تھذيب ۾ ان جا اهڃاڻ بنھہ نہ جي برابر آهن.
ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي موجب: سرور ڏيندڙ ـ مڌ جو واهپو ڏندڪٿائي آرين کان پوءِ شروع ٿيو يا ڪو آڳاٽو سنڌ ۾ رهيو آهي. هر حال ۾ ”مئي خاني“ سان ايراني ثقافت سلھاڙيل رهي آهي. ڊاڪٽر سورلي سنڌ ۾ ٺھندڙ شراب جي مختلف قسمن جو بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”هتي ٻن قسمن جو شراب، جيڪو مڪاني پئداواري شين مان ٺاهيو وڃي ٿو، اهو تمام بھترين قسم جو شراب آهي.“
(شاھہ لطيف جي ڪلام جو سماجي ـ تحقيقي اڀياس ص 418)
منھنجي خيال ۾ اهو شراب بہ ويجهي اتهاس جي ڳالھہ چئي سگهجي ٿي. مون جيڪو نقطو بيان ڪيو آهي اهو سنڌو تھذيب جو آهي. ليکڪ ناول ۾ موهن جي دڙي جي اوج، سنڌين جي واپار، انھن جي غورابن جو بہ شاهي نموني سان بيان ڪيو آهي، جيڪو حسين منظرن سان ان دؤر جي ياد ڏياري ڄڻ اتي پڄائي ڇڏي ٿو.
رسول ميمڻ جي انفرادي نثري اسلوب ۾ ڳوڙهيون ڳالھيون آهن پر لفظ عام آهن جن جي ڏاهپ هر سٽ ۾ جهلڪي ٿي ائين هن ناول ۾ بہ آهي. جيئن لکي ٿو:
”خوشنصيب جي وات ۾ ٿڻ. بدنصيب جي وات ۾ آڱوٺو آهي.“ ص ـ 100
هي ناول زندگيءَ کان شروع ٿي موت تي ختم ٿي وڃي ٿو پر ان ۾ انيڪ سارا معاملا رسول ميمڻ وڏي ڏانءُ سان بحث هيٺ آڻي وڃي ٿو. سنڌي ادب ناول ۾ اِهو منفرد آزمودو آهي.


حوالا:
1. قالو بلا، ناول، رسول ميمڻ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور، 2013ع.
2. مختيار ابڙو، تخليق ۽ ادبي عدل، سوجهرو مئگزين، ڪراچي، صفحو 05، 2014ع.
3. الف کان اڳ، رسول ميمڻ، مھاڳ، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، 2019ع.
4. رسول ميمڻ جو انٽرويو، امر اقبال، ڪاوش دنيا مئگزين حيدرآباد، صفحو 13، 2021ع.
5. سنڌي ادب جا ڪجهہ وڻندڙ ناول، اختر حفيظ، سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، 2021ع.
6. ڏات جو ڏيھہ، عاشق بلوچ، سھيل ڪنڀر، سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، 18 سيپٽمبر 2019ع.
7. مشتاق شورو، هستيءَ جو گم ٿيل ٽڪرو، ڪھاڻيون، ڪرتي پرڪاشن، وشواس نگر شاهدارا، دهلي، 2018ع، ص_22.
8. ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي، شاھہ عبداللطيف جي ڪلام جو سماجي ـ تحقيقي اڀياس، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2021ع.
9. ساڳيو
10. Source: eng-literature.com

فلاسافيڪل ناول –نجومي

ادب ۾ فلاسافيڪل فڪشن جي ڪا قابل قبول وصف ناهي، پر ڪا خاص قسم جا پستڪ کڻي، ڪا تاريخ جوڙي سگهجي ٿي.
فلاسافيڪل فڪشن ان کي چئجي ٿو، جنھن تخليق ۾ ان جي مواد جو گهڻو حصو فلسفي جي سوالن جي جوابن تي مشتمل هجي يا ان سان لاڳاپيل هجي. جيڪي انساني وارتائن جو چھرو ڏيکارين، جنھن ۾ سماج جو ڪم ۽ ڪردار بہ ان ۾ شامل هجي، ان ۾ ماڻھو جي لاڙن ۽ عملن ۽ ان جي فطرت سان زندگي جو مقصد ۽ ان ۾ آرٽ جو ڪم بہ شامل هجي.
The Intellectual Novel:

These sorts of novelists attempted to explore the intellectual responses of the intelligentia to the world. Characteristically, their novel displays the clash of ideas and intellectual verification of knowledge. value and response, a diminishing faith on the cosmic significance of existence, argument and counter argument in discussion, separation of concept of love and sex, conversation without communication, and a dehumanizing effect of disillusionment in the 20th century.
Examples: Graham Greene’s The Power and the Glory, The Heart of the Matter, Elizabeth Bowen’s The Hotel, and The House in Paris. (1)

فلاسافيڪل فڪشن جي ناول کي ناول آف آئيڊياز چيو وڃي ٿو. جنھن ۾ سائنس فڪشن، يوٽوپين ۽ ڊسٽوپين فڪشن بہ اچي وڃن ٿا.
جيئن ڪجهہ فلاسافرن پنھنجي خيالن کي بيان ڪرڻ جي لاءِ ناول، ڊراما يا ڪھاڻيون لکيون. جن ۾ سئمون دي بوا، زان پال سارتر، البرٽ ڪاميو، اچي وڃن ٿا. هنن پنھنجن خيالن کي ناولن جي مرڪزي مضمون ۾ شامل ڪري فني حوالي سان پيش ڪيو.
نجومي ناول ۽ سوفي جي دنيا ناول هڪ ئي ڪيٽيگري جا ناول آهن. سوفي جي دنيا ۾ فلسفي جي تاريخ اٿلائي وئي آهي، پر نجومي ناول ۾ نجومي وسيلي نج حيات جي معاملن مسئلن جي حل ڪڍڻ جو سؤلو طريقو بيان ڪيو ويو آهي. هن ناول ۾ سنڌي سماج جا عڪس بہ شامل آهن.
هونئن تہ رسول ميمڻ جو پھريون ناول ”اوڻيھہ عورتون“ آهي. جيڪو 2014ع ۾ ڇپيو هو. پر رسول ميمڻ پنھنجي هڪ انٽرويو ۾ اهو چوي ٿو تہ هن جو پھريون ناول نجومي لکيو. حيرت آهي تہ پھريون ناول ۽ ايڏو باڪمال ۽ فلاسافيڪل. اهو انٽرويو ڪاوش دنيا مئگزين ۾ ڇپيو هو. جيڪو انٽرويو امر اقبال ورتو هو.
”ناول جي پاسي ڪئين آيا؟ سوال جي جواب ۾ ٻڌائين ٿا:

”مون پنھنجو پھريون پھريون ناول نجومي لکيو. هن ناول ۾ سيٽيھہ ننڍيون ننڍيون ڪھاڻيون آهن. انھيءَ ۾ نجوميءَ جو طوطو، رقعو يا ڪاغذ جڏهن کولي ٿو، تہ انھيءَ ۾ هڪڙو شعر آ، اهو ان ماڻھوءَ جي قسمت جو فيصلو آ، جيڪو وٽس اچي ٿو. اهو ناول مون ڏاڍي محنت سان لکيو. ستٽيھہ ننڍيون ننڍيون ڪھاڻيون ڪٺيون ڪري، ان کي سرريئلسٽڪ انداز ۾ مون لکيو آهي. اهو فيڪٽر مون ڪٿي بہ ناهي ڇڏيو.“ (2)

نجومي ناول جي ستٽيھہ ئي ڪھاڻين جا ڪردار ڏکن ۽ مونجهارن ۾ وڪوڙيل آهن. هن ناول کي نصيحت وارو ناول سمجهڻ جي ڪوشش ڪڏهن نہ ڪجو. پر فڪري روشنائي سان سرشار ناول آهي. جنھن ۾ خوشي جي ڳولا ۽ ڏک جا رولا آهن. پر هڪڙو دڳ آهي، هڪڙو رستو آهي، جيڪو ڪنھن پاسي وٺي وڃي ٿو. رسول ميمڻ پاڻ چيو آهي تہ مان نہ ۽ ها جي وچ ۾ ڪٿي ڦاٿل آهيان. پر هتي هُو نجومي وسيلي سونھون آهي، زندگي جي مشڪلاتن جو.
نقاد اڪبر لغاري مطابق: ”هن ناول (نجومي) ۾ مصنف پنھنجي فڪر کي پيش ڪرڻ جي لاءِ جيڪا ٽيڪنڪ استعمال ڪئي آهي اها آهي صنعت تضاد. جنھن جي ذريعي هيٺيان تضاد اڀاريا ويا آهن، حقيقت ۽ مظھر جو تضاد، ڪوشش ۽ قسمت جو تضاد، فھم ۽ وهم جو تضاد، نفس ۽ ضمير جو تضاد وغيرہ. داخلي ۽ خارجي حقيقت نگاري جو حسين امتزاج، هي ناول (نجومي) علامتن، استعارن ۽ تمثيلن ۾ ويڙهيل هڪ ڏاهپ جو ڪتاب آهي.“ (3)
ڏاهپ ڀريل هن ناول جي شروعات نجومي ۽ طوطي سان ٿئي ٿي. توڻي جو هن ناول جو ناول نجومي آهي ۽ مک ڪردار بہ نجومي آهي. منھنجي لاءِ هن ناول جو اهم ڪردار طوطو آهي. رسول ميمڻ وٽ جانورن جي نالن کي استعاراتي ۽ تشبيھي نوع ۾ استعمال ڪرڻ تي قدرت حاصل هئي. طوطو رقعا کڻي ٿو ڄڻ تہ طوطو هر شيءِ جو فيصلو کڻي ڏئي ٿو پوءِ وري بيان ان کي نجومي ڪري ٿو. رسول ميمڻ جي ناولن جي شروعات طوطي کان ٿي ڪتي تي ختم ٿئي ٿي. نجومي جو پوڙهو ٿي چڪو آهي ۽ ساروڻيون ساري ٿي ۽ فليش بيڪ ۾ وڃي ٿو ۽ پوءِ هي ناول ساھہ مٺ ۾ ڪري ڇڏي ٿو؛ ڪھاڻي مان ڪھاڻي نڪرندي پاٺڪ کي پڪڙيندي وڃي ٿي.
رسول ميمڻ تہ چوي ٿو تہ هن ناول ۾ ستٽيھہ ڪھاڻيون آهن پر خود نجومي ۽ طوطي جي بہ ڪھاڻي آهي، بلڪہ هن ناول جي سڄي روئداد طوطي ۽ نجومي جي آهي. پوءِ ڪل ڪھاڻيون ٿيون اوڻيتاليھہ.
پھرين ڪھاڻي ۽ ڪردار هڪ عامل جو آهي.

منير چانڊيو، رسول صاحب سان ڳالھائيندي نجومي بابت لکيو آهي تہ:
”اوهان جو ناول ”نجومي“ مون کي سنڌي ٻوليءَ جو واحد ناول لڳي ٿو، جنھن ۾ جيڪڏهن ڪو مسئلو بيان ٿيل آهي تہ ان جو ڪلائيميڪس ۾ حل بہ ڏنل آهي.“
هن (ناول نگار) منھنجي ڳالھہ تي سوچيندي چيو: ”هان! هوندو پر يار مان ان تي سوچيو نہ اٿمانءَ.“
”شايد اوهان ڊاڪٽر آهيو ان ڪري...“ هو (ناول نگار) مرڪيو تہ مون پنھنجي ڳالھہ کي اڳتي وڌائڻ جو موقعو نہ وڃايو.“
”جڏهن ڪو بہ مريض اچي اوهان کي پنھنجي مرض جي باري ۾ ٻڌائيندو آهي تہ اوهان ان مرض جي حساب سان ڪا نہ ڪا دوا تجويز ڪندا آهيو.“
”ها ائين هوندو.“
ناول نجومي وٽ جيڪي فرد اچن ٿا ۽ پنھنجا مسئلا کيس ٻڌائن ٿا هو کين آخر ۾ انھن جو ڪو نہ ڪو حل ٻڌائي ٿو.“
”ها يار! مون ان باري ۾ نہ سوچيو هو.“ (4)
ليکڪ انھن پنھنجي ستٽيھہ ڪھاڻين جي پٺيان پنھنجي ڳالھہ چئي ويو آهي جنھن ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي تنقيد بہ آهي. جيئن هو ڊاڪٽر عشرت العباد بابت لکي ٿو تہ:
”توکي خبر آهي تہ شھر جو ميئر پنھنجي وقت جو بدنام ڏوهاري آهي. اهو ڪجهہ سال اڳ هڪ بي روزگار شخص هو. جنھن قتل ۽ غارت جي سياست ڪري عھدو ماڻيو.“ ص15
هن ناول ۾ ليکڪ هڪ طلسماتي دنيا تخليق ڪئي آهي، جنھن ۾ خواب آهن انيڪ سارا ڪردار آهن. جيڪي روئن پٽن ٿا ڏک ڏوجهرا ڏسن ٿا نجومي وٽ اچن ٿا سڪون ۽ حل ماڻين ٿا ۽ تاڙي پيء هليا وڃن ٿا.
رسول ميمڻ جي لکڻي جو ڪمال اهو آهي تہ هر سٽ حوالي طور ڏيڻ جھڙي هوندي آهي هتي ڪجهہ سٽون مختصر پر پُرمعنا ڏجن ٿيون.
”مندائتا ڦل ماءُ جي ٿڻن جھڙا بي مزي هوندا آهن.“ ص17
”هر ڪنھن جي وات مان ٻاڦ ائين پئي نڪتي جيئن سينن اندر ڏک جا ڪوئلا ٻرندا هجن.“ ص21
ٻي ڪھاڻيءَ جو ڪردار صحت کاتي جي دفتر جو ڪردار آهي. جيڪو وڏو رشوت خور آهي.

