اک ڇنڀ ـ سرئيلسٽڪ ناول
سريئلسٽڪ ناول جي جيڪڏهن وصف ڪجي تہ اها هئين ٿيندي:
An Artistic attempt to bridge together reality and the imagination.
رسول ميمڻ پنھنجي اعليٰ نثرنگاري۽ فنڪاري سان ڪراچي جي تاريخي حيثيت، ان جون نديون، نالا، ماڻھو، مسلمانن ۽ هندن جا جهيڙا، انگريزن جي حڪمراني، جناح ۽ سائين جي ايم سيد جا ڪردار سرجيا اٿس، اهي سڀ هڪ خوابيده دنيا ۾ اسان جي سامھون اچن ٿا.
ڪھاڻيڪار ۽ محقق مصور حسين موجب:
”هن ناول ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي، ڏاڍ، جبر ٿورو ڪي گهڻو وائکو ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ انگريز دؤر جي ڪجهہ واقعن ۽ قصن کي بہ قلمبند ڪيو ويو آهي.“ (1)
ان کان اڳ ۾ ڪراچيءَ جي پس منظر ۾ زاهد راڄپر جو ناول لکيل آهي. هي ناول سنڌي تاريخي ناولن جو تسلسل آهي. ڪراچي ٻين ناول نگارن جي ناولن جو بہ ڌيان ڇڪائيندي رهي آهي. پرويز ابڙي، غلام نبي مغل جي ناولن ۾ ڪراچي جا عڪس آهن.
دودي چانڊئي جي ناول ”ڪراچيءَ ڏانھن واپسي“ جو مرڪزي خيال بہ ڪراچي ئي آهي. هن ناول ۾ سياسي ٽچ آهي. فني حوالي سان اخباري خبرن ۽ ڪالم وارو اسلوب واڌو آهي. سنڌي ماڻھن کي هنن ناولن مان سنڌ جي مارئي ڪلاچيءَ جي ماضيءَ، حال ۽ مستقبل جي معلومات ملي ٿي. ڪراچي ۾ سنڌين کي ڪيئن عملي ميدان ۾ ڪوششون ڪرڻ کپن. اهو سڀ هن ناول ۾ آهي.
هن ناول جو مکيہ ڪردار عثمان علي، جو تاريخ جو شاگرد ۽ ڪراچيءَ ۾ رهندڙ آهي. ان کي هڪڙي رات پيءُ پاڻي ڀري اچڻ لاءِ چئي ٿو. پاڻي جيڪو هن دنيا جو وڏي ۾ وڏو مامرو آهي، امام حسين کان ويندي اڄوڪي سنڌ تائين خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ تہ پاڻي جو مسئلو آهي. عثمان علي پاڻي جي لاءِ شھر ۾ نڪري وڃي ٿو. هُو لياري نديءَ ڏانھن اچي ٿو. ان جي ويجهو ئي ڏيڍ سؤ سال قديم پل آهي. اها پل برطانوي راڄ جي دؤر جي آهي ۽ سنڌ ۾ ان دؤر ۾ گورن جي خلاف آزاديءَ جو علم اوڀو ڪيو ويو هو.
عثمان علي عجب حيرت ۾ هڪ نيئن دنيا ۾ هليو وڃي ٿو. جتي وڏيون سھڻيون جايون آهن. هلندي هو هڪ جاءِ وٽ اچي ٿو، جتي ٽھڪن جا جلترنگ هجن ٿا، انھن جي پڙلاءُ پويان هُو هڪ پاڻي جي حوض وٽ پھچي ٿو. جتي مايون تڙڳي رهيون آهن. اتي عثمان علي انگريزياڻي لزا کي ڏسي وائڙو ٿي وڃي ٿو. جيڪا سندس پريميڪا جھڙي آهي. هُو لزا ۾ پنھنجي محبوبہ سوڀيا کي پسي ٿو ۽ هو سوچي ٿو تہ لزا سوڀيا جو ٻيو جنم/روپ آهي.
