فلاسافيڪل ناول –نجومي
فلاسافيڪل فڪشن ان کي چئجي ٿو، جنھن تخليق ۾ ان جي مواد جو گهڻو حصو فلسفي جي سوالن جي جوابن تي مشتمل هجي يا ان سان لاڳاپيل هجي. جيڪي انساني وارتائن جو چھرو ڏيکارين، جنھن ۾ سماج جو ڪم ۽ ڪردار بہ ان ۾ شامل هجي، ان ۾ ماڻھو جي لاڙن ۽ عملن ۽ ان جي فطرت سان زندگي جو مقصد ۽ ان ۾ آرٽ جو ڪم بہ شامل هجي.
The Intellectual Novel:
These sorts of novelists attempted to explore the intellectual responses of the intelligentia to the world. Characteristically, their novel displays the clash of ideas and intellectual verification of knowledge. value and response, a diminishing faith on the cosmic significance of existence, argument and counter argument in discussion, separation of concept of love and sex, conversation without communication, and a dehumanizing effect of disillusionment in the 20th century.
Examples: Graham Greene’s The Power and the Glory, The Heart of the Matter, Elizabeth Bowen’s The Hotel, and The House in Paris. (1)
فلاسافيڪل فڪشن جي ناول کي ناول آف آئيڊياز چيو وڃي ٿو. جنھن ۾ سائنس فڪشن، يوٽوپين ۽ ڊسٽوپين فڪشن بہ اچي وڃن ٿا.
جيئن ڪجهہ فلاسافرن پنھنجي خيالن کي بيان ڪرڻ جي لاءِ ناول، ڊراما يا ڪھاڻيون لکيون. جن ۾ سئمون دي بوا، زان پال سارتر، البرٽ ڪاميو، اچي وڃن ٿا. هنن پنھنجن خيالن کي ناولن جي مرڪزي مضمون ۾ شامل ڪري فني حوالي سان پيش ڪيو.
نجومي ناول ۽ سوفي جي دنيا ناول هڪ ئي ڪيٽيگري جا ناول آهن. سوفي جي دنيا ۾ فلسفي جي تاريخ اٿلائي وئي آهي، پر نجومي ناول ۾ نجومي وسيلي نج حيات جي معاملن مسئلن جي حل ڪڍڻ جو سؤلو طريقو بيان ڪيو ويو آهي. هن ناول ۾ سنڌي سماج جا عڪس بہ شامل آهن.
هونئن تہ رسول ميمڻ جو پھريون ناول ”اوڻيھہ عورتون“ آهي. جيڪو 2014ع ۾ ڇپيو هو. پر رسول ميمڻ پنھنجي هڪ انٽرويو ۾ اهو چوي ٿو تہ هن جو پھريون ناول نجومي لکيو. حيرت آهي تہ پھريون ناول ۽ ايڏو باڪمال ۽ فلاسافيڪل. اهو انٽرويو ڪاوش دنيا مئگزين ۾ ڇپيو هو. جيڪو انٽرويو امر اقبال ورتو هو.
”ناول جي پاسي ڪئين آيا؟ سوال جي جواب ۾ ٻڌائين ٿا:
”مون پنھنجو پھريون پھريون ناول نجومي لکيو. هن ناول ۾ سيٽيھہ ننڍيون ننڍيون ڪھاڻيون آهن. انھيءَ ۾ نجوميءَ جو طوطو، رقعو يا ڪاغذ جڏهن کولي ٿو، تہ انھيءَ ۾ هڪڙو شعر آ، اهو ان ماڻھوءَ جي قسمت جو فيصلو آ، جيڪو وٽس اچي ٿو. اهو ناول مون ڏاڍي محنت سان لکيو. ستٽيھہ ننڍيون ننڍيون ڪھاڻيون ڪٺيون ڪري، ان کي سرريئلسٽڪ انداز ۾ مون لکيو آهي. اهو فيڪٽر مون ڪٿي بہ ناهي ڇڏيو.“ (2)
نجومي ناول جي ستٽيھہ ئي ڪھاڻين جا ڪردار ڏکن ۽ مونجهارن ۾ وڪوڙيل آهن. هن ناول کي نصيحت وارو ناول سمجهڻ جي ڪوشش ڪڏهن نہ ڪجو. پر فڪري روشنائي سان سرشار ناول آهي. جنھن ۾ خوشي جي ڳولا ۽ ڏک جا رولا آهن. پر هڪڙو دڳ آهي، هڪڙو رستو آهي، جيڪو ڪنھن پاسي وٺي وڃي ٿو. رسول ميمڻ پاڻ چيو آهي تہ مان نہ ۽ ها جي وچ ۾ ڪٿي ڦاٿل آهيان. پر هتي هُو نجومي وسيلي سونھون آهي، زندگي جي مشڪلاتن جو.
