ڪالم / مضمون

سائين، محبت ۽ حياتي: رمزون (خواب نگر)

هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي ڪاوش اخبار ۾ ڇپيل مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي 38 چونڊ ڪالمن تي مشتمل آهي.’خواب نگر‘ جڏهن ’ڪاوش‘ اخبار ۾ هفتيوار ڇپبو هيو تہ انھن ڏينھن ۾ جيڪا پذيرائي، هن ڪالم کي ملي هئي، شايد ئي ڪنھن ڪالم نگار جي حصي ۾ اهڙي ناماچاري آئي هجي. ان جو سبب خاص ڪري اهو هيو تہ ’خواب نگر‘ ماڻھن سان ’سندن‘ دل جون ڳالھيون ڪندو هو يا ماڻھن سان ’پنھنجي‘ اندر جي لھسُن جون ڳالھيون ڪندو هو. محبتن واري مامَ جي کول ڪندو هو ۽ نفرتن جا نتيجا اظھاريندو هو. ’خواب نگر‘ ماڻھن جي سمجهہ واري گهرج کڻي حاضر ٿيندو هو ۽ ائين لڳندو هو تہ واقعي ڪو ’سائين‘، ڪو ’مرشد‘ پنھنجن خليفن يا مريدن سان رمزن جا راز کولي حياتي ۽ ان جا ڪارونھوار سمجهائي رهيو آهي.

  • 4.5/5.0
  • 122
  • 30
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book Saien, Muhabbat ain Ha’ya’ti: Ramzoo’n [Khwaa’b Nagar]

سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

Amarta’s Book No. 58

سائين، محبت ۽ حياتي: رمزون ]خواب نگر[
محمود مغل
مالي سھائتا: سڪينہ بنتِ سائين
لي آئوٽ: فقير محمد ڍول
ٽائيٽل: عرفان علي ميمڻ
ڪمپوزنگ: راز محمد لغاري
ڇاپو پھريون: جُون 2021ع
ڇپيندڙ: امرتا پبليڪيشنس، امرتا ڇاپ گهر،
1-باسم چيمبرس حيدر چوڪ حيدرآباد
amartachhapghar@gmail.com
ڇپرائيندڙ: ڍول فقير فائونڊيشن - سنڌ
قيمت: 300.00 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
sindhsalamat.com
2025ع

Saien, Muhabbat ain Ha’ya’ti: Ramzoo’n
[Khwaa’b Nagar]
Mehmood Mughal
Finances: Sakeena Bint’e’Saien
Lay Out: Faqir Muhammad Dhol
Title: Irfan Ali Memon
Composing: Raaz Muhammad Laghari
First Edition: June 2021
Printed by: Amarta Publications, Amarta Chhap Ghar,
1-Basim Chambers, Hyder Chowk Hyderabad.
Published by: Dhol Faqeer Foundation-Sindh
Price: Rs.300.00

ارپنا

گفتند يافت مي نشود جستہ ايم ما
گفت آنڪِ يافت مي نشود آنم آرزوست
(مولانا روم)

(هُنن چيو، اسان جو جيڪو مقصود آهي ۽ جنھن کي اسين ڳوليون پيا، اهو نٿو ملي. هُن وراڻيو، جو مون کي نٿو ملي، مون کي تہ بس ان جي آرزو آهي.)


مدعيان در طلبش بيخبر انند
ڪانرا ڪه خبر شد خبرش باز نہ آيد

(دعويدار سندس طلب ۾ بي خبر آهن ڇاڪاڻ تہ جن کي ’خبر‘ پئي، انھن جي ’خبر‘ وري واپس نہ آئي)


محمود مغل

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نگار، ڪالم نگار، مترجم ۽ براڊڪاسٽر محمود مغل جي ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ”سائين، محبت ۽ حياتي رمزون ]خواب نگر[“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي ڪاوش اخبار ۾ ڇپيل مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي 38 چونڊ ڪالمن تي مشتمل آهي.’خواب نگر‘ جڏهن ’ڪاوش‘ اخبار ۾ هفتيوار ڇپبو هيو تہ انھن ڏينھن ۾ جيڪا پذيرائي، هن ڪالم کي ملي هئي، شايد ئي ڪنھن ڪالم نگار جي حصي ۾ اهڙي ناماچاري آئي هجي. ان جو سبب خاص ڪري اهو هيو تہ ’خواب نگر‘ ماڻھن سان ’سندن‘ دل جون ڳالھيون ڪندو هو يا ماڻھن سان ’پنھنجي‘ اندر جي لھسُن جون ڳالھيون ڪندو هو. محبتن واري مامَ جي کول ڪندو هو ۽ نفرتن جا نتيجا اظھاريندو هو. ’خواب نگر‘ ماڻھن جي سمجهہ واري گهرج کڻي حاضر ٿيندو هو ۽ ائين لڳندو هو تہ واقعي ڪو ’سائين‘، ڪو ’مرشد‘ پنھنجن خليفن يا مريدن سان رمزن جا راز کولي حياتي ۽ ان جا ڪارونھوار سمجهائي رهيو آهي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سائين محمود مغل ۽ امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

اداري پاران: مون سي ڏٺا ماء

اِن ڳالھہ ۾ ڪوبہ شڪ يا ڪنھن بہ قسم جو گُمان قطعي ڪونھي تہ دنيا ۾ ڏيک ويک يا ليک جي حوالي کان ڀلان ڀلِيءِ جو تہ ڪو ڇيھہ ئي ڪونھي. حوالو کڻي ڪھڙو بہ هجي، لکڻ پڙهڻ هجي، ڳالھائڻ ٻولھائڻ هجي يا ڏسڻ وائسڻ هجي، دنگ تہ ڪو آهي ئي ڪونھي، هڪڙو سمونڊ آهي جيڪو وڏن غوغائن ۽ ڪَڙڪاٽن سان تاروتار، عميق ۽ گَهِرو وَهِي رهيو آهي، دراصل دنيا سمونڊ ئي آهي، جيڪا غضبناڪ بہ آهي، هيبتناڪ بہ آهي تہ خطرناڪ بہ آهي ۽ نمناڪ بہ آهي تہ نرمناڪ بہ... تہ حُسناڪ بہ آهي... بس وڌيڪ اهو تہ گُوناگُون آهي ۽ ڪُن فيڪون جو فلسلفو آهي يا وري ائين کڻي چوان تہ... بلڪل ائين ئي آهي، جيئن سائين بُلھا شاھہ جِن فرمائي ويا آهن:
انت بحر دي خبر نہ ڪائي
رنگِي رنگ بڻايا...

هر نظارو شاعري اٿوَ ۽ هر ماڻھوءَ جي ڪا نہ ڪا ڪھاڻي اٿوَ... ۽ اهي گڏجي ڪتابَ جوڙين ٿا... جن مان ڪي ڪتابَ ’محبتن‘ جا ٿين ٿا تہ ڪي وري ’نفرتن‘ جا... ڪي ’سونھن نگر‘ جا تہ ڪي وري ’خواب نگر‘ جا... ائين ڪيترائي ڪتابَ اکين جي اڳيان حاضر ٿيندا ۽ غائب ٿيندا رهن ٿا... هر ڪو پنھنجو وارو وڄائي ٿو، ڪن کي پذيرائي پلئہ پئي ٿي، تہ ڪن جي ڪشڪول ۾ ڪو کوٽو سِڪو بہ نٿو ڪِري ۽ اُهي لطيف سائينءَ چواڻي:
جھڙا آيا جڳ ۾ تھڙا ويا موٽي

ڳالھہ ڪئيسين پئي تہ هر ماڻھو ڪتاب هجي ٿو، جنھن وٽ جھڙو مزاج آهي، ان وٽ تھڙو ئي وکر هجي ٿو ۽ خريد و فروخت جو جھان ’وکر‘ آهر وڌندو وينجهندو آهي، جيڪڏهن سامان نفرتن جو آهي تہ دُڪان سدائين ڀريل ئي رهندو ڪڏهن خالي ڪونہ ٿيندو ۽ جيڪڏهن وکر ۾ رڳو محبتون ئي محبتون، نياز ۽ نوڙتون آهن تہ دوڪان سدائين خالي ئي رهندو، اوهان ڀريندا رهو ۽ خالي ڪندا رهو ۽ انھي ڀرڻ ۽ خالي ڪرڻ ۾ جيڪو ’قرار‘ نصيب جو ڀاڱو ٿو بڻجي، سو يقين ڄاڻو تہ ڀريل دُڪان کي ڏسي، ڪڏهن بہ چوکو ڪونھي ٿيندو بلڪ ائين چئجي تہ اُهو جيئن پوءِ تيئن سُسندو ويندو آهي، تان جو ترورو ٿي گم ٿي ويندو آهي... ۽ پوءِ جي سمجهہ اچي وئي ۽ پروڙ پئجي وئي... تہ هاڻ دُڪان ’نفرتن‘ بدران ’محبتن‘ جي نعمتن سان ڀرجڻ لڳندو آهي ۽ اُن ڀراءَ سان جيڪا خوشي دل جا سڀ ڪُنڊون، پاسا ۽ گوشا ڀريندي آهي نہ، سي ڄڻ تہ ويَل وَيلُن جا نعم البدل ٿي پوندا آهن. هاڻ اڳوڻا ليکا چوکا ختم، نوان گُل ٻُوٽا ڦُٽندا آهن، جن جي خوشبوءِ تَرَ بَرَ کي واسيندي پراهين پراهين هلي ويندي آهي.
اهڙين ئي معطر خوشبوئن جا هُڳاءَ آهن، جيڪي اوهان جي ’سونھن نگر‘ ۾ محمود مغل، وقت جي وٿين مان ’خواب نگر‘ کي جي صورت ۾ ورائي ويَل وَيلُن جون سرگوشيون، سڏَ پڙاڏا ۽ تاوِيلُون کڻي، هن ڪتاب جي صورت ۾ حاضر ٿيو آهي، جنھن ۾ هُن حياتيءَ جون اهي سموريون رمزون، پنھنجي رمز ۾ ائين اظھاريون آهن، ڄڻ تہ ڪو ’سائين مُرشد‘ پنھنجي ’خليفي‘ کي دنيا جھان جون حقيقتون ڏيکاري ۽ سمجهائي رهيو آهي ۽ انھن رازن کي پروڙائي رهيو آهي، جن جي پروڙ فقط ’رندن‘ کي پوندي آهي.
’خواب نگر‘ جڏهن ’ڪاوش‘ اخبار ۾ هفتيوار ڇپبو هيو تہ انھن ڏينھن ۾ جيڪا پذيرائي، هن ڪالم کي ملي هئي، شايد ئي ڪنھن ڪالم نگار جي حصي ۾ اهڙي ناماچاري آئي هجي... ان جو سبب خاص ڪري اهو هيو تہ ’خواب نگر‘ ماڻھن سان ’سندن‘ دل جون ڳالھيون ڪندو هو يا ماڻھن سان ’پنھنجي‘ اندر جي لھسُن جون ڳالھيون ڪندو هو. محبتن واري مامَ جي کول ڪندو هو ۽ نفرتن جا نتيجا اظھاريندو هو. ’خواب نگر‘ ماڻھن جي سمجهہ واري گهرج کڻي حاضر ٿيندو هو ۽ ائين لڳندو هو تہ واقعي ڪو ’سائين‘، ڪو ’مرشد‘ پنھنجن خليفن يا مريدن سان رمزن جا راز کولي حياتي ۽ ان جا ڪارونھوار سمجهائي رهيو آهي، سليقو سيکاري رهيو آهي، ذميدارين جا احساس اُجاگر ڪري رهيو آهي ۽ غيرذميدارين ڏي ڌيان ڇڪائي رهيو آهي. سوين سبقَ هئا، جيڪي هر هفتي پروڙ، پُرجهہ ۽ سمجهہ جون پَٽيون کڻي حاضر ٿيندا هئا ۽ اسان کي پِتڪڙن ٻارڙن جيئن ميٽ سان ميٽيَل پٽيءَ تي هر هفتي ڪونہ ڪو سبق ملندو هو، جيڪو اهڙو تہ ياد ٿي ويندو هو، جو وري مَنَ جي پَٽيءَ تان ڪنھن بہ ميٽَ سان ميٽجي ۽ ميسارجي نہ سگهندو هو.
’خواب نگر‘ جون ڳالھيون يا رمزون، سنڌي ادب ۾ تہ ائين ٻئي ڪنھن ليکڪ ’محمود مغل‘ جيئن ڪڏهن ڪونھي اظھاريون. ها باقي اردو ادب ۾ ’اشفاق احمد صاحب‘، ’بابا محمد يحييٰ خان‘، ’واصف علي واصف صاحب‘ يا متان ڪي ٻيا بہ هجن، جيڪي زندگيءَ جي حقيقتن کي ائين وائکو ڪندا هجن.
دراصل هيءَ ڳالھہ ڪا دانشوريءَ جي ڪونھي تہ جيڪي ماڻھو دانشور هوندا سي ئي شين کي ائين اظھارڻ جي قوت رکن ٿا. نہ قطعي نہ... بلڪِ حقيقت اِها آهي تہ جيڪي ماڻھو بہ حالتن کي حياتيءَ اندر پنھنجن تجربن مان پروڙي سمجهي وٺن ٿا ۽ انھن کي اظھارڻ جو هُنر ۽ همٿ رکن ٿا، سي ئي اهو ڪم ڪري سگهن ٿا. ان ڪري اِهي سنڌي يا اردو ادب ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ٻہ چار ماڻھو ئي آهن، جيڪي رندي راز سمجهائين ٿا ۽ رمزون سوَلي ٻوليءَ ۾ سليقي سان اظھاري سگهن ٿا... يا اڃا ائين کڻي چئجي، جيئن ڀٽائي صاحب جِن فرمائي ويا آهن:
مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي

هاڻ، جن ’پرين‘ ڏٺو، تن وٽ ڏِسڻ لاءِ ۽ ڏَسڻ لاءِ ڇا بچيو! اُهي تہ بس پوءِ ڪپڙي جي ٿانَ يا تاڪيي وانگر ويندا آهن کُلندا ۽ ڪپڙو بہ هوندو آهي مَلائي يا مَلمَلِي، جيڪو هڪڙي ڇِڪَ کان پوءِ پاڻمرادو پيو کُلندو ويندو آهي. هاڻ نصيب جي ڳالھہ اِها آهي تہ اهڙي ڇِڪَ ۽ اهڙو ديدار ڪنھن کي ڪنھن کي ٿو نصيب ٿئي! بس هوڏانھن اهو سڀ ڪجهہ ٿيو... هيڏانھن سڀ ڪاياپَلٽ ٿي ويندي سائين... رمزون سمجهہ ۾ اچي وينديون، حياتيءَ جي اُوچ نيچ ۽ محبتن جي مامَ کُلي اڳيان اچي ويندي آهي، پوءِ توهان ڳالھائيندا رهو يا لکندا ۽ لکائيندا رهو. ڳالھہ سڀ حُڪم جي اٿوَ... حُڪم ٿيو تہ اَڇو ڪپڙو ٿي وڃبو ۽ جي حُڪم ٿيو تہ ڪارو ڪپڙو ٿي وڃبو... ٻنھي ڳالھين ۾ ’پرينءَ‘ جو راضپو آهي، جيئن وڻيس تيئن ڪَري ۽ ڪَرائي... ’حاڪم‘ جو آهي.
هيءُ بہ حڪم آهي، جيڪو بجاآوري پيو ماڻي... اسين اوهان جي اڳيان ’امرتا پبلڪيڪيشنس‘ ۽ ’امرتا ڇاپ گهر‘ جي پاران ’خواب نگر‘ جي ’ساڀيان‘، ’سائين، محبت ۽ حياتي: رمزون‘ جي صورت ۾ کڻي، اوهان جي ’اکڙين‘ تائين پھتا آهيون. آسَ اٿئون تہ ’وَکر‘ جو هيءُ ’وَهاءُ‘ اوهان وٽ ’پئي پُراڻو‘ ڪڏهن ڪونہ ٿيندو، بلڪِ نئين سِڄَ نئون ۽ نروار هوندو.
اوهان جي پاران موٽ جو انتظار، اُميد تہ وڌي وڻ ڪونہ ٿيندو. اوهان جي موٽَ اسان لاءِ مانائتي هوندي ۽ ’امرتا‘ جي اکين تي هوندي. اوهين جتي بہ هجو نؤبنا ۽ آسودہ هجو. ’امرتا‘ اوهان لاءِ دعاڳو آهي. اوهين بہ دعا ڪريو تہ اسان تي ۽ اوهان تي هيءُ در دائمي کُليو رهي - آمين.

فقير محمد ڍول
امرتا ڇاپ گهر
آفيس نمبر 1، ميزنائن فلور
باسم چيمبرز، حيدر چوڪ حيدرآباد
29 مئي 2021ع

محدود لامحدود (سائين)