مھتاب اڪبر راشدي موجب: ”اسان جي حڪمرانن اسان جي عوام کي نجومين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ماڻھو بيوس آهن ۽ پنھنجي مصيبتن جي علاج جي لاءِ نڌڻڪا ٿي نجومين وٽ وڃي پھتا آهن.“ (5)
ساڌو جو ڪردار ۽ ڪھاڻي عيوض ناول نگار عقيدي پرستي جي پاڙ پٽڻ جي ڳالھہ ڪئي آهي. ساڌو جا ڀڳت مراد پوري ٿيڻ لاءِ هن جي ڏاڙهي جو وار وٺن ٿا ۽ ائين مرادون پوري ڪندي ساڌو جي ڏاڙهي پٽجي وڃي ٿي. هو ان جي حل جي لاءِ نجومي وٽ اچي ٿو ڇو تہ مريد اڃا بہ وارن جي گهرُ ڪن ٿا. نجومي هڪ پل ۾ کلندي کيس نقلي ڏاڙهي وٺي هڻڻ لاءِ چئي ٿو.

آدرش ارشاد شيخ موجب: ”رسول ميمڻ صاحب جو ناول ”نجومي“ مون کي سنڌي ادب جو ننڍڙو الف ”ليلا“ لڳو. جنھن ۾ مختلف ڪھاڻيون پنھنجي اندر ۾ هڪ نيئن دنيا آهن. ان جا ڪردار ساھہ کڻندي محسوس ٿين ٿا. هلندي هلندي اسان کي اُهي ملي سگهن ٿا. ناول ۾ ڪو بہ هٿ ٺوڪيو ڪردار Plastic Character ڪو نہ آهي.“ (6)
ڪتا ناول رسول صاحب پنھنجي زندگي جو آخري ناول ثابت ٿيو، پر اهڙو يادگار ناول لکڻ جي لاءِ هو پنھنجي پھرين ناول نجومي ۾ ان جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو:
”هو لفظن سان زوري ڪندو هو ۽ سندس ڀڪ ۾ ويٺل ڪتو هن تي ڀونڪڻ لڳندو هو. هن سوچيو، ڇو نہ اهڙو ناول لکان جيڪو يادگار هجي.“ ص38
هن ناول ۾ بہ ڪتا لفظ کي تشبيھن، استعاري ۽ تمثيلي طور گهڻين جاين تي استعمال ڪيو ويو آهي.
 ”جڏهن لکندو آهيان تہ ڪمري جي سامھون ڀت مان ڪتو نڪري هر لفظ تي ڏاڙهيندو آهي. جيئن مان چور هجان، منافق هجان، مشرق هجان. ان ڪتي هي ڀونڪ منھنجي مغز جي پردن سان ٽڪرائجي پڙاڏا ڪندي آهي. مان ڏوھہ جي احساس ۾ وڪوڙجي ويندو آهيان.“ ص37
 اهو اديب هڪ ناول نگار هو. جڏهن لکندو هو تہ سندس سامھون واري ڀت مان هڪ ڪتو نڪري ڄڀ لڙڪائي ڀرسان ويھندو هو.“ ص 39
 ”ڀرسان ويٺل ڪتو هر لفظ تي خوش ٿي هن جا هٿ چٽيندو هو ۽ پير چمي ڪنڌ رکي پڇ لوڏيندو هو. ص39
 هن جي سوچن جو ڪتو سامھون ڀت تي سھڪي ڄڀ لڙڪائي هن طرف نھاريندو رهيو. هن محسوس ڪيو ڪتو هن مان خوش نہ آهي. ان جي اکين ۾ اوپرائپ آهي. ان جي انداز ۾ ڪٿي بہ وفاداريءَ جي جهلڪ نہ آهي.“ ص39
 ”سوچون تاريخ جي اونداهين گهٽين ۾ رولو ڪتي جيان آهن.“ص39
 ”هن سامھون ڪتو مسلسل ڀونڪندو رهيو. هن کي ڪتي جي ڀونڪ دنيا جي سڀ کان وڏي حقيقت محسوس ٿي.“ ص 40
 هن پاڻ کي ڪتي کان بدتر محسوس ڪيو ۽ سوچيو جيڪر تاريخ جي گم نام انڌيرن رستن تي ڪتي جيان گهمي ڀونڪي سگهجي ها.“ ص40
 ڪتو جڏهن هڏو کائيندو آهي تہ هن کي ذائقو هڏي مان نہ پر ان زخم مان وهندڙ رت ڪري ايندو آهي جيڪو زخم هڏي چٻاڙڻ ڪري هن جي وات ۾ پيدا ٿيندو آهي.“ ص110
ليکڪ ڪتي جي لفظ کي مختلف معنائن ۾ پنھنجي ڏات وسيلي ڦيرائي پيش ڪيو آهي. جيڪو هنر آهي، پر ان کان وڏي ڪلا ڪتا ناول ۾ ڪتن بابت آهي.
ليکڪ مذهب ۽ فلسفي تي هڪ مختصر جملي ۾ تمام وڏي ڳالھہ ڪري وڃي ٿو؛
”مذهب اهڙي پناھہ گاھہ جيان آهن. جن جي ڇت ٿوري مينھن وسڻ سان ٽمڻ لڳي ٿي.“
فلسفو ذهني خلفشار آهي جيڪو انسان کي مھذب بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿو.“ ص 40
رسول ميمڻ فلسفو پڙهيو ناهي پر ان تي ٽي چار ڪتاب بہ لکيا آهن ۽ هي ناول بہ ان جو مثال آهي. پر فلسفي کي سمجهي ڪري ئي شايد هن اهو اسٽيٽمينٽ ڏنو آهي.
رسول ميمڻ جي سٽن ۾ مٿئين اسٽيٽمينٽ جو جواب ڏيون ٿا:
”جيڪي بي خبر آهن سي سڪون ۾ آهن. جنھن ڄاتو سو ڦاٿو. ڏاهپ پريشانين جو سبب آهي. جنھن سوچيو تنھن لوچيو. جنھن ولوڙيو تنھن ٻوڙيو.“ ص41
هي اهي فڪر انگيز جملا آهن جن جي ڪري اسان هن کي فلاسافيڪل ناول چئون ٿا:
”گلن مٿان ڦيرا ڏيندي پوپٽ جي بي خوديءَ جا چار ڏينھن انسان جي سالن تي محيط زندگيءَ کان بھتر آهي.“ ص42
”سوچن جو نہ هجڻ عقل جو معراج آهي.“ ص 42
رسول ميمڻ جيڪي ڳالھيون ڪري ٿو اهي شاعرن ۽ اڪابرن جي ڪتابن ۾ اڳ ۾ اچي چڪيون آهن پر هن جو انداز الڳ ۽ زاويو جدا آهي. ڏسڻ جو منطق پنھنجو آهي. هُو طوطن، ڪتن، پوپٽن ۽ جيت جڻين کي پنھنجو ڪردار کڻي ٺاهي ٿو.
نارائڻ داس جو ڪردار آهي، جيڪو ڪاڻو آهي، ذخيرہ اندوزي ڪندڙ سيٺ آهي ۽ نجومي وٽ پنھنجو مسئلي جي حل جي لاءِ اچي ٿو. نجومي کيس هي حل ٻڌائي ٿو:
ساڳيو رينگٽ،
ساڳيو گهاڻو،
انڌا ڏاند،
مالڪ ڪاڻو.

نجومي هن ناول جو مک ڪردار آهي ۽ ماڻھن کي شاعرانہ انداز ۾ مصيبتن ۽ مسئلن جو حل ٻڌائي رهيو آهي. اهو پاڻ بہ بيمار آهي ۽ ڏينھون ڏينھن سندس طبعيت خراب ٿي رهي آهي.
سيٺ جي ڪردار بعد هڪ ملازم جو ڪردار نروار ٿئي ٿو. جيڪو پنھنجي مالڪ جو سامان چوري ڪندو رهي ٿو ۽ پڪڙجي پوي ٿو تہ تاڙي خاني مان ٿي ڪري، منجهي نجومي وٽ اچي ٿو ۽ نجومي چويس ٿو:
ڏنگ جو مزو،
چک،
چيو
ماکيءَ جي
مک.

هن ناول جي ڪھاڻين ۾ ننڍڙيون ڪھاڻيون آهن. انھن ۾ ڪيئي ڪردار آهن. رئيلزم سان ڀرپور هي ناول ٻوليءَ، تشبيھن ۾ شاهوڪار آهي. ناول ۾ موجود ڪھاڻيون ۽ پلاٽ سان جڙيل مک قصي ۾ ايڏي تہ سنسني آهي جو پڙهندڙ کان رهيو نہ ٿو ٿئي، ڪھاڻيون ڪردار رومانوي، حقيقي ۽ پيڙائن سان ڀريل ڳالھيون هلندي اچي آخري نجومي جي ڪھاڻي تائين پڄن ٿيون.
جيڪو خود هڪ ڪو نجومي نہ هو پر هُو اهيو سڀ بي روزگاريءَ ۾ ڪري رهيو هو.
قسمت هڪ اهڙو موضوع آهي. جيڪو ماڻھو کي صدين کان پريشان ڪندو رهيو آهي ۽ هن ناول جا ڪردار بہ قسمت جي هٿان مجبور آهن. هنن وٽ ٻي ڪا بہ واھہ ناهي سواءِ نجومي جي طوطي جي ان رقعي کي کولي پڙهڻ جي، جنھن ۾ ڪي اڻ ڄاتا خيال قسمت جو روپ وٺي لڪل آهن.
رحمت پيرزادي هن ناول تي تنقيدي نقطو اهو اٿاريو آهي تہ نجومي پنھنجو ٿيلھو ايندڙ جنم جي لاءِ مندر ۾ رکي اچي ها تہ داستان پورو ٿي وڃي ها.
مون کي اها تنقيد غيرضروري لڳي جڏهن تہ اها تنقيد نہ پر صلاح ٿي سگهي ٿي. پر صلاح بہ ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ ڪو منطق نہ ٿي رکي.
ناول جو سڄو ماحول سکر ۽ خيرپور جو پسمنظر رکي ٿو. ان کان پوءِ ڪوچوان جو ڪردار آهي. جنھن تي زال سدائين ڪاوڙيل هوندي آهي. سنڌ جي ٻئي هڪ شھر شڪاپور جي منظرنگاري ليکڪ هيئن ڪئي آهي:
”شڪاپور جي ڳاڙهي بازار جون افغاني ڪڃريون هر هنڌ چيلھہ لوڏي پئي نچيون.“ ص55
اڄوڪي دؤر ۾ شڪاپور جو اهو اوج ناهي رهيو نہ اها خوشحالي جو ان ۾ افغاني جليبيون نچن، هاڻي افغاني ڪڃر سڄي سنڌ فتنا ۽ ڀيل ڪري رهيا آهن.
ڪوچوان جي ڪھاڻي ۾ ملھہ ۽ قيدي جو ڪردار بہ آيا آهن جيڪي پڻ قسمت جا ماريل آهن.