نقاد اڪبر لغاري مطابق: ”هن ناول (نجومي) ۾ مصنف پنھنجي فڪر کي پيش ڪرڻ جي لاءِ جيڪا ٽيڪنڪ استعمال ڪئي آهي اها آهي صنعت تضاد. جنھن جي ذريعي هيٺيان تضاد اڀاريا ويا آهن، حقيقت ۽ مظھر جو تضاد، ڪوشش ۽ قسمت جو تضاد، فھم ۽ وهم جو تضاد، نفس ۽ ضمير جو تضاد وغيرہ. داخلي ۽ خارجي حقيقت نگاري جو حسين امتزاج، هي ناول (نجومي) علامتن، استعارن ۽ تمثيلن ۾ ويڙهيل هڪ ڏاهپ جو ڪتاب آهي.“ (3)
ڏاهپ ڀريل هن ناول جي شروعات نجومي ۽ طوطي سان ٿئي ٿي. توڻي جو هن ناول جو ناول نجومي آهي ۽ مک ڪردار بہ نجومي آهي. منھنجي لاءِ هن ناول جو اهم ڪردار طوطو آهي. رسول ميمڻ وٽ جانورن جي نالن کي استعاراتي ۽ تشبيھي نوع ۾ استعمال ڪرڻ تي قدرت حاصل هئي. طوطو رقعا کڻي ٿو ڄڻ تہ طوطو هر شيءِ جو فيصلو کڻي ڏئي ٿو پوءِ وري بيان ان کي نجومي ڪري ٿو. رسول ميمڻ جي ناولن جي شروعات طوطي کان ٿي ڪتي تي ختم ٿئي ٿي. نجومي جو پوڙهو ٿي چڪو آهي ۽ ساروڻيون ساري ٿي ۽ فليش بيڪ ۾ وڃي ٿو ۽ پوءِ هي ناول ساھہ مٺ ۾ ڪري ڇڏي ٿو؛ ڪھاڻي مان ڪھاڻي نڪرندي پاٺڪ کي پڪڙيندي وڃي ٿي.
رسول ميمڻ تہ چوي ٿو تہ هن ناول ۾ ستٽيھہ ڪھاڻيون آهن پر خود نجومي ۽ طوطي جي بہ ڪھاڻي آهي، بلڪہ هن ناول جي سڄي روئداد طوطي ۽ نجومي جي آهي. پوءِ ڪل ڪھاڻيون ٿيون اوڻيتاليھہ.
پھرين ڪھاڻي ۽ ڪردار هڪ عامل جو آهي.