مون ڏي نگاھہ ڪيائون تہ دل جو ڌڙڪو وڌي ويو. ائين لڳو ڄڻ سڄو وجود رِجندو هجي. هڪ لحظي ۾ منھنجي نظر جهڪي وئي. هنن ڏٺو پئي تہ ڄڻ اکين ۾ ديد جي جاءِ تي تيرَ رکيل هجن ۽ اکيون اکيون نہ هيون ڪي ڪمانون هيون، جن کي نشاني وٺڻ جو فن ڀرپور نموني سان آيو پئي.
جهڪيل نگاھہ سان، ڀريل نڙيءَ سان جملي اڪلڻ جي ڪوشش ڪيم.
”جيڪي سمجهہ ۾ نٿو اچي، اهو ئي تہ پڇڻ آيو آهيان قبلا....“
”جيڪو سُٽ توکان وڌيڪ منجهندو ٿو وڃي، ان کي هٿن مان ڪڍين ڇو نٿو؟“ سندن لھجو تلخ هو. ”جنھن شيءِ جي خبر نٿي پوي، اها ڄاڻڻ ڇو ٿو گهرين؟“
لڳو.... مون کي جهڻڪڻ گهرن ٿا پر شايد محبت هٿان مجبور آهن، مان هنن جو لاڏلو شاگرد آهيان، بنسبت ٻين شاگردن جي منھنجي محنت هنن وٽ ساب پوندي آهي. علم و عقل ۾ مان، ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ مٿڀرو آهيان، ان ڪري ئي ٽارين تہ پيا، پر ڌڪڻ نٿا گهرن. همٿ جهلي چئي ڏنم. ”جي پڇندس ڪونہ... تہ سکندس ڪٿان مرشد... ۽ جي سيکاريندئو ڪونہ تہ مان شاگرد ڪيئن سڏائيندس؟“
”هر شيءِ سکڻ ضروري هوندي آهي ڇا مجهولَ.... ڪا ڪا ڪمانڊ تہ ڪمپيوٽر ۾ بہ فيڊ ٿي نہ سگهندي آهي.“ هنن وري غور سان مون ڏانھن نھاريو ”پاڻ کي ماڻھو رک.... پنھنجو ماڻھپو نہ وڃائي.“
”تڏهن تہ پڇان پيو سائين“ هڪ ساھہ ۾ چوڻ گهريم ۽ چئي ويس ”تڏهن تہ پڇان پيو سائين تہ ماڻھوءَ جي چڙهڻ ۽ ڪرڻ جي ڪيتري حد هوندي آهي...!“ سوال واضح اوڳاڇيم تہ هنن جي نگاھہ بہ جهڪي وئي. مون پنھنجا ڪلھا آجا محسوس ڪيا. هڪ وڏو ساھہ اندر مان ازخود نڪري آيو.
جنھن تڏي تي ويٺا هئاسين، هنن انھيءَ جي ڪانن کي سرڪائڻ شروع ڪيو. مون کي لڳو تہ منھنجن ڳلن جي ڳاڙهاڻ خودبخود جهڪي ٿي رهي آهي.
”ماڻھو ڪنھن سان محبت ڇو ڪندو آهي ٻچا؟....“ سائينءَ جو آواز هاڻي شانت هو.
”جيئن سڪون ملي سگهي سائين! محبت ملي سگهي.“
”۽ عزت ڇو ڪندو آهي؟“
”ڇاڪاڻ تہ هو اصل ۾ پنھنجي عزت ڪرائڻ گهرندو آهي مرشد سائين جو هو ٻين جي عزت ڪندو تڏهن ئي تہ سندس عزت ٿيندي نہ.“
”تہ مطلب اهو ٿيو تہ اهي ٻئي ڪم اصل ۾ پنھنجي ذات لاءِ آهن نہ موڳا.... محبت بہ پاڻ لاءِ آهي تہ عزت بہ. پوءِ ٻئي لاءِ ڇا رهيو؟ معنيٰ اسان جون هيڏيون ساريون دعوائون تہ اجايون ٿي ويون نہ، تہ... اسان هُن لاءِ هِي ڪيو هِن لاءِ هِي ڪيو. ڪيو تہ دراصل اسان پنھنجي پاڻ لاءِ هو. ائين نہ.“ ٻارن جھڙي مرڪ سندن مک تي جملي مڪمل ٿيڻ ساڻ آئي. هاڻي سندن نگاھہ ۾ چمڪ هئي. کين ڄڻ پنھنجي پسند جو رانديڪو مليو هو.
”ان جواب جو منھنجي سوال سان ڪھڙو تعلق آهي سائين!“
هنن ٽھڪ ڏنو، ”علم جو علم سان تعلق آهي، اهو قانون توکي نہ پڙهايو هئم ڇا!“
”پر سائين... علم جو عمل سان بہ تعلق آهي، توهان اهو بہ تہ پڙهايو هو.“
”انھن ٻنھي ڳالھين جو تہ اهو گڏيل مثال هو... علم جو علم سان اهو تعلق تہ تون هن سان محبت ڪرين ٿو ۽ علم جو عمل سان اهو تعلق تہ دراصل اهو سڀ تون پنھنجي لاءِ ٿو ڪرين... ۽ بس.“
مان لاجواب ٿي ويس. ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ آيو، هٿ ۾ آيل سوچ جي سُٽ جي ڳنڍ وڌيڪ منجهندي وئي. آواز ۾ لرزش ڀرجي آئي. ”اڄ مان ٻيو ڪجهہ سمجهڻ نٿو گهران سائين، مون کي اهو رڳو ٻڌايو تہ ماڻھوءَ جي چڙهڻ ۽ ڪرڻ جي ڪيتري حد ٿي سگهي ٿي.؟“
”تون بلڪل ٻار ٿي ويو آهين نوجوان، سڀ سمجهين ٿو. اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ اهو سوال، اهڙو جواب رکي ٿو، جيڪو ماڻھوءَ جا لاھہ پٽي سگهي ٿو. پوءِ بہ ان سوال لاءِ Insist ڇو ٿو ڪرين!“
هنن جي واتان انگريزي مون کي بيحد وڻندي آهي، دنيا جي سامھون هو هڪ گهٽ پڙهيل انسان آهي جيڪو بظاهر تہ ڪرسيون واڻي ۽ جُلدَ ٻڌي پنھنجو گذر سفر ڪندو آهي، پر هن جي لائقي ۽ علم اسان جھڙن ’ڪم عقلن ۽ بدعقلن‘ کي گهڻو ڪجهہ سيکاريندا آهن. مون صاحبِ علم، صاحبِ خرد جي محفلن ۾ بہ الاهي وقت گذاريو هوندو پر هن جي تہ ڳالھہ ئي ٻي آهي. لڳندو اٿم تہ مان بہ ڪا ڇڳل ڪرسي هجان، جنھن جو نيٽ هن جي هٿن جو محتاج آهي، دنيا جا منجهيل معاملا سلجهائڻ جو ڪمال ’بابي‘ کي اچي ٿو ۽ ان ڪري ئي هن جو نالو اسان جھڙن ’سائين‘ رکيو آهي.
”هارون رشيد جي درٻار ۾ هڪ ڀيري حساب جو سوال پئي پڇيو ويو محمود...“ سائينءَ ساھہ کنيو. ”وڏا وڏا ماهر ويٺل هئا، جواب ڪنھن کي نہ آيو. پويان هڪ شخص ويٺل هو. تنھن بلڪل صحيح جواب ڏنو. مڙني شاهي رياضيدانن جا منھن لھي ويا. ڳالھہ درگذر ٿي وئي. ڇاڪاڻ تہ سمجهيو ويو تہ ائين ئي مڙئي ڌڪي ۾ جواب آيو هوندو. ڪجهہ دير مس گذري تہ وري هڪڙو ٻيو سوال اڀريو. اتي بہ جواب ڪنھن کي نہ آيو ۽ ساڳئي پويان ويٺل شخص جواب ڏنو. بادشاھہ هڪدم کيس پاڻ وٽ اڳيان گهرايو. ڀر ۾ ويھاري پڇيائينس، ”ڇا ڪندا آهيو؟“ وراڻيائين، ”سائين رياضيدان آهيان.“ بادشاھہ پڇيس، ”جي ايتري ڄاڻ اٿوَ ۽ اهو سڀ ڄاڻو ٿا تہ پوئتي ڇو ويٺا هيئو؟“ هن وراڻيو، ”سائين مان زندگيءَ ۾ سدائين پويان کان اڳيان آيو آهيان، اڳيان کان پويان ناهيان ويو... هاڻي هتي اچي ويٺو آهيان تہ جيڪي پڇڻو اٿوَ سو پڇو.“... اها چڙهڻ جي حد ٿئي پٽ.... ماڻھو چڙهندو آهي تہ نگاھہ ۾، مانَ ۾، مرتبي ۾. هن جو چڙهڻ نظر ايندو آهي محمود، سڀئي هن جي High rise ڏسندا آهن ۽ سينن تي هٿ رکندا آهن.“
مرشد سائينءَ جي ڳالھہ عجيب آهي. جڏهن ڳالھائڻ نہ چاهيندا آهن تہ ڪجهہ بہ ڪري وجهو. هو مجال آهي جو اکر بہ ڪڇن ۽ جي ڳالھائڻ تي اچن تہ پوءِ جھڙا مڙئي بند ڀڄي پوندا هجن. بس اهو رنگ ڏاڍو خوبصورت هوندو آهي تہ سندن ڳالھائڻ مھل گفتار، موتين جي لڙين جيان هوندي آهي.
”۽ هاڻي هڪڙو ٻيو مثال بہ ٻڌ، جيڪو اڏامندو آهي ان کي نگاھہ زمين تي ئي رکڻي هوندي آهي. سفر بھرحال انتُ گهري ٿو. ڪٿي نہ ڪٿي تہ ختم ٿيڻو ئي آهي. توهان ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهو ٿا، مٿانھون مقام ماڻيو ٿا، اڏامو ٿا... پر بھرحال اهو سڀ ختم ٿيڻو ئي آهي. بھتر اهو آهي تہ جيڪو اڏامي ٿو، اهو سفر جي ڪٿَ ڪري تہ کيس ڪٿي لھڻو آهي. جي هو ڪَٿ نہ ڪندو تہ ٻن مان هڪ صورت جو شڪار ٿيندو. يا کيس ڪو ڌڪ هڻي ڪيرائيندو يا پاڻ ٿڪجي ۽ ڪري پوندو. ٻنھين صورتن جي پڄاڻيءَ، کيس ايذاءُ ئي پھچڻ آهي. مستقل اڏام خراب هوندي آهي شھزادا. سائنسدان هوشيار آهن، تڏهن تہ جھاز ۾ ٽي ٽي انجڻيون رکندا آهن. اسان کان اهو ڇو وسري ويندو آهي تہ اسين هڪ انجڻ سان اڏامي رهيا آهيون، جيڪا جنھن مھل خراب ٿي اسين ڇٽاسين...“
اڄ الاءِ ڇا ٿي رهيو هو، من ملول هو ۽ اکين ۾ الائي ڪيترا اوجاڳا... ڪڏهن ڪڏهن ائين بہ ٿيندو آهي تہ اوهان رڳو ڪنن سان نہ ٻڌندا آهيو. ڪن ڪن موقعن تي اوهان کي ڪنن، اکين، هٿن مطلب سڄي بدن سان ٻڌڻو ضروري هوندو آهي. جي ڪٿي بہ ڪابہ ڪوتاهي رهجي وڃي تہ اوهان خالي ڪنن کي ڏوهي نٿا چئي سگهو. هن مھل لڳو پئي تہ ڪنن جو ڪم پورو ٿي چڪو هو ۽ هٿ پير تہ اڳ ۾ ئي ڄڻ ورتل هئا.
هڪ ڀيرو وري منٿ واري انداز ۾ چيم. ”سائين، اڄ ذهن وائکو ناهي. ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ آيو آهي، ڇا اهو سڀ سادو سودو نٿو ٿي سگهي؟ سوال ڏکيو هجي تہ جواب جو ڏکيو هجڻ بہ لازم آهي ڇا؟“
هنن مون ڏي نھاريو، ”تون سدائين تڪڙ ڪندو آهين محمود! پر توکي ڏسندو آهيان تہ مون کي اها ڪھاوت ياد ايندي آهي تہ، بغداد جي بازار ۾ برف وڪڻندڙ هوڪو ڏئي رهيو هو تہ رحم ڪيو ان جي حال تي، جنھن جي مُوڙي ڳري رهي آهي.“ منھنجيون اکيون ڀرجي آيون، هٿ ٻڌندي چيم، ”ماڻھن جي ڪمال ۽ زوال جو رتبو پڇڻو هئم... جي برو لڳو هجي تہ معاف ڪجو، منھنجو مطلب ڏکيائي پيدا ڪرڻ نہ هو ۽ نہ ئي تڪڙ ڪرڻ هو.“
هنن منھنجا هٿ پنھنجي هٿن ۾ جهليا ۽ چيائون، ”اچي سوَلو جواب وٺ پٽ. ماڻھوءَ جي چڙهڻ کي تون محدود ڪري سگهين ٿو پٽيوالو، ڪلارڪ، اسسٽنٽ، آفيسر، بالا آفيسر، ڪامورو، وزير، گورنر، صدر ڀلا وڌ ۾ وڌ بادشاھہ نہ... پر هن جي ڪرڻ کي تون محدود نٿو ڪري سگهين.... اهو Rise ۽ Fall نگاھہ ۾ توربو آهي. ماڻھوءَ جي چڙهڻ جي هڪ ڪامل حد اٿئي پٽ. هن جي ڪرڻ جي ڪابہ حد ناهي، هو ڪنھن بہ حد تائين ڪري سگهي ٿو.“

(ڇپيل: آچر 5 ڊسمبر 2004ع)

بند دروازو نہ ٿجو پليز (زندگي)

توهان جي در تي هي پينانگر وري ٺڙڪو ڪرڻ آيو آهي.
دروازي جو لفظ ئي عجيب آهي. ذهن ۾ ان جو تصور اچي تہ تاڪَ ذهن ۾ ايندا آهن ۽ جتي تاڪن جي سوچ اچي اتي وري گُهٽ ٻُوسٽ جو خيال بہ لازم هوندو آهي. دروازو، جيڪو دراصل ڪنھن بہ شيءِ جي داخل ٿيڻ ۽ اخراج جو اهم ذريعو آهي هر گهر لاءِ لازم آهي. ماڻھو ڀت ٽپي، دري کولي بہ اندر اچي سگهي ٿو پر جيڪو لطف دروازي مان اندر اچڻ ۾ آهي اهو داخلا يا اخراج جي ٻئي ڪنھن بہ ذريعي ۾ ڪونھي.
اسان جو وجود بہ هڪ مڪمل گهر هوندو آهي، جنھن ۾ در، دريون، ڀتيون، ڇت، غرض هر سامان موجود هوندو آهي. ڪو ڪو گهر بي انتھا حسين مڪمل ۽ جامع هوندو آهي ۽ ڪنھن جي ايوانن ۾ اداسي واڪا ڪندي وار ڇوڙي گهمندي آهي، هوءَ هوا جيان هوندي آهي، جيڪا ڄڻ نظر اچڻ کان قسم کاڌل هجي. اسان جي وجود جو گهر سادو هجي يا عاليشان، ان سان اهم ترين مسئلو اهو هوندو آهي تہ اتي رهندو هميشہ ڪو ڌاريو آهي. اسين پنھنجي گهر ۾ رهي نہ سگهندا آهيون، رهڻ چاهيون تہ اداس ٿي ويندا آهيون، اهو گهر اسان کي ان ’اڻڄاڻ‘ وجود کي ان ’مسواڙيءَ‘ کي ڏيڻو ئي پوندو آهي. جيڪو رهندو تہ ان ۾ پاڻ آهي پر مسواڙ بہ اسان کان ئي ڀرائيندو آهي.
صاحب علم و هنر وٽ سائل آيو. عرض ڪيائين، ”دل نٿي لڳي قبلا، سڀ ڪجهہ آهي. جاھہ و حشم، مال وملڪيت، صحبت وسڪون پر دل وري بہ نٿي لڳي.“
پڇيو ويو ”ڪوٺي خالي آهي ڇا؟“
چيائين، ”نہ ڪنھن ورتي آهي، نہ مون ڏيڻ جي ئي ڪئي آهي.“
حڪم ٿيو ”تہ ڏئي ڇڏ.“
نماڻائيءَ سان عرض ڪيائين ”پر ڏيان ڪنھن کي قبلا.... ڪو وڻي ئي نٿو.“
صاحبِ علم غور سان چتائي ڏٺس پڇيائينس، ”فرصت ڪٿي گذاريندو آهين؟“
چيائين، ”واڙي ۾..... جانور وڻندا آهن، خاص طور سانَ، ڍڳا، ڍڳيون، مينھون.“
فيصلو صادر ٿيو ”وڃ... وڃي ڪنھن مينھن سان عشق ڪر.“
سوالي ککو وکو ٿي ويو. شرمندگيءَ سان ڪنڌ هيٺ ڪيائين اهل علم چيو، ”ڳالھہ زهر ناهي، ٽوڪ ناهي، حل آهي. تون ڪوشش ڪري ڏس، ٻيو ڪونہ ٿو سُجهي تہ ڪنھن مينھن کي ان ڪوٺيءَ ۾ ويھار.“
لڄ وچان مريد عرض ڪيو، ”سائين مينھن ڪيئن ويھندي؟“
حڪم ٿيو، ”تون ڪوشش تہ ڪر ۽ سال کان پوءِ واپس موٽي ٻڌاءِ.“
سوالي روانو ٿيو ۽ چئن مندن جي گذرڻ کان پوءِ واپس وريو، ڪتاب سان سٿيل ڏاهو پنھنجي هُجري ۾ گيان ڌيان ۾ هو، سواليءَ جي ورڻ جي خبر ٻڌائين تہ دروازا بند ڪري دري کولي ڇڏيائين. سائل ٻاهران سلام ڪيو، صاحب حڪم ڪيو تہ، ”دريءَ مان هليو اچ در تہ بند آهي.“
بُل ڏئي هو اندر دري ٽپي گهڙي آيو، استاد محترم پڇيو، ”ڇا حال ٿيو آهي؟“
چيائين، ”حال ڪھڙو قبلا، ائين ئي آهيان، خوشي خريد ۾ آهي ۽ هجر اڻ سونھون... حال مڙئي ساڳيا آهن.“
حڪم ٿيو، ”سال ٻيو ڪماءِ، عشق جي آويءَ ۾ پچ.... ساڳئي محبوب کي سامھون رکجانءِ ۽ سال کان پوءِ ورندي ڏي.“
هاڻي جي ويو تہ ٽن مندن ۾ موٽي آيو. اوچتو اچي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت گهريائين. اتفاق سان ڪنھن ڪم جي ڪري هجري جو در بند هو، مرشد دريءَ مان ڏٺس ۽ اشارو ڪندي چيائين ”هتان هليو آءُ“
سوالي ويجهو آيو، دريءَ ٻاهر پھتو ۽ بيھي رهيو. منجهي پيو هو. مرشد وري چيس ”اچ بابا“ ڏڪندي ڏڪندي وراڻيائين.“ سائين ڪيئن اچان؟ دري ننڍڙي آهي ۽ هن جا سڱ ويڪرا آهن. اتان ايندي تہ ڦاسي پوندا... تڪليف ٿيندس مون لاءِ در کوليو تہ مان اچان.“
مرشد تڪڙو وڌيو، پاڻ در کوليائين، سوالي در مان بہ ٽيڏو ٿي اندر آيو، ڇاڪاڻ تہ اهو در بہ کيس پورو نہ پئي پيو. استاد سيني سان لائيندي چيس ”عشق جو در کولي ويو آهين... مبارڪ هجئي. هاڻي ڪوٺي آباد ٿي آ. مسواڙي اچي ويا آهن.“
اسين الاءِ ڪيئن حياتي گذاريندا آهيون. دنيا جي ڌنڌن ۾ عشق ڪٿي گم ٿي ويندو آهي ۽ ’چئنلز‘ واري محبت هر گهٽيءَ ۾ ڏيک ڏئي ٿي. محبت سچ هوندو آهي، پر هتي تہ رڳو ڪوڙ ئي ڪوڙ ڏيکاريو ٿو وڃي جنھن جي ڪري علم و هنر ۽ ڄاڻ جو ڪوبہ در اسان تي نٿو کلي.
پنھنجي آخري ڏينھن ۾ والدہ گرامي مرتبت هٿ جهلي پاسي ۾ ويھاري سمجهايو هو. ”ڪڏهن بہ بند در نہ ٿجانءِ، پٽ جيڪي در بند هجن انھن تي ٺڙڪائڻ لاءِ هٿ ناهي کڄندو، ۽ اهو بہ ياد رکجانءِ تہ هر در تي سوالي نہ ايندو آهي. جيڪي در اندر وَسونھن جو، آباديءَ جو پتو ڏين انھن تي ئي ٺڙڪو ٿيندو آهي. جن تي قلف لڳل هجي. تالي جي مھر هجي، اتي ٺڪ ٺڪ ڪير ڪندو بابا.“
تنھن زماني ۾ عمرِ عزيز جا رنگ ئي ٻيا هئا، چئي ڏنو هئم، ”اڄڪلھہ آٽولاڪ جو زمانو آهي جُهوني.... ٻاهران تہ خبر ئي ناهي پوندي تہ اندر ڪير آهي يا نہ. قلف ڏسي کڻي ڪير ٺڪ ٺڪ نہ ڪري پر آٽولاڪ تي هر ڪو ڪندو آهي.“
ڳالھہ ڪٽيندي چيو هيائين، ”اتي ئي تہ ڀليو آهين ٻچا. سرن ۽ گاري واري گهر جو در ٻيو هوندو آهي. اسان جو ٻيو. اسين نگاھہ معرفت اندر گهڙندا آهيون. اتي ئي جي پنھنجي لاءِ قلف ڏسون تہ موٽي ويندا آهيون ۽ هونئن بہ هڪڙي ڳالھہ ياد رک. هر ماڻھو ڪنجين جو هڪڙو ڇڳو ساڻ رکندو آهي، هڪڙي چاٻي نہ لڳي تہ ٻي لڳائيندو آهي. پوءِ ڪنھن جي لڳي ويندي آهي ڪنھن جي نہ. پر ڇا نہ چڱو ٿئي جي قلف هجي ئي نہ.... دروازو بند ئي نہ هجي... مطلب دروازو هجي ئي نہ....“
کلندي چيو هئم، ”شابس ٿئي، ان جو مطلب تہ اهو ٿيو تہ ڪوبہ ڪنھن بہ مھل گهڙي اچي. گهر نہ ٿيو روڊ رستو ٿيو، هر ڪو آيو ويو ٻيو موجون ڪري.“
۽ انھن ساعتن ۾ بي انتھا سنجيدگيءَ سان هن چيو هو، ”تون ڇا ٿو سمجهين تہ تون سامھون واري کي موجون ڪرائيندين؟ تون هن لاءِ لطف جو سامان ٺاهيندين؟ تون هن جو ڪم ڪندين؟ ائين نہ... ڀليو آهين ٻچا، جي تون اهو ڪم نہ ڪندين تہ بہ ٿي تہ ويندو... جي ٿيڻو هوندو تہ، تون نہ ڪندين، ڪو ٻيو ڪندو، تنھن کان پنھنجي حصي جو قرض ادا ڪر، دروازو کليل رک تہ ٺڪ ٺڪ کان بچي سگهين. سڀاڻي جي حضور ۾ حاضر ٿئين تہ اهو تہ چئين تہ مون ڪوشش ضرور ڪئي هئي.“
هاڻي اهو سڀ پنھنجي جاءِ تي هڪ سوچ رکي ٿو. اهم ترين ڳالھہ اها آهي تہ جنھن کي مسواڙ پاڻ ڏئي پنھنجي دل ۾ رهايون ٿا. ان جي لاءِ جي ڪابہ غرض ناهي تہ اها ڌڻيءَ ڪارڻ محبت آهي. اڳئين زماني ۾ گهرن ۾ ڏيڍيون هونديون هيون تہ جيئن پردو رهي... ٻاهر ڪو خاص در نہ هوندو هو ۽ ماڻھن جي سڪ ۽ محبت رب ڪارڻ هوندي هئي، ان ڪري ئي هو ٻاهران بيھي سڏ ڪندا هيا ۽ اندران محبت مان جواب اچي ويندو هو.
اڄوڪي دور ۾ اهو عمل تہ ’رڙ ڪري سڏجي‘ يقينن معيوب سمجهبو پر بھرحال، ٺڙڪو تہ ڪري سگهجي ٿو، ڇا ان ٺڙڪي ۾ اندران اها ئي محبت ملي ٿي، جيڪا اڄ کان پنجاھہ سال پھرين ملندي هئي؟
هي سڀ پڙهي اوهان جي وجود جو در کڙڪيو آهي؟ جي آواز ٻڌو اٿوَ تہ انسانيت کي جواب تہ ڏيو، هن پينانگر کي جي خيرُ نٿا ڏئي سگهو تہ گهٽ ۾ گهٽ ’معاف ڪر‘ جو جملو تہ اچاريو.
درَ الاهي آهن، جي اوهان وٽ بند آهي تہ يقينن ڪٿي نہ ڪٿي تہ کليل ملندو. جيڪو ڏيندو ان جو بہ خير ۽ جيڪو نٿو ڏئي ان جي بہ بادشاهي برقرار هجي. سواليءَ جو ڇاهي... هن کي جواب ملي ۽ بس.... ۽ يقينن پنھنجي اندر کي جواب ڏيڻ تہ توهان کي ايندو ئي هوندو.