شوڪت حسين شوري موجب: ”هي ناول گهڻ رخي بياني واري انداز ۾ لکيل آهي. ناول جو پلاٽ ۽ ان جي Larger Theme انساني ناآسودگي آهي. جنھن جو بنياد فلسفي تي رکيل آهي.“ (7)
رحمت پيرزادي هن ناول کي واقعاتي ناول ڪوٺيو آهي. جيڪو درست بيانيو ناهي. هي ناول فلسفي جو بيانيو رکندڙ آهي. ان لاءِ اڪبر لغاري صاحب جو پوائنٽ آف ويو اهم آهي. هي هڪ فلاسافيڪل ناول آهي. جنھن جي سمجهاڻي شروعات ۾ ڏني وئي آهي.
اڳتي هڪ وڪرو ٿي ويل نوجوان جي ڪٿا اچي ٿي. جيڪو پنجن سالن جي ڄمار ۾ خانہ بدوشن وٽ وڪرو ٿي، انھن سان سرڪس جا ڪرتب ڏيکاري ڏيکاريندو رهي ٿو ۽ سرگس جي محرر جي ڌيءَ سان هن جو پيچ ٿي وڃي ٿو. اها هن سان بيوفائي ڪري شينھن کي نچائيندڙ سان سنڀوڳ ڪري ٿي. نوجوان ان کي تير هڻي ماري وجهي ٿو. نجومي هن کي چوي ٿو:
نہ مئو،
نہ ڄائو،
جيءَ اندر،
جيءُ،
ماڻھو پنھنجي،
پيءُ.

هن ناول کي ننگر چنا اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي. جنھن جو ڪافي حصو ادبيات اڪيڊمي پاڪستان جي ادبي مخزن ۾ ڇپيو آهي. رسول ميمڻ جي ناول نويسي جي حوالي سان ننگر چنا لکي چئي ٿو:
ننگر چنا کے مطابق: "رسول میمن جدید سندھی ادب کا ایک معتبر حوالہ ہیں۔ انہوں نے سندھی ناول میں جو رنگ بھرے ہیں وہ انمٹ اور لازوال ہیں۔" (8)
پوءِ وري هڪ بدنصيب شخص جو ڪردار آهي ان ئي ڪھاڻي ۾ ناول نگار جي منظرڪشي ڪرڻ واري لفظ گيري ڏسو:
”سياري جو وڻ جهڙ ۾ تبديل ٿي ويندا هئا، ڪو وڻن هيٺيان ويھندو هو تہ پنن تي ماڪ ٻار جيان بانبڙا پائيندي لھندي هئي. ان ڳوٺ جو قبرستان سڀ کان پرسڪون جاءِ هو. قبرون ڪوهيڙي جي چادر پائي ڌرتيءَ جي سيني کي ٻارن جيان چھٽيل هيون.“ ص63
ٻئي هنڌ وري هيئن منظر آهي:
”مھاڻي اڳيان صندل تي مڇيون ائين هيون، جيئن اهي اکيون کولي ڪنھن ٻوڏ جو انتظار ڪنديون هجن.“ ص87
بدنصيب شخص جو زال کي معطمن نہ ٿو ڪري سگهي پر جنسي خواهش پوري هجڻ ڪري زال هن کان پري هجڻ ڪري مسئلا ٿين ٿا. نجومي هن کي چئي ٿو:
”ٽيپو ٽيپو ٿي
ڪري پيس،
جيئن سوچيو
تيئن
ٿي پيس.“

ڪھاڻي جي واڌ ۾ هڪ سبزي واري جي ڪھاڻي آهي. جنھن کان زال طلاق وٺي ٿي پر پڇتائي ٿي تہ نہ مان بس واپس مڙس وٽ ويندس پر ائين نہ ٿو ٿئي مذهب وچ ۾ اچي وڃي ٿو ۽ ان جو ”حلالو“.
ناول جي هن حصي ۾ ليکڪ ”حلالي“ ڏانھن ڌيان ڇڪايو آهي پوءِ ان عورت جو حلالو ٿئي ٿو ۽ هوءَ هڪ مھاڻي سان پرڻجي وري طلاق وٺي ساڳئي مڙس سبزي واري سان شادي ڪري ٿي پر سبزي واري کي هن جسم مان مڇيءَ جي ڌپ اچي ٿي.
حلالو عورت کي يا مڙس کي سزا ڏيڻ لاءِ مذهب رائج ڪيو آهي. پر جڏهن عورت اڳ ۾ ئي غلطي مڃي ٿي پڇتائي ٿي تہ اهو سڀ ڇو؟ ليکڪ خبر ناهي ڇو ان تي تنقيد ئي نہ ڪئي آهي البتہ نجومي سبزي واري کي چوي ٿو:
”ڇو ٿو مارين
فقير.
لٺ سان
نانگ جي
لڪير.“

ائين هن ناول ۾ ٻيون الاهي ساريون ڪھاڻيون ۽ ڪردار آهن جي نجوميءَ جي سڻي هليا ٿا وڃن پنھنجي زندگي ۾. پوڙهي جي پٽ جو ڪردار، هڪ پرهيزگار جو ڪردار، سيٺ ۽ نوڪر جو ڪردار، ڊاڪٽر جو ڪردار، مرشد، اڳتي وري هڪ سيٺ جو ڪردار اچي ٿو. هنن سڀني جو حيرت انگيز قصو آهي. جن ۾ انھن جو مقدر لکيل آهي. انھن ڪھاڻين جي اکيل نہ ٿو ڪيان ۽ پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو تہ اهي خود پڙهي نتيجو اخذ ڪن.
آخر ۾ طوطي جو ڪردار آهي. جنھن کي آئون هن ناول جو مک ڪردار چوان ٿو. جيڪو لفافي ۾ ويڙهيل دنيا جي حقيقت ظاهر ڪري ٿو. هرهڪ ڪردار پنھنجي منطقي انجام تي پڄي ٿو. ڪنھن کان ڪھڙي غلطي ٿي؟ ڪھڙي بھتري؟ ڪھڙي بند ڪم؟ ڪھڙو نيڪ؟ اندر جو آواز سڀ عدم جا مسافر لڳن ٿا.
آخرين نيٺ طوطو پاڻ مري، نجوميءَ کي زندگي بخشي ٿو وڃي ۽ نجوميءَ کي موت ڳاڙهي رنگ جيان هيٺ هاريل نظر اچي ٿو.


حوالا:
1. Source: eng-literature.com
2. ڪاوش دنيا، سنڊي مئگزين، حيدرآباد، صفحو 12، 2021ع.
3. اڪبر لغاري، نجومي هڪ ڏاهپ جو ڪتاب، رسول ميمڻ، لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا، 2021ع، ڊجيٽل پبلشنگ هائوس ٽنڊوالھيار
4. منير چانڊيو، سڦلتا ڪتابي سلسلو حيدرآباد، 2022ع نمبر 28.
5. رحمت پيرزادو، هاڻي سعدي ٽائون ڪير ويندو؟، ريکائون مئگزين ڪراچي، 2022ع.
6. ساڌ ٻيلي جو ديوتا، آدرش، ارشاد شيخ، ٽماهي پوپٽ مئگزين، 2017ع، ص77.
7. رسول ميمڻ جا ناول، شوڪت حسين شورو، ڪاوش دنيا، سنڊي مئگزين، حيدرآباد، 7 فيبروري، 2016ع.
8. نجومی ، رسول میمن، سندھی سے ترجمہ ننگر چنا، ادبیات، اکادمی ادبیات پاکستان، اسلام آباد

اسٽيل جا پنج گلاس ـ تاريخي ناول

هن ناول جو بيانيو صفا نئون آهي. سنڌ جي جديد تاريخ کي افسانوي رنگن ۾ ڦلھوريو ويو آهي. هونئن تہ سنڌيءَ ۾ مختلف شھرن جي پسمنظر ۾ چڱا ناول لکيل آهن جيئن سانگهڙ، يا ڪراچيءَ بابت ”ڪيڏو قهر ڪلاچ ۾، دهشتگرد“ ناول آيل آهن. پر هيءُ ناول پوري سنڌ جي شھرن جي منظرن سان ڀريو پيو آهي. اهي ڪيئن جڙيا آهن، انھن ۾ ڪھڙا واقعا رونما ٿيا آهن، جيڪي تاريخي طور تي وڏو موڙ ثابت ٿيا. انھن کي اتم انداز سان بيان ڪيو ويو آهي.
ائين اسٽيل جا پنج گلاس ويجهي اتھاس جو شاندار ناول آهي. جنھن ۾ سياست/آپي شاهي جھڙن ڏکين موضوعن کي سھنجائي سان عڪس بند ڪيو ويو آهي. هن ناول ۾ آتم ڪٿائي انداز بہ گهڻو آهي. جيئن پاڻ ليکڪ هڪ انٽرويو ۾ هن ناول بابت هئين ٻڌايو آهي.

”شاعر حبيب ساجد جو سوال: توهان Auto Biographical Novel بہ لکيو آهي؟
رسول ميمڻ جواب ڏنو هو تہ: ”ها مون لکيو آهي، ”اسٽيل جا پنج گلاس“ اسٽيل جا پنج گلاس منھنجي ماءُ کي ڏاج ۾ مليا هئا. ايترا تہ مضبوط آهن جو اڃا تائين موجود آهن. اسان جي Generations انھن گلاسن کي استعمال ڪيو- انھيءَ وچ ۾ شيشي جا گلاس آيا، ڀڄي پيا... سو انھيءَ پس منظر ۾ مان اهو ناول لکان پيو.“ (1)
هي ناول سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تاريخ بہ آهي، ڇو تہ ليکڪ چئي ٿو اسٽيل جا پنج گلاس، پر جيڪڏهن اسان اڃا ٿورو پوئتي وڃون تہ ان ۾ ٺڪر، ۽ پوءِ جست جا گلاس استعمال ٿيندا هئا. سنڌ ۾ ڪھڙا دستور هئا سنڌي ڪيئن ڊنل ۽ هيسل جي رهيا آهن، ان کي جادوئي حقيقت نگاريءَ سان پيش ڪيو ويو آهي. هن ناول جي اڻت ۾ هر طبقي جا انسان جا مامرا ليکڪ سامھون آندا آهن.
جيئن صفحي 18 تي: ”ايوب خان جي ڏينھن ۾ مارشلا جي وڏي دهشت هئي. ماڻھو پوليس کان ڊڄندا هئا پر فوج کي اعزارئيل سمجهندا هئا.“

ناول نگار نور جوڻيجي موجب:
”اسٽيل جا پنج گلاس يقينن، نہ فقط موضوع بلڪ ناول جي هڏ ۽ فارميٽ ۾ پڻ مختلف آهي پر هن ڊايليڪٽ ۾ جو هي سنڌي ادب ۾ واحد ناول جي اندر يادن جو وهڪرو ائين آهي جيئن سمنڊ منجهہ لھرون هونديون آهن.“ (2)
اها حقيقت آهي تہ هن ناول ۾ موضوع ۽ يادگيرين سان جيڪو تيز تر Panorama وڏو ڇڪيندڙ آهي. ون يونٽ جي جدوجهد، فوجي آمر حڪمرانن جا ڪھڙا مفاد ۽ نفسيات هئي. عام ماڻھو ڪيئن جئي رهيو هو.
هو لکي ٿو: ”چون ٿا ايوب خان جي وهاڻي کي بہ فوجي شوَ پاتل هوندي هئي.“ ص_19

تجزيي نگار ۽ صحافي نثار کوکر مطابق:
”هن ناول ۾ سنڌ جي ورهاڱي واري تاريخ کان ويندي ون يونٽ تائين، ايوب خان ۽ ڀُٽي جي اقتداري دؤر کي اهڙي تہ سولي انداز ۾ ڪردارن هٿان بيان ڪيو ويو آهي جو هي ناول ان دؤر جي سياسي تاريخ تي عوامي راين جي تاريخ بڻجي پوي ٿو.“ (3)
رسول ميمڻ جو هي ناول مٿئن رايي جي روشني ۾ مختلف دؤر پاڻ ۾ گڏ کڻي هلي ٿو ۽ انھن کي پاڻ سان جوڙي بہ ٿو. ناول نگار کي انھن ڪمال است ڪاريگري سان پورو ماحول ٺاهيو ويو آهي.
رسول ميمڻ هن ناول جي مھاڳ ۾ پيش لفظن ۾ لکيو آهي تہ ”ناول اسٽيل جا پنج گلاس سوانحي يا آتم ڪٿائي ناول نہ آهي پر اهو وسري ويل پراسرار يادن جي ناسٽلجيا آهي.“ (4)

