قالو بلا – ناول -موت جي تاريخ
جيئن امر اقبال لکي ٿو: ”رسول ميمڻ جون ڪھاڻيون هڪ عجيب پراسراريت جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هونديون آهن. اها پراسراريت جيڪا سٽ سٽ سان گڏ پڙهندڙن جي ذهنن ۾ سرايت ڪندي ويندي آهي، اها ئي رسول ميمڻ جي لکڻين جي خوبي بہ آهي ۽ انفراديت بہ.“ (1)
هي ناول موت يا عدم جي جھڙوڪر تاريخ آهي. جنھن ۾ خدائن جي بارگاهن ۾ ناول جو مک ڪردار پنھنجي پريتما کي موت راڪاس کان بچاءُ خاطر التجائون ڪندو رهي ٿو. پر ٿئي ڪجهہ بہ نہ ٿو. هن ناول جي ڪھاڻي ناول نگار جي دوست ڊاڪٽر ظفر مختيار جي آهي. سندس گهر واري ان پل عدم جي سفر تي هلي وڃي ٿي، جڏهن هو ننڊ جي مٺي نشي ۾ گم هجي ٿو.
هڪ شادي شدہ جوڙو هن ناول جو محور آهي. ان ۾ عرشنا جيڪا هن گولي تي موجود ان بيماريءَ ۾ مبتلا آهي، جنھن جو علاج اڃا تائين دريافت نہ ٿي سگهيو آهي. هن جو گهر وارو وارث هن کي بچائڻ ۾ جنجهيل آهي. هوءَ سندس ٻانھن ۾ هوندي آهي تہ وارث موت جو حل ڳولھڻ جي لاءِ خوابيدہ جھان جي جڳ ۾ هليو وڃي ٿو. جتي خدا، ڏاها، مفڪر، اديب، فاتح، جنگجو ۽ عاشقن کي پنھنجي محبوبہ کي بچائڻ لاءِ عرض ڪري ٿو، پر موت جي اڳيان اهي سڀئي بي وس لڳا پيا آهن. موت جيئن پوءِ تيئن عرشنا جي جسم ۾ لھندو ان کي فنا ڪندو ٿو وڃي. وارث دنيا جي سڀني تھذيبن کان بہ عرشنا جي حياتي پني ٿو. هو اهڙي آدم جي تلاش ۾ هوندو آهي جيڪو هن جي زال کي موت جي ٽاري سگهي.
دنيا جي سڀني تھذيبن کان مايوس ٿي، وارث سنڌي تھذيب جي والين وٽ اچي ٿو. پر اتي بہ هن جي درد جي دوا يعني جو موت جو ڪو نعم البدل ڪو نہ ٿو ملي. موت هڪ گمنام سپاهي جيان عرشنا جي وجود کي فتح ڪيون هليو ٿو وڃي.
مختيار ابڙي مطابق: ”قالو بلا هڪ اهڙو ناول محسوس ٿئي ٿو، جيڪو ادب سان گڏ هڪ تاريخ آهي. قرت العين جي ناول، ”آگ کا دريا“ جو دؤر چار هزار سالن تائين پکڙيل آهي. جڏهن تہ قالو بلا ڏھہ هزار سالن کان مٿي جي دؤر تي مشتمل آهي.“ (2)
سنڌي ٻوليءَ ۾ موت يا فنائيت جي موضوع تي اهڙو ڪو بہ ناول موجود نہ هو. پر رسول ميمڻ سنڌي ٻوليءَ جو اهو واحد ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار آهي. جنھن جي ڪھاڻين ۽ ناول جا عنوان اڇت ۽ بنھہ نوان آهن. هي عنوان بہ ادب ۽ فلسفي جو وڏو بحث رهيو آهي. سنڌي ادب ۾ موت جي موضوع تي مون هڪ اڌ ڪا ڪھاڻي پڙهندي هوندي. ناول پھريون پڙهيو آهي جنھن ۾ پرائتي نموني ڪردارن کي تاريخ جي وڏن ماڻھن سان ملائي ٿو ۽ ڳالھرائي ٿو. سڄي ناول ۾ زندگيءَ ۽ موت جي ڪشمش هلي ٿي. اها هڪ ناول نگار جي فني ڪمال جي نشاني آهي تہ هو ان کي ڪيئن تسلسل بياني سان کڻي هلي پيو.