ان وچ ۾ آزادي پسند ٽولو گهر ۾ گهڙي ٿو ۽ لزا کي کڻي هليو وڃي ٿو. لزا انگريز حڪمران ڪرنل مارٽن جي نياڻي آهي. ڪرنل مارٽن ڪراچي ۾ اهم عھدي تي فائز آفيسر آهي. ڌيءُ جي کڄڻ تي تمام گهڻو پريشان ٿي وڃي ٿو. ڪرنل تہ اتي پر عثمان لزا جي ڳولھا ۾ ڪراچي جي رستن تي هلي پوي ٿو تہ رستي ۾ هن کي ويڙهاڪن جو ٽولو جماعت الخصار ملي ٿو. هنن جو منشور ڌارين کان آزادي وٺڻ آهي. ان ٽولي کي سندن ٻئي ساٿي جو اوسيئڙو آهي. ان ساٿي وٽ هنن جو هڪ سڪو آهي جنھن تي چنڊ تارو اڪريل آهي. اهوئي سڪو عثمان وٽ بہ آهي. اهو ان وقت جو راج السڪه آهي، جنھن مان سندس ساٿي محسوس ڪن ٿا تہ هو اهو ئي آهي جنھن جو اوسيئڙو آهي. عثمان علي انھن کي گهڻو چئي ٿو تہ هي اهو ناهي ان جي باوجود هُو انھن سان ان جنگ ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.
ان سڪي جي حوالي سان ناول نگار صفحي 33 لکيو آهي؛ عثمان علي وٽ جيڪو سڪو آهي هو ڏيکاري ٿو. اهو سڪو اخبارن جو هاڪر ڏسي ان کي آزادي پسند سمجهي ٿو ۽ ان کي پتو ٻڌائي ٿو. وري 88 پني تي عثمان هڪ سڪو انگريزن کي ڏيکاري ٿو. اهي پڻ ان سڪي کي ڏسي هن کي ڇڏي ڏين ٿا. مونجهہ اها آهي تہ انھن سڪن ۾ تفاوت ڪھڙو آهي؟ ڇاڪاڻ جو آزادي پسند ۽ حڪمران الڳ ڌريون آهن تہ انھن جون نشانيون جدا هونديون.
ترجمي نگار عبدالڪريم چنا موجب: ”هي ناول فني نگاھہ سان مڪمل ناهي، ان ڪري سنڌي ناول نگاري ۾ ڪو مٿانھون مقام نہ ماڻي سگهندو.“ (3)
منھنجي خيال ۾ ترجمي نگار جي ان راءِ سان اتفاق نہ ٿو ڪري سگهجي، ڇو جو هن ناول جي اچڻ بعد ناول جي نقادن هن تي گهڻو لکيو ۽ ڳالھايو ويو آهي. جنھن ۾ ناول جي ٽيڪنڪ تي بہ لکيو ويو. ان سان گڏ هي ناول جلدي ۾ مارڪيٽ مان کپي بہ ويو. اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد پاران هن ناول کي 2019ع جو بھترين ناول جو ايوارڊ بہ ڏنو ويو هو.
ناول نگار ۽ نقاد ڪليم ٻٽ موجب:
”ڪجهہ جاين تي اهو بہ محسوس ٿئي ٿو تہ هي ناول تڪڙو لکيو ويو آهي، واقعا اچي ۽ ختم ٿيو وڃن، جن جي وضاحت ڪرڻ گهرجندي هئي!!“ (4)
رمزيت واري لاڙي تحت لکيل افسانوي ادب ۾ شين ۽ واقعن جا منظر تڪڙا بدلجندا آهن، ان ۾ ائين تہ نہ چئبو تہ تڪڙ ۾ لکيو ويو آهي. ناول پنھنجي جوهر ۾ ڀرپور آهي. سنڌي ادب ۾ رسول ميمڻ جي فن ۽ فڪر تي ڪافي غيرضروري تنقيد بہ ڪئي وئي. جيڪا اڳتي هلي اڄ مڪمل طور پنھنجي اهميت وڃائي چڪي آهي پر رسول ميمڻ جي تخليق ڏينھون ڏينھن نکري رهي آهي.
رسول ميمڻ جو سياسي شعور اعليٰ قسم جو آهي، هن ناول ۾ هُن جي سياسي تنقيد يا سياسي فيصلن جي باري ۾ سندس احساس گهڻا گهرا آهن. ورهاڱي جي وڇوڙن ۽ واچوڙن تي هوُ جناح ۽ جي ايم سيد تي هڙي نموني لکي ٿو:
ـــــــــــــــــ
ڪارلٽن ھوٽل ڪراچيءَ ۾ سڀ قومپرست، سنڌ جا عظيم ڏاها ۽ تعليمدان ويٺل هئا، اهي مسلمانن جي حقن بابت ڳالھائي رهيا هئا، الڳ ملڪ جو شوق ائين هو جيئن گهوڙن پالڻ جو شوق. عثمان عليءَ نہ ڪئي هم، نہ تم. سڌو وڃي جهيڻا جي پيرن کي پڪڙيو.