”اسين سڀ ٻار صبح سان ورڪشاپ روڊ جي ڪناري تي ڪٺا ٿياسون. مان گهران پاڻي جي بوتل ۽ شيشي جا گلاس کڻي آيس.“ ص_20
منھنجي خيال ۾ ايوب خان جي دؤر ۾ بوتل کڻڻ جو رواج ڪو نہ پيو هو. اهو اڄ جي دؤر جو ڪلچر آهي. جڳ گلاس ان زماني ۾ پاڻي ڀرڻ جي لاءِ ڪتب آندا ويندا هئا.
ناول نگار صفحي 41 تي اهو ڏيکاريو آهي تہ طوطا قبرستان ۾ وڃي کٻڙن ۽ ڏرن ۾ آنا لاهيندا آهن. طوطا تہ وڻن تي آنا لاهيندا آهن. اهڙا سوراخ جن مان نانگ نڪري اچن ان ۾ مينا آنا ڪيئن لاهيندي.
هڪ هنڌ لکي ٿو: ”مائي پٺاڻي جو پٽ قادر بخش جنھن کي قادو چوندا هئا. اهو شھر جو نامي گرامي غنڊو هو. چرس وڪڻندو هو ۽ ور ۾ چاڪو رکندو هو. اهو ٻاهر نڪتو ۽ اچي شعبان کي ڪنڌ کان ورتائين.“ ص30
هن ڳالھہ ۽ ڪردار جو رسول ميمڻ جي ڪنھن ٻئي ناول يا ڪھاڻي ۾ ذڪر آيل آهي. ڇو تہ هي ناول سندس يادگيرين تي مشتمل آهي، ان ڪري رسول صاحب کان اهو ياد نہ رهيو آهي.
هي ناول سنڌ جا مختلف دؤر جا منظرناما سمائي هلي ٿو. جيئن ون يونٽ جي زماني بابت ناول نگار لکي ٿو:
”ون يونٽ واري وقت کي برڪيٽس ۾ لکيو ويندو هو. ڪلاس ۾ جيڪي ڪورس جا ڪتاب هوندا هئا. انھن جي پھرين صفحي تي سنڌ کي بريڪيٽس ۾ ڏسي غلاميءَ جو احساس ٿيندو هو. ڇو جو عادت ٿي وئي هئي.“ ص47
ان وقت ۾ رنڊين جا رويا ۽ سماجي هارمني جو ليکڪ هيئن بيان ڪيو آهي:
”اتي مون ڪڏهن مولويءَ کي رنڊين خلاف تقرير ڪندي نہ ٻڌو. هر جمعي تي رنڊيون مسجد ٻاهران نماز کان پوءِ ٻارن کي ڏاڪن تي ويھاري چانور کارائينديون هيون. مان بہ اهي چانور کائيندو هوس. مون کي انھن جو ذائقو نہ وڻندو هو. ص48
سينمائن جو پنھنجو هڪ شوق هوندو هو. ماڻھو وڏي ڇڪ سان سينمائن جو رخ ڪندا هئا. اهڙو منظر ناول نگار هيئن چٽيو آهي:
”شھر ۾ ماڻھن لاءِ تفريح جو واحد وسيلو اهي سينما گهر هوندا هئا. جن اندر فلم ڏسڻ دوران ماڻھو تيل جي ڪڙهائين ۾ پيل پڪوڙن جيان ترندا هئا. جسم مان پگهر مٿي کان وهي پيرن تائين هيٺ وهندو هو.“ ص49
اسٽيل جي پنجن گلاسن مان مطلب پاڪستان جا پنج صوبا آهن. ملڪ ۾ جهموريت ۽ مظلوم قومن جي حقن ۽ ملڪي آئين، تاريخ بہ هن ناول جو حصو آهي. ناول نگار جي لکڻ جو ڏانءُ ڪمال جو آهي. هُو لکندي لکندي اهڙي ڳالھہ ڪري وڃي ٿو جو پڙهندڙ دنگ رهجي وڃي ٿو. جيئن هي ڳالھہ:
”حيرت جي ڳالھہ آهي عربن سنڌ تي حڪمراني ڪئي ۽ اسان انھن کان ڪجهہ نہ سکيو. اسان مسلمان ٿي وياسين ۽ عرب عرب آهن.“ ص54
هي بہ هڪڙو ڪڙو سچ آهي تہ اسڪول ۾ عربي ۽ اسلاميات جا استاد اسان کي ڏاڍو ماريندا هئا. ائين ئي ناول نگار بہ اهڙي ڪردار بابت لکيو آهي. جيڪو ٻارن کي ماري ٿو. لکي ٿو:
”جيڪو بہ استاد ماستر ڪلاس ۾ داخل ٿيندو هو. اچڻ سان اٿ ويھہ ڪرائيندو هو ۽ هوم ورڪ پورو نہ هجڻ جي صورت ۾ تشدد ڪندو هو. عربي ۽ اسلاميات جا استاد ۾ ان ڳالھہ ۾ سڀني کان اڳرا هوندا هئا.“ ص 56
هن ناول ۾ روهڙي ۽ سکر جا روڊ رستا ۽ چوڪ، بازارين جو تاريخي ۽ جمالياتي منظر آهي ۽ کجين جي شھر جي کجين جا عڪس ۽ رقص آهن تہ انھن جي جنسن ۽ پيداواري اپت جي اهميت جي بہ ڳالھہ آهي. ناول نگار ٻڌائي ٿو تہ ان دور ۾ کارڪ صوف جيڏي هوندي هئي.
رسول ميمڻ ۾ تنقيدي شعور جي وڏي حس هئي هن جو شين کي ڏسڻ بہ انوکو آهي، هو پنھنجي اندر جي اک سان ايترو تہ گھرو ڏسي ٿو جو هن جا هڪ ئي وقت انيڪ پاسا آهن.
لکي ٿو: ”فوج جو اثر ڪلاس رومن تائين محدود نہ هو پر مذهب بہ ان جي زير اثر اچي چڪو هو. ماستر مطلباڻي ڪڏهن موڊ ۾ هوندو هو تہ هڪ شاگرد عبدالغفار پاڻ ئي چوندو هو ”سائين نعت ٻڌايان؟“ ص56
تاڙي جو ذڪر رسول ميمڻ پنھنجي پھرين ناول نجومي ۾ بہ ڪيو آهي. ان ناول ۾ بار بار ذڪر ٿيل آهي. هتي لکي ٿو:
”تاڙي سنڌ جو تاريخي بيئر آهي. سکر جي ڀرپاسي کجين جا باغ آهن. اهي انھن ڏينھن جا يادگار آهن. اهي انھن ڏينھن جا يادگار آهن. جڏهن محمد بن قاسم ارڙو جي حملو ڪيو. عرب فوجين کارڪون کائي کوکڙيون اڇلايون تہ اهي وڻ ٿي پيا. سنڌ جي موسم عرب جھڙي، جنھن ڪري هتي بہ رسيل کارڪون عام آهن.“ ص70
هونئن تہ رسول ميمڻ فلسفيانہ ۽ مدبرانہ خيال رکندڙ ليکڪ آهي ۽ هن جي هي جملي ۾ گهرائي آهي. پر ڪٿي ڪٿي هو مبالغه آرائي بہ ڪري ٿو جيئن هو لکي ٿو تہ:
”سنڌي ماڻھو ڀل بخار جي دوا نہ وٺي پر پئسا بچائي قوت باھہ جي دوا ضرور وٺندو. مان اهڙي مريض کي سڃاڻان جنھن قوت باھہ تي ايڏو خرچ ڪيو هو. جو هن رڌڻي جي باھہ وسامي وئي. هن جا ٻار سکڻي ڪنيءَ چوڌاري بک کان رڙيون ڪندا هئا ۽ سندن ماءُ پيٽ جي باھہ وسائڻ لاءِ کين هر هر پاڻي پيارئيندي هئي.“ ص 81
جمھوريت، اشتراڪيت، آپي شاهي، مذهبي انتھاپسندي تي ليکڪ جو تبرو ۽ تنقيد اهڙي تہ کري ۽ چٽي آهي جو پڙهندڙ جو ذهن حيراني جي حد ٽپيو وڃي ٿو.
صفحي 92 تي ليکڪ جناح کي جهيڻا ڪوٺيو آهي ۽ ائين ئي هن اک ڇنڀ ناول ۾ اهو نالو ڏنو آهي، ان بابت هن جو هيئن چوڻ آهي: ”هن جو ڏوھہ نہ هو. دراصل اسان جي ملڪ ۾ اعظم ايڏا تہ آهن جو جيڪڏهن قائداعظم کي اها خبر هجي ها تہ هو ڇڙو محمد علي سڏائي ها. باقي جناح تہ سندس صحت هئي، ڇو جو جهرڪن جي ڳوٺ ۾ ڊگهن ۽ سنھن کي ”جهيڻا“ ڪوٺيندا هئا، جيڪو لفظ جناح ۾ بدلجي پيو.“
بنگال جي ورهاڱي تي ليکڪ جو رايو بہ وڏي دور رس سياسي نگاھہ وارو رايو آهي جيڪو هتي حوالي طور نہ ٿو ڏيان. بنگالين کي ٽئگور جي خبر ناهي ۽ سعودي جي عربن کي محمد بن قاسم جي خبر ناهي ائين سنڌين کي شاھہ لطيف جي ساڃاھہ ڪونھي.
باب چوڏهين ۾ ليکڪ قومي تحريڪ، سياست، سائين جي ايم سيد ۽ ڀُٽي تي کليو کلايو ڳالھايو آهي. شيخ اياز جي ڀڄي وڃڻ جو تذڪرو ڏاڍاو مزيدار ڪيو اٿس.
ناول نگار جو اسلوب بيان جو انداز ۽ مختلف شين بابت سندس نقطہ نظر:
 ”ڀٽي صاحب کي ڦاسي کان پوءِ مون ائين محسوس ڪيو سنڌ هڪ سال اندر آزاد ٿي ويندي پر ائين نہ ٿيو. ص110
 جنرل ضيا ايجنسين ذريعي ڪجهہ سنڌي قومپرست اڳواڻ پيدا ڪيا، جيڪي اڄ ڏينھن تائين پگهاردار آهن ۽ ٻئي ايم ڪيو ايم جو بنياد وجهي سنڌ جي طاقت کي ٽوڙي وڌو. ص110
علامتي انداز ۾ رياست تي تنقيد جو انداز ڏسو:
”تنھنجا اهي اسٽيل جا گلاس ڪنھن ڪم جا نہ رهيا آهن. انھن کي سنڌو درياھہ ۾ اڇلي اچ. جيئن ڏيڏر استعمال ڪن.“ مون هن جي جواب تي غور ڪيو ۽ پوءِ چيو ”ائين نہ چئو هدايت الله، اهي اسان جي وڏڙن جي نشاني آهن.“
منھنجي جواب تي کيس ڪاوڙ لڳي.
”ڌوڙ پئي آهي وڏڙن کي. هن چيو. ”نہ وڏڙا اهڙو ڪم ڪن ها، نہ اهي اسٽيل جا چار گلاس اسان جي ڳچيءَ ۾ پون ها.“ ص111
سنڌي ادبي تاريخ ۽ سنڌ ۾ راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي جهڳڙي جو تضاد جيڪو غيرمنتقي طور محمد بن قاسم کي هيرو چيو ويندو آهي. رسول ميمڻ ڪيترن ئي اهڙن تاريخي مفروضن کي رد ڪيو آهي. هُن ان حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تي تنقيد ڪري لکي ٿو:
”محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو تہ سنڌين ان جو هٿيارن سان نه، اجرڪ سان آڌرڀاءُ ڪيو. ڏاهر اقتدار جي جنگ وڙهندي عربن کي ٽوٽا چٻايا ۽ نيٺ برهمڻ آباد بادشاھہ عوام جي مدد حاصل نہ هجڻ ڪري بقول: نبي بخش بلوچ جي ”جهنم رسيد ٿيو.“ چچ نامي ۾ نبي بخش بلوچ ڏاهر کي ڪافر ملعون ڪوٺيو آهي، ڇو جو اسان سنڌين کي پڪو مسلمان ٿيڻ جو شوق آهي. ”چچ نامو“ عجيب نانءُ آهي. سنڌ جي تاريخ جو اهو اوائلي ڪتاب عربيءَ جي هٿ آيل نسخي تان ترجمو ٿيل آهي. عربي الفابيٽ ۾ ”چ“ جو لفظ نہ آهي. ٿي سگهي ٿو اهوچ چ نہ ”ش ش“ هجي، جيئن ششي جنھن جي معنا سج آهي.“ ص141
مسجد منزل گاھہ جي واقعي هو هن طرح بيان ڪري ٿو: ”اسان سنڌي پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو هڻي گهوڙا گهوڙا ڪندا آهيون. مسجد منزل گاھہ جي فسادن ۾ اسان جي وڏڙن جو ڏوھہ هو. اسان جنت جي شوق ۾ پنھنجو وطن دوزخ بڻائي وڌو آهي.“ ص143
مسجد منزل گاھہ جو واقعو هجي، راجا ڏاهر جي تخت تي محمد قاسم جي ڪاھہ هجي يا وري ايم آر ڊي تحريڪ هجي، اهي سڀ سياسي واقعا آهن. جن تي رسول ميمڻ وڏي گهري نگاھہ رکي آهي. هو ان ۾ ڪنھن بہ دٻاءُ نہ آهي پر چٽو ۽ کرو آهي، هو پنھنجي شعوري نگھہ سڀن واقعن تي رکي ٿو.
ايم آر ڊي تحريڪ بابت هن جو هيءُ خيال بہ ڪيڏو نہ سياسي اعتماد وارو آهي:
”پاڪستان جي تاريخ ۾ سنڌين جو هر فعل ملڪ جو استحڪام رهيو آهي. پوءِ بہ سنڌين کي تعصب پرست سمجهيو ويو. ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌين تي نسل پرستي ۽ ملڪ ٽوڙڻ جا الزام لڳايا ويا. اردو پريس سنڌين لاءِ زهر اوڳاڇيو آهي. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ قومپرستن جو حصو ورتو، جن اڻ سڌي طرح پاڪستان جي حمايت ڪئي. سنڌي وفاق پرستن سان گڏ قومپرستن بہ جيل ڪاٽيا.“ ص174
مٿيون ڳالھيون وڏو بحث طلبين ٿيون. ڇاڪاڻ تہ اهي سنڌي جي سياسي تاريخ جا اهم سانحا آهن. جن ۾ سنڌين پنھنجو رت ست پئي ڏنو آهي. ڪراچي بہ هن ناول جي پلاٽ ۾ گهڻين جاين تي موجود آهي، هڪ جاءِ تي لکيو اٿس:
”جناح اسپتال ۽ سول اسپتال ائين محسوس ٿينديون آهن جيئن انھن جون ڀتيون غريبن جي ڪپڙن جيان ميريون هجن ۽ غريبن جي گهر جيان مُٽ جي ڌپ هجي.“ ص153
رسول ميمڻ جو هي ناول سنڌي جي جديد سياسي تاريخ آهي. جنھن ليکڪ سڀني واقعن کي شاهڪار افسانوي رنگ ۾ چٽيو آهي، لکيو آهي. هن ناول تي پنھنجي تجزيي کي رسول ميمڻ جي ئي لفظن ۾ ختم ٿا ڪريون:
”غريبن جا جسم ڏيڏر جيان آهن، جن تي تجربا ڪري اميرن جا ڪامياب آپريشن ڪيا وڃن ٿا، بلڪل ائين ئي جيئن اسان اسٽيل جي پنجين گلاس گم ٿيڻ مان ڪو سبق حاصل نہ ڪيو آهي.“



