هوش محمد ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ ھوش ڀٽيءَ رسول ميمڻ جي لکيل ڇھن ئي ناولن ”اوڻيھہ عورتون“، ”قالوبلا“، ”نجومي“، ”اسٽيل جا پنج گلاس“، ”اک ڇنڀ“ ۽ ”ڪُتا“ تي تفصيلي طور مضمون/تعارف ۽ تنقيدي حوالي سان لکيو آھي.
لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
رسول ميمڻ: سنڌي افسانوي ادب جو رسول
- 5.0/5.0
- 167
- 30
- 2 هفتا اڳ
- 1

سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار ھوش ڀٽيءَ پاران سنڌ جي مھان ناول نگار رسول ميمڻ جي ناولن تي لکيل تحقيقي مقالن/مضمونن جو مجموعو ”رسول ميمڻ؛ سنڌي افسانوي ادب جو رسول“اوھان اڳيان پيش آهي.رسول ميمڻ سنڌ ادب ۾ نون لاڙن ۽ جديد تقاضائن پٽاندڙ لکندڙ تخليق ڪار آهي. جنھن سنڌي ٻوليءَ ۾ سريئلسٽڪ، جادوئي حقيقت نگاري ۽ علامت نگاريءَ جھڙن ڏکين تڪينڪن تي ناول، ڪھاڻيون ۽ شاعري سرجي. ان سان هن هڪ منفرد سڃاڻپ حاصل ڪئي. هوش محمد ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ ھوش ڀٽيءَ رسول ميمڻ جي لکيل ڇھن ئي ناولن ”اوڻيھہ عورتون“، ”قالوبلا“، ”نجومي“، ”اسٽيل جا پنج گلاس“، ”اک ڇنڀ“ ۽ ”ڪُتا“ تي تفصيلي طور مضمون/تعارف ۽ تنقيدي حوالي سان لکيو آھي.
ھي ڪتاب 2023ع ۾ سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سفلتا پبليڪيشن جي سرواڻ ھوش ڀٽيءَ جا جنھن ھي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف هوش محمد ڀٽي
- ڇپيو ويو 2023
- ڇپائيندڙ سڦلتا پبليڪيشن، حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 31/May/2025
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 30 ڀيرا