نقاد/ناول نگار ممتاز بخاري، رسو ل ميمڻ جي هن ناول کي فينٽسي سنڌي ناول سڏيو آهي.
رسول ميمڻ هڪ انٽرويو ۾ قالو بلا ناول بابت چيو:
”جڏهن مون هِي ناول لکيو، تہ اسان جو هڪڙو دوست هجي، ڪياماڙيءَ ۾... ان جي گهرواري ويچاري، هُنَ جي بستري تي ئي گذاري وئي رات جو، هُن کي خبر ئي نہ پئي... هُنَ کي گهرواريءَ جي هَٿَ جي ٿڌاڻ محسوس ٿئي پئي ڪا... هُنَ ٻُڌايو تہ، يارَ! مان محسوس ڪيم پئي تہ منھنجي زال جو هٿ ٿڌو هو، پَر سمجهيم پئي تہ سُمھي پئي آ... اِهو پلاٽ مون کي نظر آيو. پوءِ مون ”موت“ کي موضوع بنايو، تہ ڪيئن هڪڙي انسان کي، انھيءَ حالت مان بچائي سگهجي ٿو؟! ڪنھن کي وڃي دانھن ڏيون جو انساني Survival ٿئي؟! اوچتو ئي اوچتو ڪنھن انسان جو موت ٿو ٿئي، جيڪو قدرتي يا فطري موت ناهي، حادثاتي آهي. ڪنھن بيماريءَ جي ڪري، ننڍي عمر ۾ ڪوئي گذاري ٿو وڃي.... پوءِ مان تاريخ ۾ هلندي، پوئتي، پوئتي ٿيندو ويم. آدم کان بہ اڳتي نڪري ويم. “Nothingness” جتي هئي، خول هو، Void هو، اُنَ اسٽيٽ ۾ وڃي پھتم.“ (3)
Fantasy Novel:
Stories involving paranormal magic and terrible monsters have existed in spoken forms before the advent of printed literature.
Examples: J. R. R. Tolkien’s The Hobbit, C. S. Lewis’ The Chronicles of Narnia.
هن ناول جي بابت ليکڪ انٽرويو ۾ يا هن ناول جي مھاڳ ۾ اهو لکيو آهي تہ مون موت کي موضوع بنايو آهي. پر ان سان گڏ ٻيا مک موضوع بہ هن جي ڏاهپ جو پاڇو آهن. جن ۾ پيار، تاريخ ۽ روح آهن. جيڪي بنيادي طور تي فلسفي جا موضوع رهيا آهن. فلاسافرن ۽ مفڪرن ان تي جدا جدا پھلوئن کان روشني وڌي آهي. ائين رسول ميمڻ جو اسان جو سنڌي مفڪر آهي. ان بہ تمام گهڻي گهرائي ۾ انھن تي پنھنجا خيال پيش ڪيا آهن.