حوالا:
1. آءُ اسان سان ويھہ...، امر اقبال، پوپٽ پبليڪيشن خيرپور، صفحو 68،2015ع
2. اسٽيل جا پنج گلاس، نور جوڻيجو، سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، ايڊيٽوريل صفحو، 2018ع.
3. هڪ منفرد ناول، نثار کوکر، ڪاوش سنڊي مئگزين حيدرآباد، مئي 16، 2018ع.
4. اسٽيل جا پنج گلاس، رسول ميمڻ، ماءِ پبليڪيشن سکر، 2017ع، ص_10

اک ڇنڀ ـ سرئيلسٽڪ ناول

اک ڇنڀ ناول سررئيلزم ۽ سمبلزم جي تڪنيڪ هيٺ لکيل ناول آهي. هن ناول جو پورو پس منظر ڪراچي شھر آهي. ڪراچي شھر جيڪو سنڌ جي سسي آهي، جنھن ۾ رسول ميمڻ آهي ۽ ڪراچي جي سمنڊ ۾ رسول ميمڻ جي بقول ان جي ڳوڙهن جي نمڪيني آهي. هن ڪتاب جي ارپنا بہ رسول ميمڻ جي ٻين ارپنائن کان الڳ آهي. ان ۾ سندس ڪراچي سان محبت ڇُلڪي ٿي. ناول ڪراچي ۽ ورهاڱي کان اڳ واري دؤر جي سياسي سماجي حالتن جي عڪاسي سان ڀريل آهي.
سريئلسٽڪ ناول جي جيڪڏهن وصف ڪجي تہ اها هئين ٿيندي:
An Artistic attempt to bridge together reality and the imagination.
رسول ميمڻ پنھنجي اعليٰ نثرنگاري۽ فنڪاري سان ڪراچي جي تاريخي حيثيت، ان جون نديون، نالا، ماڻھو، مسلمانن ۽ هندن جا جهيڙا، انگريزن جي حڪمراني، جناح ۽ سائين جي ايم سيد جا ڪردار سرجيا اٿس، اهي سڀ هڪ خوابيده دنيا ۾ اسان جي سامھون اچن ٿا.
ڪھاڻيڪار ۽ محقق مصور حسين موجب:
”هن ناول ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي، ڏاڍ، جبر ٿورو ڪي گهڻو وائکو ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ انگريز دؤر جي ڪجهہ واقعن ۽ قصن کي بہ قلمبند ڪيو ويو آهي.“ (1)
ان کان اڳ ۾ ڪراچيءَ جي پس منظر ۾ زاهد راڄپر جو ناول لکيل آهي. هي ناول سنڌي تاريخي ناولن جو تسلسل آهي. ڪراچي ٻين ناول نگارن جي ناولن جو بہ ڌيان ڇڪائيندي رهي آهي. پرويز ابڙي، غلام نبي مغل جي ناولن ۾ ڪراچي جا عڪس آهن.
دودي چانڊئي جي ناول ”ڪراچيءَ ڏانھن واپسي“ جو مرڪزي خيال بہ ڪراچي ئي آهي. هن ناول ۾ سياسي ٽچ آهي. فني حوالي سان اخباري خبرن ۽ ڪالم وارو اسلوب واڌو آهي. سنڌي ماڻھن کي هنن ناولن مان سنڌ جي مارئي ڪلاچيءَ جي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جي معلومات ملي ٿي. ڪراچي ۾ سنڌين کي ڪيئن عملي ميدان ۾ ڪوششون ڪرڻ کپن. اهو سڀ هن ناول ۾ آهي.
هن ناول جو مکيہ ڪردار عثمان علي، جو تاريخ جو شاگرد ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ آهي. ان کي هڪڙي رات پيءُ پاڻي ڀري اچڻ لاءِ چئي ٿو. پاڻي جيڪو هن دنيا جو وڏي ۾ وڏو مامرو آهي، امام حسين کان ويندي اڄوڪي سنڌ تائين خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ تہ پاڻي جو مسئلو آهي. عثمان علي پاڻي جي لاءِ شھر ۾ نڪري وڃي ٿو. هُو لياري نديءَ ڏانھن اچي ٿو. ان جي ويجهو ئي ڏيڍ سؤ سال قديم پل آهي. اها پل برطانوي راڄ جي دؤر جي آهي ۽ سنڌ ۾ ان دؤر ۾ گورن جي خلاف آزاديءَ جو علم اوڀو ڪيو ويو هو.
عثمان علي عجب حيرت ۾ هڪ نيئن دنيا ۾ هليو وڃي ٿو. جتي وڏيون سھڻيون جايون آهن. هلندي هو هڪ جاءِ وٽ اچي ٿو، جتي ٽھڪن جا جلترنگ هجن ٿا، انھن جي پڙلاءُ پويان هُو هڪ پاڻي جي حوض وٽ پھچي ٿو. جتي مايون تڙڳي رهيون آهن. اتي عثمان علي انگريزياڻي لزا کي ڏسي وائڙو ٿي وڃي ٿو. جيڪا سندس پريميڪا جھڙي آهي. هُو لزا ۾ پنھنجي محبوبہ سوڀيا کي پسي ٿو ۽ هو سوچي ٿو تہ لزا سوڀيا جو ٻيو جنم/روپ آهي.
ان وچ ۾ آزادي پسند ٽولو گهر ۾ گهڙي ٿو ۽ لزا کي کڻي هليو وڃي ٿو. لزا انگريز حڪمران ڪرنل مارٽن جي نياڻي آهي. ڪرنل مارٽن ڪراچي ۾ اهم عھدي تي فائز آفيسر آهي. ڌيءُ جي کڄڻ تي تمام گهڻو پريشان ٿي وڃي ٿو. ڪرنل تہ اتي پر عثمان لزا جي ڳولھا ۾ ڪراچي جي رستن تي هلي پوي ٿو تہ رستي ۾ هن کي ويڙهاڪن جو ٽولو جماعت الخصار ملي ٿو. هنن جو منشور ڌارين کان آزادي وٺڻ آهي. ان ٽولي کي سندن ٻئي ساٿي جو اوسيئڙو آهي. ان ساٿي وٽ هنن جو هڪ سڪو آهي جنھن تي چنڊ تارو اڪريل آهي. اهوئي سڪو عثمان وٽ بہ آهي. اهو ان وقت جو راج السڪه آهي، جنھن مان سندس ساٿي محسوس ڪن ٿا تہ هو اهو ئي آهي جنھن جو اوسيئڙو آهي. عثمان علي انھن کي گهڻو چئي ٿو تہ هي اهو ناهي ان جي باوجود هُو انھن سان ان جنگ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.
ان سڪي جي حوالي سان ناول نگار صفحي 33 لکيو آهي؛ عثمان علي وٽ جيڪو سڪو آهي هو ڏيکاري ٿو. اهو سڪو اخبارن جو هاڪر ڏسي ان کي آزادي پسند سمجهي ٿو ۽ ان کي پتو ٻڌائي ٿو. وري 88 پني تي عثمان هڪ سڪو انگريزن کي ڏيکاري ٿو. اهي پڻ ان سڪي کي ڏسي هن کي ڇڏي ڏين ٿا. مونجهہ اها آهي تہ انھن سڪن ۾ تفاوت ڪھڙو آهي؟ ڇاڪاڻ جو آزادي پسند ۽ حڪمران الڳ ڌريون آهن تہ انھن جون نشانيون جدا هونديون.
ترجمي نگار عبدالڪريم چنا موجب: ”هي ناول فني نگاھہ سان مڪمل ناهي، ان ڪري سنڌي ناول نگاري ۾ ڪو مٿانھون مقام نہ ماڻي سگهندو.“ (3)
منھنجي خيال ۾ ترجمي نگار جي ان راءِ سان اتفاق نہ ٿو ڪري سگهجي، ڇو جو هن ناول جي اچڻ بعد ناول جي نقادن هن تي گهڻو لکيو ۽ ڳالھايو ويو آهي. جنھن ۾ ناول جي ٽيڪنڪ تي بہ لکيو ويو. ان سان گڏ هي ناول جلدي ۾ مارڪيٽ مان کپي بہ ويو. اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد پاران هن ناول کي 2019ع جو بھترين ناول جو ايوارڊ بہ ڏنو ويو هو.