منير چانڊيو، رسول صاحب سان ڳالھائيندي نجومي بابت لکيو آهي تہ:
”اوهان جو ناول ”نجومي“ مون کي سنڌي ٻوليءَ جو واحد ناول لڳي ٿو، جنھن ۾ جيڪڏهن ڪو مسئلو بيان ٿيل آهي تہ ان جو ڪلائيميڪس ۾ حل بہ ڏنل آهي.“
هن (ناول نگار) منھنجي ڳالھہ تي سوچيندي چيو: ”هان! هوندو پر يار مان ان تي سوچيو نہ اٿمانءَ.“
”شايد اوهان ڊاڪٽر آهيو ان ڪري...“ هو (ناول نگار) مرڪيو تہ مون پنھنجي ڳالھہ کي اڳتي وڌائڻ جو موقعو نہ وڃايو.“
”جڏهن ڪو بہ مريض اچي اوهان کي پنھنجي مرض جي باري ۾ ٻڌائيندو آهي تہ اوهان ان مرض جي حساب سان ڪا نہ ڪا دوا تجويز ڪندا آهيو.“
”ها ائين هوندو.“
ناول نجومي وٽ جيڪي فرد اچن ٿا ۽ پنھنجا مسئلا کيس ٻڌائن ٿا هو کين آخر ۾ انھن جو ڪو نہ ڪو حل ٻڌائي ٿو.“
”ها يار! مون ان باري ۾ نہ سوچيو هو.“ (4)
ليکڪ انھن پنھنجي ستٽيھہ ڪھاڻين جي پٺيان پنھنجي ڳالھہ چئي ويو آهي جنھن ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي تنقيد بہ آهي. جيئن هو ڊاڪٽر عشرت العباد بابت لکي ٿو تہ:
”توکي خبر آهي تہ شھر جو ميئر پنھنجي وقت جو بدنام ڏوهاري آهي. اهو ڪجهہ سال اڳ هڪ بي روزگار شخص هو. جنھن قتل ۽ غارت جي سياست ڪري عھدو ماڻيو.“ ص15
هن ناول ۾ ليکڪ هڪ طلسماتي دنيا تخليق ڪئي آهي، جنھن ۾ خواب آهن انيڪ سارا ڪردار آهن. جيڪي روئن پٽن ٿا ڏک ڏوجهرا ڏسن ٿا نجومي وٽ اچن ٿا سڪون ۽ حل ماڻين ٿا ۽ تاڙي پيء هليا وڃن ٿا.
رسول ميمڻ جي لکڻي جو ڪمال اهو آهي تہ هر سٽ حوالي طور ڏيڻ جھڙي هوندي آهي هتي ڪجهہ سٽون مختصر پر پُرمعنا ڏجن ٿيون.
”مندائتا ڦل ماءُ جي ٿڻن جھڙا بي مزي هوندا آهن.“ ص17
”هر ڪنھن جي وات مان ٻاڦ ائين پئي نڪتي جيئن سينن اندر ڏک جا ڪوئلا ٻرندا هجن.“ ص21
ٻي ڪھاڻيءَ جو ڪردار صحت کاتي جي دفتر جو ڪردار آهي. جيڪو وڏو رشوت خور آهي.
مھتاب اڪبر راشدي موجب: ”اسان جي حڪمرانن اسان جي عوام کي نجومين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ماڻھو بيوس آهن ۽ پنھنجي مصيبتن جي علاج جي لاءِ نڌڻڪا ٿي نجومين وٽ وڃي پھتا آهن.“ (5)
ساڌو جو ڪردار ۽ ڪھاڻي عيوض ناول نگار عقيدي پرستي جي پاڙ پٽڻ جي ڳالھہ ڪئي آهي. ساڌو جا ڀڳت مراد پوري ٿيڻ لاءِ هن جي ڏاڙهي جو وار وٺن ٿا ۽ ائين مرادون پوري ڪندي ساڌو جي ڏاڙهي پٽجي وڃي ٿي. هو ان جي حل جي لاءِ نجومي وٽ اچي ٿو ڇو تہ مريد اڃا بہ وارن جي گهرُ ڪن ٿا. نجومي هڪ پل ۾ کلندي کيس نقلي ڏاڙهي وٺي هڻڻ لاءِ چئي ٿو.
آدرش ارشاد شيخ موجب: ”رسول ميمڻ صاحب جو ناول ”نجومي“ مون کي سنڌي ادب جو ننڍڙو الف ”ليلا“ لڳو. جنھن ۾ مختلف ڪھاڻيون پنھنجي اندر ۾ هڪ نيئن دنيا آهن. ان جا ڪردار ساھہ کڻندي محسوس ٿين ٿا. هلندي هلندي اسان کي اُهي ملي سگهن ٿا. ناول ۾ ڪو بہ هٿ ٺوڪيو ڪردار Plastic Character ڪو نہ آهي.“ (6)
ڪتا ناول رسول صاحب پنھنجي زندگي جو آخري ناول ثابت ٿيو، پر اهڙو يادگار ناول لکڻ جي لاءِ هو پنھنجي پھرين ناول نجومي ۾ ان جو ذڪر هن ريت ڪري ٿو:
”هو لفظن سان زوري ڪندو هو ۽ سندس ڀڪ ۾ ويٺل ڪتو هن تي ڀونڪڻ لڳندو هو. هن سوچيو، ڇو نہ اهڙو ناول لکان جيڪو يادگار هجي.“ ص38
هن ناول ۾ بہ ڪتا لفظ کي تشبيھن، استعاري ۽ تمثيلي طور گهڻين جاين تي استعمال ڪيو ويو آهي.