جيئن هو پيار بابت لکي ٿو: ”پيار ڪو الھامي ڪتاب نہ آهي، جنھن جي صفحن تي ميلاپ ۽ وڇوڙي جا احڪام درج ٿيل هجن. پيار خالي ڪتاب آهي، جنھن کي پاڻ لکيو وڃي ٿو.“ ص_13
تاريخ بابت هُو عرشنا جي واتان تنقيد ڪري ٿو: ”مان نہ ٿي سمجهان تہ تاريخ ماضيءَ جي لاش مٿان ڳوڙهن ڳاڙن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ آهي. اسين حادثن جا لاش ڪلھن تي کڻي نمائش لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون. ڇا اهو ان لاءِ آهي تہ ايندڙ وقت کي ڊيڄاري المين کان پري رهي سگهون؟“ ص_13
تاريخ تي صرف عرشنا ئي ڳالھائي ٿي: ”تاريخ نانگ جيان آهي. جنھن جي لنگهي وڃڻ کان پوءِ اسين ڇڏيل نشان کي ڌڪ هڻي رهيا آهيون.“ ص_ 14
يا هيئن بہ چئي ٿو: ”جيڪو دولت تي فخر ڪري ۽ عيش ۾مسرور هجي، تاريخ ان جو قدر نہ ڪندي.“ص_49
موت بابت هڪ ٻيو لاجواب مڪالمو آهي: ”ياد رک! موت ڪارو پکي رحم جا آنا نہ ڏيندو آهي.“ ص_30
موت بابت: ”هوا هن جا ڳل چميا ۽ چيو ”چريا پٽ، پالڻھار اڃا لوليءَ جا اهڙا لفظ نہ خلقيا آهن جو موت کي مات ڏئي سگهن. عزرائيل ٻڌي تہ ان جي اکين مان ڳوڙها ڳڙن.“ ص_100
ناول نگار رڳو موت بابت نہ ٿو ڳالھائي هن زندگي کي ڪئين محسوس ڪيو آهي اهو بہ بيان ڪري ٿو:
”حياتي سمنڊ جي تھہ تي ترندڙ پاڻيءَ سان ڀريل دلو آهي. پاڻي پاڻيءَ سان ملي هڪ ٿي ويندو.“ ص_33
وري پيار بابت لکي ٿو: ”پيار جي غلامي سڀ کان وڏي آزادي آهي.“ ص_ 41
ناول نگار عاشق بلوچ موجب: رسول ميمڻ جا ناول تمام زبردست ۽ دل کي ڇھندڙ آهن، خاص ڪري نجومي ۽ قالو بلا وڏي پايي جا فڪري ناول آهن. (6)
فڪري حوالي سان بہ هي سگهارو ناول آهي، ائين ناهي تہ هن ۾ هوائي توائي بحث يا ڳالھيون آهن. جيڪي پڙهڻ سان ماڻھو سوچن ۾ سڪ ٿي وڃي ٿو. هر صفحي تي ڪنھن نہ ڪنھن موضوع سان هڪ فڪر انگيز ڳالھہ ڪيل آهي جيئن:
”اناج جا ٻوٽا سٿرن وچ ۾ جنم وٺندا آهن.“ ص_47
رسول ميمڻ مطابق: يونان، روم، فينيثيا، ڪارٿيجيا، ميسوپوٽيميا، مصر ۽ سنڌ (هند) سميت دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ عبادت جو آغاز بت پرستيءَ سان ٿيو، ڪنھن دؤر ۾ خدا شماري آدمشماريءَ کان وڌيڪ رهي آهي.“ (4)
ناول نگار ارتقا جي ڪھاڻي ۾ يقين رکندڙ آهي. ان ڪري هو ان جي حمايت ۾ ڪافي ڳالھيون لکيون آهن. جيئن تہ هو سائنسي نقطہ نظر رکندڙ هو. پر ان جو اهو بہ مطلب ناهي تہ ارتقا جي ڪھاڻي ڪا ڪُلُ آهي، ان تي بہ سوال ڪري سگهجن ٿا. جيئن مٿي اسان خدائن جي حوالي سان سندس حوالو ڏنو آهي. ان سبب ئي هو هن ڪائنات جي ڪارخاني کي خودڪار سمجهي ٿو ۽ ان جو دليل ارتقا وارو نظريو پيش ڪري ٿو.
اديب/صحافي اختر حفيظ موجب:
گذريل ڪجهہ سالن ۾ جيڪي سنڌي ناول لکيا ويا آهن، انھن مان هي هڪ بھترين ناول آهي. ناول جي ٻولي ۽ اسلوب ايترو تہ سھڻو آهي جو پڙهڻ وقت ناول هڪ ڀالي جيان سيني ۾ لھندو ٿو وڃي. (5)
هن ناول جون تشبيھون، ويچار ۽ استعارا ڪنھن شاهڪار کان گهٽ ناهن. جيئن هڪ تشبيھہ هت ڏجي ٿي:
”سندس منھن جو رنگ توريت جي پراڻن پنن جيان پيلو هو.“
ص_51
ناول ۾ ڪردار تمام گهڻا آهن. مک ڪردارن ۾ وارث ۽ عرشنا آهن، وارثActive ڪردار آهي. پر عرشنا پوري ڪھاڻي ۾ جامد ڪردار طور آندل آهي. ليکڪ ان کي سگهارو ڪري پئي سگهيو پر نہ ڪيو اٿس.
