لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

رسول ميمڻ: سنڌي افسانوي ادب جو رسول

هوش محمد ڀٽي هڪ نفسياتي ماهر جيان سنڌي ادب جي فڪري پھلو تي چڱي دسترس رکي ٿو. ھن ڪتاب ۾ ھوش ڀٽيءَ رسول ميمڻ جي لکيل ڇھن ئي ناولن ”اوڻيھہ عورتون“، ”قالوبلا“، ”نجومي“، ”اسٽيل جا پنج گلاس“، ”اک ڇنڀ“ ۽ ”ڪُتا“ تي تفصيلي طور مضمون/تعارف ۽ تنقيدي حوالي سان لکيو آھي.

Title Cover of book Sidnhi Afsanve Adab jo Rasool

رسول ميمڻ- سنڌي افسانوي ادب جو رسول

جنم: پھرين جنوري 1956ع
وڇوڙو: چوويھن نومبر 2021ع

ڊاڪٽر رسول ميمڻ سنڌ ادبي دنيا جي مھان هستي، جن کي ڪي سال ويجهو رهڻ جو ڀاڳ زندگي ۾ رهيو. سائين جي وڇوڙي جو ٻڌي اندر اماوس ٿي ويو هو. مون جلدي ۾ وڃي واٽس ائپ جو ان باڪس ڏٺو تہ ڪٿي سائين جو ڪو وائيس ميسيج تہ ناهي آيل...
پر اتي ڪو بہ پيغام نہ آيل هو. مايوسي جي مونجهہ وڪوڙي وئي. ارمان ۾ اڪيلو ٿي پيس، ڪجهہ سمجهہ ۾ بہ نہ آيو تہ ڪنھن سان اندر اوريان... مون بس پنھنجي جيون ساٿياڻي کي حيرت وارين اکين سان چئي رهيو هوس ”سائين رسول نہ رهيو...“
رسول ميمڻ اسان جي سنڌي افسانوي ادب جو اهو تخليق ڪار هو جنھن تي ناول ۽ ڪھاڻيون ڪنھن وحي جيان لھنديون هيون.
آدرش ارشاد شيخ ڇا تہ ڪمال جي ڳالھہ ڪئي آهي:
”انور پراچا اسپتال ۾ مريضن جي نبض ڏسي، کين دوا درمل ڏئي، مسيحا بڻجي سنڀال ڪري، ڊيوٽيءَ جون گهڙيون پوريون ڪري اسٽيٿو اسڪوپ ڳچيءَ ۾ لڙڪائي، معصوم شاھہ جي ميناري واري لاهين لھندي ڊاڪٽر غلام رسول ميمڻ، آهستي آهستي ايندو هو تہ ائين لڳندو هو ڄڻ ڪو ساڌ ٻيلي جو ديوتا درياءَ جي پاڻي مٿان هلي رهيو آهي.“
مون سوچيو سائين تہ آخري ڀيرو ليکراج کي فون تي چيو هو تہ ”تون منھنجو ايترو فڪر نہ ڪر مان موت کي مات ڏئي چڪو آهيان. مون پنھنجا ڪم پورا ڪري ڇڏيا آهن.“
خبر ناهي ڪھڙا ڪم ڪم پورا ڪيا هئائين... اها ڪل بہ نہ هئي تہ اڃا ڇا ڪرڻو هوس... مون کي تہ زندگي ڪڏهن نہ ملي آهي نہ ئي ان جي ڪا سمجهہ سمجهي سگهيو هجان.. سائين رسول جي ئي لفظن ۾ لکون ٿا. هو چوي ٿو:
''مون محسوس ڪيو آهي، زندگيءَ جو تجربو ڄڻ پتل مان سون ٺاهڻ آهي جيڪو سدائين ناڪام ويو.'' (ڪتاـ32)
2021ع جا پويان پساھہ هئا جو شايد هو سمجهي ويو هو تہ زندگي جي موڙي هاڻي پوري آهي. تڏهن تہ آخري ڀيرو جڏهين ملياسين تہ چوڻ لڳو:
”هوش! مون کي ڪرونا ٿيو تہ آئون ڪنڌ بہ نہ پيو چوري سگهان. اهو بہ منھنجي مائي پئي سوري. هاڻي جڏهن خوش ٿيو آهيان تہ زندگيءَ جي موج ۾ مگن آهيان ۽ فطرت کي ماڻيان پيو.“
چوندا آهن آخري سفر آخري ديدار وڏي ڇڪ هوندا آهن هن جي لاءِ منھن ڏسڻ لازمي هجي يا نہ.. پر آئون پنھنجي پيارن جا آخري ديدار نہ ڪري سگهان اهڙو ڪنو مزاج اٿم. رسول جو ڏک بہ نہ ملھائي سگهيو هوس.. ايڏو بہ سور ٿيندو آهي جو ان جو جشن بہ نہ ڪري سگهجي.
سنڌي ناول جو رسول چوي ٿو:
”ماڻھو جيئري منھن نہ ڏسندا آهن پر مئي منھن ڏسندا آهن. انسان جيئرو آهي تہ هڪ اميد آهي، پيا منھن ڏسنداسين، ڪو مري ٿو تہ اهو سوچي منھن ڏسي ٿو، اهو منھن وري ڪڏهن نہ ڏسنداسين.“ (ڪتاـ38)
سائين رسول جو منھن هاڻي ڪڏهن نہ ڏسنداسين کلندڙ مسڪرائيندڙ ۽ وڏا وڏا ٽھڪ ڏيندڙ... ها هو تصويرن ۽ تصورن ۾ مسڪرائيندو ۽ ڪڏهن ڪي اشارا بہ ڪري وٺي پر اهي زندگي ڪمي پوري نہ ڪندا.
لاڙڪاڻي ۾ نور جوڻيجي جي ناول ”سندرتا ۽ ڪروڌ“ جي مھورت هجي. آئون سائين سان ڪيئي سال فون تي رابطي ۾ رهيو هوس. اهو پھريون دفعو هو جو سائين سان منھن سامھون ملاقات ٿي رهي هئي. پاڻ جڏهن پنڊال ۾ آيا تہ ساڻن محمد علي پٺاڻ گڏ هجي، اڳتي پوئتي ڏسي رڙ ڪيائون ”يار هوش محمد آهي؟“ تہ مون بہ رڙ ڪري جواب ڏنو ''جي جي سائين آهي.'' مون کي ڳلي لڳايائون ۽ محمد علي پٺاڻ بہ چيو تہ اچو تہ ڀاڪر پايون. سائين رسول مون کي پوپٽ رسالي جو ''رسول ميمڻ نمبر'' تحفي ۾ ڏنو ۽ ڪي گهڙيون ڳالھائيندا رهيا تہ آئون بلڪل خاموشيءَ سان کين ٻڌندو رهيس. اهو پروگرام يادگار هو. سائين سان ويھڻ ڳالھائڻ ۽ فوٽو ڪڍائڻ جا موقعا مليا. نور جوڻيجو خوش نصيب آهي جو هن جي ناولن تي رسول ميمڻ جھڙي شخصيت نہ صرف ڳالھايو پر لکيو بہ.
منھنجو جڏهن ناول آيو هو تہ مون سائين کي موڪليو هو سائين پڙهي فون تي فيڊ بيڪ رايو ڏنو هو. تمام گهڻي خوشي ٿي هئي ۽ چيو هيئن تہ لکندا رهو. سٺو ٿا لکو.
تمام گهڻو اتساھہ مليو هو.
رسول ميمڻ اسان نوجوانن جو اتساھہ هو. هو ويجهڙ ۾ نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجي ويو هو ۽ تيزي سان هُو هُن کي پڙهي رهيا هئا. جڏهن کان نوجوانن ۾ سائنسي ادب ۽ سوچ جو شعور پختو ٿيو تہ اهي رسول ميمڻ جي ڪتابن کي ڳولڻ لڳا هئا.
رسول ميمڻ جون يادگيريون هڪ احساس آهن، ڪو خواب آهي، جيڪو رکي رکي ياد اچي ٿو تہ عجب سحر طاري ٿي وڃي ٿو تہ ھہڙي فلاسافر ۽ دانشور ليکڪ اسان سان گهاريو، شل اڃا وڌيڪ وقت گهارجي ها.