(ڇپيل: آچر 09 جنوري 2005ع)

جَي ياد اچئي منھنجي..! (محبت)

جي ياد اچئي منھنجي
پلڪن جي هندوري تان ڪو عڪس جهٽي وٺجان
ڪنھن سار جي سُڏڪي جو آواز ٻڌي وٺجان
جي رنگ ڏٺا هئاسين ۽ خواب لڌا هئاسين
تنھن خواب جي آڳُر کي رنگن سان ڀري ڇڏجان
هي ڄاڻ تہ مان ناهيان ۽ درد بہ اوکو آ
ڪنھن ساٿ جي لمحي جو سو گهاءُ بہ چوکو آ
تنھن سارَ جي لمحي جي تون سار لھي ڇڏجان
ڪونڊين ۾ رکيل جذبا، جي ٻور ڇڏائيندا
۽ چنڊ جي چانڊوڪيءَ جا گهاءَ پَسائيندا
تن ٻور ڀريل گهائن کي لوڪ نہ لهسائي
۽ درد جي ڳڙکيءَ جو منظر نہ نظر لائي
مان، چنڊ، گلن، رنگن، ڪونڊين ۾ نظر ايندس
مان جيڪو تہ خوشبو آن، تو ۾ ئي گهليل هوندس
تون ڌار ڪرڻ چاهين تہ بہ ٿي نہ اهو سگهندو
تون گل مان خوشبو آن ڪيئن ڌار رهي سگهبو
جي ياد اچئي منھنجي
تون گل ئي گل بڻجان
خوشبوءَ کي ڏئي تحفو
ڪو عڪس جهٽي وٺجان

هن جي هٿن تي ميندي لڳل هئي ۽ ڪلھن تي ڪنڌ ۽ ڪلھي جي وچ ۾ فون جو رسيور هو.
مان اتي نہ هئم.... مان تہ ڪٿي بہ نہ هئم. بس هو تہ اهو احساس تہ اکين مان نگاھہ نڪري وئي آهي ۽ هن کي گهيري ۾ وٺي چڪي آهي، هوءَ جيڪا سکين جي هجوم ۾ تنھا هئي، منھنجي وجود جي هجوم ۾ گم هئي، مان اڻ ڏٺل هئس، هن وٽ هئس، پنھنجو پاڻ وڃائي چڪو هوس، الاءِ ڪيترا حصا ٿي چڪا هئا منھنجا، جنھن مان هڪ حصو شايد فون تي هن جو آواز ٻُڌي رهيو هو.
”مان ڪنھن ٻئي جي ٿيان پئي.... ان جي، جنھن سان بہ مون کي پيار ئي آهي....“ هن جو لھجو الاءِ ڇا هو، ڪو سڏڪو هو يا ٽھڪ... منھنجي سمجهہ کان ٻاهر هو. ڪڏهن ڪڏهن اوهان کي ڪجهہ بہ سمجهہ ۾ نہ ايندو آهي، يا وري ائين بہ هوندو آهي تہ اوهان سمجهڻ ئي نہ گهرندا آهيو، جيڪو ڪجهہ بہ هو... بس هو ۽ مان ان مان گذري رهيو هئس. الاءِ ڪيترا ذائقا اهڙا هوندا آهن، جن جي خبر نہ پوندي آهي، هونئن بہ مٺاڻ جَي وڌي وڃي تہ ڪوڙاڻ بڻجي ويندو آهي ۽ لوڻ کاري ٿيڻ ۾ گهڻي دير ٿو لائي.
منھنجي هٿ هن جي وارن ۾ سرگوشيون ڪرڻ شروع ڪيون، لڳو تيل جي مالش ڪيل انھن وارن ۾ منھنجي آڱرين کي سڻڀ جو ڀاڪر جڪڙي رهيو آهي. هن کي شايد احساس نہ پئي ٿيو، منھنجو تہ سڄو هٿ پگهرجي ويو هو.
”اڃا ٻہ ڏينھن پاڻ ڳالھائينداسين.... پوءِ بس....“
هن هلڪو ٽھڪ ڏنو آواز ۾ هڪڙي ٽٻڪي جيان ڪو ڳوڙهو بہ ڪريو هو...
”پوءِ بس ٿي ويندي؟“ ڪنھن کوھہ مان ڳالھايم.... جدائي اوهان کي الاءِ ڪيترو هيٺ کڻي ويندي آهي.
”ها.... نہ تہ بہ.... بس تہ ڪرڻي ئي پوندي...“
دل چيو پڇانس.... ’اها ’بس‘ ڪرڻ لاءِ هي سڀ ٿيو هو ڇا؟ ٻيو نمبر ڇا ٻي نمبر تي ئي رهڻ لاءِ مليو هو؟ اسين ڪجهہ عرصي لاءِ مليا ئي ڇو هئاسين؟‘
هن سان ملاقات عجيب ٿي هئي، پنھنجي هڪ ساهيڙيءَ جي معرفت هوءَ مون وٽ آئي هئي، ۽ پوءِ ڄڻ مون وٽان ڪڏهن وئي ئي ڪونہ.... سالن جا فاصلا لمحن ۾ طئہ ٿي ويا هئا ۽ ڪنھن ٻئي سان محبت ڪندڙ ۽ ان سان محبت جي شادي ڪندڙ، مون سان بہ محبت جي اقرار ۾ ڪا دير ئي ڪانہ لڳائي هئي.
اها بازي عجيب هئي، نہ ان ۾ کٽڻ جي ڪا خوشي هئي ۽ نہ ئي هارائڻ جو ڪو خوف. هوءَ ڪنھن ٻئي جي هئي، اهو سچ هو ۽ هن کي هن عاشقِ ناشاد دل مراد سان چاھہ ٿي ويو هو، ان ۾ بہ ڪو ڪوڙ نہ هو، هن، هُن کي بہ ڇڏڻ نہ پئي چاهيو ۽ مون کي قبولڻ بہ هن جي وس کان ٻاهر هو. سڀ ڪجهہ چريائي پئي لڳو، پر ڪڏهن ڪڏهن اسين ڄاڻي واڻي چريا ٿي ويندا آهيون، اسين لمحن جا ڪڻا ڪشڪول ۾ ميڙڻ چاهيندا آهيون، لفظن جو موھہ جڪڙيندو آهي تہ جند ڇڏائڻ نہ گهرندا آهيون، اسان کي ڦاسڻ ۾ مزو ايندو آهي. اهو ڄاڻندي بہ تہ اڳيان کڏ آهي آهي اسان کي ڪرڻ ۾ ئي لطف ايندو آهي.
منھنجي نڙي ڀرجندي وئي، پاڻ سنڀاليندي چيم ”توکان بس ٿي ويندي؟“
”ها“ هن وڏو ساھہ کنيو ”چيم نہ... ٿي نہ ويندي تہ ڪرڻي پوندي....“
وقت ڊوڙي رهيو هو، حياتيءَ جي ميراٿن ۾ هو هميشہ کٽڻ گهرندو آهي، هن واري بہ مات منھنجي ئي نصيب ۾ هئي، جنھن جو اندازو مون کي هو، سڄي عمر ڪرڪيٽ کيڏي اٿم، راندين کي هٿان سلپ ٿيندي ڏٺو اٿم، هاڻي بہ محسوس ٿيم پئي تہ وڇوڙي جا اسٽروڪس زوردار هئا ۽ منھنجي محبت جا فيلڊر ڪمزور، غم جو ڪوبہ بال بائونڊري ڪراس ڪرڻ کان نہ پئي مڙيو، ان صورتحال ۾ کٽڻ جو آسرو ڪھڙو ڪري سگهجي ٿو.
هن حياتيءَ ۾ ائين ئي ٿيو هو، جنھن کان بہ محبت گهري هوندي، ان موٽ ۾ رڳو مرڪ ئي آڇي هوندي، هن وجود جي ننڍڙي اسٽيشن تي شايد محبت جي ميل ٽرين کي بيھڻ ئي نہ پئي آيو، جنھن جو هٿ زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو جهليو هئم، ان اهو چئي ڇڏيو هو تہ ”تون چِپڪو آهين ڳالھہ ڳالھہ ۾ چنبڙين ٿو.... ايڏو خيال ٿو رکين جو ساھہ منجهي ٿو.“ هن پنھنجي ساھہ جي مونجهہ ڇڏائڻ لاءِ منھنجي ببل گم جھڙي وجود کي ٿڪي اڇلايو هو ۽ مون شايد خيال رکڻ جي هنر کي وسارڻ جو قسم کاڌو هو. خيال تہ هن جو بہ نٿي رکيم. پر هن پاڻ ڄڻ اهو در کڙڪايو هو.
”مان توهان کي ويلنٽائن جو ڪو تحفو بہ نہ ڏئي سگهيس... ”هن جي آواز ۾ نمي هئي، محبت بہ عجيب شيءِ هوندي آهي، توهان جي نڙيءَ کي نرم ڪري ٿي. اوهان جي اک آلوده رهي ٿي، اوهان جو جسم ڏڪي ٿو، اوهان، اوهان رهو ئي ڪٿي ٿا.
”ٽن مھينن جي ساٿ ۾... آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر ۾ ويلنٽائن نہ ايندو آهي چري...“
”ڄاڻان ٿي، اهو فيبروريءَ ۾ ايندو آهي، چوڏهين تاريخ....“ هن سڏڪو ڏنو جنھن ڏينھن دنيا گلاب ورهائيندي آهي ان ڏينھن جو ذڪر هن سڏڪي جي ڪنڊي سان ٿي ڪيو. ”۽ فيبروري اچڻ کان اڳ پاڻ وڇڙون پيا.“
”تو فيبروريءَ ۾ وڇڙڻ پئي گهريو ڇا مَن....؟“ مون نڙي سنڀالي، هن جي نالي جو پھريون اکر ميم سان شروع ٿيو پئي ۽ مان اهوئي ندورو، نون سان شروع ٿيندڙ وجود..... اها ٻي ڳالھہ هئي جو اهي ٻئي حرف گڏجي هڪ خوبصورت لفظ مڪمل ڪري رهيا هئا ۽ ان جي کيس بہ ڄاڻ هئي.
”مون کي من نہ سڏيندا ڪيو.... مان مھتاب ئي ٺيڪ آهيان، منھنجي نصيب جي ناز ۾ اهوئي لفظ آيو آهي....“
”نون کي جڪڙڻ ٿي گهرين ڇا.... تون مھتاب هجين يا نازيه، مان منظور هجان محمود هجان يا نويد.... انھيءَ سان ڪھڙو فرق پوي ٿو. فرق پوي ٿو تہ ان سان تہ جيڪو ڏار پئي پيو ٿو، اهو وجود جو وڻ وڍي ويندو. مان بي ثمر ٿي ڇڻين ويندس.... ۽ ان جھڙو ڪو ٻيو عذاب تون ٻڌائي سگهين ٿي؟“
”ملڻ مھل مون اهو ٻڌايو هئم تہ مان ڪنھن سان پيار ڪيان ٿي....“
”اها تنھنجي وڏائي آهي.“ اندر ۾ هاڻي باھہ ڀڙڪو ڏئي رهي هئي.... جدائيءَ جا اڱر تپي ڳاڙهيٽڙا ٿي ويا هئا.“ نہ تہ ڇوڪريون گهڻو ڪري اهو سڀ لڪائينديون آهن، هو آني بھاني جند ڇڏائينديون آهن، اهو ٻڌائڻ کين معيوب لڳندو آهي تہ اهي هڪ ئي وقت ٻن سان محبت ڪن ٿيون.“
”ڇوڪرا ٻڌائيندا آهن ڇا....؟“
”اهي نہ ٻڌائن تہ بہ ظاهر ٿي ويندا آهن.... ڇوڪري کي محبت ملي تہ ڦاٽي مرندو آهي ۽ ڇوڪري ملڻ تي جذب ڪري وٺندي آهي.“
”۽ جي نہ ملي تہ....؟“ هن جو لھجو لڏيو، سمجهيم شايد پاسو ورايو ٿئين،
”جي نہ ملي تہ... کوھہ ۾ ڪرڻ کان پوءِ ڇا ٿي سگهي ٿو..!“
منھنجي لھجي ۾ ڪٽار هئي، لڳم کيس ٻيرا ٻيرا ڪري ڇڏيندو، ڳالھہ بدلائڻ لاءِ چيم، ”اڄ صبح جو مون کي لڳو هو ڄڻ تون مون کي ڪو خط لکڻ ٿي گهرين.... طويل.... بيحد ڊگهو جنھن ۾ جذبن جي اُپٽار هجي، ڪجهہ احساس ڪجهہ اڌما... رائٽ اَپس.“
”توهان ڪيئن محسوس ڪيو؟“
”لڳم.... ڄڻ تو لکي ڪٽي ڇڏيو هجي....“
”توهان کي مليو...؟“
”مائينڊ نہ ڪرين تہ منھنجي روح کي مليو.“
”هُم“
”تڏهن تہ اداس ٿي ويو هئس.“
”ڪيترو پڙهي سگهيا؟“
”تون اندازو لڳاءِ، ڪيترو پڙهڻ جي اهليت رکان ٿو.“
”توهان تہ اهي لفظ بہ پڙهي سگهو ٿا، جيڪي مون ڪجهہ سوچي رهائي ڇڏيا هجن... اهي ڪجهہ خالي ورق اوهان پاڻ ڀري سگهو ٿا.“
هن جو لھجو نہ هو الاءِ ڇا هو، مون سان ڪنھن بہ شايد حياتيءَ ۾ ائين نہ ڳالھايو هجي ۽ اصل ۾ هن جو ڳالھائڻ ئي تہ جادو هو، ماڻھو تہ پاڻ ئي جادو هوندو آهي پاڻ ئي سحر، پاڻ ئي مسحور ٿيندو آهي پاڻ ئي ساحر، هن ڀيري مان مسحور ٿي چڪو هئس، اها ٻي ڳالھہ هئي تہ ساحر وجود بہ ڪجهہ گهائل هو، لڳم هاڻي جدائيءَ جو دروازو سامھون اچي بيٺو آهي ۽ مان داخل ٿيڻ وارو ئي آهيان.
”مون کي توسان ملندي، هڪ ڳالھہ جو احساس هو من....“ پاڻ کي پاڻ ئي مضبوط ڪيم، ”تہ پاڻ دير سان مليا هئاسين، پر ڪڏهن ڪڏهن الاهي دير ٿي ويندي آهي، گلزار جي سِٽَ ٿئي.
جسم ڪي بات نھين ٿِي اُن ڪي دل تَڪ جانا ٿا
لمبي دوري طئہ ڪرني مين وقت تو لگتا هَي
”بشير بدر پڙهندا آهيو؟“ هن اونھون ساھہ کنيو... پريان ڳيچن جا آواز بلند ٿيڻ لڳا. لڳم، ڄڻ ڪير مينديءَ جو خنجر تيار ڪري رهيو هجي.
”ها...“
”ان جون ڪجهہ سٽون ٻڌائيندم.... پر پھرين هڪ ڳالھہ....“
”هونھن....“
”محبت جي ڏهاڙي تي مون کي نہ وسارجو....“
”محبت هڪ ڏهاڙي جي محتاج آهي ڇا؟ محبت کي هڪ ڏينھن خراج پيش ڪرڻ بيوقوفي آهي... جانِ عزيز.... محبت تہ سڄي زندگيءَ جو خراج گهرندي آهي.“
”وري بہ.... ويلنٽائن ڊي تي هڪ ڪلي، منھنجي نالي ضرور ڪجو.“
”اها ڪلي، پھرين نمبر کان وٺجانءِ گل..... ٻيو نمبر تہ ڪنڊا ئي نصيب ۾ سھندو آهي...“
”وري اها ڳالھہ....“ هن سڏڪو ڏنو، سھرن جي لئه ۾ اهو سڏڪو شرنائين جو ڪو آلاپ لڳو.
”چڱو....“ مون مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ”گلاب رت ۾، ڳاڙهاڻ ۾ پنھنجي هار جو رت تلاش ڪندس ۽ جڏهن تون ياد ايندينءَ تہ اکين جي سرخيءَ کان اها شھادت ڏياريندس.“
”اوهان جليل صاحب جا پوئلڳ آهيو نہ....“
”نہ... مان پنھنجو پوئلڳ آهيان. جليل صاحب تہ مون کي تمام مٿانھون لڳندو آهي،“
هڪ لمحو خاموشي رهي، پوءِ هن جو آواز بلند ٿيو.
”ڪڀي يون ڀي آ ميري آنک مين،
ڪه ميري نظر ڪو خبر نہ هو
مجهي ايڪ رات نواز دَي،
ڦر اس ڪي بعد سحر نہ هو
وه بڙا رحيم و ڪريم هي،
مجهي يه صفت ڀي عطا ڪري
تجهي ڀُولنَي ڪي ڪرون دعا،
تو دعا مين ميري اثر نہ هو
ڪڀي دن ڪي ڌُوپ مين جهوم ڪَي،
ڪڀي شب کي ڦُول ڪو چُوم ڪَي
يُونھين ساٿ ساٿ چلين صدا،
ڪڀي ختم اپنا سفر نہ هو
ميري پاس ميري حبيب آ،
ذرا دل ڪي اور قريب آ
تجهي ڌڙڪنون مين بسالون مين...“

شعر مڪمل نہ ڪري سگهي، فون ڄڻ لڏڻ لڳو.
منھنجي وجود ۾ پاڻي ڀرجي آيو، وهڪري ۾ وهندي چيم ”مان فون بند ٿو ڪيان... هاڻي هي آواز تون ڪڏهن نہ ٻڌندينءَ مھناز.... هي نڙي ئي گُهٽجي ويندي، پر جنھن ڏينھن تون پنھنجي عادت مطابق ويلنٽائن ملھائيندينءَ ان ڏينھن ان گُهٽيل نڙيءَ جو آواز توکي سدائين پريشان ڪندو، صرف اهوئي تون ٻڌي سگهندينءَ ۽ اهوئي چوندو هيپي ويلنٽائن.... ٻيا دنيا جا سڀ آواز بند ٿي ويندا. اڄ کان پوءِ مان ڪٿي نہ هوندم، پر ان ڏينھن محبتن جي هر گل ۽ ان جي خار ۾ ڪٿي نہ ڪٿي ڪو ندورو ضرور نظر ايندو، اهو نظر ايندو تہ پوءِ ئي من مڪمل ٿيندو.“
مان اڻ ڏٺل هٿ هن جي وارن مان ڪڍي وٺان ٿو، ڏسان ٿو ان هٿ جون آڱريون کاڄي ويون آهن.

(ڇپيل: سومر 14 فيبروري 2005ع)

ڪَنڍي (سائين)

نگاھہ جهڪيل هئي ۽ کڻڻ لاءِ دل نہ پئي چيو.
ائين بہ نہ هو تہ ڪو حوصلو نہ هو پر ڪڏهن ڪڏهن حوصلو هوندي بہ اوهين بي حوصلي هوندا آهيو، سامھون وارو تُز هوندو آهي، تيز هوندو آهي، سندس شارپنيس ۽ ڪلر ڪنٽراسٽ نگاھہ کي جهٽڻ جون سڀ حرفتون ڄاڻندو آهي. توهان هارايل هجو تہ کٽڻ جي ڪھڙي فرمائشي پروگرام ۾ شرڪت ڪري سگهو ٿا؟
ڳالھہ جاري هئي، هنن چيو پئي ”جنھن کي دوست ڪوٺين ٿو. ان کان ڊڄندو ڪر. ڇاڪاڻ تہ ان جو ئي تير نشاني تي لڳندو آهي. دشمن تہ اُڙيو ٿُڙيو ڌڪ هڻندو آهي، جتي لڳو، لڳو.... نہ لڳو، نہ لڳو.... دوست جو وار ڪڏهن بہ ڪونہ گسندو اٿئي. ڀوڪ... ڪاپاري ڌڪ سدائين دوست ئي هڻندا آهن....“ ڪنھن پڇڻ جي جسارت ڪئي. ”قبلا پوءِ ماڻھو دوستي ئي نہ ڪري نہ.... ڌڪ کان بچيل رهندو....“ هڪ مرڪ سندن چپن تي تري آئي نگاھہ جي سموري تيزي سنڀالي چيائون. ”ڪيستائين ڌڪن کان بچندا رهندؤ؟...“
مون تازو هڪڙو گهاءُ کاڌو هو، دنيا جي اسڪرين تي مان هڪڙو داناءُ عاقل، بالغ ۽ ڏاهو وجود ڇو نہ هجان، پر منھنجي اندر ۾ مون سدائين جيڪو آئينو ڏٺو آهي. تنھن ۾ مان هڪڙو ڇسو، بي رونق، بدنما وجود آهيان. جيڪو سدائين ڀروسي جي ٺڪر ۾ پاڻي پيئندو آهي. پاڻي ڇا پيئندو آهي. پيئڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڇاڪاڻ جو هميشہ اهو ٺڪر جو پيالو هٿان ڪري پوندو آهي، پاڻي ڇلڪي ويندو آهي. اڃ آهي جيڪا اجهامڻ جو نالو ئي نہ وٺندي آهي. اعتبار جو وري هڪڙو ٻيو ٺڪر گهڙي وٺندو آهيان. دنياداريءَ جي اسٽيل واري گلاس ۾ شايد مون کي پاڻي پيئڻ نٿو اچي.
”جيڪو نظر ايندو آهي اهو ائين هوندو آهي ڇا؟“ هنن وڏو ساھہ کنيو. ”دنيا جي بازار ۾ جيڪا بہ شيءِ وڪامجي ٿي. ڇا سندس مول، مناسب لڳل هوندو آهي؟ ڀلا جي مناسب کڻي لڳل بہ هجي تہ ڇا ان تي اها ويندي آهي؟ قطعي نہ... يا ٻہ پئسا مٿي يا ٻہ پئسا گهٽ... ساڳي قيمت تي ڪٿي ويندي....؟“
پير جهليندي چيم، ”مرشد..... شين تي ٽيگ لڳل هوندو آهي. قيمتون جيتريون لکيل هونديون آهن. اوتريون ئي وٺندا آهن.... اسين تہ اوتريون ئي ڏيندا آهيون.“ پيرن کي پاسيرو ڪندي چيائون، ”لکيل ۽ لڳل جو فرق توکي معلوم ناهي ڇا؟.... جنھن لاءِ لکيل هجي، ان کي ئي لڳندي آهي جان حيات... ۽ هونئن بہ اهو تہ تون ڄاڻين ٿو تہ جي ’تو‘ وڪيو تہ ڏاڍو سستو وڪيو ۽ جي ’هن‘ خريد ڪيو تہ ڏاڍو مھانگو.“
”ماڻھو ئي اسان کي وڪڻندا آهن. قبلا! ۽ ماڻھو ئي خريد بہ ڪندا آهن.“ گيت ڏنم هاڻي اوٻر ڀرجي آيو هو. هنن ڳالھہ ڪٽي، ”ها.... پر جيڪي وڪڻندا آهن انھن جون اکيون کليل چمڪدار ۽ ذهين هونديون آهن ۽ وٺندڙ گهڻو ڪري نابين هوندا آهن.“
هنن جي درگاھہ ۾ رش هئي، درس جو وقت هو، مشڪل سان اندر اچڻ جي جاءِ ملي هئي. جاءِ بہ تڏهن ئي ملندي آهي، جڏهن نصيب ۾ هجي. اها ٻي ڪرم نوازي هئي جو کين خبر پئي تہ مان آيو آهيان تہ ديدار جي دولت عنايت ڪيائون. هونئن ائين نہ ٿيندو آهي ڇا تہ اوهان در تي اچي موٽي وڃو؟ ساعتِ نا مھربان ۾ گهڻي دير لڳي ٿي؟ هن واري هڪ عزيز دوست ڌڪ ڪڍيو هو. محبت جي ميدان ۾، مڙني دعوائن ۾، هن ڪجهہ سِڪن خاطر محبتن جو سودو ڪيو هو. پيرن هيٺان زمين ڪڍي بہ مرڪڻ جو فن ۽ لاعلمي ظاهر ڪرڻ جو هنر وٽس زور هو. ڊرامي پويان مرڪزي ڪردار کي ڪھاڻي بہ خبر نہ هئي. دل بيچين ٿي وئي هئي. سڏڪا اندر ۾ ڪر کڻڻ لڳا هئا. دل چيو پئي تہ وٽن وڃان. من ڪو دروازو کلي پئي.
”هڪڙي شھر ۾ هڪ ماڻھو ايمانداريءَ جو ذڪر هر هر ڪندو هو. ڪم بہ ذڪر مطابق ڪندو هو.“ سندن آواز ٿيڻ لڳو. ”ايترو ڪمائيندو هو جنھن مان سادو قوت ٿئي ۽ باقي وقت ٻين کي نصيحتن ۽ چڱن ڪمن جي وراڻيءَ ۾ گذاريندو هو. سڀ اچي ڦاٿا، نصيحتن مان جند ئي نٿي ڇٽي، همراھہ هو جو مڙي ئي نہ پيو سو هڪ ڏينھن سڀني گڏجي سوچيو تہ هن کي ماٺ ڪرائجي ۽ ماٺ ڪرائڻ لاءِ هنن کيس بي عزت ڪرڻ جو طريقو ڳولي لڌو. ٻئي ڏينھن جڏهن اهو چڱو مڙس ڪا چڱي ڳالھہ ڪري رهيو هو تہ هڪدم هڪڙو ماڻھو ڊوڙندو آيو ۽ اچي هن جي ڳچيءَ ۾ جتين جو هڪ هار وڌائين. هار پوڻ سان اهو ڏاهو کلڻ لڳو. سڀ حيران ٿي ويا. هڪڙي چيو، ”سائين اهو هار جتين جو اٿو!“ عقلمند ڏاهي کلندي چيو، ”ها ابا.... سمجهان ٿو. جتيون ڏاڍيون مھانگيون آهن. هنن سڀني کي پارائڻ جو مطلب اهو آهي تہ باقي زندگيءَ ۾ مون کي ڪابہ ڏکيائي نہ ٿئي. هڪڙي ڦاٽَي تہ ٻي پايان.“ اتي هڪ ٻئي وجود سرٻاٽ ”سائين... هوش ڪيو اهو جتين جو هار، اها ڪنڍي، دراصل اوهان جي بي عزتيءَ لاءِ اوهان جي ڳچيءَ ۾ وڌي وئي آهي. ان تي ڏک ڪرڻ گهرجي ....“ اهل علم جي مرڪ اڃا بہ گهري ٿي وئي. مرڪندي چيائين ”جنھن وٽ جيڪي ڪجهہ هوندو آهي، منھنجا ٻچا هُو اهوئي آڇيندو آهي، هي شھر موچين جو شھر آهي، هتي جتيون ئي ملي سگهن ٿيون. جي هي مالھين ۽ گلن وارن جو شھر هجي ها تہ ڪنڊيءَ ۾ گل نہ ملن ها.... ڏک ڪرڻ جو هتي ڪوبہ مقام ڪونھي جان حيات.... ڇاڪاڻ تہ ڏک بہ تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو. جڏهن خوشيءَ جو احساس ٿي سگهي، جيڪي گلن جي جاءِ تي جتيون پارائين، انھن وٽ خوشي يا غم ڪھڙو ٿي سگهي ٿو.“
منھنجون اکيون ڀرجي آيون هيون، سڀ ماٺ ٿي ويا هئا. مرشد جو پاٽدار آواز گونج کان پوءِ ماٺڪو هو. ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي وئي هئي. زندگيءَ جي گل کي ڪنھن جتيءَ ڇيڀاٽي ڪومايو هو. هاڻي واويلا ڇاجي هئي. پنھنجي هجري ۾ وٺي آيا. ويٺس تہ ڀُري پيس.... اندر اڳي ئي ٽاڪئُون هو، ڄڻ اشاري جو منتظر هو. مرڪندي چيائون ”هڪڙي ئي شڪايت رهي توکان..... تون ڪڏهن سڌرندين ڪونہ....“ همٿ ڪري چئي ڏنم، ”عمر جي اڌ صدي گذرڻ کان پوءِ گهڻا سال بچيا آهن، جن لاءِ سڌران سائين...؟“
”خالي هڪ پل لاءِ سڌري وڃين تہ بہ چڱو... گهٽ ۾ گهٽ اهو ’هڙڪو‘ تہ هر هر ڪونہ ٿيندو.“
”هر هر ڪونہ پيو روئان سائين.... اوهان وٽ اچي روئي ويٺو آهيان....“
”دنيا جي سامھون جيڪو ڀرم رکيو اٿئي اهو مون سامھون بہ رکندين ڇا ٻچا؟“ مٿي تي هٿ ڦيريائون، ”ماڻھن جي سامھون جيترو مضبوط آهين، تنھنجي اوتري ڪمزوري ئي منھنجي سامھون ظاهر آهي. اڳ ۾ بہ توکي سمجهايو هئم، اڄ وري هڪڙو ڀيرو سمجهايان ٿو. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊپ پنھنجي دوست کان ڪندو ڪر.... دشمن کان جاهل ڊڄندا آهن. عاقل جو ڪم، پنھنجي دوست کان ڇرڪڻ آهي. ڇاڪاڻ تہ هن جو وار سوچيل سمجهي، مضبوط ۽ ٽارگيٽ کي ڇھندڙ هوندو آهي. دشمن تہ ڪاوڙ ۾ ڌڪ هڻندو، بس ختم ڪرڻ گهرندو..... پر دوست ڇو ٺاهيندا آهيون؟ ڇاڪاڻ تہ انھن اعتبار ڪندا آهيون... انھن کي پنھنجي اندر جون واڳون آڇيندا آهيون، کين اسان جي وجود جي هر گهٽي گهميل هوندي آهي. هو ڦاسڻ گهرن تہ ٺيڪ نہ تہ هڪ پل ۾ نڪري سگهندا آهن. دشمن اسان ۾ اچي منجهي پوندو آهي. کيس دڳ نہ ملندو آهي. ان ڪري ٿڙ ڦٿڙ ڪري هٿ پير هڻي جند ڇڏائيندو آهي. جند ڇڏائڻ ۾ مصيبت وڌي ويندي آهي. صرف ان ڪري دشمن ڌڪ هڻي پڌرو ٿي پوندو آهي ۽ دوست کل لاهي بہ نڪتو هليو ويندو آهي.“ منھنجو جام ڀرجڻ لڳو. ٿورا مڃيندي رخصت ٿيڻ لاءِ اجازت گهريم، تہ چيائون ”ڀلي وڃ. پر هڪ ڳالھہ جي ڪنڍي تون بہ پائي وٺ..... پنھنجي دشمن تي سدائين اعتبار ڪجانءِ تہ هو سدائين دشمني ئي ڪندو.... پر پنھنجي دوست تي ڪڏهن بہ اعتبار نہ ڪجانءِ تہ هُو سدائين دوستي ڪندو... اهو ضرور ياد رکجانءِ تہ هُو ڪنھن مھل بہ دشمني ڪري سگهي ٿو. مان دعا ٿو ڪيان تہ خدا توکي تنھنجي دوستن کان بچائي. دشمنن سان مقابلي جي قوت تہ ٻچا تو ۾ جام آهي.“