”جڏهن لکندو آهيان تہ ڪمري جي سامھون ڀت مان ڪتو نڪري هر لفظ تي ڏاڙهيندو آهي. جيئن مان چور هجان، منافق هجان، مشرق هجان. ان ڪتي هي ڀونڪ منھنجي مغز جي پردن سان ٽڪرائجي پڙاڏا ڪندي آهي. مان ڏوھہ جي احساس ۾ وڪوڙجي ويندو آهيان.“ ص37
اهو اديب هڪ ناول نگار هو. جڏهن لکندو هو تہ سندس سامھون واري ڀت مان هڪ ڪتو نڪري ڄڀ لڙڪائي ڀرسان ويھندو هو.“ ص 39
”ڀرسان ويٺل ڪتو هر لفظ تي خوش ٿي هن جا هٿ چٽيندو هو ۽ پير چمي ڪنڌ رکي پڇ لوڏيندو هو. ص39
هن جي سوچن جو ڪتو سامھون ڀت تي سھڪي ڄڀ لڙڪائي هن طرف نھاريندو رهيو. هن محسوس ڪيو ڪتو هن مان خوش نہ آهي. ان جي اکين ۾ اوپرائپ آهي. ان جي انداز ۾ ڪٿي بہ وفاداريءَ جي جهلڪ نہ آهي.“ ص39
”سوچون تاريخ جي اونداهين گهٽين ۾ رولو ڪتي جيان آهن.“ص39
”هن سامھون ڪتو مسلسل ڀونڪندو رهيو. هن کي ڪتي جي ڀونڪ دنيا جي سڀ کان وڏي حقيقت محسوس ٿي.“ ص 40
هن پاڻ کي ڪتي کان بدتر محسوس ڪيو ۽ سوچيو جيڪر تاريخ جي گم نام انڌيرن رستن تي ڪتي جيان گهمي ڀونڪي سگهجي ها.“ ص40
ڪتو جڏهن هڏو کائيندو آهي تہ هن کي ذائقو هڏي مان نہ پر ان زخم مان وهندڙ رت ڪري ايندو آهي جيڪو زخم هڏي چٻاڙڻ ڪري هن جي وات ۾ پيدا ٿيندو آهي.“ ص110
ليکڪ ڪتي جي لفظ کي مختلف معنائن ۾ پنھنجي ڏات وسيلي ڦيرائي پيش ڪيو آهي. جيڪو هنر آهي، پر ان کان وڏي ڪلا ڪتا ناول ۾ ڪتن بابت آهي.
ليکڪ مذهب ۽ فلسفي تي هڪ مختصر جملي ۾ تمام وڏي ڳالھہ ڪري وڃي ٿو؛
”مذهب اهڙي پناھہ گاھہ جيان آهن. جن جي ڇت ٿوري مينھن وسڻ سان ٽمڻ لڳي ٿي.“
فلسفو ذهني خلفشار آهي جيڪو انسان کي مھذب بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ٿو.“ ص 40
رسول ميمڻ فلسفو پڙهيو ناهي پر ان تي ٽي چار ڪتاب بہ لکيا آهن ۽ هي ناول بہ ان جو مثال آهي. پر فلسفي کي سمجهي ڪري ئي شايد هن اهو اسٽيٽمينٽ ڏنو آهي.
