لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

رسول ميمڻ: سنڌي افسانوي ادب جو رسول

هوش محمد ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ ھوش ڀٽيءَ رسول ميمڻ جي لکيل ڇھن ئي ناولن ”اوڻيھہ عورتون“، ”قالوبلا“، ”نجومي“، ”اسٽيل جا پنج گلاس“، ”اک ڇنڀ“ ۽ ”ڪُتا“ تي تفصيلي طور مضمون/تعارف ۽ تنقيدي حوالي سان لکيو آھي.

Title Cover of book Sidnhi Afsanve Adab jo Rasool

اسٽيل جا پنج گلاس ـ تاريخي ناول

هن ناول جو بيانيو صفا نئون آهي. سنڌ جي جديد تاريخ کي افسانوي رنگن ۾ ڦلھوريو ويو آهي. هونئن تہ سنڌيءَ ۾ مختلف شھرن جي پسمنظر ۾ چڱا ناول لکيل آهن جيئن سانگهڙ، يا ڪراچيءَ بابت ”ڪيڏو قهر ڪلاچ ۾، دهشتگرد“ ناول آيل آهن. پر هيءُ ناول پوري سنڌ جي شھرن جي منظرن سان ڀريو پيو آهي. اهي ڪيئن جڙيا آهن، انھن ۾ ڪھڙا واقعا رونما ٿيا آهن، جيڪي تاريخي طور تي وڏو موڙ ثابت ٿيا. انھن کي اتم انداز سان بيان ڪيو ويو آهي.
ائين اسٽيل جا پنج گلاس ويجهي اتھاس جو شاندار ناول آهي. جنھن ۾ سياست/آپي شاهي جھڙن ڏکين موضوعن کي سھنجائي سان عڪس بند ڪيو ويو آهي. هن ناول ۾ آتم ڪٿائي انداز بہ گهڻو آهي. جيئن پاڻ ليکڪ هڪ انٽرويو ۾ هن ناول بابت هئين ٻڌايو آهي.

”شاعر حبيب ساجد جو سوال: توهان Auto Biographical Novel بہ لکيو آهي؟
رسول ميمڻ جواب ڏنو هو تہ: ”ها مون لکيو آهي، ”اسٽيل جا پنج گلاس“ اسٽيل جا پنج گلاس منھنجي ماءُ کي ڏاج ۾ مليا هئا. ايترا تہ مضبوط آهن جو اڃا تائين موجود آهن. اسان جي Generations انھن گلاسن کي استعمال ڪيو- انھيءَ وچ ۾ شيشي جا گلاس آيا، ڀڄي پيا... سو انھيءَ پس منظر ۾ مان اهو ناول لکان پيو.“ (1)
هي ناول سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تاريخ بہ آهي، ڇو تہ ليکڪ چئي ٿو اسٽيل جا پنج گلاس، پر جيڪڏهن اسان اڃا ٿورو پوئتي وڃون تہ ان ۾ ٺڪر، ۽ پوءِ جست جا گلاس استعمال ٿيندا هئا. سنڌ ۾ ڪھڙا دستور هئا سنڌي ڪيئن ڊنل ۽ هيسل جي رهيا آهن، ان کي جادوئي حقيقت نگاريءَ سان پيش ڪيو ويو آهي. هن ناول جي اڻت ۾ هر طبقي جا انسان جا مامرا ليکڪ سامھون آندا آهن.
جيئن صفحي 18 تي: ”ايوب خان جي ڏينھن ۾ مارشلا جي وڏي دهشت هئي. ماڻھو پوليس کان ڊڄندا هئا پر فوج کي اعزارئيل سمجهندا هئا.“

ناول نگار نور جوڻيجي موجب:
”اسٽيل جا پنج گلاس يقينن، نہ فقط موضوع بلڪ ناول جي هڏ ۽ فارميٽ ۾ پڻ مختلف آهي پر هن ڊايليڪٽ ۾ جو هي سنڌي ادب ۾ واحد ناول جي اندر يادن جو وهڪرو ائين آهي جيئن سمنڊ منجهہ لھرون هونديون آهن.“ (2)
اها حقيقت آهي تہ هن ناول ۾ موضوع ۽ يادگيرين سان جيڪو تيز تر Panorama وڏو ڇڪيندڙ آهي. ون يونٽ جي جدوجهد، فوجي آمر حڪمرانن جا ڪھڙا مفاد ۽ نفسيات هئي. عام ماڻھو ڪيئن جئي رهيو هو.
هو لکي ٿو: ”چون ٿا ايوب خان جي وهاڻي کي بہ فوجي شوَ پاتل هوندي هئي.“ ص_19