(ڇپيل: آچر 13 مارچ 2005ع)

تو ڇو لاتي آهي دير..! (سائين)

جسم ۾ عجيب ڏڪڻي هئي ۽ لھجو ڪمانگر نہ هو.
نگاھہ، کڄڻ جو نالو نہ پئي ورتو، آواز نڙيءَ جي کوھہ مان همٿ جي ڏول تي سواري ڪندي اندر جو اوٻر ڪڍيو هو.
”دير ٿي وئي آهي سائين...الاءِ ڇو ٿي آهي، پر بھرحال ٿي وئي آهي...“
سندن مک تي مرڪ تري آئي، نگاھہ ۾ ٻارڙن جيان لاڏ رکندي چيائون. ”دير ٿيندي ناهي مجهول، دير تہ ڪبي آهي.... محبت ٿي ويندي آهي.“
بي ساختہ جملو نڪري آيو، ”محبت بہ ڪبي آهي مرشد.... جي ٿي وڃي تہ پوءِ ڪرڻي ئي تہ پوندي آهي... اهڙو ڪو هوندو جيڪو محبت ٿيڻ کان پوءِ ان کي ڪندو نہ هجي؟“
”وري ڀلجين ٿو....“ لھجو هاڻي بدلجي ويو، ”ڪبي صرف نفرت آهي... چيم نہ محبت ٿي ويندي آهي... ٿي ويندي آهي تڏهن ان جو اظھار ڪبو آهي. نفرت ڪبي آهي.... ۽ اها ڪنھن بہ اظھار جي محتاج نہ هوندي آهي. نفرت ڪندڙ سڀني سامھون ظاهر ٿي پوندو آهي... محبت واري کي اهو فن نہ ايندو آهي.“
”پر ظاهر تہ عشق ۽ مشڪ ٿيندا آهن سائين...“ منھنجي ساٿيءَ ڳالھايو.... ”ان باري ۾ ڇا ٿا فرمايو...؟“
”درست آهي، اهو ئي خيال حسين آهي تہ عشق ظاهر ٿي ويندو آهي ۽ محبت ظاهر ڪرڻي پوندي آهي... اظھار جو دروازو کولڻو ئي پوندو آهي اندان... عشق ۽ محبت ۾ اهوئي تہ فرق آهي، جنھن تي اوهان حڪمراني ڪيو، سا محبت آهي... جيڪو اوهان تي حاڪم هجي سو هوندو آهي عشق. جي محبوب چونڊي ٿا کڻو تہ سمجهو تہ محبت ڪيو ٿا... ۽ جي بنا ڏٺي ڪو سودو طئي ڪيو ٿا، تہ پڪ سمجهو تہ عشق جي راھہ جا مسافر آهيو.“ هانءَ ۾ هڪ هورا کورا هئي... اڄڪلھہ جي حياتيءَ ۾ محبت بي اعتباريءَ جي مسند تي ويٺل نظر اچي ٿي. وفائن کان وڌيڪ بي وفائين جا قصا عام آهن. اهو عشق، اهو اعجاز جيڪو آفاقي الھام رکندو هو، هاڻي زماني جي ڌنڌ ۾ ڪٿي گم ٿيل نظر اچي ٿو. ڳالھہ بنھہ اهم آهي، گم بہ ٿي ويو آهي ۽ نظر بہ اچي ٿو.
حياتيءَ ۾ ائين ئي تہ ٿئي ٿو. الاءِ ڪيتريون شيون اسان جي سامھون گم ٿينديون آهن ۽ اسان کين پنھنجي نگاھہ ۾ محسوس ڪندا آهيون. الاءِ ڪيترا ڇھاءَ اسان وٽ سدائينءَ لاءِ رهجي ويندا آهن. الاءِ ڪيتريون سرگوشيون ڪنن ۾ مستقل موجود رهنديون آهن. شيون گم ٿيڻ کان پوءِ بہ گم ٿي نہ سگهنديون آهن. ختم ٿيڻ کان پوءِ بہ رهجي وينديون آهن نظر اينديون رهنديون آهن.
سائينءَ وٽ دير سان حاضري ٿي هئي. وقت جي پل هيٺان الاءِ ڪيترو پاڻي وهي اڳتي روانو ٿي چڪو هو، ان ڳالھہ کي ٻنھي ڌرين محسوس ڪيو هو.اسان کي پنھنجي ڪوتاهين جو احساس هو ۽ صاحبِ علم کي شايد پنھنجي اڪيلائيءَ جو. اڪيلا تہ هُو هئا ڪونہ، پر جن سان محبت ٿئي، جن جو قدر هانءَ ۾ جاءِ ولاري ان کان سواءِ اڪيلائي تہ ليئا پائيندي رهندي آهي. اهو اسان جو ڀاڳ هو جو کين اسان جي غير حاضري محسوس ٿي هئي. ڪي ڪي وجود شڪايتون نہ ڪرڻ چاهيندا آهن، بس سندن آواز سڀ رنگ کڻي ايندو آهي.
”دير ٿيڻ نہ کپي ٻچا... دير ٿي وڃي تہ نقصان جو انديشو وڌي ويندو آهي... قضا ادا ڪرڻ جو وقت نہ ملي سگهندو آهي ۽ هونئن بہ حياتيءَ ۾ الاءِ ڪيترن عملن جي قضا ادا نہ ٿي سگهندي آهي. دير جو وڏو نقصان آهي يار...“
”وقت تہ مليل آهي نہ سائين....“ ڪنھن ڪنھن ڪنڊ مان ڳالھايو. ”هر شيءِ جو جڏهن مقرر وقت مليل آهي تہ پوءِ دير وري ڪٿان ٿيندي آهي.“
”ڀاڳ، نصيب ۽ قسمت جي چڪر ۾ نہ پئو نادان... جنھن ازل ابد جو کنڌو لکي ڇڏي آهي تنھن کي ئي خبر آهي تہ ڇا ٿيڻو آهي ۽ ڪنھن وقت ٿيڻو آهي. پر بھرحال اسين ساھہ کڻندي ڪنھن نہ ڪنھن عمل جو ڪونہ ڪو وقت تہ پاڻ مقرر ڪندا آهيون نہ. جي ائين نہ ٿئي تہ اهي شاديون مراديون، خوشيون، تقريبون... اهي سڀ ڪيئن ٿي سگهن؟ انھن مانڊاڻن ۽ محفلن لاءِ تہ تون اڳواٽ ٻڌائيندو آهين. خوشين جي ساعتن ۽ غميءَ جي لمحن ۾ اهوئي وڏو فرق ٿئي ٿو تہ ڪٿي ڪٿي ڪڏهن تون خوشيءَ جي ساعت مقرر ڪندو آهين ۽ اها ماڻي بہ وٺندو آهين جڏهن تہ غم جي ساعت اوچتي ايندي آهي... ڏک جو ڪوبہ ٽائيم ٽيبل ڪونہ هوندو آهي. شھزادا...“
هن واري لھجي ۾ الاءِ ڇا هو، ماڻھو تہ ماڻھو آهي. ڀرجي ٿو تہ خالي بہ ٿئي ٿو، ڇُلڪي ٿو تہ ترو بہ وٺي ٿو. جڏهن بہ علم و عقل مونجهہ جي ماڳن جا شڪار ٿين تہ مرشد وٽ ئي رستو ملندو آهي. منجهيل سٽ کي سولو ڪري. سڌو ڪري، وري منجهائڻ لاءِ کڻي هر ڪو روانو ٿي ويندو آهي.
”تڪڙ شيطان جو ڪم آهي بابلا...“ هاڻي آواز پاٽدار ٿيڻ لڳو هو. ”جنھن بہ ڪم ۾ اُٻھرائپ، تڪڙ ۽ جلدي هجي، اهو ڪم هيڻو ٿي ويندو آهي. ڪٿي نہ ڪٿي ان ۾ ڪانہ ڪا ڪمي رهجي ئي ويندي آهي، پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي تہ ان ۾ دير ڪئي وڃي. جنھن وٽ ايندڙ گهڙيءَ جو اختار ناهي. اهو دير ڪرڻ وارو سودو ڪيئن ٿو طئي ڪري! ڪم کي وقت جي تارازيءَ ۾ تورَي بروقت ڪرڻ ئي سياڻن جي ڪرت آهي.“
اسين ڪي ٿورا ان مھل حاضر هئاسين، جي لھجو، شدت پسند نہ بہ هجي ها تہ بہ ڪم هلي وڃي ها، پر سائينءَ شايد لھجي کي زورآور ٺاهيندي ڌيان جي سڀني سمتن ۾ سفر پئي ڪيو.
”سوچڻ.... دير ڪرڻ ناهي... اهو سڄو سمو جيڪو اوهان ڪنھن معاملي کي سوچڻ ۾ گذاري ڇڏيو ٿا، اهو دير ڪرڻ جي ذمري ۾ نٿو اچي. ها هڪ ڀيرو سمجهڻ کان پوءِ ان نتيجي ۾ فيصلو ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ’دير‘ چورائي سگهي ٿي.... فيصلو دير سان ڪجي تہ انصاف ’اڌ مئو‘ ٿي ويندو آهي.“ دل چيو پڇان، انصاف جي طلب تہ پري جي ڳالھہ آهي اهو تہ اسمِ خاص آهي. اسمِ عام ۾ دير ڪھڙا ڪلور ڪري ٿي؟ پر همٿ نہ ٿي ۽ ان مھل ئي هنن جي نگاھہ منھنجي نگاھہ سان ٽڪرائي هئي. هنن شايد سوال پڙهي ورتو هو. هڪدم ڳالھہ ورائي ويا.
”رڳو انصاف جي سوچ نہ رکو.... اوهان جي دير حياتيءَ ۾ عجيب عذاب ڪري سگهي ٿي. اقرار ۾ دير ڪندؤ تہ محبت پرائي ٿي ويندي. جنھن کي پنھنجو سمجهو ۽ کيس پنھنجي چوڻ ۾ دير ڪيوَ تہ هو تہ ڪڏهوڪو پرايو ٿي ويو. ڀلا جي اکيون ٻوٽڻ کان پوءِ ڪارناما ڳايوَ تہ ڇا ٿيو. قبرون ٻڌي ڪونہ سگهنديون آهن... توهان جا پنج هزار تعريفي جملا. جيڪي ايڏي دير سان نڪتا جڏهن ٻڌڻ وارو نہ رهيو تہ ڪھڙي ڪم جا ٿيا؟... لفظ تہ بس... هوائن ۾ ئي وکري ويا. ڇا نہ چڱو ٿئي ها جو انھن اکين جي ٻوٽجڻ کان پھرين، انھن سماعتن جي دري بند ٿيڻ کان پھرين ئي انھن پنجن هزارن مان ڪو خالي هڪ اڌ جملو ئي وڃڻ وارو ٻڌي وٺي ها... جي اها دير نہ ٿئي ها تہ اهو هڪ اڌ جملو انھن پنجن هزارن جملن کان وڌيڪ اهم ثابت ٿي سگهيو پئي.... اسان جي حياتين ۾ الاءِ ڪيتريون خوشيون، اظھار نہ ڪرڻ ۾ يا وري دير سان اظھار ڪرڻ جي ڪري ختم ٿي وينديون آهن... جي اهو سڀ سوچي وٺجي تہ ڪمال ٿي وڃي....“
الاءِ ڪيئن زبان مان جملو اڪلي ويو، ”پر قبلا... ڪٿي ڪٿي چوندا آهن تہ اظھار تہ موت هوندو آهي... ڳالھہ جو ڪمال سندس هنر، اظھار سان ختم ٿي ويندو آهي. ان کان چڱو ناهي تہ اظھار ڪجي ئي نہ.... اها دير چڱي آهي جنھن ۾ ڀرم تہ قائم آهي.“
هنن غور سان مون ڏانھن نھاريو ڪجهہ پل نھاري مرڪي ڏنائون، ”تون منھنجو شاگرد رهيو آهين... نھائينءَ کان نينھن سکڻ جو فن تو پروڙيو آهي، پر هڪ ڳالھہ ياد رکجانءِ ٻچا! ڪٿي ڪٿي دير زيادتيءَ ۾ بدلجي ويندي آهي. اظھار کان پوءِ جي پريشاني ان عذاب کان گهٽ هوندي آهي. جيڪو اڻ اظھاريل ڪيفيت ۾ هوندو آهي. جيڪو پرايو آهي، سو تہ سدائين پرايو رهندو. توهان تہ خالي ڪوشش ڪيو ٿا تہ من اظھار جي دامن جهلڻ سان هو اوهان جو ٿي پوي... ۽ ٿي بہ سگهي ٿو... پراين کي پنھنجو ڪرڻ ۾ دير نہ ڪيو، جي اک ٻوٽجي وئي يا هجر جي هوا گهلي وئي تہ اوهان جو موھہ، اوهان جو محبوب ڏاڍو دور نڪري ويندو... ماڻھو مرندو تہ ڪونہ مرڻ جھڙو ٿي ويندو مٺا... ننڍڙي حياتيءَ ۾ دير نہ ڪندا ڪيو... ڪھڙي خبر ڪير ٿو پھرين اک ٻوٽي... هُو... يا توهان... اکين جي ٻوٽجڻ کان پھرين، ڪو خوش ڪن جملو، ڪا بھترين ڳالھہ، ڪو حسين سلوڪ، اوهان کان جلدي گهري ٿو. ڪري وٺندؤ تہ ڪڏهن بہ دير جو احساس ڪونہ رهندوَ.“

(ڇپيل: آچر 8 مئي 2005ع)

ڪي ڏُور بہ اوڏا سُپرين..! (سائين)