رسول ميمڻ جي سٽن ۾ مٿئين اسٽيٽمينٽ جو جواب ڏيون ٿا:
”جيڪي بي خبر آهن سي سڪون ۾ آهن. جنھن ڄاتو سو ڦاٿو. ڏاهپ پريشانين جو سبب آهي. جنھن سوچيو تنھن لوچيو. جنھن ولوڙيو تنھن ٻوڙيو.“ ص41
هي اهي فڪر انگيز جملا آهن جن جي ڪري اسان هن کي فلاسافيڪل ناول چئون ٿا:
”گلن مٿان ڦيرا ڏيندي پوپٽ جي بي خوديءَ جا چار ڏينھن انسان جي سالن تي محيط زندگيءَ کان بھتر آهي.“ ص42
”سوچن جو نہ هجڻ عقل جو معراج آهي.“ ص 42
رسول ميمڻ جيڪي ڳالھيون ڪري ٿو اهي شاعرن ۽ اڪابرن جي ڪتابن ۾ اڳ ۾ اچي چڪيون آهن پر هن جو انداز الڳ ۽ زاويو جدا آهي. ڏسڻ جو منطق پنھنجو آهي. هُو طوطن، ڪتن، پوپٽن ۽ جيت جڻين کي پنھنجو ڪردار کڻي ٺاهي ٿو.
نارائڻ داس جو ڪردار آهي، جيڪو ڪاڻو آهي، ذخيرہ اندوزي ڪندڙ سيٺ آهي ۽ نجومي وٽ پنھنجو مسئلي جي حل جي لاءِ اچي ٿو. نجومي کيس هي حل ٻڌائي ٿو:
ساڳيو رينگٽ،
ساڳيو گهاڻو،
انڌا ڏاند،
مالڪ ڪاڻو.
نجومي هن ناول جو مک ڪردار آهي ۽ ماڻھن کي شاعرانہ انداز ۾ مصيبتن ۽ مسئلن جو حل ٻڌائي رهيو آهي. اهو پاڻ بہ بيمار آهي ۽ ڏينھون ڏينھن سندس طبعيت خراب ٿي رهي آهي.
سيٺ جي ڪردار بعد هڪ ملازم جو ڪردار نروار ٿئي ٿو. جيڪو پنھنجي مالڪ جو سامان چوري ڪندو رهي ٿو ۽ پڪڙجي پوي ٿو تہ تاڙي خاني مان ٿي ڪري، منجهي نجومي وٽ اچي ٿو ۽ نجومي چويس ٿو:
ڏنگ جو مزو،
چک،
چيو
ماکيءَ جي
مک.
هن ناول جي ڪھاڻين ۾ ننڍڙيون ڪھاڻيون آهن. انھن ۾ ڪيئي ڪردار آهن. رئيلزم سان ڀرپور هي ناول ٻوليءَ، تشبيھن ۾ شاهوڪار آهي. ناول ۾ موجود ڪھاڻيون ۽ پلاٽ سان جڙيل مک قصي ۾ ايڏي تہ سنسني آهي جو پڙهندڙ کان رهيو نہ ٿو ٿئي، ڪھاڻيون ڪردار رومانوي، حقيقي ۽ پيڙائن سان ڀريل ڳالھيون هلندي اچي آخري نجومي جي ڪھاڻي تائين پڄن ٿيون.
جيڪو خود هڪ ڪو نجومي نہ هو پر هُو اهيو سڀ بي روزگاريءَ ۾ ڪري رهيو هو.
قسمت هڪ اهڙو موضوع آهي. جيڪو ماڻھو کي صدين کان پريشان ڪندو رهيو آهي ۽ هن ناول جا ڪردار بہ قسمت جي هٿان مجبور آهن. هنن وٽ ٻي ڪا بہ واھہ ناهي سواءِ نجومي جي طوطي جي ان رقعي کي کولي پڙهڻ جي، جنھن ۾ ڪي اڻ ڄاتا خيال قسمت جو روپ وٺي لڪل آهن.
رحمت پيرزادي هن ناول تي تنقيدي نقطو اهو اٿاريو آهي تہ نجومي پنھنجو ٿيلھو ايندڙ جنم جي لاءِ مندر ۾ رکي اچي ها تہ داستان پورو ٿي وڃي ها.
مون کي اها تنقيد غيرضروري لڳي جڏهن تہ اها تنقيد نہ پر صلاح ٿي سگهي ٿي. پر صلاح بہ ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ ڪو منطق نہ ٿي رکي.