تجزيي نگار ۽ صحافي نثار کوکر مطابق:
”هن ناول ۾ سنڌ جي ورهاڱي واري تاريخ کان ويندي ون يونٽ تائين، ايوب خان ۽ ڀُٽي جي اقتداري دؤر کي اهڙي تہ سولي انداز ۾ ڪردارن هٿان بيان ڪيو ويو آهي جو هي ناول ان دؤر جي سياسي تاريخ تي عوامي راين جي تاريخ بڻجي پوي ٿو.“ (3)
رسول ميمڻ جو هي ناول مٿئن رايي جي روشني ۾ مختلف دؤر پاڻ ۾ گڏ کڻي هلي ٿو ۽ انھن کي پاڻ سان جوڙي بہ ٿو. ناول نگار کي انھن ڪمال است ڪاريگري سان پورو ماحول ٺاهيو ويو آهي.
رسول ميمڻ هن ناول جي مھاڳ ۾ پيش لفظن ۾ لکيو آهي تہ ”ناول اسٽيل جا پنج گلاس سوانحي يا آتم ڪٿائي ناول نہ آهي پر اهو وسري ويل پراسرار يادن جي ناسٽلجيا آهي.“ (4)

”اسين سڀ ٻار صبح سان ورڪشاپ روڊ جي ڪناري تي ڪٺا ٿياسون. مان گهران پاڻي جي بوتل ۽ شيشي جا گلاس کڻي آيس.“ ص_20
منھنجي خيال ۾ ايوب خان جي دؤر ۾ بوتل کڻڻ جو رواج ڪو نہ پيو هو. اهو اڄ جي دؤر جو ڪلچر آهي. جڳ گلاس ان زماني ۾ پاڻي ڀرڻ جي لاءِ ڪتب آندا ويندا هئا.
ناول نگار صفحي 41 تي اهو ڏيکاريو آهي تہ طوطا قبرستان ۾ وڃي کٻڙن ۽ ڏرن ۾ آنا لاهيندا آهن. طوطا تہ وڻن تي آنا لاهيندا آهن. اهڙا سوراخ جن مان نانگ نڪري اچن ان ۾ مينا آنا ڪيئن لاهيندي.
هڪ هنڌ لکي ٿو: ”مائي پٺاڻي جو پٽ قادر بخش جنھن کي قادو چوندا هئا. اهو شھر جو نامي گرامي غنڊو هو. چرس وڪڻندو هو ۽ ور ۾ چاڪو رکندو هو. اهو ٻاهر نڪتو ۽ اچي شعبان کي ڪنڌ کان ورتائين.“ ص30
هن ڳالھہ ۽ ڪردار جو رسول ميمڻ جي ڪنھن ٻئي ناول يا ڪھاڻي ۾ ذڪر آيل آهي. ڇو تہ هي ناول سندس يادگيرين تي مشتمل آهي، ان ڪري رسول صاحب کان اهو ياد نہ رهيو آهي.
هي ناول سنڌ جا مختلف دؤر جا منظرناما سمائي هلي ٿو. جيئن ون يونٽ جي زماني بابت ناول نگار لکي ٿو:
”ون يونٽ واري وقت کي برڪيٽس ۾ لکيو ويندو هو. ڪلاس ۾ جيڪي ڪورس جا ڪتاب هوندا هئا. انھن جي پھرين صفحي تي سنڌ کي بريڪيٽس ۾ ڏسي غلاميءَ جو احساس ٿيندو هو. ڇو جو عادت ٿي وئي هئي.“ ص47
ان وقت ۾ رنڊين جا رويا ۽ سماجي هارمني جو ليکڪ هيئن بيان ڪيو آهي:
”اتي مون ڪڏهن مولويءَ کي رنڊين خلاف تقرير ڪندي نہ ٻڌو. هر جمعي تي رنڊيون مسجد ٻاهران نماز کان پوءِ ٻارن کي ڏاڪن تي ويھاري چانور کارائينديون هيون. مان بہ اهي چانور کائيندو هوس. مون کي انھن جو ذائقو نہ وڻندو هو. ص48
سينمائن جو پنھنجو هڪ شوق هوندو هو. ماڻھو وڏي ڇڪ سان سينمائن جو رخ ڪندا هئا. اهڙو منظر ناول نگار هيئن چٽيو آهي:
”شھر ۾ ماڻھن لاءِ تفريح جو واحد وسيلو اهي سينما گهر هوندا هئا. جن اندر فلم ڏسڻ دوران ماڻھو تيل جي ڪڙهائين ۾ پيل پڪوڙن جيان ترندا هئا. جسم مان پگهر مٿي کان وهي پيرن تائين هيٺ وهندو هو.“ ص49