ساھہ ڀرجي آيو هو نگاھہ ڌنڌلي ٿيڻ لڳي هئي. اکيون ڳوڙهن سان ڀرجڻ لڳيون. هنن بہ وڏو ساھہ کنيو. مون ڏانھن غور سان ڏٺائون ۽ ڳالھہ کي جاري رکيائون: ”جيڪي نہ هوندا آهن اهي ئي دراصل اسان وٽ هوندا آهن. جيڪي هجن انھن جو هئڻ نہ هئڻ ڪڏهن ڪڏهن برابر ٿي ويندو آهي... انھن جي موجودگي بہ اسان کي خوش ناهي ڪري سگهندي ٻچا... جيتري اسان کي ڪنھن جي غير موجودگي اداس ڪندي آهي...“
حسبِ روايت وري بہ دير سان حاضر ٿيو هئس. وقت پنھنجو لغام ٽوڙائي ڀڄندو رهي ٿو. اسان جھڙا پاڻ کي جهڙوڪ گَهِليندا رهن ٿا. وقت سان مقابلي جو تہ خيال ئي عجيب آهي. ڏينھن ۾ ڏينھن ائين ٿو گذري جو خبر نٿي پوي، آچر سان آچر جڙيل نظر اچي ٿو. اسان مان الاءِ ڪيترن جا چھرا حيرت جي نشاني بڻجن ٿا. جڏهن هفتو پورو ٿئي ٿو وقت جي بي لغاميءَ جي ڪري اڄ سڀاڻي ۾ مٽجي ٿي ۽ ٻئي گڏجي هڪدم ’ڪالھہ‘ ٿي وڃن ٿا. ارادن ۾ دير نٿي ٿئي. عمل ۾ وقت لڳي ٿو. سوچجي ٿو، ’اڄ وڃبو، سڀاڻي حاضر ٿبو...‘ ۽ بس هفتا لڳي ٿا وڃن... نگاھہ ۾ حياءُ ليئا ٿو پائي تہ ڪھڙو عذر ڪھڙو جواز پيش ڪبو. ڪوڙ بدوڙ سوچي همٿن جي ريلنگ کي جهلي جڏهن ديدار جي ڏاڪڻ طئي ڪجي ٿي تہ سامھون ڪنھن بہ جواز جي طلب نٿي هجي. بس جيڪو آيو... تنھن لاءِ لک بسملاهيون... جيڪو نٿو اچي تنھن لاءِ دعا جو در کليل... شل خير سان هجي.
هن واري سوچيو هئم دل کولي ڳالھائيندس، پوري اعتماد، تفصيل ۽ يقين سان عرض ڪندس تہ مان اهڙو ناهيان. مون کان دير اجائي نٿي ٿئي. ڪونہ ڪو رنڊڪ جو سبب ٺھي ئي ٿو پوي. ڪا ايمرجنسي، ڪو تڪڙو ڪم ڪا ڏکيائي ئي اسان کي پري رکي ٿي، نہ تہ موجود رهڻ ۾ ئي اندر کي ’ڀلو‘ محسوس ٿئي ٿو. مون ڪجهہ گهڻو ڪو نہ ڳالھايو هو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ هنن منھنجو اندر پھرين ئي پڙهي ورتو هو. ”تو اهو محسوس ناهي ڪيو چريا، تہ جيڪي نہ هوندا آهن. سي ئي فائدي ۾ هوندا آهن. اندر جي تانگهہ نگاھہ جو درد، دل جي اڪير هنن لاءِ هوندي آهي. جيستائين ’ڪو‘ اچي نٿو، تيستائين رستي ۽ در جي قدر و منزلت رهندي آهي... جي ڪو اچي ويو تہ رستو ۽ دروازو اهميت وڃائي ويھندا آهن جاهل....“
”تہ بس... پوءِ ڪير اچي ئي نہ سائين... ايندو ۽ اهميت وڃائيندو تہ ڇا فائدو؟ پنھنجي بہ اهميت وئي ۽ رستا ۽ دروازا بہ اجايا بڻجي ويا تہ پوءِ ڇا وريو؟“ پٺيءَ ۾ هلڪڙو ڌڪ هڻندي چيائون، ”ڳالھہ کي وٽ ۽ ور ڏيڻ ڪو تو کان سکي... جي اچڻ وارو نہ اچي ۽ انتظار سدائين لاءِ مقدر بڻجي تہ من جي زمين ٺوٺ ٿي ويندي آهي، بي يقينيءَ جو ڪَلَرُ کيس کائي ويندو آهي. حياتي هر شيءِ ۾ حد طلبي ٿي پُٽ... جتي گهڻي خشڪي زمين کي برباد ڪري ٿي. اتي اضافي پاڻي بہ ڪا چڱائي ناهي ڪندو، سڄي ڳالھہ جو مطلب اهو ئي ٿَئِي تہ نہ انتظار گهٽ چڱو ۽ نہ گهڻو...“
”مطلب تہ انتظار هجي ضرور... ائين نہ سائين...“
”نہ تہ انتظار ئي اصل زندگي آهي، سڄي حياتي اسين موت جي انتظار ۾ هوندا آهيون... بظاهر کڻي اسين ان جو اقرار نٿا ڪيون. هن ڪائنات جي ڪُن ۾، سونھن جي سرت ۾، اسين ان جي سچائيءَ کان پاڻ آزاد رکندا آهيون، پر اندر تہ سدائين ڊنل رهي ٿو. سوچ تہ بھرحال اچي ئي ٿي... هاڻي هڪ لحاظ کان اهو انتظار ئي زندگي آهي... ڇاڪاڻ تہ جنھن مھل اهو ختم ٿيو معنيٰ پردو هيٺ ڪريو. کيل ختم... تماشو برخواست.“
”يعني منتظر رهجي نہ مرشد؟...“
”بلڪل رهجي...“ کن پَلَ ۾ هنن جون اکيون هاڻي چمڪڻ لڳيون. ”بلڪل رهجي شھزادا... وصل ۾ هجر جو ۽ هجر ۾ وصل جو... ملجي تہ جدا ٿيڻ کي ياد رکجي ۽ جي جدا هجي تہ ملڻ جي سوچ يعني وري ملڻ جي سوچ سامھون رکڻ گهرجي...“
”۽ جي نہ ملي سگهجي تہ....“ جملو نڪري ويو. منھنجو هاڻي پاڻ تي ڪو اختيار نظر نہ پئي آيو.
”تہ بس پوءِ ٺھيو... گهوري جان جتن تان.... جڏهن راند ئي ختم ٿي وئي تہ رانديڪا تہ بيڪار ٿي ويا نہ... وڏن وڏن کيلن تماشن کان پوءِ حالت ڪونہ ڏٺي ٿئي. اهي ايوانَ، اسٽيڊيمَ، ميدانَ جهنگ بڻجي ويندا آهن. ويراني جيان کائڻ ايندا آهن... انسان بہ هڪڙو اهڙو ئي ميدان ٿئي، جنھن تي هر قسم جي راند ٿيندي آهي. پوءِ هڪ ڀيرو فائنل کان پوءِ اهو ميدان اجڙندو آهي ۽ اهڙي ريت اجڙندو آهي. جو وري اتي ڪا راند ممڪن نہ ٿي سگهندي آهي...“ هنن گلاس کنيو پاڻي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئندا رهيا. مان ڏانھن نھاريندو رهيم. اڇي سونھاريءَ جا وار هموار هئا. ڳالھائڻ دوران هٿن جي آڱرين سان هنن اتي لڪيرون پئي ڪڍيون. اها سندن خاص عادت هئي.
”ڪي ڪي وجود تہ فائنل کان پھرين اجڙندا آهن، سائين..... فائنل تہ کين نصيب ئي ڪونہ ٿيندو آهي...“ هڪ ڳيت ۾ سڄي ڳالھہ ڪري ويس، اختلاف بہ ڪٿي ڪٿي همٿ گهري ٿو.
”اهوئي هنن لاءِ فائنل هوندو اٿئي... مڪمل ٿي ويندا آهن هُو... سندن زندگي ڪمال حاصل ڪندي آهي. ان کان پوءِ رڳو هنن کي ڏينھن گهارڻا هوندا آهن. حياتيءَ جي ’اِنڊن‘ ۾ رڳو رنگ پيا ڀريندا ٿئي....“
”معنيٰ هنن وٽ هاڻي انتظار نہ رهيو؟.... مطلب هجر و وصل.... ملڻ ملائڻ کان ويا؟....“ حيراني دروازا کولي ذهن ۾ گهڙي آئي.
”بلڪل..... اهي ئي تہ اٿئي جن کان ’عام‘ ڪجهہ وٺڻ ويندو آهي. عشق جي چوٽ کين ’خاص‘ بنائي ڇڏيندي آهي راڻا... موت جو ڏاڪو هُو زندگيءَ ۾ ئي لتاڙي ويندا آهن. بس... قبر ۾ وڃڻ لاءِ هنن جو جسم منتظر هوندو آهي...“
”معنيٰ انتظار تہ ٿيو نہ مرشد...“
”وري اها ڳالھہ.... انتظار جسم ناهي ڪندو. ذهن ڪندو آهي. هو مئل ذهن سان زندگي گهاريندا آهن. جسم انتظار ڪري تہ عشق لڄي ٿي ويندو آهي موڳا... عشق جو انتظار تہ روح ۾ هوندو آهي. من ۾ هوندو آهي. نگاھہ ۾ هوندو آهي. جسم جو انتظار تہ ملڻ سان ختم ٿي ويندو آهي. جسم مليو تہ معاملو ختم... روح جو انتظار تہ ڏسڻ ۾ بہ ختم نہ ٿيندو آهي. تڏهن تہ چيو هيومانءِ تہ جيڪي نہ هوندا آهن سي ئي دراصل اسان وٽ هوندا آهن.“
هنن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. پاڻيءَ جو گلاس وري گردش ۾ آيو ۽ ڍڪ ڍڪ ٿي نڙيءَ مان هيٺ لھڻ لڳو.
هوءَ الاءِ ڪڏانھن گم ٿي وئي هئي. جنھن رستي تي هن مون کي بيھاريو هو. اتي هاڻي انتظار جا وڻ سُڪڻ لڳا هئا. پرڏيھہ ويندي هن موٽڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. چيو هيائين، ”ڪنھن جي بہ ٿيڻ کان اڳ ۾ مان هڪ ڀيرو توهان وٽ ضرور اينديس...“
محبتن ۾ اهو سڀ ائين الاءِ ڇو ٿيندو آهي. اسين جن سان محبت ڪندا آهيون، انھن جا ٿي نہ سگهندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن وري ڪنھن سان ملڻ ۾ دير ٿي ويندي آهي. جيڪو ايندو آهي، سو قبضي ڪيل پلاٽ تي گهر ٺاهڻ کان ڪيٻائيندو آهي. نتيجو اهو ئي انتظار هجي ٿو. ماڻھو سڀ سمجهي ٿو کيس سڄي ڄاڻ هجي ٿي. اها خبر هوندي بہ تہ اسين هڪ ٿي نہ سگهنداسين. اسين اظھار ڇو ڪندا آهيون..؟ ڇو پنھنجي درد جو درمان ڪرڻ لاءِ ٻين کي رنج جو دارون عطا ڪندا آهيون؟ اندر ۾ الاءِ ڪيترا ’ممنوعات‘ جا بورڊ لڳل هئا. اهو سڀ مرشد کي عرض ڪرڻو هو. ڪا راھہ ڪڍڻي هئي، پر زباني اُڪلي نہ پئي، چوڻ لاءِ درڪار همٿ، رستو نہ پئي وٺي.
”موٽڻ لاءِ چئي وئي اٿئي ڇا؟....“
هنن پاڻي پي ڇڏيو. گلاس پٽَ تي زور سان رکيائون. جست جو گلاس سرن جي فرش سان ٽڪرايو تہ آواز پيدا ٿيو. منھنجو ڇرڪ نڪري ويو ۽ تڪڙ ۾ ڪنڌ اقرار ۾ لڏي ويو.
”وئي ڇو هئي؟“ هنن غور سان مون ڏانھن نھاريو.
”ڪم ڪار جي بھاني سان پڙهڻ... اڳيان وڌڻ..!“ همٿ ڪيم چئي ئي ڏنم.
”وئي بہ آهي يا تو وٽ رهجي وئي آهي؟“ هنن وري نگاھہ تيز ڪئي.
”رهجي وئي آهي شايد سائين... يا الاءِ وئي هلي آهي...“ هاڻي برداشت جا بند ٽُٽي پيا، اکين ۾ جيڪي ڪجهہ هو سو نڪري آيو. ادب ۾ بي ادبي گوارا نہ هئي. سڏڪا ڪنٽرول ڪندو رهيس، پر ڳوڙها مسلسل وهندا رهيا. مان ڄڻ ڪٿي ڪنھن ڌنڌ ۾ گم ٿيڻ لڳس....الاءِ ڪيترا لمحا ائين گذرندا رهيا، پوءِ هنن جو آواز ڪنن ۾ اوتجڻ لڳو.
”آثم ناٿن شاهي چوي ٿو:
هن ڳوٺ مان هُو گهر جو اچانڪ ڊهي ويو
تنھن ۾ بہ هڪ حسين هو شايد رهي ويو
سُڏڪا چئي ۾ هئا، سي نڙيءَ ۾ ئي رهجي ويا
هي بي چيو هو لڙڪ، سو اک مان وهي ويو
’آثم‘ ائين تہ ڪَکُ بہ نہ سھندو هو ڪنھن جو پر
تولاءِ گهاءَ دل تي هزارين سھي ويو
شعر مڪمل ڪري هو مون ڏانھن نھاريندا رهيا ۽ پوءِ آهستي آهستي ورجائڻ لڳا.... ”هي بي چيو هو لڙڪ... هي بي چيو هو لڙڪ...“ منھنجا بند وڌيڪ ڀڄي پيا... لوڏن ۾ اچي ويس تہ کڻي ڀاڪر ۾ ڀريائون، شدتن سان روئندو رهيس. هو ماٺ ميٺ ۾ وارن ۾ آڱريون ڦيريندا رهيا. اکين مان پاڻي ڪجهہ گهٽ ٿيو تہ نرڙ چمي پاڻي گلاس ڀري ڏنائون.
”هي پيءُ.... ڪافي پاڻي نڪري ويو آهي. توکي ٻئي جي شديد طلب آهي...“ مرڪ جي هلڪي انڊلٺ ظاهر ٿي. پاڻي هڪ سَٽ ۾ پي ويس، تہ هنن منھنجو هٿ جهلي ورتو... بي انتھا نرم آواز ۾ چيائون، ”تون سمجُهو آهين سڀ سمجهين ٿو... پر مون کان هڪ ڳالھہ جي وضاحت وٺندو وڃ... تون ان ڳالھہ ۾ منجهيل آهين نہ تہ هُوءَ تو وٽان ويل آهي يا تو وٽ رهجي وئي آهي تہ ان جو جواب مون کان وٺي ڇڏ... هُوءَ تو وٽ رهجي وئي آهي... رهجي وئي آهي. تڏهن تنھنجا لڙڪ بي چين ٿيا ويا آهن... اکين ۾ جتي هُوءَ ۽ هن جو انتظار رهي ٿو. اتي اهي لڙڪ رهي نٿا سگهن، تڏهن نافرماني ڪن ٿا. جي هُوءَ تو وٽان هلي وڃي ها تہ اهي لڙڪ اهي ڳوڙها تنھنجي آرڊر ۾ هجن ها..! حڪم جا تابع هجن ها..! اکين ۾ رهي جاءِ خالي نہ ڪن ها... هُوءَ موٽَي يا نہ موٽَي اها ٻي ڳالھہ آهي. رهجي بھرحال تو وٽ ئي وئي آهي.“

(ڇپيل: آچر 21 آگسٽ 2005ع)

داغ نہ لگ جائَي (سائين)

ٿانوَ ڌوئيندي، اهو گمان بہ ڪونہ هو تہ ڪو نشان رهجي ويا آهن. وڏي يقين ۽ اعتماد سان اهو هنر جاري هو. چَپَن تي، ڪا جهونگار بہ هئي. پاڻ کي وندرائڻ جو پورو پورو بندوبست ٿيل هو. مٿي ريڪ ۾، آلا ٿانوَ رکيا پئي ويا، تہ جيئن سُڪي سگهن. هٿن جو مھٽو تيز هو. ٿانوَن جي چلڪ چمڪ ٻڌائي پئي تہ ڪم ڏاڍي ’رسانَ‘ سان ٿي رهيو آهي. شام روزو کولڻ مھل سڀني روزائتن کي چلڪندڙ، چمڪندڙ ۽ ڌوتل وهنتل ٿانوَ ملندا، افطاريءَ جو مزو اچي ويندو.
ڪم جي هڻ وٺ ڏاڍي هئي. حُڪمِ حاڪم هو، ادا تہ ڪرڻو هو. وقت گهٽ هو ۽ ٿانوَ الاهي.... اتي اهو بہ احساس ٿي رهيو هو تہ ڪافي ڪجهہ ٿي ويو آهي. وقت جي حد اندر خيرن سان سڀ ڪم مڪمل ٿي ويندو.
الاءِ ڪنھن گهڙيءَ هو پويان اچي بيٺا هئا.... خوشبوءَ پاسو ورايو تہ ڌيان ڇڪ ڪئي ۽ احساس ٿيو تہ سائين اچي ويا آهن. منھن تي مُرڪ جو دائرو وسيع هئن. ڏنل ڪم جي پوئواريءَ لاءِ آيا هئا. اندر ۾ وري اهو اطمينان ڪَرَ کڻي رهيو هو تہ ڪم جي ’ڪوالٽي‘ سٺي آهي. شڪايتن جو موقعو هن واري ’نه‘ ملي سگهندو.
سڄي حاصلات پنھنجي مَن کي مارڻ لاءِ هئي. دراصل ميرا، کاڌي جي بچت ۽ گيھہ سان ڀريل ٿانوَ ڌوئڻ ڪو سولو ڪم نہ پيو لڳي. اسين جيڪي ذات جا ماريل وجود آهيون، جيڪي ڏينھن ۾ ڏھہ ڀيرا تہ خوشبوئن جي لباس تي شوڪارو هڻي نڪرندا آهيون، انھن ڪمن ۾ ڪٿي ٿا پئون. ڪنھن جي اوبر ڏانھن ڏسڻ بہ پسند نہ ايندو آهي، هي تہ ’اوباريل باسڻ‘ هئا. عجيب ڇھائن جو مرڪز ۽ محور... سائينءَ وٽ حاضر ٿيا هئاسين تہ ان ڪم سان لڳائي ڇڏيو هئائون. ابتدا ۾ عجيب لڳو هو. منھن جو رخ ڪنھن ٻئي طرف پئي ٿيو ۽ آڱرين ڪنھن ٻئي محور تي ڪوشش پئي ڪئي. مٿان وري ڪرندڙ پاڻيءَ ۽ اڏامندڙ ’ڦينگن‘ سان لباس جي مجروح ٿيڻ جو هر ممڪن انديشو هو، پر بھرحال... اهو سڀ ايئن ئي ٿيڻو هو، سو ٿيو پئي. ڪجهہ ئي لمحن ۾ اها فرحت حاصل ٿي هئي تہ ڪم ٺيڪ پيو ٿو ٿئي، جو مٿان پاڻ اچي ويا هئا ۽ سندن جملي ڄڻ هانءُ مُٺ ۾ جهلي ورتو هو.
”داغَ رهجي ٿا وڃنئي شھزادا... برتن کي مڪمل ڇڏائي نٿو سگهين....“
اکين ۾ بي يقيني لھي آئي. مھٽ مھٽان جي هن جھان ۾ بہ داغ رهجي ويا هئا. چينيءَ جا ڪوپ وهنتل هئا، بَسيُون صاف هيون.... هنن اسٽيل جي پليٽن تي اهي واضح هئا. پليٽن جي پاسن ورائڻ تي، چلڪي چمڪي ۾ فرق پئي پيو. ڪٿي ڪٿي سڻڀ رهيل هو. مٿي، جارَي ۾ اهڙيون ڪي ويھارو کن پليٽون رکيل هيون. هٿ وڌائي ڏسڻ شروع ڪيم تہ اندازو ٿيو، ڏھہ کن خراب هيون. نظر ايندڙ چلڪو دوکو ڏيندڙ هو. جيڪي هو، سو نظر نہ پئي آيو. خوش گماني، بدگمانيءَ ۾ مٽجڻ لڳي هئي. منھنجن هٿن کي پنھنجن هٿن ۾ جهلي ورتائون. سندن مرڪ گهري ٿيندي ويئي. اشارو ڪندي فرمايائون: ”ويھي رھہ!.... ڪم ڪافي ٿي ويو آهي.“ شرمندگي، وڻ ويڙهيءَ جيان ورائي ويئي هئي. مليل ڪم پورو نہ ڪري سگهيو هئس. جيڪو اطمينان ۽ آرام پھرين مليل هو، سو کسجي چڪو هو. منھنجي جاءِ تي ڪو ٻيو ٿانوَ ڌوئڻ لڳو.
”حياتيءَ جا ٿانوَ بہ ايئن ئي عجيب مٽيريل جا ٺھيل هوندا آهن.“ هنن ڪانڀ ڪڍي.... هيٺ ويٺا تہ مون کي بہ ويھڻ نصيب ٿيو هو. سندن چھري تي عجيب اطمينان هو. شايد کين پھرين ئي اهو اندازو هو تہ مان ’نااهلن‘ مان هڪ هئس. ”ڪي چينيءَ جا ٺھيل وجود هوندا آهن.... ڪي ٽام چينيءَ جا.... ڪن جو اساس پتل هوندو آهي تہ ڪي وري اسٽيل جا ٺھيل هوندا آهن محمود....“ ورائڻ لاءِ مون وٽ ڪجهہ بہ ڪونہ هو.... ۽ هونئن بہ کين ٻڌڻ جو تہ پنھنجو ئي لطف هوندو هو.
”حياتيءَ جا ڪاروهنوار، اسان جا عمل ۽ اسان جا افعال، انھن برتنن تي نشان ڪندا ويندا آهن. اندر اجرو هجي، من جا ڪاڄ، سچ جي بٽڻن سان بند هجن تہ ايئن سمجهو تہ ماڻھو چينيءَ جو ٺھيل آهي. ڪا هير ڦير ٿي تہ بس، ٿورڙو سوچ جو پائوڊر کنيو، محبت جي پاڻيءَ سان ملايو، سچ جي ڪپڙي سان مھٽي صاف ڪيو ۽ دل جي ڪَٽ ۽ ڪدورت ايئن غائب ٿيندي، ڄڻ هئي ئي ڪانہ... اهو سڀ ٽام چينيءَ سان نٿو ٿئي... نہ ئي وري اسٽيل جھڙن ٿانوَن سان... انھن جي گسائي، ٻيو خيال گهري ٿي.“ هنن پنھنجي ريش ۾ آڱريون ڦيريون... کيسي مان رومال ڪڍيائون... ۽ سونھاريءَ جي هيٺئين حصي ۾، ڳچيءَ کي صاف ڪرڻ لڳا.
”ماڻھو، اسٽيل ۽ ٽام چيني بہ هوندو آهي مرشد؟“
”هوندو آهي.... تڏهن تہ چيم نہ ٻچا.... رڳو شيشو، ڪرسٽل، ڪانچ تہ ناهي نہ.... ماڻھو تہ لوهي برتن بہ آهي.... ماڻھو تہ ماڻھو آهي جانِ عزيز.... الاءِ ڪيتري کاڌ خوراڪ منجهانئس گذرندي رهي ٿي. بس ٿانءَ اهڙو آهي، جنھن تي صرف سوچ جا نشان ئي باقي رهن ٿا.... ٻين کي ڏنل ڏنگ.... ڌوئڻ ۾ وقت لڳي ٿو.“
الاءِ ڪيتري عرصي کان پوءِ حاضري مقدر ٿي هئي. ويل ويلن جي وٺ پڪڙ ۾، موقعو نصيب نہ ٿيو هو. ماڻھو تہ ازل جي ڪتاب ۾ هڪ نقطي جيان آهي ۽ هونئن بہ آهي بہ ڪھڙو؟ هاڻي آهي.... هاڻي ناهي.... اجهو نظر آيو.... اجهو غائب ٿي ويو.... وقت جي رڳو وڃڻ جي خبر پئي ٿي، اچڻ ۽ ترسڻ جي اسان جھڙن کي ڄاڻ ڪٿي ملي سگهي ٿي. هن واري روح ڏکيل هو، واپسيءَ جو سفر، متوقع نہ هو.... اجازت وٺي، رخصت ٿيڻ کان پوءِ موٽجي تہ عزت، انومانن جو شڪار ٿي ويندي آهي. اهو خوف گَهرُ ڪندو آهي تہ الاءِ موٽ ۾ ڀاڪر کليل ملندو يا هٿ ٻڌي موڪلائڻ جا جتن ڪيا ويندا. واپسيءَ جو قبولجڻ بہ ڪنھن نعمت کان گهٽ ڪونہ هوندو آهي. من ملول هو... ٻڏتر جي رنگن ۾، هڪڙو عڪس اهو بہ هو تہ الاءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا سوچيندا پيا سڀ... ايڏي شد مد سان رخصتي ڪو ڊرامو تہ ڪونہ سمجهي ويندي؟ اعتبار جي مسند ڪھڙيءَ جاءِ تي ٽيڪ طلب ڪري سگهي ٿي؟ جي ٽيڪ ڏني وڃي تہ اهو اعتبار ئي ڪھڙو ٿيو؟ پنھنجو پاڻ ڌنڌلو محسوس ٿيڻ لڳو. موٽ ڪنھن جي حڪم تي ٿي تہ وئي هئي، پر ان جو ذائقو ڪسارو لڳي رهيو هو.
”تڪڙ ڇو ڪندو آهين مجهول؟....“ هنن اچڻ سان ئي ڪلاس ورتو هو... ”پنھنجو پاڻ سوچي، پاڻ ئي فيصلا ڪرڻ جي طاقت تو ۾ ڪڏهن کان آئي آهي؟ سمجهين بہ ٿو تہ اڳيان بند گهٽي آهي ۽ ڀتين تي چڙهڻ جي طاقت تو ۾ ناهي رهي، تہ بہ اوڏانھن سفر ڪرڻ جي جستجو تو ۾ ڇو ڀرجي وئي آهي؟“ ڀريل آواز سان عرض ڪيو هئم:
”مون سمجهيو هو سائين.... الاهي ٿي ويو، هاڻي رخصت وٺڻ گهرجي. راند کي رتل ڇڏي، واپسيءَ جو سفر اختيار ڪجي.“
”نہ پر راند رتي هجي تہ اهڙا فيصلا ڪر نہ ڀوڪ...“ هنن جو لھجو درشت هو. ”اچي الف بہ ڪونہ ٿو.... صاحب هليا آهن اڌ اکري ڳالھائڻ.... عقل جا وڏا.... اهڙا فيصلا ڪرڻ جو تون مجاز ناهين.... ايترو سمجهہ ۾ اچئي ٿو.“
سينو ڀرجي ويو... اکيون ڇلڪڻ لڳيون... عرض ڪيم: ”موٽي تہ آيو آهيان نہ قبلا... وري حاضري شروع ڪئي اٿم.“
ناراضگيءَ وارو لھجو اڃان وڌي ويو هو: ”موٽڻو تہ هو توکي نادان... موٽڻو تہ هر ڪنھن کي آهي. واپسيءَ جي سفر کان انڪار، ڪير ڪري ٿو سگهي؟“
”اهو ٻيو سفر آهي سائين... ان جو منڪر تہ ڪير بہ نٿو ٿئي. هن جھان ۾، هنن رنگن ۾، موٽڻ... پنھنجو اعتبار وڃائڻ آهي.“ ڳالھہ ڪٽيندي چيو هئائون: ”اعتبار آهي ڪھڙو... هان... تعريفن ٻہ ٽي جملا... تحسين جا ٻہ اکر... واھہ واھہ... واھہ سائين واھہ ۽ بس... توکي نگاھہ جي تعريف ڪرڻ سمجهہ ۾ نٿي اچي. بي صدا صدائون سمجهڻ ڇا مون توکي نہ سيکاريون هيون؟ اهو ڇا ڪونہ سمجهايو هئم تہ ماڻھو وهڪري ۾ وهڻ کي پسند ڪندو آهي. سامھون گلا جو هنر جي سمجهہ ۾ اچي وڃي تہ دنيا ۾ ڪوبہ ڪنھن جي تعريف نہ ڪري محمود... اندر جي آواز کي دٻائي، اسين زبان جي اچار کي اهميت ڏيندا آهيون... تڏهن تہ اسان جي وجود جو ٿانءُ داغدار ٿيندو رهندو آهي. اهڙا داغ چڙهندا آهن، جيڪي ڪوبہ پاڻي ۽ ان جو ميلاپ لاهي نٿو سگهي. هاڻي جن جي تعريف ايئن هجي، انھن جي تنقيد جي ڪري تو موٽ نہ پئي ڪرڻ چاهي؟“
”مطلب هي سڀ تعريفي وجود ڪوڙا آهن مرشد..؟“
”بلڪل نہ... اهو مطلب نہ هو... انھن جي تعريف تہ دراصل هلڪي ڦلڪي صفائي اٿئي... ذات جي ٿانءَ تي سنھون سُڪو داغ هجي تہ صاف ٿي ويندو، پر جي ابتي سوچ جو سڻڀ ڄمي ٿو وڃي، دماغ ۾ واھہ واھہ جو ڀُوسو ڀرجي ٿو وڃي، تہ پوءِ انھن جي تعريف تہ ماڳھين زهرِ قاتل آهي، جنھن جو ترياق ملڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي.“
مون ڪجهہ بہ نہ سمجهيو هو. ڪجهہ وڌيڪ چوان ئي چوان، تہ هنن اشارو ڪيو هو تہ ”ميرا ٿانو وڃي ڌوءِ!“ ماٺ ڪري ان ڪم ۾ وڃي لڳو هئس، جيڪو بہ ڪسو ئي ٿيو هو. آڱريون، خالي فرش تي، بي خياليءَ ۾ الاءِ ڇا ڇا لکنديون رهيون. هُو بہ سوچ ۾ هئا. پوءِ غور سان نھاريندي چيائون، ”انسان جو اندر، ڪنھن بہ شيءِ جو ٺھيل هجي صاحب... گهرندو صفائي آهي... پوءِ جيئن تو پاڻ ڏٺو... جي مٽيريل مختلف آهي تہ مٿان محنت مختلف ٿئي ٿي. پاڻ کي ڪرسٽل، شيشو، ڪانچ، ٽامو، اسٽيل ۽ لوھہ ٺاهڻ پنھنجي هٿ ۾ نہ اٿئي عقلمند... ٿانءُ تہ ٺھي ملي ٿو، بس ان جي صفائي پنھنجي هٿ ۾ هجي ٿي. هر حال ۾ شڪر ڪجي ۽ داغن کي دور ڪجي. ٽام چينيءَ جو ٺھيل بي داغ ’کنجو‘، مٽيءَ جو ٺھيل صاف سٿرو وٽو، ڪرسٽل جي ميري گلاس کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو. صفائي ڏسي ئي لطف اچي ٿو ۽ واپسيءَ جي سفر ۾ جي ٿانوَ ٿپا صاف هجن، تہ الاءِ ڪيترا بار جهڪا ٿي ويندا آهن. موٽڻ ۾ اعتبار ڪر ۽ سامان تي نگاھہ ڪر... زندگي پنھنجا سڀ ذائقا تو وٽ کڻي ايندي ۽ ڀلا جي تون ايئن نہ بہ ڪرين، تہ بہ خير آهي... ميرن ٿانون سان بھرحال موٽايو تہ توکي ضرور ويندو، پوءِ تون ڇا ڪندين؟“