ناول جو سڄو ماحول سکر ۽ خيرپور جو پسمنظر رکي ٿو. ان کان پوءِ ڪوچوان جو ڪردار آهي. جنھن تي زال سدائين ڪاوڙيل هوندي آهي. سنڌ جي ٻئي هڪ شھر شڪاپور جي منظرنگاري ليکڪ هيئن ڪئي آهي:
”شڪاپور جي ڳاڙهي بازار جون افغاني ڪڃريون هر هنڌ چيلھہ لوڏي پئي نچيون.“ ص55
اڄوڪي دؤر ۾ شڪاپور جو اهو اوج ناهي رهيو نہ اها خوشحالي جو ان ۾ افغاني جليبيون نچن، هاڻي افغاني ڪڃر سڄي سنڌ فتنا ۽ ڀيل ڪري رهيا آهن.
ڪوچوان جي ڪھاڻي ۾ ملھہ ۽ قيدي جو ڪردار بہ آيا آهن جيڪي پڻ قسمت جا ماريل آهن.
شوڪت حسين شوري موجب: ”هي ناول گهڻ رخي بياني واري انداز ۾ لکيل آهي. ناول جو پلاٽ ۽ ان جي Larger Theme انساني ناآسودگي آهي. جنھن جو بنياد فلسفي تي رکيل آهي.“ (7)
رحمت پيرزادي هن ناول کي واقعاتي ناول ڪوٺيو آهي. جيڪو درست بيانيو ناهي. هي ناول فلسفي جو بيانيو رکندڙ آهي. ان لاءِ اڪبر لغاري صاحب جو پوائنٽ آف ويو اهم آهي. هي هڪ فلاسافيڪل ناول آهي. جنھن جي سمجهاڻي شروعات ۾ ڏني وئي آهي.
اڳتي هڪ وڪرو ٿي ويل نوجوان جي ڪٿا اچي ٿي. جيڪو پنجن سالن جي ڄمار ۾ خانہ بدوشن وٽ وڪرو ٿي، انھن سان سرڪس جا ڪرتب ڏيکاري ڏيکاريندو رهي ٿو ۽ سرگس جي محرر جي ڌيءَ سان هن جو پيچ ٿي وڃي ٿو. اها هن سان بيوفائي ڪري شينھن کي نچائيندڙ سان سنڀوڳ ڪري ٿي. نوجوان ان کي تير هڻي ماري وجهي ٿو. نجومي هن کي چوي ٿو:
نہ مئو،
نہ ڄائو،
جيءَ اندر،
جيءُ،
ماڻھو پنھنجي،
پيءُ.
هن ناول کي ننگر چنا اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي. جنھن جو ڪافي حصو ادبيات اڪيڊمي پاڪستان جي ادبي مخزن ۾ ڇپيو آهي. رسول ميمڻ جي ناول نويسي جي حوالي سان ننگر چنا لکي چئي ٿو:
ننگر چنا کے مطابق: "رسول میمن جدید سندھی ادب کا ایک معتبر حوالہ ہیں۔ انہوں نے سندھی ناول میں جو رنگ بھرے ہیں وہ انمٹ اور لازوال ہیں۔" (8)
پوءِ وري هڪ بدنصيب شخص جو ڪردار آهي ان ئي ڪھاڻي ۾ ناول نگار جي منظرڪشي ڪرڻ واري لفظ گيري ڏسو:
”سياري جو وڻ جهڙ ۾ تبديل ٿي ويندا هئا، ڪو وڻن هيٺيان ويھندو هو تہ پنن تي ماڪ ٻار جيان بانبڙا پائيندي لھندي هئي. ان ڳوٺ جو قبرستان سڀ کان پرسڪون جاءِ هو. قبرون ڪوهيڙي جي چادر پائي ڌرتيءَ جي سيني کي ٻارن جيان چھٽيل هيون.“ ص63
ٻئي هنڌ وري هيئن منظر آهي:
”مھاڻي اڳيان صندل تي مڇيون ائين هيون، جيئن اهي اکيون کولي ڪنھن ٻوڏ جو انتظار ڪنديون هجن.“ ص87
بدنصيب شخص جو زال کي معطمن نہ ٿو ڪري سگهي پر جنسي خواهش پوري هجڻ ڪري زال هن کان پري هجڻ ڪري مسئلا ٿين ٿا. نجومي هن کي چئي ٿو:
”ٽيپو ٽيپو ٿي
ڪري پيس،
جيئن سوچيو
تيئن
ٿي پيس.“
ڪھاڻي جي واڌ ۾ هڪ سبزي واري جي ڪھاڻي آهي. جنھن کان زال طلاق وٺي ٿي پر پڇتائي ٿي تہ نہ مان بس واپس مڙس وٽ ويندس پر ائين نہ ٿو ٿئي مذهب وچ ۾ اچي وڃي ٿو ۽ ان جو ”حلالو“.