اسٽيل جي پنجن گلاسن مان مطلب پاڪستان جا پنج صوبا آهن. ملڪ ۾ جهموريت ۽ مظلوم قومن جي حقن ۽ ملڪي آئين، تاريخ بہ هن ناول جو حصو آهي. ناول نگار جي لکڻ جو ڏانءُ ڪمال جو آهي. هُو لکندي لکندي اهڙي ڳالھہ ڪري وڃي ٿو جو پڙهندڙ دنگ رهجي وڃي ٿو. جيئن هي ڳالھہ:
”حيرت جي ڳالھہ آهي عربن سنڌ تي حڪمراني ڪئي ۽ اسان انھن کان ڪجهہ نہ سکيو. اسان مسلمان ٿي وياسين ۽ عرب عرب آهن.“ ص54
هي بہ هڪڙو ڪڙو سچ آهي تہ اسڪول ۾ عربي ۽ اسلاميات جا استاد اسان کي ڏاڍو ماريندا هئا. ائين ئي ناول نگار بہ اهڙي ڪردار بابت لکيو آهي. جيڪو ٻارن کي ماري ٿو. لکي ٿو:
”جيڪو بہ استاد ماستر ڪلاس ۾ داخل ٿيندو هو. اچڻ سان اٿ ويھہ ڪرائيندو هو ۽ هوم ورڪ پورو نہ هجڻ جي صورت ۾ تشدد ڪندو هو. عربي ۽ اسلاميات جا استاد ۾ ان ڳالھہ ۾ سڀني کان اڳرا هوندا هئا.“ ص 56
هن ناول ۾ روهڙي ۽ سکر جا روڊ رستا ۽ چوڪ، بازارين جو تاريخي ۽ جمالياتي منظر آهي ۽ کجين جي شھر جي کجين جا عڪس ۽ رقص آهن تہ انھن جي جنسن ۽ پيداواري اپت جي اهميت جي بہ ڳالھہ آهي. ناول نگار ٻڌائي ٿو تہ ان دور ۾ کارڪ صوف جيڏي هوندي هئي.
رسول ميمڻ ۾ تنقيدي شعور جي وڏي حس هئي هن جو شين کي ڏسڻ بہ انوکو آهي، هو پنھنجي اندر جي اک سان ايترو تہ گھرو ڏسي ٿو جو هن جا هڪ ئي وقت انيڪ پاسا آهن.
لکي ٿو: ”فوج جو اثر ڪلاس رومن تائين محدود نہ هو پر مذهب بہ ان جي زير اثر اچي چڪو هو. ماستر مطلباڻي ڪڏهن موڊ ۾ هوندو هو تہ هڪ شاگرد عبدالغفار پاڻ ئي چوندو هو ”سائين نعت ٻڌايان؟“ ص56
تاڙي جو ذڪر رسول ميمڻ پنھنجي پھرين ناول نجومي ۾ بہ ڪيو آهي. ان ناول ۾ بار بار ذڪر ٿيل آهي. هتي لکي ٿو:
”تاڙي سنڌ جو تاريخي بيئر آهي. سکر جي ڀرپاسي کجين جا باغ آهن. اهي انھن ڏينھن جا يادگار آهن. اهي انھن ڏينھن جا يادگار آهن. جڏهن محمد بن قاسم ارڙو جي حملو ڪيو. عرب فوجين کارڪون کائي کوکڙيون اڇلايون تہ اهي وڻ ٿي پيا. سنڌ جي موسم عرب جھڙي، جنھن ڪري هتي بہ رسيل کارڪون عام آهن.“ ص70
هونئن تہ رسول ميمڻ فلسفيانہ ۽ مدبرانہ خيال رکندڙ ليکڪ آهي ۽ هن جي هي جملي ۾ گهرائي آهي. پر ڪٿي ڪٿي هو مبالغه آرائي بہ ڪري ٿو جيئن هو لکي ٿو تہ:
”سنڌي ماڻھو ڀل بخار جي دوا نہ وٺي پر پئسا بچائي قوت باھہ جي دوا ضرور وٺندو. مان اهڙي مريض کي سڃاڻان جنھن قوت باھہ تي ايڏو خرچ ڪيو هو. جو هن رڌڻي جي باھہ وسامي وئي. هن جا ٻار سکڻي ڪنيءَ چوڌاري بک کان رڙيون ڪندا هئا ۽ سندن ماءُ پيٽ جي باھہ وسائڻ لاءِ کين هر هر پاڻي پيارئيندي هئي.“ ص 81