ڪتن جو ذڪر يا ان جو استعاراتي استعمال رسول ميمڻ پنھنجي اڪثر لکڻين ۾ ڪيو آهي. قالو بلا ناول ۾ ڪتن جو حوالو موجود آهي.
”اپالو سج جي رٿ تي سوار هو. جنھن کي چوڏهن ڪتا گھلي رهيا هئا. عرش ۾ ڪتا ڀونڪي رهيا هئا. ڌرتيءَ تي ماڻھو هڏي لاءِ وڙهي رهيا هئا.
اها ٽاڪ منجهند هئي. وارث دانھن ڏيڻ لاءِ اپالو جي رٿ کي روڪيو تہ ڪتن سندس ڀٽڪندڙ روح کي رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيو.
”روح جون ٻوٽيون جسم جي گوشت کان وڌيڪ ذائقيدار آهن.“ هڪ ڪتي ٻئي ڪتي کي چيو.
”روح جون ٻوٽيون اڻ کٽ لافاني آهن.“ ٻئي ڪتي جو جواب ڏنو. اپولو سج جي شعلن مان ڪنڌ ڪڍي ڏسندو رهيو. هن ڏٺو ڪتا ڏاڍا خوش هئا، توانا ۽ ڦڙت هئا. سندن رفتار تيز هئي. اپالو خوش ٿيو ۽ چھبڪ اڇلائي ڇڏيو.
”ڪتا خوش تہ ڪائنات خوش.“ هن مرڪندي چيو
وراث جو روح ڳڀا ڳڀا ٿي ويو. ڪتا سندس روح جون آڱريون چٽڻ لڳا. ان ڏينھن سج جي رفتار تيز هئي. ڏينھن ننڍو ٿيو. مرندڙ عرشنا جي زندگي جو کٽندڙ ڏينھن.“ ص_57
روح بابت ليکڪ لکي ٿو: ”روحن کي شڪيلون نہ هونديون آهن. اهي خواب ناڪ آهن. لکيل ميساريل بوندن ۾ مليل رنگ... تراشيل ڀڳل مجسما.“ ص_80
وري ٻي هنڌ روح بابت لکي ٿو: ”پاڇن جي ڪا ذات نہ هوندي آهي. هوائن جو ڪو مذهب نہ هوندو آهي. جهڙ جي ڪا زبان نہ هوندي آهي. روحن جي ڪا قوم نہ هوندي آهي.“ ص_85
مشتاق شوري موجب: ”اڄ سرجندڙ ساهت جو نہ ڪو مقصد آهي، نہ ئي معنيٰ. اهو نصيحت نہ ٿو ڪري، راھہ نہ ٿو ڏسي، پرچاري ناهي. ائبسرڊ ساهت ۾ انسان جي بيوسي، ڇت ڪتائي، فطرت/قدرت جي بي رحمي، نتيجي ۾ پيدا ٿيل نفسياتي ڏوھہ، جيڪي بي جوڙ ڪائنات، بي مقصد انساني هستي جي تخليق خلاف انصاف ڀريو احتجاج آهن، ۽ آئيندي جي ڀيانڪتا کي مختلف روپن ۾ اظهار ڏنو ويو آهي.“ (6)
رسول ميمڻ جيڪو بہ لکيو ان ۾ ائبسرڊٽي آهي. پوءِ اهي ان جون ڪھاڻيون هجن يا ناول انھن ۾ انسان جي بي اننت حياتيءَ جو نوحو آهي، ڇت ڪتائي جو جھان آهي. ماڻھو هيڻو آهي. موت اڳيان زندگي جي بي سبب، بي غرض ۽ مسلسل مسئلن سان دوچار آهي. جديد ساهت ۾ رسول ميمڻ جو هي ناول بہ مثال آڻي سگهجي ٿو. جنھن ۾ هڪ ماڻھو پنھنجي پياري جي حياتيءَ لاءِ لاچار آهي، وائڙو آهي تہ هُو زندگي جي اوچتي ۽ بيماري جي عجب ڀونر ۾ ڦاٿل زندگي کي ڪيئن نجات ڏياري ان بيماري کي ڪينسر چون ٿا. پر هو ڪو بہ هيلو وسيلو نہ ٿو ڪري سگهي ۽ هن جي محبوبا دارلبقا جي جھان جي راهي ٿي وڃي ٿي.