(ڇپيل: سومر 16 آڪٽوبر 2006ع)

امپورٽ ايڪسپورٽ (سائين)

اداس موسمن جي زردي سندس مُک تي لھي آئي هئي. سڄو هيڊو ٿي ويو هو. شڪست جي هوا، سندس وجود جي پنن کي وکيري ڇڏيو هو. اندر جي ايوانن ۾ واچوڙا هئس. داغدار دل کڻي، هٿن ڏي نھاري رهيو هو، ڄڻ دل هٿن مان نڪتل هئس.
”ايئن ڇو ٿيندو آهي سائين تہ اسين، جن سان محبت ڪندا آهيون، اهي اسان کي سمجهي نہ سگهندا آهن، جن سان وفا ڪندا آهيون، انھن وٽ اسان لاءِ بي وفائيءَ کان گهٽ ڪجهہ بہ ناهي هوندو.... جن تي اعتبار ڪندا آهيون، انھن کي اعتبار کي ڌڪ ڏيڻ کان سواءِ ڪجهہ ناهي ايندو.... ايئن ڇو ٿيندو آهي سائين؟“
سڄو جسم ڏڪيس پئي.... هُڙڪِي پيو هو. اعتبار جي نشست ۾ گُهچ پئجي ويا هئا. جيڪو ان تي ويھي، حڪم هلائي رخصت ٿيو هو، تنھن جي وڃڻ کان پوءِ اڃان بہ چاھہ جو اسفنج مٿي نہ ٿيو هو. وڃڻ کان پوءِ بہ الاءِ ڪيتري دير گرمي باقي بچي ٿي. محبوب رخصت ٿئي تہ ان جي گرمي تہ سڄي ڄمار جيءُ جلائي ٿي. ڀاڪر ۾ ڀريومانس تہ ڇڄي پيو. منھنجي شرٽ جا پاسا سندس ڳوڙهن سان آلا ٿيڻ لڳا. شدت سان ٻانھن ۾ ڀريندي، مون بہ اهو ئي سوچيو تہ ڀلي غبار ڪڍي وٺي.... ڀلي دل جا چاڪ ڪجهہ وڌيڪ چڪن.... رنج جي بارش، اسان جي وجود جي وڻ کي ڪڏهن ڪڏهن ڌوئي پوئي، غلط فھمين جي مٽيءَ کي هٽائي، اڇو اجرو ڪندي آهي. جيڪو عڪس پوءِ نڪرَي، اهو وڌيڪ واضح ۽ خوبصورت هوندو آهي.... اسين سادا، سانورا، هلڪي سلڪي شڪلين وارا، عشق جي بارشن ۾ ڌوپجي ’ٺھي‘ پوندا آهيون. پنھنجو پرچائڻ پاڻ کي عجيب پئي لڳو. جيڪي پاڻ ڀور ڀور هجن، اهي ٻين کي ڪيئن ٿا ميڙي سگهن؟ اتي اهو بہ سامھون آيو تہ جيڪڏهن وقت مٿان اچي ڪڙڪي تہ اهو سڀ بہ ٿي ويندو آهي... ’نہ ٿيڻي‘ وقت هٿان ٿي ويندي آهي.
حياتي ڏاڍي خوبصورت آهي عزيزانِ من.... منظر پنھنجي ڀرپور دلڪشيءَ سان اسان کي پنھنجي سحر ۾ جڪڙي وٺندا آهن.... ڀلي ڪيترو بہ ڪڙو ذائقو ڇو نہ لڳي، زندگي ’ٿُڪڻ‘ تي دل نہ چوندي آهي، پر الاءِ ڇو، جڏهن ڪو پنھنجو خنجر هڻي ڪڍي تہ سڀ ڪجهہ اڻ سونھون ٿي ويندو آهي. حياتي ڪلھن جو بار لڳندي آهي، رنگ رُسي ويندا آهن. دوستن جا خنجر، هونئن بہ دشمنن کان وڌيڪ تکا ٿيندا آهن.
اڃا ڪجهہ ڏينھن پھرين ئي دوستن ’ڪاپاري ڌڪ‘ هنيو هو. ساٿ جا واعدا ڪندڙ، آخري وقت ۾ هٿ ڪڍي ويا هئا. هزارين بھانن سان سٽيل سندن وجود ’بي شرمائپ‘ جو ماسڪ اوڙهي، اکين جي شڪايتن کي مُنھن ڏيندا رهيا. سالن جو ’سياپو‘ هڪ ڌڪ ۾ ريزه ريزه ٿي ويو هو ۽ الميو تہ اهو هيو تہ هنن کي انھيءَ ڳالھہ جو رتي برابر بہ احساس نہ هو. ماڻھو کي احساس نہ هجي تہ جانور ۾ ۽ هن ۾ ڪھڙو فرق ڪري سگهجي ٿو. يارن هٿ ڪڍيو تہ لوندڙيءَ ڀر وڃي ڦھڪو ڪيوسين.... ۽ مٿان وري، پنھنجو ئي هڪ ساٿي به، محبوب بہ هاڻي ان ئي صف ۾ وڃي بيٺو هو. ”ڇا نہ ڪيو هئم هن لاءِ سائين....“ هاڻي سامت ۾ آيو هو. پاڻيءَ گلاس پي، جسم کي ٿڌو ڪري، هن پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. ”پاڻ کي ڦُري فقير ڪيو هئم.... منھنجي بوٽ ۾ سوراخ هوندا هئا.... زمين پير ساڙيندي هئي ۽ هن لاءِ انگلش بوٽ هائوس ۽ ’هَش پپيءَ‘ کان گهٽ ڪونہ سوچيندو هئس سائين.... پاڻ ٻن وڳن ۾ گذارو ڪندو هوس ۽ هوءِ ’ٽِي جَيز‘ پائيندي هئي....“ ڳيت ڏنائين تہ ڳالھائڻ جو مون کي بہ موقعو ملي ويو. اندر ۾ هتي بہ ڄڻ ڪجهہ ڀڙڪي رهيو هو. باھہ ٿيندي چيم، ”ٽڪي جي ماڻھوءَ کي ٽڪي ۾ توريندي، محبت جي ڪٿ نہ ڪجانءِ.... اڳيان هلي اهو نہ چئجانءِ تہ اهو سڀ ان محبت ۾ ٿيو هو....“
”نہ تہ پوءِ ڇا ۾ ٿيو هو سائين....“ سندس لھجو روئڻھارڪو هو. ”جيڪڏهن ٿيو بہ هو تہ تو پاران.... هُن پاران نہ.... ٽِي جيز.... توکي گهٽ لڳندو هوندو، ڇاڪاڻ تہ پنھنجي محبوبہ لاءِ تو وٽ اڃان ڪو ٻيو ماپو هو ڀُوڪَ..! هن جي تہ حيثيت کان مٿانھون هو.... ڇاڪاڻ تہ هن کي تہ توسان محبت ئي ڪانہ هئي....“
”ايئن ڪيئن هوندو سائين....“
”جيڪڏهن نہ هجي ها تہ اڄ ايئن ٿئي ها ڇا.... جو تون ٽينٽ ۾ ڪرسين لڳائڻ جي قابل بہ نہ هئين.... ٺلھو ڪارڊ بہ تنھنجو حق نہ هو، جو ڪنھن ماڻھوءَ هٿان ملي ها.... اهو بہ توکي پوسٽ ۾ مليو....“
عاشقي صبر طلب مرحلو آهي. الاءِ ڪيترا پل سوچڻو پوي ٿو. بلڪ سوچڻو ئي سوچڻو پوي ٿو. رنگ اهو، جيڪو هُوءَ پائي، لباس اهو، جيڪو کيس پسند اچي. هِي بہ هُنَ سان.... هُو بہ هُن سان.... پاڻ سان تہ پنھنجو پاڻ ئي نٿو رهي تہ ٻي ڪنھن شيءِ جي طلب ڪٿي ٿي سگهي ٿي. پنھنجو پاڻ ارپڻ، عاشقيءَ جو پھريون ڏاڪو هوندو آهي. جنھن سان محبت ڪبي آهي، اهو نظر ايندو آهي. محبت ڪندڙ تہ ڄڻ هوا ۾ تحليل ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن عاشقي پنھنجو پاڻ کي سنڀالي ڪجي تہ ايئن نقصان ٿئي؟ هونئن بہ نقصان جو لفظ ڪاروبار ۾ ئي ٺھي ٿو، پر هن دور ۾ عشق، ڪاروبار کان گهٽ ڪٿي وڃي رهيو آهي....
اهي سڀ نُڪتا سڀني کي معلوم هوندا آهن، الاءِ ڇو محبت ڪندڙ کان وسري ويندا آهن.... ”عام رواجي هئي سائين هوءَ....“ هن وري نڙي صاف ڪئي. ”ڪا پھري چھره.... ڪا گل پري ڪونہ هئي.... بس.... ٿورو ناز انداز سو هئس.... پر اهو تہ محبوبن ۾ هئڻ ئي گهرجي....“ هن ٿڌو ساھہ کنيو، آواز هاڻي ڪنھن جاءِ تي اچي بيٺو هئس.
”اسين عام ماڻھو آهيون مٺا.... جن سان محبت ڪندا آهيون، اهي بہ عام ئي هوندا آهن. انھن کي خاص تہ اسان جي محبت بڻائيندي آهي. اهو اعجاز.... جيڪو هنن کي اهم ٺاهيندي، اسان کي غير اهم، ڇسو، وائڙو ۽ نابين ٺاهيندو آهي....“
’نابين‘ تي هن غور سان مون ڏانھن نھاريو. منھنجي ڳالھہ جاري هئي، ”الاءِ ڇو اهو ايئن ئي چوڻو پوي ٿو ٻچا... اسين جن سان گڏ هوندا آهيون.... انھن سان گڏ هوندي لوڪ اسان تي کلندو رهندو آهي. اسان کي اها کِل، محبت جي جوش ۾ سمجهہ ۾ نہ ايندي آهي، جيڪا دراصل اسان جي ’بي جوڙ... جوڙيءَ‘ کي ڏسي، هنن سڀني جي مُک تي ايندي آهي.... اسين ٻنھي پاسن تي ساوڪ ئي ساوڪ محسوس ڪندا آهيون. ’هڪ طرف‘ جو رياءُ، مڪر ۽ فريب تہ وري ’وچئين وجود‘ کي نظر ايندو آهي. انھن مان اسان جا ڪيترا ئي خيرخواھہ اسان کي بار بار سمجهائيندا آهن، پر اسين سمجهڻ تہ ڇا.... ٻڌڻ جي موڊ ۾ بہ نہ هوندا آهيون....“
حيرت سندس نگاھہ وسيع ڪري ڇڏي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪجهہ اڳ جا ’معلوم ڳُجهہ‘ وري ڄاڻي وڌيڪ عجب ٿيندو آهي. اهو احساس ٿيندو آهي تہ خبر تہ پھرين بہ هئي.... ان مھل ڪھڙي پٽي اکين تي چڙهيل هئي. ڇا تي ’انڌا‘ ٿي ويا هئاسين؟
”ماڻھو، جتي ماڻھوءَ لاءِ ترياق آهي نہ ٻچا.... اتي اهو ڪنھن زهر کان بہ گهٽ ڪونہ ٿئي. ماڻھو ئي ماڻھوءَ جو قد ٺاهي ٿو ۽ ماڻھو ئي سندس ٽنگن جي ’ڪاتر‘ ٿو ڪري. تو ناهي ڏٺو تہ ڪيئن ماڻھو، ماڻھو کي ڏاڪڻ ٺاهي سڀ مرحلا طئي ڪري ٿو. پنھنجي لوڀ، لالچ ۽ حاصلات جي هجوم ۾، هُو بي انتھا مٺڙو، هيٺانھون ۽ خصيص بڻجي ٿو. ڪڏهن ماتحت ٿو بڻجي تہ ڪڏهن محبوب.... عشق جي آويءَ ۾ ٻئي کي پڄائي، ترا ڪڍي وڃي ٿو. ماڻھن جي تيز ترين ترقي تو ناهي ڏٺي....؟“
”مطلب سائين....“
”مطلب اُهي ئي حيرانيون آهن، جيڪي هينئر تنھنجي مُک تي آهن. اهي چالباز وجود، پنھنجي ’حدف‘ کي حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪنھن ڪمان، ڪنھن ڏاڪڻ جي چونڊ ڪندا آهن. اسان جھڙن بيوقوفن جي هن دنيا ۾ ڪابہ کوٽ ناهي. اسان جھڙا ’عظيم‘ وجود، ٽڪي جا ٽيھہ ملن ٿا. هڪ ننڍڙي مرڪ، ڪا عاجزي، ڪا منٿ اسان جا لاھہ ڪڍي ٿي. ڄار ۾ ڦاسي ٿا پئون، پنھنجو پاڻ وڻڻ ٿو لڳي. سامھون واري جي اعتبار ۾ تہ هن کي ’صرف ۽ صرف‘ اسان سان چاھہ آهي ۽ نسبت آهي، اسين سڄي جڳ کي کڻي دشمن بڻائيندا آهيون. حالت اها هوندي آهي جو اسان جا پنھنجا بہ پنھنجا ناهن رهندا... ۽ پوءِ جڏهن اهو ڪاڄ سري ويندو آهي... کين اسان جي معرفت منزل ملي ويندي آهي تہ ڪنھن چوسيل چٻاڙيل هڏيءَ جيان، هو اسان کي اڇلائي ڇڏيندا آهن. وقت جو جانور اسان کي کائڻ شروع ڪندو آهي ۽ جي هو نہ بہ کائي تہ بہ اسين تہ جھڙا هوندا آهيون، تھڙا نہ.... پنھنجو ڏاڪڻ طور استعمال ٿيڻ جو احساس ڇا گهٽ ذلتون آڻي ٿو....؟“
اندر ۾ ڪا ڄَرَ هئي، لفظ ڀڙڪا ڏئي نڪرندا رهيا. هن جا ڳوڙها سُڪي ويا هئا. حيرتن سان نھاريندي چيائين، ”سڀ محبوب اهڙا هوندا آهن، سائين؟“ منھنجو ڪنڌ جُهڪي ويو. هاڻي لڳم تہ منھنجي اکين جا آبخورا ڀرجڻ وارا آهن. همٿ ڪري چيم، ”نصيبن سان ملندو آهي پيار، جانِ عزيز... ۽ ان کان وڌيڪ بانصيب اهو آهي، جنھن جو محبوب سچو هجي.... هاڻي دنيا ۾ ايئن بہ ڪونھي تہ رڳو ڌوڪو هجي، پر بھرحال آهي تہ سھي نہ.... پوءِ اها سنگت ڪري يا محبوب.... نقصان تہ بھرحال ٿئي ئي ٿو.... پر هڪ ڳالھہ ياد رکڻ بنھہ ضروري آهي تہ جيڪو ڪوڙي واعدي جي ڄار ۾ ڦاسائي ٿو، تنھن کي پاڻ ئي پڪ آهي تہ ڄار ’جُڙتو‘ آ.... پنھنجو پاڻ کي.... پاڻ ئي ڪمزور ڪري ٿو ۽ ان ڪمزوري جو شڪار بڻجي ئي، سچي ساٿ کي وڪڻي ٿو. هاڻي ان جي موٽ ۾ کڻي ڪھڙو بہ مقام ماڻي.... کڻي ڇا بہ هٿ ڪري.... اسان کي وڪڻندي کيس اهو نہ وسارڻ گهرجي تہ جي ’هُن وڪيو تہ ڏاڍو سستو وڪيو ۽ جي ٻئي ڪنھن خريد ڪيو تہ انھيءَ ڏاڍو مھانگو خريد ڪيو.‘ جيڪي اسان جي خلوص، سڪ ۽ سچائي جو ڪاروبار ڪن ٿا نہ مٺا.... جيڪا ايڪسپورٽ امپورٽ ٿئي ٿي ۽ جنھن ۾ هو پاڻ کي ڏاڍو ڪامياب ٿا محسوس ڪن نہ.... انھن تي اهو راز ڪڏهن نہ ڪڏهن تہ کلڻو ئي آهي تہ هنن دوکي ۽ دولاب سان، قرب ۽ خلوص جي جيڪا مٽا سٽا ڪئي هئي، ان ۾ سندن سڪو دوکو هو ۽ اهو ئي سندن حياتيءَ کي نيٺ هنن سان ڪرڻو آهي.... تنھن مھل ڏاڍي دير ٿي ويندي جانِ عزيز.... ۽ موڪلائڻ جي انھن لمحن ۾ الاءِ اڪيلائيءَ کي ڪيئن مُنھن ڏئي سگهندا.... ڇاڪاڻ تہ جن اسان کي ايئن ڇڏيو آهي، انھن کي بہ تہ آخر اهي سڀ ايئن ئي ڇڏي ويندا.“

(ڇپيل: آچر 19 نومبر 2006ع)

تنھنجي رمز سھڻا مان ڇا سمجهان..! (زندگي)