جمھوريت، اشتراڪيت، آپي شاهي، مذهبي انتھاپسندي تي ليکڪ جو تبرو ۽ تنقيد اهڙي تہ کري ۽ چٽي آهي جو پڙهندڙ جو ذهن حيراني جي حد ٽپيو وڃي ٿو.
صفحي 92 تي ليکڪ جناح کي جهيڻا ڪوٺيو آهي ۽ ائين ئي هن اک ڇنڀ ناول ۾ اهو نالو ڏنو آهي، ان بابت هن جو هيئن چوڻ آهي: ”هن جو ڏوھہ نہ هو. دراصل اسان جي ملڪ ۾ اعظم ايڏا تہ آهن جو جيڪڏهن قائداعظم کي اها خبر هجي ها تہ هو ڇڙو محمد علي سڏائي ها. باقي جناح تہ سندس صحت هئي، ڇو جو جهرڪن جي ڳوٺ ۾ ڊگهن ۽ سنھن کي ”جهيڻا“ ڪوٺيندا هئا، جيڪو لفظ جناح ۾ بدلجي پيو.“
بنگال جي ورهاڱي تي ليکڪ جو رايو بہ وڏي دور رس سياسي نگاھہ وارو رايو آهي جيڪو هتي حوالي طور نہ ٿو ڏيان. بنگالين کي ٽئگور جي خبر ناهي ۽ سعودي جي عربن کي محمد بن قاسم جي خبر ناهي ائين سنڌين کي شاھہ لطيف جي ساڃاھہ ڪونھي.
باب چوڏهين ۾ ليکڪ قومي تحريڪ، سياست، سائين جي ايم سيد ۽ ڀُٽي تي کليو کلايو ڳالھايو آهي. شيخ اياز جي ڀڄي وڃڻ جو تذڪرو ڏاڍاو مزيدار ڪيو اٿس.
ناول نگار جو اسلوب بيان جو انداز ۽ مختلف شين بابت سندس نقطہ نظر:
 ”ڀٽي صاحب کي ڦاسي کان پوءِ مون ائين محسوس ڪيو سنڌ هڪ سال اندر آزاد ٿي ويندي پر ائين نہ ٿيو. ص110
 جنرل ضيا ايجنسين ذريعي ڪجهہ سنڌي قومپرست اڳواڻ پيدا ڪيا، جيڪي اڄ ڏينھن تائين پگهاردار آهن ۽ ٻئي ايم ڪيو ايم جو بنياد وجهي سنڌ جي طاقت کي ٽوڙي وڌو. ص110
علامتي انداز ۾ رياست تي تنقيد جو انداز ڏسو:
”تنھنجا اهي اسٽيل جا گلاس ڪنھن ڪم جا نہ رهيا آهن. انھن کي سنڌو درياھہ ۾ اڇلي اچ. جيئن ڏيڏر استعمال ڪن.“ مون هن جي جواب تي غور ڪيو ۽ پوءِ چيو ”ائين نہ چئو هدايت الله، اهي اسان جي وڏڙن جي نشاني آهن.“
منھنجي جواب تي کيس ڪاوڙ لڳي.
”ڌوڙ پئي آهي وڏڙن کي. هن چيو. ”نہ وڏڙا اهڙو ڪم ڪن ها، نہ اهي اسٽيل جا چار گلاس اسان جي ڳچيءَ ۾ پون ها.“ ص111
سنڌي ادبي تاريخ ۽ سنڌ ۾ راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم جي جهڳڙي جو تضاد جيڪو غيرمنتقي طور محمد بن قاسم کي هيرو چيو ويندو آهي. رسول ميمڻ ڪيترن ئي اهڙن تاريخي مفروضن کي رد ڪيو آهي. هُن ان حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تي تنقيد ڪري لکي ٿو:
”محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو تہ سنڌين ان جو هٿيارن سان نه، اجرڪ سان آڌرڀاءُ ڪيو. ڏاهر اقتدار جي جنگ وڙهندي عربن کي ٽوٽا چٻايا ۽ نيٺ برهمڻ آباد بادشاھہ عوام جي مدد حاصل نہ هجڻ ڪري بقول: نبي بخش بلوچ جي ”جهنم رسيد ٿيو.“ چچ نامي ۾ نبي بخش بلوچ ڏاهر کي ڪافر ملعون ڪوٺيو آهي، ڇو جو اسان سنڌين کي پڪو مسلمان ٿيڻ جو شوق آهي. ”چچ نامو“ عجيب نانءُ آهي. سنڌ جي تاريخ جو اهو اوائلي ڪتاب عربيءَ جي هٿ آيل نسخي تان ترجمو ٿيل آهي. عربي الفابيٽ ۾ ”چ“ جو لفظ نہ آهي. ٿي سگهي ٿو اهوچ چ نہ ”ش ش“ هجي، جيئن ششي جنھن جي معنا سج آهي.“ ص141