هن ناول ۾ تنقيدي نقطو اهو آهي تہ ليکڪ وارث کان عرشنا سان سنڀوڳ ڪرائي ٿو. جڏهن تہ عرشنا مري چڪي هوندي آهي. اهڙي ساهت جنھن ۾ ڪا معنيٰ ناهي ڪو مقصد ناهي. هي ناول ڄڻ ان جو مثال ٿي پوي ٿو. آخر هن مان هڪ پڙهندڙ جي ذهن تي ڪھڙا اثر پوندا جنھن مان اسان ڪجهہ حاصل ڪري سگهون. وارث جي هن عمل کي ڪھڙي نگاھہ سان ڏسون. هلو ٺيڪ آ ليکڪ تہ صرف ڪھاڻي بيان ڪئي آهي پر پوءِ اهڙي ڪردار کي اسان جي سماج ۾ ڪٿي جاءِ ملندي.
هڪ بحث طلب ڳالھہ اها بہ آهي تہ رسول ميمڻ سپت سنڌو تھذيب جي هڪ قيبلي ۾ چڪلن جي هئڻ جي منظرڪشي ڪئي آهي.
لکي ٿو: ”سمبارا قبيلي جا هاي ڇڙواڳ جوڌا جن جي بستي مھين جي اوڀر ان مقام تي هئي جو جڏهن سج لھندو هو تہ کوهن جا ڊگها ٿيندڙ پاڇا انھن جي گهٽين مان لنگهي درن تي پھچندا هئا. اهي سمبارا جا ڇڙواڳ خدا جي نانءَ کان وانجهيل ڪافر قيبلا جيڪي مھين کان پري ان جي دامن ۾ گناهن جا کيڏ کيڏندا ها. سندن سرعام چڪلا جن جي درن تي ڪڻڪ رنگيون ناسي نيڻن واريون وئشيائون اوسيئڙي ۾ بيٺل هونديون هيون. جن جي مڌشالن ۾ بدڙي چانورن جي راشيل هيڊي شراب جون ڪوناريون ڪڏهن نہ سڪيون.“ (قالو بلا ناول ـ ص 92)
اهو سمبارا قبيلو نہ پر سمارا قبيلو آهي. ڪيترن سنڌي ليکڪن شاعرن بہ ان کي سمبارا ناچڻي ڪري پيش ڪيو آهي. جيڪو تاريخي لحاظ کان درست ناهي. سمارا ناچڻي نہ پر ديوي هئي ۽ سنڌو تھذيب ۾ مادرانہ سماج هئڻ ڪري هوءَ پنھنجي راڄ جي راڻي هئي.
ان جو سمورو احوال ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي پنھنجي پي ايڇ ڊي مقالي جي ذيلي عنوان ”آريا ـ مال جا هاڻو ۽ سمارا ديوي“ ۾ تفصيل سان لکيو آهي.
ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي مطابق : ”انھيءَ دؤر جو قديم سنڌي سماج مادرانہ سماج هو. اها ڳالھه ثابت آهي تہ اهڙي قديم آڳاٽي دؤر ۾ بہ سنڌي لوڪن سمارا جھڙيون اعليٰ فھم ۽ فڪر رکندڙ، پنھنجي سماج لاءِ سفيرانا گڻ ۽ سفارت ڪاري واريون خوبيون رکندڙ عورتون موجود هيون، جيڪي ايڏن مسئلن کي سلجهائي تي ڄاڻنديون هيون ۽ دشمن وٽان وڏو مان ۽ مرتبو حاصل ڪري وٺنديون هيون.“
(شاھہ لطيف جي ڪلام جو سماجي ـ تحقيقي اڀياس ص 148)
ٻيو ليکڪ سنڌو سڀيتا ۾ شراب جي ڪونارين ڀريل وئشائن جو ذڪر ڪيو آهي. شراب سنڌو سڀيتا ۾ تاريخي حوالي سان نہ رهيو آهي. نہ ئي چڪلا ڇو تہ سنڌو تھذيب ۾ ڪميون نظام هو هر ڪو سکيو ستابو هو ان ۾ وئشا جو تصور ناهي. وئشا تڏهن جنم وٺندي جڏهن سماج ۾ ان کي معاشي تحظ نہ ملندو. اوائلي سنڌي سماج معاشي طور سگهارو رهيو آهي. ان ڪري اهڙي ڳالھہ نہ ٿي ٿئي سگهي.