سينو ڀرجي آيو آهي. پرڏيھي پکين جيان شاگرد موسمن جي مٽجڻ ساڻ رخصت ٿي رهيا آهن. ڊسمبر جي سرد هوائن ۾ ڄامشورو اکين ۾ اداسين جا ٽم ٽم ڪندڙ ڏيئا جرڪائي ويندڙن کي الوداع چئي رهيو آهي. جيڪي ڪجهہ سال اڳ مرڪندڙ، مھڪندڙ چھرن سان هتي آيا هئا، انھن مان الاءِ ڪيترا اداسين جي ردائن کي ويڙهيو، هر هر ڪنڌ کي ورائي، پسمنظر کي ڏسندا، ڏور وڃي رهيا آهن. جدائين جي موسمن، ڊگرين جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، ڄڻ ذات جي گهر جو در ڏسي ڇڏيو آهي، الاءِ ڪيترا هٿ اڃان لمس جي پاڇي هيٺ آهن، الاءِ ڪيترا الوداعي انداز ۾ لڏندا رهجي ويا آهن.
عجيب جھان آهي هي بہ عزيزانِ من... ڄامشورو، علم جي ڀنڊار جي حيثيت رکي ٿو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سونھن، جتي هانءُ مُٺ ۾ ڪري وٺي ٿي، اتي مھراڻ يونيورسٽي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، بورڊ آف ڪريڪيولم ۽ لياقت يونيورسٽي آف هيلٿ اينڊ ميڊيڪل سائنسز جو ساٿ، زمين جي ڪجهہ ميلن جي هم چورس ٽُڪر کي عجيب حيثيت بخشي ٿو. اکين ۾ انيڪ خواب کڻي الهڙ جوانيون، ڏيڍي اورانگهين ٿيون، الاءِ ڪيترا خواب ساڀيان سان ميلاپ ڪري سگهن ٿا، الاءِ ڪيتريون اکيون وري خوابن جي پيچرن تي رُلندي، خلا ڏانھن نھارڻ ۾ مشغول ٿي وڃن ٿيون. فتح ۽ شڪست، سا بہ پنھنجي وجود جي، هتي ڪجهہ سالن ۾ ئي ڀرپور ’ديدار‘ ڪرائي ٿي. عملي زندگيءَ ڏانھن وکون کڻندڙ وجود، بي عمليءَ جي خوف ۾ وڪوڙجي، پنھنجي اعتماد کي ڳوليندا رهن ٿا.
هتي ماڻھو اچي تہ علم پرائڻ ٿو، پر ڪتابي علم کان وڌيڪ کيس پنھنجي ’ذات‘ جي علم ۽ عرفان کان آگاهي ملي ٿي. ٽُٽي بہ ٿو تہ جڙي بہ ٿو. بس نصيب نصيب جي ڳالھہ آهي. حياتي رڳو ڪتاب تہ ناهي نہ... حياتي تہ ڪتابن کان ٻاهر بہ گهڻو ڪجهہ آهي. اکين جا آبخورا ڀرجي آيا هئس. هلڪي وڌيل شيو ۾ جهڪيل ڳچيءَ سان، هن موبائيل جي بٽڻن سان کيڏندي چيو ”سر... اهو ڏينھن بہ اچي ويو آهي، اڄ کان جدائي مقدر آهي... يونيورسٽيءَ ۾ آخري ڏينھن آهي... اڄ تہ پنھنجو موبائل نمبر ڏيو...“ ڪو تير هيو، تفنگ هو... ننڍڙي ڳالھہ جي چوٽيءَ تي، باھہ جي ڄَرَ هئي، ڪو آتش فشان ڄڻ ڦاٽي پيو... ياد آيم... کيس مون ئي منع ڪئي هئي، ڇاڪاڻ تہ مان پنھنجن شاگردن کي پنھنجو سيل نمبر ناهيان ڏيندو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ اهو کانئن ’ڳجهو‘ رهي نہ سگهندو آهي. الاءِ ڪٿان ڪنھن نہ ڪنھن حيلي وسيلي سان هو اهو هٿ ڪري ئي وٺندا آهن. اهو ڪو ايڏو وڏو مسئلو ڪونھي... پر بھرحال پنھنجي اولاد کي کارائبو سونو گرھہ آهي ۽ ڏسبو شينھن جي اک سان آهي. سو، پنھنجي شاگرد کي نمبر ڏيڻ، الاءِ ڇو عجيب لڳندو آهي. الاءِ ڪيترا ڪم اهڙا هوندا آهن معزز خواتين و حضرات جيڪي اسين نہ ڪرڻ چاهيندا آهيون، جيتوڻيڪ انھن جي ڪرڻ ۾ ڪا قباحت نہ هوندي آهي ۽ مٿان وري ڪيترا ئي ڪم اهڙا بہ هوندا آهن، جيڪي اسين ڪندا رهندا آهيون، جيتوڻيڪ انھن جي ڪرڻ ۾ ڪا بہ چڱائي نہ هوندي آهي. هتي، هن سحر انگيز علائقي ۾، عمرِ عزيز جا تقريبن چاليھہ سال گذارڻ کان پوءِ، هلندڙ دور ۾ اهو احساس شديد ٿي ويو آهي تہ هتي علم حاصل ڪندڙ، علم سان گڏ ’محبت‘ ۾ بہ شدتن سان ويساھہ رکن ٿا. حياتيءَ جا گذريل آخري چوڏنھن سال پنھنجي عظيم درسگاھہ جي خدمتن ۾ گذريا آهن ۽ الاءِ ڇو هاڻي اها سوچ گهري پئي ٿيندي وڃي تہ شاگردن ۾ هاڻي تعليمي ادارو ڄڻ ’پريم نگر‘ جي جاءِ وٺي پيو ٿو... هتي علم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ جوانين کي، اندر ۾ اهو بہ احساس ڪر کڻندي محسوس ٿئي ٿو تہ حياتي، اتي ٻيا بہ انيڪ ’موڙ‘ مڙي سگهي ٿي. ڪنھن نہ ڪنھن جو ساٿ، ڪٿي بہ ’نصيب‘ ٿي سگهي ٿو. زندگي هڪدم مٽجي سگهي ٿي.
هاڻي اهو سڀ پھرين بہ هو... ائين ناهي تہ اها سوچ ڪا دور جديد جي پيداوار آهي، پر هاڻي هن دور جي ’ميڊيا‘ سڀني سوچن کي ڪمال بڻائي ڇڏيو آهي. زندگي هڪدم ’سُسِي‘ وئي آهي، ائين ئي جيئن ’ڪاٽن‘ جو نڪور ڪپڙو پاڻي چورائيندو آهي. جي انھيءَ کي بنا پاڻيءَ مان لنگهائڻ جي، درزي کي ڏئي ڇڏجي تہ سبجڻ کان پوءِ پھرئين ڌَوپ کان پوءِ ئي وڳو وري پھرڻ جھڙو ناهي رهندو. اسان سان بہ هاڻي اها ڪار ٿي وئي آهي. اسان جي سوچ جي ڪاٽن بنا ڌوئڻ جي سبجي ٿي ۽ نتيجي طور وجود جو وڳو سُسي وڃي ٿو. اهي سڀ جيڪي هت اچن ٿا، انھن مان ڪيترن کي ٽيليويزن جي اسڪرينز تي هٿ هٿ ۾ ڏئي هلندڙ انھن جوڙن جي ياد تنگ ڪندي رهندي آهي، جن جو مقدر سڏڪا ۽ آهون هوندا آهن. اهو سڀ ڄاڻندي بہ هو اهو سڀ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. حياتيءَ جي ’گليمر‘ ۾ هاڻي اهي سڀ نڪتا، مخصوص جاءِ والارين ٿا. ڪتابن سان گڏ ’ڪتابي چھرن‘ جي ڄاڻ جو عمل بہ جانچيو وڃي ٿو. پوءِ ڪتاب الاءِ ڪٿي رهجي وڃن ٿا، ڪتابي چھرا، جيءُ جڪڙي وٺن ٿا. موسمون تيزيءَ سان مٽجن ٿيون. جدائيءَ جي اسٽيشن، جڏهن وقت جي ريل جي وسيلي سامھون اچي ٿي تہ ڪتابي چھرا اکين کي ڌنڌ بخشين ٿا، بينائي متاثر ٿئي تہ اڳ ڇڏايل ڪتاب بہ هٿ ۾ نٿو اچي، حياتي بس ’فلمي‘ ٿي وڃي ٿي.
هي سڀ عجيب ڳالھيون آهن، صاحبانِ زمانہ، پر سچ اهو ئي آهي. هاڻي ان جو مطلب اهو هرگز ناهي تہ اسان جا تعليمي ادارا ڪو رڳو عشق جي ’آماجگاھہ‘ بڻيل آهن، پر گهڻي ڀاڱي نوجوان نسل ۾ اها سوچ پڪي پختي ٿيندي ٿي وڃي. هلو، ائين کڻي مڃجي تہ محبت امر جذبو آهي. جڙ پڪڙي وٺي ٿو، بي ساختہ ٿي وڃي ٿو، پر ان جو اهو ’کُلئي عام اظھار‘ ڪا ’مناسب‘ ڳالھہ تہ ناهي... اهو سڀ ظاهر ڪرڻ مان اسان جو ’مقصد‘ ڇاهي؟
اڳي عزيزانِ من... محبت، هڪ قسم جي چادر هوندي هئي، هڪڙو ’غلاف‘ هوندي هئي، جيڪو سامھون واري کي ڍڪي وٺندو هو، پنھنجي ’محبوب‘ جي مدح پاڻ سان ڪندي بہ چارئي پاسا نھاربو هو تہ ڪنھن کي ڪو ’شڪ‘ نہ پئجي وڃي... ڪا ٻڙڪ بہ ٻاهر نہ نڪري، ناموس سلامت رهي، پرينءَ جي پار شل ڪوسو واءُ نہ لڳي. پنھنجي سيني تي گهاءُ سھي به، سامھون واري جو نانءُ نہ اچاربو هو. ان جو مطلب اهو قطعي نہ هوندو هو تہ ڪو محبت ڪمزور هوندي هئي... جي غور ڪيو وڃي تہ اهڙي ’مضبوط محبت‘ تہ اسان کي وري ڪڏهن نظر ئي نہ آئي. سڀني جي سامھون محبت جو ’اظھار‘ ان کي ڪمزور ڪندو آهي. اهو فلسفو اسان کي الاءِ ڇو نہ سمجهہ ۾ اچي ٿو... ائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ جڳ جي سامھون واڪ ڪرڻ کان بھتر ناهي تہ ڪير نگاهن ۾ ’واڪ‘ ڪري ۽ هونئن بہ ’پرين‘ تہ اهو آهي، جنھن جا قدم دل تي هلندا هجن... زماني جي سامھون کڻي اهي ڪيترائي روڊ رستا ڇو نہ ماپين، جي دل تي نہ هليا تہ هنن جو هلڻ ئي بيڪار آهي.
اهي سڀ ڳالھيون صاحبانِ عقل و فراست، رڳو هنن تعليمي ادارن ۾ ڪونھن، اهو سڀ اوهان کي هاڻي تقريبن هر هنڌ نظر اچي ٿو. ان جو مطلب، مان وري عرض ڪرڻ گهران ٿو تہ اهو قطعي ڪونھي تہ يونيورسٽين ۾ رڳو عشق پيا ٿا ٿين... يا علم حاصل نٿو ٿئي. اهو سڀ پنھنجي جاءِ تي جاري آهي پر الاءِ ڇو نوجوان حياتين، پنھنجي ساھہ جي تند ۾ ’ٻيو گهڻو ڪجهہ‘ بہ پوئي ورتو آهي. اکين جي غلافن تي خوابن جا گل ڪجهہ وڌيڪ ’ٽوپجي‘ ويا آهن.
نمبر لکايومانس تہ ڄڻ سندس سيني تي بار وڌي ويو. عرض ڪري چڪو آهيان تہ اکين جا آبخورا اڳ ۾ ئي ڀريل هئس... نمبر محفوظ ڪري تہ ڄڻ ڇلڪي پيو... ٽپ ٽپ ڪندي، ٻہ ڳوڙها ٽيبل جي شيشي تي ڪريا تہ ڄڻ منھنجو سينو ڇڄي پيو. ڀاڪر ۾ ڀريندي چيومانس، ”وڇوڙي جي لاءِ ڇا مان توکي تيار نہ ڪري سگهيو هئس؟...“ هن سڏڪندي اقرار ۾ ڪنڌ لوڏي ’ها‘ ڪئي، مون سندس مُنھن ۾ نھاريندي چيو، ”شڪر ڪر... جدائيءَ جي گهڙي اوچتي ناهي آئي... ٻن مھينن کان اوهان سڀني پر ’ساهيا‘ پئي... وڃڻ وڃڻ جا نعرا پئي هنيو. جنھن ڏينھن ڪپڙن کي ’گلال‘ هنيو هو، ان ڏينھن دراصل اهي وڇوڙي جا رنگ هئا، نادان... مٿان وري شرناءِ پئي وڳي... معنيٰ تہ جدائي آئي ئي آئي... ان ڏينھن تہ اکين ۾ ائين جل ٿل ڪو نہ ٿي هيئي... اڄ ڇا ٿي ويو آهي؟...“
ڪمال نفاست سان، هن ڳوڙها اگهي ورتا... ۽ ائين ڪنڌ هيٺ ڪيو، بيٺو رهيو. الاءِ ڪيترا لمحا ائين سرڪي ويا... ڇا ٿيو... اها بہ خبر نہ پئي... بس منھنجي وات مان هي جملو نڪري ويو... لفظ ڪڏهن ڪڏهن ضابطي کان ٻاهر هوندا آهن... جي ضابطي ۾ هجن تہ ڪا غلطي ٿئي؟ ائين جيءُ جهورين؟ ماڻھو ائين نادانيون ڪري؟... نہ ڄاڻ ڇو چئي ڏنومانس، ”هن انڪار ڪيو آهي يا توکان اقرار ٿي نہ سگهيو آهي؟...“
بس... ڪنڌ جي خَمَ ۾ اضافو ٿي ويس. سندس آواز ڄڻ کوھہ مان ايندو هُجي... پاڻ سنڀاليندو رهيو ۽ ڳالھائيندو رهيو، ”سمجهي نہ ٿي سگهي مون کي سر... سمجهي تہ شايد ائين نہ ڪري..“
”تو سمجهيو اٿس؟...“ مون کي سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ الاءِ ڪيئن تُز جملا منھنجي واتان نڪرندا پئي ويا... ”توکي اها سمجهہ آئي آهي ڀُوڪ تہ هوءَ توکي نہ سمجهي سگهي آهي؟“ حيران ٿي ويو. ڪنڌ مٿي کڻي اکيون ملايائين.
”سر... مان هن جي انڪار، اقرار کي سمجهان ٿو.“
”جي سمجهين ٿو تہ پوءِ پريشان ڇو آهين؟ انڪار ٿي ويو آهي ڇا؟...“ هن نهڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو... “معنيٰ اقرار ڪيو اٿائين؟“ سندس ڪنڌ نهڪار ۾ وري لڏيو. لوڏ هلڪي هئس، پر بھرحال ”مُنڪر“ هئس.
”سوچڻ لاءِ وقت گهريو ٿئين سر... چوي ٿي زمانو ڏسان... پوءِ فيصلو ڪيان..“
”هيترا سال سوچڻ لاءِ ڪافي نہ هئس ڇا سانورا؟ هاڻي ڪھڙو زمانو ڏسڻو اٿس... تون هاڻي انڪار، اقرار جي رمز ڇڏ... خوابن جي درين کي لوھہ جا پڙڇ هڻاءِ... نيڻن جي ڪاٺ ۾ وقت جي اڏوهي لڳڻ واري ٿئي. زمانو تہ هڪڙو لمحو هوندو آهي جاني... هڪ لمحي ۾ جنھن جي سڃاڻ نہ ٿي سگهي، ان کي سالن ۾ ڪٿان سڃاڻي سگهبو؟...“
”منھنجا دوست کلن ٿا سر... لڳي ٿو سڀني جي سامھون جواب ڏئي وئي آهي...“ غور سان نھاريومانس... مُکُ ڪجهہ ڳاڙهيٽڙو ٿيس پئي... ”اهو لڳي ٿو... يا واقعي سڀني کي خبر هئي؟...“ اهو بہ ڄڻ تتل لوھہ تي وار هو. ڳيت ڏئي هاڪار ڪندي چيائين ”سڀني کي خبر هئي“..
”تہ بس... نوجوان... سڄي قصي کي تون جي پنھنجي اندر ۾ ئي سانڍي نہ سگهيو آهين تہ ٻين جي ڳڻتي ڇو ٿو ڪرين...“
”پر سر... خوشبوءِ جي تہ خبر پئجي ويندي آهي...“ هن منھنجي ڳالھہ ڪٽي...” ۽ توهان کي ياد آهي، اوهان ئي چيو هو تہ محبت تہ خوشبوءِ آهي... اها تہ محسوس ٿيندي...“ پنھنجن جملن جا نشتر، پاڻ ڏانھن ايندي محسوس ڪيم تہ ڄڻ اندر جو عام ماڻھو ٻاهر نڪري آيو... لھجو تلخ ٿي ويو... سمجهاڻيءَ جي اهڙي موٽ شايد مون کي ڇرڪائي وڌو هو. چئي ڏنم، ”خوشبوءِ جي خبر پوندي آهي مٺا... پر ان جي نالي جو اظھار نہ ٿيندو آهي... جسم تي ڪوبہ پرفيوم لڳايو... جيستائين ٻئي کي ٻڌايو نٿا تہ ڪھڙو برانڊ آهي، ايستائين صرف خوشبوءِ محسوس ٿيندي، نانءُ نہ نڪرندو...“
”نہ پر... ڪجهہ خوشبوئون ’ڪامن‘ هونديون آهن، سر... اهي تہ بنا نالي سڃاڻپ ۾ اچي وينديون آهن...“
”اهي مخصوص هونديون آهن پُٽ... ۽ جيڪي گهڻو واپرائڻ وارا هوندا آهن... انھن کي ئي محسوس ٿينديون آهن ۽ اهي ئي نانءُ کڻندا آهن... محبت هر ڪو محسوس ڪري وٺندو آهي، محبوب جو نانءُ پھرين اوهان اچاريو ٿا پوءِ ڪو ٻيو کڻي ٿو... اها ڳالھہ ڪڏهن نہ وسارجانءِ... ۽ اهو بہ نہ وسارجانءِ تہ اقرار جا فيصلا مھلت نہ طلبيندا آهن... جتي انڪار جي گنجائش هجي، اتي ئي وقت جي گُهرَ ڪبي آهي...“
وڌيڪ ڄڻ هن ڪجهہ بہ ٻڌڻ نہ پئي چاهيو... تڪڙو اٿيو، پيرن تي هٿ رکيائين. ڀاڪر پاتائين ۽ رخصت ٿي ويو. انھن عملن ۾ مان بہ ماٺ رهيس. دروازو خالي ٿي ويو. سينو ڀرجي آيو آهي... ڊسمبر جي هوائن ۾ ذات جي عرفان جو سويٽر، انڪار ۽ اقرار جي رمز کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.

(ڇپيل: آچر 17 ڊسمبر 2006ع)

پيار جي پارت هجئي..! (سائين)