”سائين ائين نہ ڪيو.“ هن چيو ”وڏو قتل عام ٿيندو، بي گناھہ ماڻھو مرندا، عورتون اغوا ٿينديون، هجرتون ٿينديون، هيڏانھن جا ماڻھو هوڏانھن تہ هوڏانھن جا هيڏانھن ٿيندا. مذهبي نفرتون وڌنديون. ٻوليون، نسل ۽ قومپرستيون جاڳي پونديون. جنگيون لڳنديون، ملڪ ٽٽندو، ماڻھو دربدر ٿيندا.“
عثمان علي جڏهن جهيڻا جي قدمن ۾ ڳالھائي رهيو هيو تہ جهيڻا پاڻ تقرير ڪري رهيو هيو، اهو سڀني سامھون بيٺل هو. تقرير ۾ ساڳيا جملا ورجائي رهيو هو جيڪي عثمان ان جي قدمن ۾ چئي رهيو هو. پر ان جي ورجايل جملن ۾ عثمان عليءَ جي جملن جو ضد هو. جهيڻا جي ڳالھہ سڀ ٻڌي رهيا هئا، پر عثمان علي ڄڻ ڀت سان ڳالھائي رهيو هو. ڀت کي ڪن هئا ۽ ڀت ڳالھائي رهي هئي.
عثمان علي سيد سان ان ڪري ڳالھائي نہ سگهيو ڇو جو سيد ماني جهلي هئي، جڏهن هٿن ۾ ماني جهليل هجي تہ رحمدل ماڻھو ڀورا ڪري پکين کي کارائيندو آهي، سيد مصروف هو ۽ هن جي مانيءَ تي هڪ اهڙو جهرڪ لٿو جنھن کيس ٻڌايو تہ ”هو جهرڪن ۾ نہ ڄايو آهي.“ سيد کيس دلجاءِ ڏني تہ ”هو ڪوشش ڪندو تہ جهرڪ پکين ۾ شمار ٿئي ڇو جو سنڌ، هند ۾ شمار ٿئي ٿي، وقت ايندو جو سنڌ، هند ۾ شمار نہ ٿيندي، ان لاءِ هو سڀ کان پھريون سنڌ اسيمبليءَ ۾ اهڙي قرارداد پاس ڪرائيندو جيئن سنڌ ڪٿي بہ شمار نہ ٿئي.“
جهيڻا خوش ٿي سيد جي پٺي ٺپي ۽ ٺپڻ جي آواز تي ڄڻ عثمان عليءَ جا ڪن ڦاٽي پيا. هن ٻئي هٿ ڪنن کي ڏنا ۽ محسوس ڪيو جيئن ڇنڊڻ ڪري تاريخ جي صفحن تان مٽي اڏامندي هجي.“
عثمان علي جا اڌما اصل ۾ رسول ميمڻ جا پنھنجا آهن، جن کي هن عثمان جي وسيلي اظھاريو آهي. اڪثر افسانوي ادب ۾ ورهاڱي بابت سائين جي ايم سيد تي تنقيد ڪئي ويندي آهي. ان جو اڳ پٺ سمجهہ ۾ نہ ايندو آهي. پاڪستان ٺاهڻ جي ايم سيد جو ڪو ايڏو وڏو ڏوھہ بہ نہ هو اهو سڀ ان وقت جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حالتن جي مرهون منت هو.