ناول نگار ۽ نقاد ڪليم ٻٽ موجب:
”ڪجهہ جاين تي اهو بہ محسوس ٿئي ٿو تہ هي ناول تڪڙو لکيو ويو آهي، واقعا اچي ۽ ختم ٿيو وڃن، جن جي وضاحت ڪرڻ گهرجندي هئي!!“ (4)
رمزيت واري لاڙي تحت لکيل افسانوي ادب ۾ شين ۽ واقعن جا منظر تڪڙا بدلجندا آهن، ان ۾ ائين تہ نہ چئبو تہ تڪڙ ۾ لکيو ويو آهي. ناول پنھنجي جوهر ۾ ڀرپور آهي. سنڌي ادب ۾ رسول ميمڻ جي فن ۽ فڪر تي ڪافي غيرضروري تنقيد بہ ڪئي وئي. جيڪا اڳتي هلي اڄ مڪمل طور پنھنجي اهميت وڃائي چڪي آهي پر رسول ميمڻ جي تخليق ڏينھون ڏينھن نکري رهي آهي.
رسول ميمڻ جو سياسي شعور اعليٰ قسم جو آهي، هن ناول ۾ هُن جي سياسي تنقيد يا سياسي فيصلن جي باري ۾ سندس احساس گهڻا گهرا آهن. ورهاڱي جي وڇوڙن ۽ واچوڙن تي هوُ جناح ۽ جي ايم سيد تي هڙي نموني لکي ٿو:
ـــــــــــــــــ
ڪارلٽن ھوٽل ڪراچيءَ ۾ سڀ قومپرست، سنڌ جا عظيم ڏاها ۽ تعليمدان ويٺل هئا، اهي مسلمانن جي حقن بابت ڳالھائي رهيا هئا، الڳ ملڪ جو شوق ائين هو جيئن گهوڙن پالڻ جو شوق. عثمان عليءَ نہ ڪئي هم، نہ تم. سڌو وڃي جهيڻا جي پيرن کي پڪڙيو.
”سائين ائين نہ ڪيو.“ هن چيو ”وڏو قتل عام ٿيندو، بي گناھہ ماڻھو مرندا، عورتون اغوا ٿينديون، هجرتون ٿينديون، هيڏانھن جا ماڻھو هوڏانھن تہ هوڏانھن جا هيڏانھن ٿيندا. مذهبي نفرتون وڌنديون. ٻوليون، نسل ۽ قومپرستيون جاڳي پونديون. جنگيون لڳنديون، ملڪ ٽٽندو، ماڻھو دربدر ٿيندا.“
عثمان علي جڏهن جهيڻا جي قدمن ۾ ڳالھائي رهيو هيو تہ جهيڻا پاڻ تقرير ڪري رهيو هيو، اهو سڀني سامھون بيٺل هو. تقرير ۾ ساڳيا جملا ورجائي رهيو هو جيڪي عثمان ان جي قدمن ۾ چئي رهيو هو. پر ان جي ورجايل جملن ۾ عثمان عليءَ جي جملن جو ضد هو. جهيڻا جي ڳالھہ سڀ ٻڌي رهيا هئا، پر عثمان علي ڄڻ ڀت سان ڳالھائي رهيو هو. ڀت کي ڪن هئا ۽ ڀت ڳالھائي رهي هئي.
عثمان علي سيد سان ان ڪري ڳالھائي نہ سگهيو ڇو جو سيد ماني جهلي هئي، جڏهن هٿن ۾ ماني جهليل هجي تہ رحمدل ماڻھو ڀورا ڪري پکين کي کارائيندو آهي، سيد مصروف هو ۽ هن جي مانيءَ تي هڪ اهڙو جهرڪ لٿو جنھن کيس ٻڌايو تہ ”هو جهرڪن ۾ نہ ڄايو آهي.“ سيد کيس دلجاءِ ڏني تہ ”هو ڪوشش ڪندو تہ جهرڪ پکين ۾ شمار ٿئي ڇو جو سنڌ، هند ۾ شمار ٿئي ٿي، وقت ايندو جو سنڌ، هند ۾ شمار نہ ٿيندي، ان لاءِ هو سڀ کان پھريون سنڌ اسيمبليءَ ۾ اهڙي قرارداد پاس ڪرائيندو جيئن سنڌ ڪٿي بہ شمار نہ ٿئي.“
جهيڻا خوش ٿي سيد جي پٺي ٺپي ۽ ٺپڻ جي آواز تي ڄڻ عثمان عليءَ جا ڪن ڦاٽي پيا. هن ٻئي هٿ ڪنن کي ڏنا ۽ محسوس ڪيو جيئن ڇنڊڻ ڪري تاريخ جي صفحن تان مٽي اڏامندي هجي.“

عثمان علي جا اڌما اصل ۾ رسول ميمڻ جا پنھنجا آهن، جن کي هن عثمان جي وسيلي اظھاريو آهي. اڪثر افسانوي ادب ۾ ورهاڱي بابت سائين جي ايم سيد تي تنقيد ڪئي ويندي آهي. ان جو اڳ پٺ سمجهہ ۾ نہ ايندو آهي. پاڪستان ٺاهڻ جي ايم سيد جو ڪو ايڏو وڏو ڏوھہ بہ نہ هو اهو سڀ ان وقت جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حالتن جي مرهون منت هو.
ناول نگار نور جوڻيجي موجب: ”سمورو ناول واقعي اک ڇنڀ جيان اندر ۾ لھي وڃي ٿو. اکيون عثمان علي ۽ لزا بڻجي وڃن ٿيون ۽ مان عثمان جي ڪرمنڊل مان پاڻي پي شديد اڃارو ٿي پيو آهيان. اهڙي دنيا جو سير نصيب ٿيو، جيڪا اڳ ۾ ليکڪ جي هئي پر هاڻي منھنجي حواسن ۾ سمايل آهي.“ (2)
هن ناول جي منظرنگاري بيحد وڻندڙ ۽ سگهاري آهي. پڙهندي پڙهندي پاٺڪ ماضي جي جهروڪن ۾ جهاتيون پائيندو هليو وڃي ٿو. ماضي ۽ حال کي جوڙي ناول جي پس منظر ۾ آڻڻ جي اڳ ۾ ڪنھن سنڌي ناول آهي تہ اها سراج جي ناولن ۾ آهي. پر اها سنڌ جي قديم ترين دؤر تي مبني آهي. رسول ميمڻ جو نثر سنڌي ۾ فلسفيانہ ۽ فڪر انگيز آهي. ائين هن ناول ۾ هن جا استعارا، پروڙ جي قوت، تشبيھون ۽ سندس سوچ ڪمال جي ڇڪ رکندڙ آهي، جيڪا پڙهندڙ کي سوگهو ڪيون بيٺي آهي. سندس نثر جو خوبصورت جا ڪجهہ ٽڪرا هتي ڏجن ٿا:
اِنسَان جَڏهِن اِنسَان جي رُوپ ۾ ڌَرتي کي قَبُول ڪَندو تہ: ” اُھا بَھِشَت ٿي پوَندي،“۽ حُورَن جي سَحِر مان نِڪري عَورت کي مَانُ ۽ رُتبُو ڏيندو، اُن جا ٻار فَرشتا ٿي پوَندا، ۽ ڌَرتي جو پاڻي پِي،شَرابَن طَھوره وِسَاري وِيھَندو.“
ماڻھو پاڻيءَ ۾ ۽ پاڻي اکين ۾ ترندو آهي. اکيون جسم جي ڀريل جام جو ڪنارو آهن ۽ ڪنارن کان پاڻي ڇلڪي پوندو آهي. ص_10
پھريون دفعو مون محسوس ڪيو تہ پاڻي ذائيقدار تڏهن هوندو آهي جڏهن ان کي ذائقو نہ هجي. ص_32
ڌرتيءَ اندر جتي ندي ۽ سمنڊ پاڻ ۾ ملندا آهن، اتي ذائقي جي معنيٰ بدليل هوندي آهي. ائين جيئن مذهب پاڻ ۾ ملي مذهب جي وصف بدلائي وجهندا آهن. ص_42

رسول ميمڻ هن ناول جي باري ۾ مھاڳ ۾ هن کي هڪ خواب ناڪ ناول ڪوٺيو آهي. ليکڪ ماضيءَ ۾ وڃي قديم ڪردارن کي جيئرو ڪري واقعا ور ي ورجايا آهن، جن جي ڪري سنڌ ڀوڳيو يا ڀوڳي رهي آهي. ڪراچي، سنڌ جا سياسي مدبر، سنڌ جون بدحاليءَ جو حالتون هن ناول جي پيش منظر ۾ آهن.

ناول نگار محبوب سنڌي موجب:
”هي ناول سنڌ کي تاريخي وطن هئڻ واري مالڪي نہ ملڻ جي پسمنظر جو هڪ دستاويز آهي.“ (5)
ورهاڱي کان اڳ جون تحريڪون، شخصيتون ۽ واقعا ليکڪ نھايت گھرائي ۽ سچائي سان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنھن ۾ هو ڪامياب ويو آهي. ناول ۾ ورهاڱي جو نقصان ڪيترو ٿيندو ان بابت بہ ليکڪ پنھنجا ويچار ونڊي ٿو. باهيون فساد، قتل ۽ غارت جنھن بابت ڪراچي ۾ ٻڌندا آهيون. ليکڪ اهي منظر چٽا ڏنا آهن. جيڪو وڏو فن آهي. ناول ۾ ڪراچيءَ جي ٻيٽن جو ذڪر بہ ڪيو ويو آهي جيڪو تاريخي طور تي تمام گهڻو اهم آهي.
ڪٿي ڪٿي ناول نگار ڪردارن کان اهڙا بہ جملا چورايا آهن جن کي قبولي نہ ٿو سگهجي. جيئن هو هڪ ڪردار واتان چورائي ٿو تہ عورت ڪمزور آهي. عورت تي هونئن بہ گهڻن ناولن ۾ اهڙا مڪالما شامل ٿيندا رهيا آهن. عورت قديم دور جي هجي يا جديد دؤر جي هجي اها هر موڙ تي ديوي آهي وڙهي ۽ ميدان عمل ۾ رهي آهي.
سنڌي ادب جو هي ناول رسول ميمڻ جي خوابيدہ اکين جو ڪمال آهي.



حوالا:
1. مصور حسين، اک ڇنڀ، ناول، سڦلتا مئگزين حيدرآباد، 2022ع.
2. اک ڇنڀ، عبدالڪريم چنا، فيس بوڪ پوسٽ، 26 سيپٽمبر 2019ع.
3. ڪليم ٻٽ، روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، ايڊيٽوريل پيج، 2021ع.
4. اک ڇنڀ ناول جو سحر، نور جوڻيجو، فيس بوڪ پوسٽ، 25 سيپٽمبر 2021ع.
5. ناول اک ڇنڀ جو جائزو، محبوب سنڌي، روزاني سوڀ حيدرآباد، 6 سيپٽمبر 2021ع.

ناول ڪتا ـ احساسن جو Volcano

رسول ميمڻ پنھنجي تخليقن ۾ علامتي انداز تمام گهڻو اپنايو. هن جي هر سٽ ۾ علامت آهي. علامتن ۾ لکندي هو هاڻي سنڌي ناول ۽ ڪھاڻي جي وڏي علامت بڻجي ويو آهي. هن وٽ سماجي حقيقت نگاري بہ چٽي آهي. رسول ميمڻ سنڌي افسانوي ادب ۾ حقيقت نگاري جو هڪ وڏو نانءُ آهي. رسول ميمڻ جا ناول ۽ ڪھاڻيون وڏي تحقيق طلب تخليقون آهن.
ڪتا- ناول ۾ زندگي جيئن آهي ان کي اوئين پيش ڪيو ويو آهي جيڪڏهن مان ائين چوان تہ اڃا بہ واضح ۽ چٽو ڪري آندو ويو آهي تہ ڪا خامي نہ ٿيندي. زندگيءَ جي ڪڙاڻ ۽ تلخي، انھن جي حقيقتن جي سچائي ليکڪ پڙهندڙن کي ڏيکاري ٿو پوءِ ڀلي اهي ان کي پسند ڪن يا نہ..!
سماج ۾ موجود وارتائن، حقيقتن کي ادب ۾ پيش ڪرڻ کي حقيقت نگاري چيو ويندو آهي ۽ رسول ميمڻ وٽ حقيقت نگاري جو وڏو ڏانءُ آهي. هو هڪ ڏاهي جيان انھن جي اڊيڙ ڪري ٿو.
ڪتا- ناول جي ارپنا کان شروع ڪريان ٿو... ”سڌي ليڪ جي نالي...“ مون ان کي پڙهي هڪ نظر وجهي، ناول پڙهڻ شروع ڪيو پڙهندي پڙهندي اچي هن سٽ تي اٽڪي بيھي رهيس...
”مانيٽر ۾ هلندي هڪ سڌي ليڪ ظاهر ٿي، هو گذاري ويو.“ ص 58
منھنجي اندر ۾ وڍ پئجي ويا، ناول رکي سوچن ۾ پئجي ويس. اها سڌي ليڪ هن جي اولاد هئي. ان ليڪ کي اهي سمجهندا جيڪي ان جي ورن وڪڙن تي هليا هوندا. ان سڌي ليڪ هن کي ايڏو سور ڏنو جو هو اهي سھي نہ سگهيو ۽ هن ناول ۾ سموهي سمھي پيو.
توڻي جو رسول سائين پيش لفظن ۾ هن ناول کي فڪشن چيو آهي، پر اڻ سڌي طرح ليکڪن جون تحريرون ان جي هنن جي حياتيءَ جو اولڙو هونديون آهن.
رسول ميمڻ جي هر لفظ ۾ گھرائي آهي، شعور ۽ ڏاهپ جو سنگم آهي. ناول جي پھرين باب جي پھرئين صفحي تي لکي ٿو:
”گهر خالي آهي ۽ دل ۾ ڪا جاءِ خالي نہ آهي جنھن ۾ ياد وڌيڪ سوڙھہ ڪري سگهي.“ ص_7
هي ناول پيڙائن سان پُر آهي. جنھن ۾ هر صفحي تي سورن جي سڳنڌ ڦهليل آهي. جيڪا غم خوار ئي سنگهي سگهن ٿا. ڪتاـ ناول الميي جي ور چڙهيل انسان جو اهڙو داستان آهي، جيڪو مختصر هوندي عاليشان آهي. رسول ميمڻ وٽ فلسفيانہ لفظن ۽ محاورن جا ولر آهن جيڪي هو ايڏي سھڻي نموني سان هڪلي ٿو جو سڀ جو سڀ سڃاڻپ ۾ اچي وڏو اثر ڪن ٿا.
علي آڪاش موجب: ”رسول ميمڻ جديد سنڌي ناول جي ٻي لھر جو سڀ کان وڏو ناول نگار آهي. اڃا بہ چوڻ کپي تہ اُها لھر شروع ئي کائنس ٿئي ٿي. سريئلزم ۽ جادوئي حقيقت نگاري سندس ناول نگاريءَ جا اهم فني عنصر آهن. جڏهن تہ فڪري طرح سندس تخليقون، مجموعي طرح، سائنسي فڪر ۽ مابعدالطبعيات وچ ۾ سفر ڪن ٿيون. ڪتا ناول پڙهي آئون دنگ هوس تہ سنڌي ناول نگار اهڙو ناول بہ لکي سگهي ٿو ڇا! ڪتا ناول سنڌي ناول نگاريءَ جي باليدگيءَ جو سڀ کان اهم ۽ بي مثال اهڃاڻ آهي.“ (1)
رسول ميمڻ چوي ٿو: ”دنيا ۾ اڪثريت ڏک جي سرمائيدارن جي آهي، هر ڪنھن وٽ ڏک جون تجوڙيون ڀريل آهن.“ هن ناول پڙهڻ کان پوءِ مون کي هو مون کي سورن جو سرمائيدار لڳي ٿو. جيڪا صنعت هاڻي سندس جيون ساٿياڻي سنڀاليندي.
ڪتا لفظ جو ذڪر مون اڳ ۾ اخلاق انصاريءَ جي ناول- اڏوهي ۾ پڙهيو هو. جنھن ۾ هن ان کي خوفائتو ڪري پيش ڪيو آهي.
رسول ميمڻ هن جي ننڍڙي ناول ۾ 29 هزار ۽ ڪجهہ لفظ استعمال ڪيا ويا آهن ۽ انھن سڀني لفظن ۾ ڪتا لفظ کي مختلف روشن، انساني نفسيات، سوچن ۽ موسمن ۽ انيڪ سارن خيالن علامتي طور چٽيو ويو آهي. هر سٽ ۾ هر شيءَ سان ڪتي جي لاڳاپيل ڳالھہ ڪرڻ ناول نگار جي فن جو ڪمال آهي.
رسول ميمڻ جڏهن ڊاڪٽر موهن بسنتاڻي سان انساني معاملن انھن جي حل ۽ خوشيءَ جي ڳولا تي بحث ڪري ٿو تہ نجومي جو جھڙو لاجواب ناول تخليق ڪري وجهي ٿو. پر لاڪ ڊائون ۽ ڪرونا وبا ۾ جڏهن پوري دنيا تي هيبت ناڪي ڪيفيت طاري هئي، انساني احساسن، جذبن ۽ زندگي جي جڏهن ڪا قدر قيمت نہ رهي سماجيات جا جوهر ختم ٿيندا پئي ويا تہ ان جي وهڪري ۾ ڊاڪٽر رسول ميمڻ بہ اچي ويو ۽ ان ولوڙ ۾ هن ڪتا جھڙو ڪلاسيڪل ناول لکي ورتو.
Satirical Novel: اھو ناول آھي جنھن ۾ ڪنھن شخص يا ڪنھن واقعي تي طنز ڪيل ھجي. طنز اڪثر ڪري اھڙي انداز سان ڪيل ھوندي آھي جو بظاھر نہ لڳندو آھي تہ ڪنھن مخصوص ماڻھو يا واقعي کي نشانوبڻايو ٿو وڃي. جارج آرويل جو اينيمل فارم ٻيا ڪيترائي ناول ان جو مثال آهن.