آگسٽ 2021ع جي مھيني ۾ سائين سان نور جوڻيجي جي ڪري ڪچھري ڪرڻ جو موقعو مليو. جنھن ۾ نور جوڻيجي جي نيئن ناول جو مسودو کڻي، اسان سائين جي غلام محمد ميڊيڪل ڪاليج ميرپورخاص جي هاسٽل وڃي پھتاسين.
هاسٽل تہ اهڙي هئي، جھڙي جيل ۾ دوستو وسڪي کي رکيو ويو. جتي محافظن جي جوتن کي بہ بخمل لڳل هوندو هو تہ متان ان سان بہ ڪو آواز پيدا ٿئي. سانت اهڙي جو دل جو دهڪو بہ آساني سان ٻڌي سگهجي. رسول ميمڻ اهڙي شانت ماحول ۾ رهندو هو. جتي هُو احساسن ۽ خيالن جا پکي اڏائيندو هو ۽ اهي ڪنھن شاهڪار تخليق ۾ اچي لھندا هئا.
هن اسان جي لاءِ پاڻ چانھہ ٺاهي ۽ ناولن جي دنيا جون ڳالھيون شروع ٿي ويون. ان ۾ نور جوڻيجي جو نئون ناول بہ بحث هيٺ آيو. جنھن تي بعد ۾ سائين پڙهي رايو لکي موڪليو هو. جيڪو جلد سڦلتا پبليڪيشن پاران ڇپائي آڻينداسين.
اسان جي ڪچھري ڪتابن جي دنيا کي ڇڏي زندگي ڏانھن موٽي آئي. جنھن تي سوايو سائين رسول ميمڻ ئي ڳالھايو هو. هو چئي رهيو هو:
''انساني جسم جي اندر Telomerase وارو انزئم وڌائڻ لاءِ موسيقي، سيڪس ۽ رقص، نيون جايون گهمڻ، نوان نوان کاڌا کائڻ گهرجن. ان سان زندگي ۾ جنبش اچي ٿي.''
''زندگي ۾ ڪرنٽ جي لاءِ مايوسي کي مارڻو پوندو. اوهان جيڏانھن بہ ڏسندا تہ اوهان کي زندگي پيدا ٿيندي نظر ايندي هر پاسي سيڪس نظر ايندو. جنس زندگي جي علامت آهي.''
''سيڪس مخلوق ۾ آهي پکين ۾، حيوانن ۾، انسانن ۾ ۽ جڏهن انسان ۾ نسل وڌائڻ جي صلاحيت ختم ٿي وڃي ٿي تہ هو ناڪارہ ٿي مري وڃي ٿو.''
علي بابا جي ناول ۽ ڪھاڻين بابت جڏهن مون سائين کان پڇيو تہ سائين وڏو حيران ڪندڙ جواب ڏنو هو:
''علي بابا جون ڪھاڻيون ۽ ناول الائي ڇو مون کي نہ وڻندا آهن.''
اهو سائين جو پنھنجو هڪ رايو هو. کل خوشي واري ماحول ۾ اسان ڏاڍو آنند ورتو هو. آخر ۾ هي هيڏو وڏو ماڻھو هاسٽل جون ڏاڪڻيون لھندو، اسان کي هيٺ ڇڏڻ آيو ۽ ٻانھون کولي اسان کي ڀاڪر پائي موڪليائين. آئون ڪافي دير تائين سنڌ جي هن جوهري کي ڏسندو رهيس ۽ پوءِ اسين اچي گاڏيءَ ۾ ويھي رهياسين ۽ حيدرآباد پھچڻ تائين رسول ميمڻ جون ڳالھيون هيون ۽ ان جي ملاقات جو جادو هو. جيڪو طاري ۽ جاري رهيو ۽ هميشہ رهندو.




حوالا:
1. ڪتا ناول،رسول ميمڻ، ڇاپو پھريون، سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد، 2021ع.
2. ساڌ ٻيلي جو ديوتا، آدرش، ارشاد شيخ، رسول ميمڻ پوپٽ نمبر، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور، 2017ع، ص ـ77
3. ساڳيو