ناول نگار نور جوڻيجي موجب: ”سمورو ناول واقعي اک ڇنڀ جيان اندر ۾ لھي وڃي ٿو. اکيون عثمان علي ۽ لزا بڻجي وڃن ٿيون ۽ مان عثمان جي ڪرمنڊل مان پاڻي پي شديد اڃارو ٿي پيو آهيان. اهڙي دنيا جو سير نصيب ٿيو، جيڪا اڳ ۾ ليکڪ جي هئي پر هاڻي منھنجي حواسن ۾ سمايل آهي.“ (2)
هن ناول جي منظرنگاري بيحد وڻندڙ ۽ سگهاري آهي. پڙهندي پڙهندي پاٺڪ ماضي جي جهروڪن ۾ جهاتيون پائيندو هليو وڃي ٿو. ماضي ۽ حال کي جوڙي ناول جي پس منظر ۾ آڻڻ جي اڳ ۾ ڪنھن سنڌي ناول آهي تہ اها سراج جي ناولن ۾ آهي. پر اها سنڌ جي قديم ترين دؤر تي مبني آهي. رسول ميمڻ جو نثر سنڌي ۾ فلسفيانہ ۽ فڪر انگيز آهي. ائين هن ناول ۾ هن جا استعارا، پروڙ جي قوت، تشبيھون ۽ سندس سوچ ڪمال جي ڇڪ رکندڙ آهي، جيڪا پڙهندڙ کي سوگهو ڪيون بيٺي آهي. سندس نثر جو خوبصورت جا ڪجهہ ٽڪرا هتي ڏجن ٿا:
اِنسَان جَڏهِن اِنسَان جي رُوپ ۾ ڌَرتي کي قَبُول ڪَندو تہ: ” اُھا بَھِشَت ٿي پوَندي،“۽ حُورَن جي سَحِر مان نِڪري عَورت کي مَانُ ۽ رُتبُو ڏيندو، اُن جا ٻار فَرشتا ٿي پوَندا، ۽ ڌَرتي جو پاڻي پِي،شَرابَن طَھوره وِسَاري وِيھَندو.“
ماڻھو پاڻيءَ ۾ ۽ پاڻي اکين ۾ ترندو آهي. اکيون جسم جي ڀريل جام جو ڪنارو آهن ۽ ڪنارن کان پاڻي ڇلڪي پوندو آهي. ص_10
پھريون دفعو مون محسوس ڪيو تہ پاڻي ذائيقدار تڏهن هوندو آهي جڏهن ان کي ذائقو نہ هجي. ص_32
ڌرتيءَ اندر جتي ندي ۽ سمنڊ پاڻ ۾ ملندا آهن، اتي ذائقي جي معنيٰ بدليل هوندي آهي. ائين جيئن مذهب پاڻ ۾ ملي مذهب جي وصف بدلائي وجهندا آهن. ص_42
رسول ميمڻ هن ناول جي باري ۾ مھاڳ ۾ هن کي هڪ خواب ناڪ ناول ڪوٺيو آهي. ليکڪ ماضيءَ ۾ وڃي قديم ڪردارن کي جيئرو ڪري واقعا ور ي ورجايا آهن، جن جي ڪري سنڌ ڀوڳيو يا ڀوڳي رهي آهي. ڪراچي، سنڌ جا سياسي مدبر، سنڌ جون بدحاليءَ جو حالتون هن ناول جي پيش منظر ۾ آهن.
ناول نگار محبوب سنڌي موجب:
”هي ناول سنڌ کي تاريخي وطن هئڻ واري مالڪي نہ ملڻ جي پسمنظر جو هڪ دستاويز آهي.“ (5)
ورهاڱي کان اڳ جون تحريڪون، شخصيتون ۽ واقعا ليکڪ نھايت گھرائي ۽ سچائي سان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنھن ۾ هو ڪامياب ويو آهي. ناول ۾ ورهاڱي جو نقصان ڪيترو ٿيندو ان بابت بہ ليکڪ پنھنجا ويچار ونڊي ٿو. باهيون فساد، قتل ۽ غارت جنھن بابت ڪراچي ۾ ٻڌندا آهيون. ليکڪ اهي منظر چٽا ڏنا آهن. جيڪو وڏو فن آهي. ناول ۾ ڪراچيءَ جي ٻيٽن جو ذڪر بہ ڪيو ويو آهي جيڪو تاريخي طور تي تمام گهڻو اهم آهي.
ڪٿي ڪٿي ناول نگار ڪردارن کان اهڙا بہ جملا چورايا آهن جن کي قبولي نہ ٿو سگهجي. جيئن هو هڪ ڪردار واتان چورائي ٿو تہ عورت ڪمزور آهي. عورت تي هونئن بہ گهڻن ناولن ۾ اهڙا مڪالما شامل ٿيندا رهيا آهن. عورت قديم دور جي هجي يا جديد دؤر جي هجي اها هر موڙ تي ديوي آهي وڙهي ۽ ميدان عمل ۾ رهي آهي.
سنڌي ادب جو هي ناول رسول ميمڻ جي خوابيدہ اکين جو ڪمال آهي.
حوالا:
1. مصور حسين، اک ڇنڀ، ناول، سڦلتا مئگزين حيدرآباد، 2022ع.
2. اک ڇنڀ، عبدالڪريم چنا، فيس بوڪ پوسٽ، 26 سيپٽمبر 2019ع.
3. ڪليم ٻٽ، روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، ايڊيٽوريل پيج، 2021ع.
4. اک ڇنڀ ناول جو سحر، نور جوڻيجو، فيس بوڪ پوسٽ، 25 سيپٽمبر 2021ع.
5. ناول اک ڇنڀ جو جائزو، محبوب سنڌي، روزاني سوڀ حيدرآباد، 6 سيپٽمبر 2021ع.