هو لکي ٿو: ”انسان ڪار آمد آهي جيستائين ان ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي قوت آهي. هو ٻار پيدا ڪندو ۽ ڪمائيندو.“ ص_9
اها حقيقت آهي تہ نسل نہ وڌائڻ واري سماجي جانور کي هي ڇا پورو انساني سماج حقارت جي نگاهن سان ڏسي ٿو. ليکڪ اها ڳالھہ پوري ڪائناتي سچ/حقيقت جي پسمنظر ۾ لکي آهي. زندگيءَ جو بہ اهوئي اصول آهي.
ان ئي احساس ۾ ليکڪ هڪ ٻئي ڳالھہ بہ لکي آهي:
”اسين گوشت جا پرزا آهيون ۽ پنھنجو گوشت کائي پنھنجي مرمت ڪيون ٿا. کائڻ جي قابل نہ ٿا رهون تہ ناڪارا ٿي وڃون ٿا.“ ص_9
هن جملي ۾ ليکڪ ڊاڪٽري واري لھجي ۾ حيات جي بي معنويت سمجهي بہ، ڄڻ نہ سمجهائي سگهيو آهي.
هي پورو ناول Symbolism علامت نگاري،Satirical طنز سان ڀريو پيو آهي. جنھن ۾ حياتي جي سمورن روين جي تنقيد ۽ هجو گوئي آهي. جيئن هُو لکي ٿو:
”ڪتا فقير جي عزت ڪندا هئا پر سپاهين تي ڀونڪندا هئا.“ ص_ 10
هڪڙي مختصر جملي ۾ ڪيڏي نہ وڏي طنز آهي. هتي فقير جي معنيٰ پينو فقير واري ناهي. پر اها Paradoxical آهي. اهي سپاهي جيڪي سامراجي آهن. اهي نہ جيڪي وطن جي حفاظت ڪن ٿا. فقير جدوجھد ڪندڙ آهي ۽ ڪتا عوام.
ٻئي هنڌ لکي ٿو: ”ڪتا اڪثريت ۾ هجن تہ ڀونڪڻ کي ڏاهپ سمجهيو ويندو آهي.“ ص_14
هتي بہ ليکڪ Paradoxes الٽي معنيٰ ۾ ڳالھائي ٿو. جنھن کي هر پڙهندڙ پنھنجي سمجهہ آهر ڊي ڪوڊ ڪري سگهي ٿو. ڪتا هتي ڪتا نہ آهن پر بي قوف چئي سگهون ٿا. جاهل چئي سگهون ٿا يا وري سياستدان.
لکي ٿو: ”ڪتن جا مقابلا ماڻھن جي ويڙھہ کان ان ڪري بھتر هوندا آهن جو ڪتن جي مقابلي ۾ مون ڪڏهن ڪتو مرندي نہ ڏٺو ۽ ماڻھن جي مقابلي ۾ ماڻھو ائين مرندا آهن جيئن ڪتو مري وڃي.“ ص_15
ڪتي جي خصلتن سان فلسفي جالينوس بہ گهڻو پيار ڪندو هو. بتي کڻي شھر جي گهٽين ۾ ڏينھن ڏٺي انسان ڳولھيندو رهندو هو. هن جو وڏو سوال اهو هو تہ ”اهو فلسفي ئي ڪھڙو جيڪو انساني جذبات زخمي نہ ڪري!“ هي انساني ويڙھہ واري نفسيات ۽ جنگ جدل تي ڇتي تنقيد آهي. ماڻھو کي ڪتو يعني معمولي جانور چيو ويو آهي. رسول ميمڻ جي لفظن جي گهرائي تيز ۽ تکي آهي.

ناول نگار منير چانڊيي مطابق: ”رسول ميمڻ سنڌي افسانوي ادب جو هڪ ليجنڊ هو. ڪتا ناول ۾ هن هڪ فيلسوف جيان ڳوڙها ويچار ونڊيا آهن. سائين رسول ميمڻ جي ناول ”ڪتا“ کي سنڌي ادب جي سنجيدہ پڙھندڙن سنڌي ادب جو اهڙو شاهڪار ناول قرار ڏنو آھي، جنھن جو معيار ڪنھن بوڪر پرائيز يا نوبل لاريٽ ناول کان گهٽ نہ آھي.“ (3)

سائين رسول ميمڻ جي نثر ۾ غضب جي گهرائي ۽ فلسفو آهي. هن ناول ۾ جتي ڪتن واري علامت کي استعمال ڪيو ويو آهي اتي ناول نگار ماءُ تي ڳالھايو آهي ۽ ان کي هڪ ڪردار طور کڻي آيو آهي. آئون سمجهان ٿو هن ناول ۾ سمايل سور ليکڪ جو داخلي سور آهي، جنھن کي هن معروضي دنيا سان ڳنڍيو آهي. لکي ٿو:
”انسان جي زندگي جو خوبصورت حصو اهو آهي جيڪو ماءُ وٽ گذاري ٿو، عورت جو سڀ کان سٺو روپ ماءُ جو روپ آهي. ڇو جو مون کي ياد آهي جڏهن ڀاءُ جي زخم تي مرچ ٻڌو ويو تہ مون محسوس ڪيو امان جي دل سڙي پئي آهي.“ ص_19
ليکڪ عورت جي ماءُ جي روپ کي ووٽ ڪيو آهي. جيڪو هن جو پنھنجو خيال آهي. عورت جا انيڪ سارا روپ آهن. جيڪي بہ انوکا آهن. هي ناول مونو لاگ ۾ لکيل آهي. جنھن جي سٽ سٽ ۾ ڪمال جو سرور آهي.
هن ناول جا ڪردار ڪھاڻي ٻڌائيندڙ جا ڀائر هن جي ماءُ، هن جي زال ۽ پٽ، ڌنار هائو، مولوي ۽ ڪتا راڪو، ڪتي سوسن، موهن هن جو دوست، ٻائو، عيسائي، پدي ڪتو، بوڊو نسلي ڪتي جو ڪردار آهن.
هو لکي ٿو: ”انسان مذهب کي پاڻ تي سوار ڪري ٿو ۽ پوءِ مذهب جھڙو نظر اچي ٿو.“ ص_21
ليکڪ ننڍين ننڍين فقرن ۾ پورا پسمنظر ڏنا آهن، جيڪي سوچن جي ڪائنات خلقن ٿا. رسول ميمڻ جي مڪالمن جي معنيٰ ڳوڙهي هوندي بہ سليس آهي. اها ئي هن جي تخليقن جي وڏي خوبي آهي.
هڪ ٻيو پيش منظر ۽ پس منظر گڏ ٻن سٽن ۾ سمايل آهن:
”ڪتي جي حِس ماڻھوءَ ۾ بہ سمايل آهي، مون کي پنھنجي هندو دوستن مان ڀينڊين جي بوءِ ايندي آهي.“ ص_ 22
هتي بہ Paradox ابتي ڳالھہ ٿيل آهي. ڀينڊين جي بوءِ کي ڊڄڻي هجڻ ۽ صفائي نہ هئڻ جي تصور ۾ ڏنو ويو آهي. ڪتي جي حس ماڻھو ۾ آهي اها بہ گهڻ معنوي خيال ۾ آهي.
جيئن زيد پيرزادي هن ناول بابت چيو آهي تہ: ”هي ناول جي خاص ڳالھہ ڪتن جي نفسيات بابت دلچسپ معلومات ۽ زندگي جي ڳوڙهي اڀياس کي تخليقي سٽن ۾ اظھارڻ آهي.“ (4)
ڪتا هن ناول ۾ ڪردار بہ آهن تہ استعاراتي معنيٰ ۾ بہ ليکڪ لکيو آهي باقي هن ناول انسان المياتي ۽ سماجي ڀڄ ڊاھہ جو داستان آهي نہ خاص ڪري رڳو ڪتن جي نفسيات بابت آهي.
زيد پيرزادي جي ان ڳالھہ سان سهمت نہ آهيان تہ هي ناول ڪتن جي آتم ڪھاڻي آهي. ڇو تہ هي ناول ڪرشن چندر جي ناول ”هڪ گڏھہ جي آتم ڪھاڻي“ وانگي نہ لکيل آهي. ڪتا ۽ هڪ گڏھہ جي آتم ڪھاڻي کي جيڪڏهن ڀيٽائجي تہ گهڻو فرق آهي. ڪتا ناول سڌي سنئين ڪتن جي آتم ڪھاڻي ناهي پر نيئريشن آهي. ڪرشن چندر واري ناول ۾ گڏھہ خود پنھنجي ڪھاڻي بيان ڪري ٿو ۽ ان کي سياسي ۽ سماجي تنقيد سان ڳنڍيو ويو آهي.
جديد انسان جي الميي کي ليکڪ هيئن بہ ڏسي ٿو:
”جيڪڏهن کنڊرن جي حفاظت نہ ڪئي وڃي تہ کنڊرن جي جاءِ تي نيون عمارتون اڏجي وڃن ٿيون ۽ انھن کي کنڊر بڻجڻ لاءِ ڪيترائي سال انتظار ڪرڻو پوي ٿو.“ ص_ 22