ناول جي هن حصي ۾ ليکڪ ”حلالي“ ڏانھن ڌيان ڇڪايو آهي پوءِ ان عورت جو حلالو ٿئي ٿو ۽ هوءَ هڪ مھاڻي سان پرڻجي وري طلاق وٺي ساڳئي مڙس سبزي واري سان شادي ڪري ٿي پر سبزي واري کي هن جسم مان مڇيءَ جي ڌپ اچي ٿي.
حلالو عورت کي يا مڙس کي سزا ڏيڻ لاءِ مذهب رائج ڪيو آهي. پر جڏهن عورت اڳ ۾ ئي غلطي مڃي ٿي پڇتائي ٿي تہ اهو سڀ ڇو؟ ليکڪ خبر ناهي ڇو ان تي تنقيد ئي نہ ڪئي آهي البتہ نجومي سبزي واري کي چوي ٿو:
”ڇو ٿو مارين
فقير.
لٺ سان
نانگ جي
لڪير.“
ائين هن ناول ۾ ٻيون الاهي ساريون ڪھاڻيون ۽ ڪردار آهن جي نجوميءَ جي سڻي هليا ٿا وڃن پنھنجي زندگي ۾. پوڙهي جي پٽ جو ڪردار، هڪ پرهيزگار جو ڪردار، سيٺ ۽ نوڪر جو ڪردار، ڊاڪٽر جو ڪردار، مرشد، اڳتي وري هڪ سيٺ جو ڪردار اچي ٿو. هنن سڀني جو حيرت انگيز قصو آهي. جن ۾ انھن جو مقدر لکيل آهي. انھن ڪھاڻين جي اکيل نہ ٿو ڪيان ۽ پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿو تہ اهي خود پڙهي نتيجو اخذ ڪن.
آخر ۾ طوطي جو ڪردار آهي. جنھن کي آئون هن ناول جو مک ڪردار چوان ٿو. جيڪو لفافي ۾ ويڙهيل دنيا جي حقيقت ظاهر ڪري ٿو. هرهڪ ڪردار پنھنجي منطقي انجام تي پڄي ٿو. ڪنھن کان ڪھڙي غلطي ٿي؟ ڪھڙي بھتري؟ ڪھڙي بند ڪم؟ ڪھڙو نيڪ؟ اندر جو آواز سڀ عدم جا مسافر لڳن ٿا.
آخرين نيٺ طوطو پاڻ مري، نجوميءَ کي زندگي بخشي ٿو وڃي ۽ نجوميءَ کي موت ڳاڙهي رنگ جيان هيٺ هاريل نظر اچي ٿو.
حوالا:
1. Source: eng-literature.com
2. ڪاوش دنيا، سنڊي مئگزين، حيدرآباد، صفحو 12، 2021ع.
3. اڪبر لغاري، نجومي هڪ ڏاهپ جو ڪتاب، رسول ميمڻ، لفظن مان جهاتيون پائيندڙ خاڪا، 2021ع، ڊجيٽل پبلشنگ هائوس ٽنڊوالھيار
4. منير چانڊيو، سڦلتا ڪتابي سلسلو حيدرآباد، 2022ع نمبر 28.
5. رحمت پيرزادو، هاڻي سعدي ٽائون ڪير ويندو؟، ريکائون مئگزين ڪراچي، 2022ع.
6. ساڌ ٻيلي جو ديوتا، آدرش، ارشاد شيخ، ٽماهي پوپٽ مئگزين، 2017ع، ص77.
7. رسول ميمڻ جا ناول، شوڪت حسين شورو، ڪاوش دنيا، سنڊي مئگزين، حيدرآباد، 7 فيبروري، 2016ع.
8. نجومی ، رسول میمن، سندھی سے ترجمہ ننگر چنا، ادبیات، اکادمی ادبیات پاکستان، اسلام آباد