سنڌو سڀيتا ۾ مڌ جو خيال بہ گهڻو پوءِ جو آهي موهن جي دڙي يا سپت سنڌو تھذيب ۾ ان جا اهڃاڻ بنھہ نہ جي برابر آهن.
ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي موجب: سرور ڏيندڙ ـ مڌ جو واهپو ڏندڪٿائي آرين کان پوءِ شروع ٿيو يا ڪو آڳاٽو سنڌ ۾ رهيو آهي. هر حال ۾ ”مئي خاني“ سان ايراني ثقافت سلھاڙيل رهي آهي. ڊاڪٽر سورلي سنڌ ۾ ٺھندڙ شراب جي مختلف قسمن جو بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”هتي ٻن قسمن جو شراب، جيڪو مڪاني پئداواري شين مان ٺاهيو وڃي ٿو، اهو تمام بھترين قسم جو شراب آهي.“
(شاھہ لطيف جي ڪلام جو سماجي ـ تحقيقي اڀياس ص 418)
منھنجي خيال ۾ اهو شراب بہ ويجهي اتهاس جي ڳالھہ چئي سگهجي ٿي. مون جيڪو نقطو بيان ڪيو آهي اهو سنڌو تھذيب جو آهي. ليکڪ ناول ۾ موهن جي دڙي جي اوج، سنڌين جي واپار، انھن جي غورابن جو بہ شاهي نموني سان بيان ڪيو آهي، جيڪو حسين منظرن سان ان دؤر جي ياد ڏياري ڄڻ اتي پڄائي ڇڏي ٿو.
رسول ميمڻ جي انفرادي نثري اسلوب ۾ ڳوڙهيون ڳالھيون آهن پر لفظ عام آهن جن جي ڏاهپ هر سٽ ۾ جهلڪي ٿي ائين هن ناول ۾ بہ آهي. جيئن لکي ٿو:
”خوشنصيب جي وات ۾ ٿڻ. بدنصيب جي وات ۾ آڱوٺو آهي.“ ص ـ 100
هي ناول زندگيءَ کان شروع ٿي موت تي ختم ٿي وڃي ٿو پر ان ۾ انيڪ سارا معاملا رسول ميمڻ وڏي ڏانءُ سان بحث هيٺ آڻي وڃي ٿو. سنڌي ادب ناول ۾ اِهو منفرد آزمودو آهي.
حوالا:
1. قالو بلا، ناول، رسول ميمڻ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور، 2013ع.
2. مختيار ابڙو، تخليق ۽ ادبي عدل، سوجهرو مئگزين، ڪراچي، صفحو 05، 2014ع.
3. الف کان اڳ، رسول ميمڻ، مھاڳ، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي، 2019ع.
4. رسول ميمڻ جو انٽرويو، امر اقبال، ڪاوش دنيا مئگزين حيدرآباد، صفحو 13، 2021ع.
5. سنڌي ادب جا ڪجهہ وڻندڙ ناول، اختر حفيظ، سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، 2021ع.
6. ڏات جو ڏيھہ، عاشق بلوچ، سھيل ڪنڀر، سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، 18 سيپٽمبر 2019ع.
7. مشتاق شورو، هستيءَ جو گم ٿيل ٽڪرو، ڪھاڻيون، ڪرتي پرڪاشن، وشواس نگر شاهدارا، دهلي، 2018ع، ص_22.
8. ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي، شاھہ عبداللطيف جي ڪلام جو سماجي ـ تحقيقي اڀياس، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2021ع.
9. ساڳيو
10. Source: eng-literature.com