هي ڪراچيءَ جي تاريخي جاين جي لاءِ لکيو ويو آهي. جتي تاريخي ماڳ مڪان محفوظ ناهن. والار جو وارو جاري آهي. ترقي جي ڪوڙي نعري ۾.
رسول ميمڻ جديد دؤر جي تقاضائن کي سمجهي ورتو هو، ان ڪري هن وٽ مختصر لکڻ جو اعليٰ ڏانھن هو. جيئن هو هڪڙي جملي ۾ ورهاڱي کي بيان ڪري وڃي ٿو ۽ اهڙا کوڙ واقعا هو هڪ جملي ۾ چٽي انھن تي طنز، تنقيد ڪري اڳتي نڪري ٿو وڃي.
”مون کي بابي جي ڳالھين مان لڳندو هو، جيئن سنڌي ميمڻ هندوستان کان آيل ماڻھن جي رحم و ڪرم تي هجن.“ ص_24
”سنگتراش پٿر پري ڪري مجسمو ظاهر ڪندو آهي ۽ ڪتا ماس پري ڪري هڏا ظاهر ڪندا آهن.“ ص_25
زندگي جي Nothingness هو هيئن ڏسي ٿو:
”مون کي محسوس ڪيو، زندگيءَ جو تجربو ڄڻ پتل مان سون ٺاهڻ آهي، جيڪو سدائين ناڪام ويو.“ ص_32
ليکڪ زندگي جي هر پھلو کي ڇھيو آهي. هڪ ڪتي پدي جي موت تي ڏکائتو پيش ڪيو جنھن کي پڙهي اداس جي ڪوهيڙي ۾ ماڻھو گم ٿيو وڃي. ماءُ بابت ۽ ان سان ڪيل گفتگو گهڻي اثرائتي، احساساتي ۽ ڏاهپ سان سلھاڙيل آهي.
ماءُ بابت احساس جيڪي ليکڪ جو الميو لڳن ٿا:
”امڙ ڪڏهن ڏک ۾ روئيندي هئي تہ مان ڳڀو اڳري نہ سگهندو هيس.“ (ڪتا ناول ص_36)
”انسان جو مقدر اڪيلائي آهي ۽ امڙ جي اڪيلائي محسوس ڪري لڳندو هو. مان بہ ائين اڪيلو ٿي ويندس.“ ص_37
”هوءَ مرڪي ۽ هن جي مرڪ پنجاسي سال پراڻي هئي، مرڪ شراب جيان پراڻي ٿي وڌيڪ اثرانگيز ٿئي ٿي.“ ص_37
هن ناول ۾ گهڻو ڏک پٽ جي ڪينسر واري باب ۾ پوريو ويو آهي. هڪ هڪ لفظ ۽ احساس هڪ وڏي حادثي جيان پاٺڪ جي من برپا ٿين ٿا ۽ سور جون سٽون اڀرن لھن ٿيون. اهو ڏک رسول ميمڻ جو هو جيڪو هاڻي اسان جو ڏک ٿي پيو آهي. هي ناول سائين رسول جو ڪيٿارسس هو پر پوءِ بہ هو اوچتو جڳ پلي ويو.
هو ارمان مان لکي ٿو:
”منھنجا پٽ! توکي اڃا دنيا ۾ گهڻا ڪم ڪرڻا هئا. تون نہ پيار ڪيو، نہ عشق ڪيو. تنھنجا ٻار ٿين ها. مان انھن کي سيني سان لائي پيار ڪيان ها. تون ڀل منھنجو سھارو نہ ٿئين ها پر تنھنجي هڪ دنيا هجي ها جنھن ۾ تون خوش گذارين ها.“ ص_63
هڪ پٽ دنيا ڇڏي وڃي ٿو تہ ٻيو پٽ گهر ڇڏي وڃي ٿو. اهي سور سھڻ کان مٿي هجن ٿا ۽ انسان جهري پوي ٿو. پوءِ هو سوچي ٿو:
”اها چوڏهين جنوريءَ جي گرم رات هئي. جڏهن منھنجي نرڙ جا پگهر نہ پئي سڪا ۽ منھنجو پٽ ماءُ کان موڪلائي ٻار وٺي ڪينيڊا روانو ٿي ويو.“ (ڪتا ناول ص_84)
اداسي جي وبا ڇا تہ لفظن جي ڪاريگري ۽ گهرائي آهي.
”پٽ جي وڃڻ کان پوءِ اداسي وبا جي صورت ۾ ورانڊن ۽ ڪمرن جي اونداھہ ۾ لڪي ويھي رهي.“ (ڪتا ناول ـ ص85)
رسول ميمڻ سنڌي فڪشن جو رسول آهي. هو فقرن ۾ ڳالھائيندو هو. هن جي شخصيت پراسرار هئي. جنھن ۾ معصوميت هئي، طلسماتي طرز جي مرڪ سان هُو پنھنجو ڪندو هو. سنڌي ادب ۾ هن جا ناول گهڻا منفرد ۽ اعليٰ آهن، سراج ميمڻ کان پوءِ رسول ميمڻ جا ناول سنڌي ادب ۾ فني ۽ فڪري نهج جي اوچاين کي ڇھن ٿا.
رسول ميمڻ جي ناولن ۾ جديديت جي مڙني لاڙن جا اولڙا آهن تہ سنڌي سماج ۽ تاريخ جا تذڪرا بہ آهن. داخليت سان هو دنيائون جوڙي ۽ ٽوڙي ٿو. جنھن ۾ هن جا پڙهندر ۽ ڪردار هڪ عجب ڪشمش ۽ هيجان ۾ هلن ٿا. ”ڪتا“ ناول بہ رسول ميمڻ جي تخيل جي اها اڏام آهي جنھن ۾ انساني انسيت ۽ استعاري جو وڏو الاپ آهي. ڪتا هڪ علامت آهي، جيڪا سولي بہ آهي تہ ڏکي بہ آهي جيڪو سمجهي ويو اهو سمجهي ويندو تہ رسول ايڏي وڏي ڳالھہ ڪتا لفظ ۾ لڪائي ڪئين ڪري ڏور هليو ويو آهي. پر اها ڳالھہ ڳائبي رهبي.
مير تقي عباس ٽالپر مطابق: ”عالمي ادب جون ڪجهہ اينمل اسٽوريز پڙهڻ کان پوءِ جڏهن ڪتا ناول پڙهيو تہ مان يقين سان چئي سگهان ٿو تہ سائين رسول ميمڻ سنڌي ناول کي عالمي معيار تائين کڻي ويو آهي. ان کي ڳوٺ جي گهٽين مان کڻي عالمي ادب جي Main Stream ۾ بيھاريو آهي.“ (5)
هي ناول جذبن ۽ احساسن جوVolcano آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ھہڙو ڪلاسيڪل ناول اڳ ۾ نہ لکيو ويو آهي. رسول ميمڻ جي لکڻ جو ڏانءُ فلسفيانہ ۽ پاتار مان پنا ڪڍڻ برابر آهي. اندر جون اوتون سائين رسول جي ٻين ناولن ۾ بہ آهن پر هي ماسٽر پيس آهي. جنھن جي سٽ سٽ ۾ جماليات جي هزارين رنگ آهن. جن تي وري وري ۽ لکڻ لاءِ ڳوڙهي اڀياس هجڻ لازمي آهي. منھنجي خوش نصيبي آهي تہ سائين رسول ميمڻ هي ناول مون کي ڇپڻ لاءِ ڏنو، اهو هڪ اعزاز بہ آهي.
بدنصيبي اها آهي تہ سائين وڇوڙي کان ٻہ ڏينھن اڳ ناول جي باري ۾ پڇيو هو تہ ڪٿي پھتو. ساري عمر اهو افسوس رهندو تہ سائين پنھنجو هيءَ ناول ڏسي نہ سگهيو.
نقاد خليق ٻگهئي جو تفصيلي تنقيدي مضمون هن ناول تي ڇپجي سامھون آيو. جنھن ۾ معزز نقاد وڏي محنت سان ناول جي هرپاسي کان اکيل ڪئي آهي. منھنجي خيال ۾ ناول تي وڏي ۾ وڏو مضمون خليق ٻگهئي جو ئي آهي. پر حيرت ان ڳالھہ تي آهي تہ سائين خليق ٻگهيو سڄو ناول پرهڻ کان پوءِ بہ ناول جي ارپنا جي سٽ کي ڊيڪوڊ/اکلي نہ سگهيو آهي. ابتو ان تي بيجا تنقيد ڪئي آهي.
لائق نقاد هن ناول تي ٽن حصن ۾ لکيو آهي، حصي ٽيئن جي آخري پڄاڻي ۾ لکي ٿو تہ: ”هن ناول ۾ عجيب و غريب ڳالھيون ڏندڪٿائي تصور، حڪيمانہ نسخا ۽ ميٽافزڪس آهي ۽ جديديت پڄاڻان صورتحال آهي.“ (5)
خليق ٻگهئي پنھنجي مضمون ۾ جديديت، ڊيڪسنٽريڪشن، ساختيات پڄاڻان تنقيد، Irony، Pastiche، بليڪ هيومر، Obscuratism، Automatcurating، ۽ ٻيا ڪي اصطلاح بہ هن ۾ هجڻ جي ڳالھہ ڪئي آهي.
ان کان پوءِ بہ ناول کي ڏندڪٿائي چوي ٿو ۽ وچ ۾ ڪٿي آتم ڪٿائي ثابت ڪري ٿو. سائين جي مضمون پڙهي سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي تہ ناول جي ڪٿ ڪھڙي بيھي ٿي. جڏهن تہ مضمون جي آخر ۾ وري جديديت پڄاڻان صورتحال چئي پنھنجي بحث جي پڄاڻي ڪئي اٿس. جنھن ۾ بہ گهڻو ابھام آهي.
ڪتا ناول سنڌي ٻوليءَ جو مقبول ناول آهي. جنھن تي گهڻو لکيو ۽ پڙهيو پيو وڃي. ٽن سالن ۾ ان جا ٽي ڇاپا اچي چڪا آهن. جيڪو ان جي ڪاميابي ۽ سگهاري هئڻ جو اعلان آهي.



حوالا:
1. ڪتا، ناول، بيڪ ٽائيٽل، ٻيو ڇاپو، 2022ع.
2. ساڳيو
3. اڻ لکيل ناول جو موضوع، منير چانڊيو، رسول ميمڻ نمبر، سڦلتا مئگزين حيدرآباد، جنوري فيبروري 2022ع، صفحو 20.
4. ڪتن جي نفسيات ۽ زندگي جو ڳوڙهو اڀياس، ڪالم،زيد پيرزادو، روزاني عوامي آواز ڪراچي، 2022ع.
5. جديديت پڄاڻان جو دؤر، رسول ميمڻ جو ناول ڪتا، خليق ٻگهيو، روزاني هلال پاڪستان ڪراچي، ايڊيٽوريل صفحو، 12 مارچ 2022ع.

نتيجا

 رسول ميمڻ حاضر دؤر جو وڏو ناول نگار هو. جنھن جي ناولن ۾ روايتي ادب کان هٽي ڪري هن جي موضوعن ۽ فن کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو تہ هن سنڌ کي هڪ منفرد اسلوب ۽ ٻوليءَ وارو ناول ڏنو.
 رسول ميمڻ جو افسانوي ادب تخليق ڪرڻ وارو ڪم سنڌي ادبي دنيا ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وڏي اهميت جو حامل آهي. جنھن سنڌي افسانوي ادب کي جديد کان جديد تر بڻايو.
 رسول ميمڻ نہ صرف جديد ناول نگار پر مايا ناز جديد ڪھاڻيڪار بہ آهي. جنھن جا پندرهن کان مٿي ڪھاڻين جا مجموعا آهن. هن جا ناول ۽ ڪھاڻين جا ڪتاب ان جو مضبوط حوالو آهن.
 رسول ميمڻ سنڌي ناول کي رومانوي فارمولا ناول کان ڪڍي ڌار ڪيو ۽ جديد لاڙن سريئلسٽڪ، جادوئي حقيقت نگاري ۽ علامت نگاري وسيلي منفرد ناول لکيو.
 رسول ميمڻ جي ناولن ۾ نہ صرف انساني داخلي ۽ معروضي احساس آهن پر ادبي رس چس کان هٽي ڪري انھن انساني وارتائن کي سياسي، معاشي ۽ حقيقي سائنسي نقطہ نگاھہ سان بہ ڏٺو ويو آهي. سندس ناول جديديت سان گڏ سنڌ جي روايت ۽ تاريخ جو ڳانڍاپو آهن.
 ايڪھين صدي جديد نظرين، پراڻن راوج جي ختم ٿيڻ ۽ مشيني دؤر جي شروعات جي صدي آهي. رسول ميمڻ ان پيرائي ۾ جديد ترين سنڌي ادب تخليق ڪيو ۽ پاڻ مذهبي انتھاپسندي، طبقاتي نظام ۽ ناقص سياسي سرشتي تي ڇتي تنقيد ڪئي.
 رسول ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو جديديت پڄاڻان جا سگهارو ناول نويس آهي. هن جي ناولن تي اڃا بہ گهڻي تحقيق جي ضرورت آهي.