مسجد منزل گاھہ جي واقعي هو هن طرح بيان ڪري ٿو: ”اسان سنڌي پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙو هڻي گهوڙا گهوڙا ڪندا آهيون. مسجد منزل گاھہ جي فسادن ۾ اسان جي وڏڙن جو ڏوھہ هو. اسان جنت جي شوق ۾ پنھنجو وطن دوزخ بڻائي وڌو آهي.“ ص143
مسجد منزل گاھہ جو واقعو هجي، راجا ڏاهر جي تخت تي محمد قاسم جي ڪاھہ هجي يا وري ايم آر ڊي تحريڪ هجي، اهي سڀ سياسي واقعا آهن. جن تي رسول ميمڻ وڏي گهري نگاھہ رکي آهي. هو ان ۾ ڪنھن بہ دٻاءُ نہ آهي پر چٽو ۽ کرو آهي، هو پنھنجي شعوري نگھہ سڀن واقعن تي رکي ٿو.
ايم آر ڊي تحريڪ بابت هن جو هيءُ خيال بہ ڪيڏو نہ سياسي اعتماد وارو آهي:
”پاڪستان جي تاريخ ۾ سنڌين جو هر فعل ملڪ جو استحڪام رهيو آهي. پوءِ بہ سنڌين کي تعصب پرست سمجهيو ويو. ايم آر ڊي تحريڪ دوران سنڌين تي نسل پرستي ۽ ملڪ ٽوڙڻ جا الزام لڳايا ويا. اردو پريس سنڌين لاءِ زهر اوڳاڇيو آهي. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ قومپرستن جو حصو ورتو، جن اڻ سڌي طرح پاڪستان جي حمايت ڪئي. سنڌي وفاق پرستن سان گڏ قومپرستن بہ جيل ڪاٽيا.“ ص174
مٿيون ڳالھيون وڏو بحث طلبين ٿيون. ڇاڪاڻ تہ اهي سنڌي جي سياسي تاريخ جا اهم سانحا آهن. جن ۾ سنڌين پنھنجو رت ست پئي ڏنو آهي. ڪراچي بہ هن ناول جي پلاٽ ۾ گهڻين جاين تي موجود آهي، هڪ جاءِ تي لکيو اٿس:
”جناح اسپتال ۽ سول اسپتال ائين محسوس ٿينديون آهن جيئن انھن جون ڀتيون غريبن جي ڪپڙن جيان ميريون هجن ۽ غريبن جي گهر جيان مُٽ جي ڌپ هجي.“ ص153
رسول ميمڻ جو هي ناول سنڌي جي جديد سياسي تاريخ آهي. جنھن ليکڪ سڀني واقعن کي شاهڪار افسانوي رنگ ۾ چٽيو آهي، لکيو آهي. هن ناول تي پنھنجي تجزيي کي رسول ميمڻ جي ئي لفظن ۾ ختم ٿا ڪريون:
”غريبن جا جسم ڏيڏر جيان آهن، جن تي تجربا ڪري اميرن جا ڪامياب آپريشن ڪيا وڃن ٿا، بلڪل ائين ئي جيئن اسان اسٽيل جي پنجين گلاس گم ٿيڻ مان ڪو سبق حاصل نہ ڪيو آهي.“



حوالا:
1. آءُ اسان سان ويھہ...، امر اقبال، پوپٽ پبليڪيشن خيرپور، صفحو 68،2015ع
2. اسٽيل جا پنج گلاس، نور جوڻيجو، سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد، ايڊيٽوريل صفحو، 2018ع.
3. هڪ منفرد ناول، نثار کوکر، ڪاوش سنڊي مئگزين حيدرآباد، مئي 16، 2018ع.
4. اسٽيل جا پنج گلاس، رسول ميمڻ، ماءِ پبليڪيشن سکر، 2017ع، ص_10