الاءِ ڪيترا ڏينھن ٿيا هئا جو اندران ڪا جاءِ نہ پئي ملي. پنھنجو پاڻ سان گفتگو ڪئي عرصو ٿي ويو هو. حياتيءَ جي هڻ هڻان ۾ وقت جو ’وقفو‘ ناراض ٿي ويو هو. آئيني ۾ ڏٺي بہ ڄڻ ڏينھن ٿي ويا هئا. ماڻھو تہ ماڻھو آهي، عزيزان من.... پنھنجو پاڻ کي مڌوبالا ۽ اميتاڀ بچن کان گهٽ ڪٿي ٿو محسوس ڪري! پر وري بہ غمِ دوران جو وهڪرو ڪا اهڙي صورتحال اختيار ڪري ئي وٺي ٿو، جو اهو ’خوبصورت روپ‘ بہ ڏٺي ڏينھن ٿي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن تہ پنھنجا ’ساروپا‘ بہ وسري ويندا آهن.
اهو سڀ هر ڪنھن سان ناهي ٿيندو، خواتين و حضرات.... جن جي دوستي ’پنھنجو پاڻ‘ سان هجي، سي ئي بھتر سمجهي سگهن ٿا، جن کي پنھنجي اندر جي آواز جي خبر هجي، انھن لاءِ اهو سڀ سولو بڻجي ويندو آهي. مسئلو وري انھن سان اهو ٿيندو آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن بنا ڪنھن سبب جي، اندر جا ايوان بند ٿي ويندا آهن. رڙ، واڪو تہ ڇا.... ڪا سرگوشي ٻڌڻ ۾ ڪونہ ايندي آهي.... من ملول ٿي ويندو آهي. دنيا ٻاهران تہ سڀ هار سينگار ڪيو ٽلندي وتندي آهي.... اندر ۾ عجيب ’ٻڙڌڪ‘ هوندو آهي. وجود وسامي ويندو آهي.... اسان جي کل بي رنگ، مُرڪ ڇسي ۽ ڀاڪر ٿڌا بڻجي ويندا آهن. زندگي، ويٺي ويٺي ’بلڪ اينڊ وائيٽ‘ بڻجي ويندي آهي.
پاڻ ڳالھائڻ ۾ مصروف هئا.... ڪنھن ڪُنڊ پاسي کان جاءِ ملي هئي. منھنجو مُنھن تہ اڳ ۾ ئي مونن ۾ اچي ويو هو. بس ڪَنَ هئا، جيڪي ڄڻ اينٽينا بڻيل هئا.... ”مسي مساڳ.... چپن لاءِ هوندي آهي ۽ چپ اظھار لاءِ.... پنھنجي اندر جي هر اڌمي کي، هر خواب کي لفظن جو روپ ڏيڻ لاءِ اوهان چپن جا محتاج آهيو. اظھار جي هڪ واٽ اک بہ هوندي آهي، پر ان جي زبان عام فھم ناهي هوندي. اکين جي ٻولي هرڪو ناهي ڳالھائيندو ۽ نہ ئي هر ڪنھن سان ڳالھائي ويندي آهي. جيڪي نگاھہ جي ٻولي ڳالھائڻ گهرن، انھن کي چڱيءَ طرح خبر هوندي آهي تہ سامھون واري جي نگاھہ، اکين ۾ ڪَنَ رکي ٿي. مطلب.... منھنجي اکين جا چپ جيڪو آڇين ٿا، سامھون واري جي اکين جا ڪن انھيءَ صدا کي ڪنائين ٿا ۽ سمجهن ٿا. جيڪڏهن انھن ٻنھين مان، ڪنھن بہ هڪ ۾ ڪا کوٽ آهي تہ اها ٻولي ئي بيڪار آهي دانائو.... ٻولي هوندي آهي سمجهڻ لاءِ.... جيڪڏهن سمجهہ ۾ ئي نہ اچي تہ صدا جو فائدو ڪھڙو رهي ٿو....!؟“
ڳالھائيندي ڳالھائيندي هنن مون ڏانھن نھار ڪئي هئي. مون کي اندازو تڏهن ٿيو، جڏهن ڪنڌ مٿي کنيو تہ سندن نگاھہ مون تي اٽڪيل هئي. اکين جي حجت اکين کي محسوس ٿي تہ هلڪي مرڪ سندن مُک تي وکري وئي. کين احساس ٿي ويو هيو تہ دانائن ۾ هڪ ڀُوڪ بہ ويٺل آهي. ”هاڻي، چپن جي اظھار جا بہ گوشا آهن.... پوري ڳالھہ، اڌ اکري، اڌو گابري ڪٿا.... اشارو ڪنائيو، سڀ چپن جا محتاج.... اشارو اک بہ ڪندي پر غير واضح، مبھم ۽ گهٽ.... چَپ تہ کلي اظھار ڪندا.... ماڻھوءَ جو الميو اهو بہ آهي تہ هو اظھار جي مرحلي ۾ پاڻ کي ڏسي ڪونہ ٿو سگهي.... مطلب.... ان لمحي ۾ هو ڇا پيو لڳي، آئن اسٽائن يا ڪو ڀُوڪ بصر.... جيڪڏهن آئن اسٽائن لڳو تہ ڪمال ٿي ويو ٻچا.... پر اهو بہ ٿئي گهٽ ٿو، ڇاڪاڻ تہ گهڻو تناسب ’ڇسن‘ وجودن جو هوندو آهي. ڳالھہ محبت جي هُجي يا نفرت جي.... احمق پڻو واضح نظر ايندو آهي....“ اتي ڪنھن ٻوليو ”ان جو مطلب اهو آهي مرشد سائين تہ ماڻھو اظھار ئي نہ ڪري....“ هنن آواز جي سِمت ۾ نھاريو، ”منھنجي ڳالھہ پوري ناهي ٿي نادان... اظھار ڪجي ضرور ڪجي... بلڪ اظھار ئي تہ ڪجي پر ڪوشش اها هجي تہ ان مھل اندر جا چپ ٻاهرين چپن جو ساٿ ڏيندا هجن.... ٻنھي ۾ ڪو مت ڀيد نہ هجي. جيڪو اندر جي آواز سان آواز ملائي ڳالھائي، اهو ڪڏهن بہ ڇسو، بيوقوف يا احمق نہ لڳندو آهي.... ان جي ئي ڳالھہ وزندار هوندي آهي.“
سڀني جا وات پٽجي ويا هئا.... اڳ ۾ ڪڏهن اهڙو ڪجهہ ڪونہ ٻڌو هئوسين. چھرا، چھرا گهٽ سواليہ نشان وڌيڪ پئي لڳا... سندن مرڪ ڪجهہ گهري ٿي وئي. ”هزارين ڀيرا سمجهايو اٿمانوَ.... هر ماڻھوءَ جي اندر هڪڙو ٻيو ماڻھو رهي ٿو.... جيڪو سڀ رنگ ساڻ ٿو رکي، مرڪ، ڪاوڙ، گهور، لمس، سڀ وٽس آهن. اوهان سندس هر احساس محسوس ڪري سگهو ٿا، بشرطيڪ توهان کيس ٽائيم ڏيندا هجو.... حياتيءَ جي ابتدائي حصي ۾، سندس اثر گهڻو هجي ٿو، پر پوءِ وقت جي دز، اوهان جي اندر جي ايوانن ۾ گهڙي کيس لٽي ڇڏي ٿي.... غم دوران ايئن جڪڙي ٿو وٺي جو غمِ جانان تہ پنھنجو موت پاڻ ئي مريو وڃي.... مصروفيتن جو سبب ايترو مضبوط هوندو آهي جو اندر جي کڙڪيءَ جا انجيس زنگجي ويندا آهن.... پنھنجو پاڻ سان فرصت جو تيل، طلب ۾ هوندو آهي، پر ذات جي بوتل ئي خالي هوندي آهي. زنگ گهرو ٿئي تہ لازمًا کولڻ ۾ تڪليف ٿيندي. چيڪاٽ وڌي ويندا. اسين شايد اهي چيڪاٽ ڪنائڻ نہ گهرندا آهيون ۽ نہ ئي اها دز هٽائڻ جي فرصت اسان کي نصيب ٿيندي آهي. نتيجو اهو ئي سادو هوندو آهي.... اسان جو اندر ناراض ٿي ويندو آهي. سندس چَپَ، جسم جي چپن سان نہ ٺھڪندا آهن.... نتيجي طور اظھار ڇسو لڳندو آهي....“
حيرتن جا درياءَ پوري وهڪري ۾ هئا. سوال جون ٻيڙيون آهستي آهستي پاڻ سنڀالڻ جي چڪرن ۾ هيون.... ”مطلب.... عقل جو اظھار اندر سان آهي سائين....“ ڪنھن پڇيو.... پاڻ وري مُشڪي پيا.... ”نہ.... سچ جو اظھار اندر سان آهي شھزادا.... جنھن مھل بہ سچ زبان مان نڪري ٿو تہ سڀ ڪجهہ گڏيل ٿو هجي. ڪوڙ مھل ٻئي الڳ الڳ ٿي ويندا آهن ۽ وري الاءِ ڇو ملي نہ سگهندا آهن.... سچ ڳالھائجي تہ اندر جو آواز اڌما ڏيندو آهي.... ۽ اها اوهان سڀني کي خبر آهي تہ سچ ڳالھائڻ کان پوءِ، اهو ياد رکڻ جي ضرورت ناهي هوندي تہ توهان ڪھڙو بيان جاري ڪيو هو.... ياد تہ ڪوڙن کي رکڻو پوندو آهي، نادانو...“ هاڻي ماٺ ٿي وئي.... پاڻ تڏي جي ڪانيءَ سان کيڏندا رهيا.... ڪير ڳالھائي.... ۽ ڇا ڳالھائي؟ وري سندن آواز اڀريو، ”سچ جي ڪٿا مھل.... اکيون، اندر بڻجي وينديون آهن بابلا.... سويل چيو هئم نہ.... تہ اک جي ٻوليءَ جو هُنر ڪجهہ ٻيو هوندو آهي.... هاڻي اهو هُنر سچ سان نروار ٿئي ٿو.... سچار ماڻھوءَ جي اک ۽ چپ گڏجي مُرڪندا ۽ گڏجي سُڏڪندا آهن....“
”۽ محبت سائين... ان جي اظھار ۾ تہ اک ۽ چپ الڳ هوندا آهن....“ ڪنھن لقمو ڏنو... پاڻ پاسو ورايائون....
”محبت بہ تہ سچ ئي آهي نہ پُٽ.... هاڻي ان جو وري درجو ڌڻيءَ اهڙو رکيو آهي، جو هر ڪا ٻولي الڳ ٻولجي ٿي، پر سُر ساڳيو نڪري ٿو. اهو ڪڏهن نہ وسارجو تہ اهو صرف محبت سان ناهي. هر اهو جذبو، جيڪو اندر ۾ جڙ وٺي.... مطلب.... مٿاڇرو نہ هجي، ايئن ئي سلوڪ ڪندو آهي. اک ۽ چَپَ الڳ الڳ ڀلي هجن، پر انھن جو اهو وڇوڙو، شدت کي ظاهر ڪندو.... يعني ڪنھن جذبي کي اکيون وڌيڪ شدت سان بيان ڪنديون ۽ انھن جي مقابلي ۾ ساڳي ڳالھہ جي حمايت چَپَ بہ ڪندا، پر ٿورو گهٽ شدت سان ۽ اهو سڀ وري ابتڙ بہ ٿي سگهي ٿو تہ چپ شدت سان لفظ اوڳاڇين ۽ اکيون ايترو ساٿ نہ ڏين.“
ڳالھہ واضح ٿي وئي هئي، هر ڪنھن جو ڌيان مرڪز تي ئي هو. ”بس.... اها ڳالھہ پنھنجي اندر سان ڪري ڇڏيو، جيڪا چپن تي اچڻي هجيوَ ۽ اندر جو جواب ٻڌي پوءِ ان جو اظھار ڪندا ڪيو.... پنھنجي اندر سان ملاقات ضروري هوندي اٿوَ.... ان ۾ دير ڪندؤ تہ حياتي ڪو ختم ڪونہ ٿي ويندي.... ها.... ان جو ساءُ لهسجي ويندو....“
ڪلاس ختم ٿيو.... سڀ هيڏي هوڏي ٿيا تہ هنن پيار مان هٿ ڦيريو.... مٿو ڄڻ ڇانءَ ۾ اچي ويو. اکين جا پيمانا تَر ٿيڻ لڳا.... سندن مرڪ وڌيڪ گهري ٿي وئي.
”ڄاڻو ماڻھو آهين تون.... داناءُ آهين.... پوءِ بہ.... پاڻ سان نٿو ملين. وقت نٿو ڪڍين پاڻ لاءِ ڀُوڪ.... هان.... پنھنجو پاڻ کان رُسي ٻين سان پرچي سگهبو آهي ڇا....؟“
الاءِ ڪيئن چپن تي اچي ويو:
”اهو سڀ توهان آڳاٽو پڙهايو هو قبلا.... اهو سڀ پڙهي.... لکي ئي تہ اندر جي وارتا سامھون ڪئي هئي.... سامھون واري جي فلڪَ ئي نہ ٻُڏي.... پنھنجي چيل سچ تي گمان ورائي ويا هئا سائين.... پوءِ شايد اندر بہ رسي ويو آهي. بي اعتباري وڏو عذاب آهي مرشد....“
هنن گُهور ڪئي، ”بي اعتباريءَ کان وڌ اعتبار وڏو عذاب ٿئي چريا.... تو ڳالھہ اعتبار سان ڪئي هوندي.... بي اعتباري تہ پوءِ ٿي هوندي. هاڻي هڪڙي ڳالھہ سمجهي ڇڏ.... جي هو فَلَڪَ ٻوڙي تہ محبوب چوائي!؟ .... ڳالھہ ڪرڻ جي هئي ۽ تو پوري سچ سان ڪري ڇڏي.... بس.... تنھنجو ڪم پورو ٿيو. اڳيان هن جو راز آهي. جيڪڏهن مڃي تہ وهواھہ، جيڪڏهن نہ مڃي تہ بہ واھہ.... ۽ ڀلا جي ڪم وهواھہ ٿي بہ وڃي نہ.... تہ ياد رکجانءِ عمل دخل تنھنجو نہ ٿو هلي سگهي.... بس.... منٿ ميڙ ۽ پارت ئي ڪم اچي سگهي ٿي. جتي حق سمجهئي اتي سڀ ڪجهہ رک ٿي ويندئي. ڦوٽو ٻڌو ٿئي نہ....“ ڏاڏاهي صاحب کي جهونگاريندي.... هنن جهونگارڻ شروع ڪيو:
اي پرين پرديس وارا، پيار جي پارت هجئي
عھد جي، انجام جي، اقرار جي پارت هجئي
همسريءَ جي هام ڪھڙي، مان ذرو تون ماهتاب
ناز پرور، نينھن جي نادار جي پارت هجئي
جانِ من جلوو سندءِ آهي جيئاپو جان جو
دلربا نامِ خدا ديدار جي پارت هجئي
مرتضيٰ محبوب آ، تو در اچي جهولي جهلي
سونھن جا سردار هن پينار جي پارت هجئي

سندن جهونگار بيحد خوبصورت هئي. پَل، ميڙجي ويا. ڄڻ ڪا کڙڪي کُلي وئي ۽ پنھنجو اندر نظر اچڻ لڳو. اتي هنن فرمايو، ”سامھون وارو به، جيڪڏهن پنھنجي اندر سان اچي تہ تنھنجو اٿئي. پر جي خالي ٻاهران ٻاهران آيو تہ ڇسو، احمق ۽ نادان لڳندئي. محبت ڀلي چوٽ چڙهي، پر ڪنھن ڪنھن مھل، هن جو روپ توکي پاسا ورائڻ تي مجبور ڪندو ۽ ان جي عملي نشاني اها ٿئي تہ تنھنجو اندر، ڪڏهن بہ هن کي پارت نہ ڪندو، کڻي تنھنجا چپ ڪيتريون ئي منٿون ڇو نہ ڪندا هجن.“

(ڇپيل: آچر 4 فيبروري 2007ع)

عميق مان ڪجهہ موتي..! (زندگي)

(عيد ميلاد النبي ﷺ جي مناسبت سان!)

عيد ميلاد النبي ﷺ مبارڪ هجيو.... 1428 هجريءَ جي هن اڄوڪي اهم ڏهاڙي تي خواب نگر کي اها سعادت حاصل ٿئي ٿي تہ هو حياتيءَ جي مختلف رنگن جي نسبت سان ڪجهہ حڪمن کي اوهان تائين پيش ڪري.... جيڪڏهن ڪا هڪڙي ڳالھہ بہ سمجهہ ۾ اچي وئي تہ هن فقير جا ڀاڳ ڀلارا ٿي ويندا.... اڳيان آسودگي ٿي ويندي. آمين.
(1) حضرت ابوذر ﷦ کان روايت آهي تہ رسول ﷲ ﷺ جن فرمايو تہ ”تنھنجو مرڪڻ، پنھنجي مسلمان ڀاءَ لاءِ صدقو آهي، تنھنجو ڪنھن کي نيڪيءَ جو ڏس ڏيڻ ۽ برائيءَ کان روڪڻ صدقو آهي، ڪنھن ڀليل شخص کي دڳ ڏيکارڻ صدقو آهي، پٿر ۽ ڪنڊَي وغيرہ جو رستي تان پري ڪرڻ صدقو آهي. پنھنجي دِليءَ مان ٻئي جي دِليءَ ۾ پاڻي وجهڻ صدقو آهي.
(2) حضرت عبدﷲ بن عباس ﷦ کان روايت آهي تہ نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو تہ، ”جيڪو شخص پنھنجي ڀاءُ جي ڪم خاطر هلي وڃي ٿو تہ سندس اهو عمل ڏهن سالن جي اعتڪاف کان افضل آهي. جيڪو شخص هڪڙو ڏينھن ﷲ جي رضا خاطر ويھي ٿو، ﷲ تعاليٰ ان جي ۽ جھنم جي وچ ۾ ٽن خندقن جيترو فاصلو ڪندو آهي. هي خندق، آسمان ۽ زمين جي وچ واري فاصلي کان بہ وڌيڪ ويڪري آهي.“
(3) حضرت عمران حصين ﷦ کان روايت آهي تہ فرمايو ﷲ جي رسول ﷺ تہ، ”جنھن شخص جو ڪنھن تي ڪو حق (قرض وغيرہ) هجي ۽ هو ان کي ادائگيءَ لاءِ ڍر ڏئي تہ ان کي هر ڏينھن جي عيوض صدقي جو ثواب ملندو.“
(4) حضرت جابر ﷦ کان روايت آهي تہ پاڻ ڪريم ﷦ جن فرمايو ”مومن محبت ڪندو آهي ۽ ساڻس بہ محبت ڪئي ويندي آهي. اهڙي شخص ۾ ڪابہ چڱائي ڪانھي جيڪو نہ محبت ڪري ٿو نہ ڪو ساڻس ڪئي وڃي ٿي. ماڻھن مان سڀ کان ڀلو اهو شخص آهي، جيڪو ماڻھن کي سڀ کان وڌيڪ نفعو پھچائي.“
(5) حضرت ابوهريرہ ﷦ کان روايت آهي تہ رسول ﷲ ﷺ جن فرمايو”جنھن شخص کي ﷲ ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان آهي، ان کي گهرجي تہ پاڙيسريءَ جي عزت ۽ احترام ڪري.“ صحابن سڳورن عرض ڪيو. اي ﷲ جا رسول ﷺ! پاڙيسريءَ جو حق ڇا آهي؟ فرمايائون، ”جيڪڏهن اوهان کان ڪنھن شيءِ جو سوال ڪري تہ کيس ڏيو، جيڪڏهن هو توهان کان مدد گهري تہ سندس مدد ڪيو، جيڪڏهن هو پنھنجي ضرورت خاطر قرض گهري تہ کيس قرض ڏيو، جيڪڏهن دعوت ڏئي تہ قبول ڪريوس. جيڪڏهن بيمار ٿي وڃي تہ کانئس پڇڻ وڃو، جيڪڏهن وفات ڪري وڃي تہ ان جي جنازي سان وڃو، جيڪڏهن ان کي ڪا مصيبت پھچي تہ کيس آٿت ڏيو. پنھنجيءَ ديڳڙيءَ ۾ گوشت پچڻ جي خوشبو سان کيس نہ ايذايو، مگر ان مان ڪجهہ سندس گهر موڪليو. پنھنجي جاءِ، هن جي جاءِ کان اڏي مٿي نہ ٺاهيو جو ان کي هوا پھچي نہ سگهي، البت پاڻ اجازت ڏئي تہ ٺيڪ.“
(6) حضرت ابوهريرہ ﷦ کان روايت آهي تہ رسول ﷲ ﷺ جن فرمايو ”آهي ڪو ماڻھو، جيڪو مون کان هي ڳالھيون سکي ۽ انھن تي عمل ڪري يا انھن ماڻھن کي سيکاري، جيڪي ان تي عمل ڪن“ حضرت ابوهريرہ ﷦ فرمائين ٿا تہ مون عرض ڪيو تہ ”اي ﷲ جا رسول ﷺ آئون تيار آهيان.“ پاڻ سڳورن ﷺ جن منھنجو هٿ پنھنجي هٿ ۾ وٺي هي پنج ڳالھيون ڳڻي ٻڌايون. (1) حرام کان بچو، تہ سڀ کان وڏو عبادتگذار ٿيندي. (2) رب جل شانہ جي ڏني تي راضي رھہ تہ سڀ کان وڏو شاهوڪار ٿي ويندي. (3) پنھنجي پاڙيسريءَ سان سھڻو سلوڪ ڪر تہ تون مومن بڻجي پوندين. (4) جيڪا شيءِ پنھنجي لاءِ پسند ڪرين ٿو، اهائي ٻين لاءِ بہ پسند ڪر تہ تون ڪامل مسلمان ٿي ويندين. (5) گهڻو کلندو نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ گهڻو کلڻ دل کي ماريندو آهي.“
(7) حضرت ابو اسيد مالڪ بن ربيعہ ﷦ فرمائين ٿا تہ، اسان حضور اڪرم ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر هئاسين تہ بنو سلمه قبيلي جو هڪ شخص وٽن آيو ۽ عرض ڪيائين، ”اي ﷲ جا رسول ﷺ.... ڇا مون لاءِ ماءُ پيءُ جي وڃڻ کان پوءِ، ساڻن نيڪي ڪرڻ جي ڪا صورت ممڪن آهي؟“ رسول ﷲ ﷺ جن فرمايو تہ، ”هائو.... انھن لاءِ دعا گهرڻ، ﷲ تعاليٰ کان انھن جي لاءِ بخشش جي طلب ڪرڻ، انھن جي وئي کان پوءِ انھن جي وصيت کي پورو ڪرڻ، جن ماڻھن سان انھن ڪري مائٽي هئي، تنھن سان سھڻو سلوڪ ڪرڻ ۽ انھن جي دوستن جو احترام ڪرڻ.“
(8) حضرت ابوهريرہ ﷦ کان روايت آهي تہ، رسول ﷲ ﷺ جن فرمايو ”خبر اٿو تہ گلا ڇا چئبو آهي؟“ صحابہ سڳورن عرض ڪيو تہ، ”ﷲ جل شانہ ۽ سندن رسول ﷺ جن وڌيڪ ڄاڻن ٿا....؟“ رسول ﷲ ﷺ فرمايو ”پنھنجي ڀاءُ جي پرپٺ ان بابت اهڙي ڳالھہ ڪرڻ جيڪا ان کي نہ وڻي....“ ڪنھن شخص عرض ڪيو، ”پنھنجي ڀاءُ جي اهڙي ڳالھہ ڪيان، جيڪا منجهنس هجي....؟“ پاڻ ﷺ جن فرمايو، ”جيڪڏهن تون ان بابت اهڙي ڳالھہ چوين، جيڪا منجهس هجي، تہ تون گلا ڪئي ۽ جيڪڏهن اها خامي منجهنس نہ آهي تہ پوءِ تو ان تي بھتان مڙهيو.“
(9) حضرت ابوسعد ۽ حضرت جابر بن عبدﷲ رضـي ﷲ عنھما کان روايت آهي تہ رسول ﷲ ﷺ جن فرمايو، ”گلا ڪرڻ زنا کان وڌيڪ خراب آهي.“ صحابن سڳورن عرض ڪيو، ”سائين.... گلا ڪرڻ زنا کان وڌيڪ خراب ڪيئن آهي؟“ رسول ﷲ ﷺ جن فرمايو، ”ماڻھو جيڪڏهن زنا ڪندو آهي، پوءِ توبہ ڪري وٺندو آهي تہ ﷲ جل شانہ سندس توبہ قبول ڪندو آهي، پر گلا ڪندڙ کي جيستائين اهو شخص معاف نٿو ڪري، جنھن جي گلا ڪئي اٿس، تيستائين ﷲ تعاليٰ بہ ان کي معاف نہ ٿو ڪري.“
(10) حضرت ابو عبشہ انصاري کان روايت آهي تہ هن، نبي ڪريم ﷺ جن کي فرمائيندي ٻڌو. فرمايائون، ”آئون قسم کڻي ٽي ڳالھيون ٻڌايان ٿو، ان کان پوءِ هڪ ڳالھہ ٻڌائيندس، جنھن کي چڱيءَ طرح سانڍجو. هڪ هيءَ تہ ڪنھن بہ ٻانھي جو مال صدقي ڪرڻ گهٽ نہ هوندو آهي، ٻيو هي تہ جنھن شخص تي ظلم ٿئي ٿو ۽ هو ان تي صبر ڪري تہ ﷲ تعاليٰ جل شانہ ان جي عزت وڌائيندو. ٽين هيءَ تہ جيڪو شخص ماڻھن کان سوال (پنڻ) جو دروازو کولي ٿو. ﷲ تعاليٰ مٿس مسڪينيءَ جو دروازو کوليندو آهي.“
پوءِ فرمايو ﷲ جي رسول ﷺ تہ ”هڪڙي ڳالھہ اوهان کي ٻڌايان ٿو، ان کي محفوظ ڪجو، دنيا ۾ چئن قسمن جا ماڻھو هوندا آهن. هڪڙو اهو شخص جنھن کي ﷲ تعاليٰ جل شانہ مال ۽ علم عطا ڪيو ۽ هُو (علم جي ڪري) پنھنجي مال بابت ﷲ تعاليٰ کان ڊڄي ٿو. يعني ان جي مرضيءَ ۽ خلاف خرچ نٿو ڪري، بلڪہ ان سان مائٽي ڳنڍي ٿو ۽ اهو بہ ڄاڻي ٿو تہ هن ۾ ﷲ تعاليٰ جو حق آهي. (تنھن ڪري سندس راھہ ۾ خرچ ڪري ٿو) پوءِ هي شخص قيامت جي ڏينھن افضل درجن ۾ هوندو. ٻيو اهو شخص آهي، جنھن کي ﷲ تعاليٰ جل شانہ علم عطا ڪيو، پر مال ڪونہ ڏنائينس، اهو سچي نيت وارو آهي ۽ سندس تمنا اها هوندي آهي تہ، جيڪڏهن مون وٽ مال هجي ها تہ، آئون فلاڻي وانگر (چڱن ڪمن ۾) خرچ ڪيان ها، ﷲ تعاليٰ ان جي نيت ڪري ان کي ساڳيو ئي ثواب ڏيندو، جيڪو پھرئين جو آهي. ٽيون اهو شخص آهي، جنھن کي ﷲ تعاليٰ جل شانہ مال ڏنو پر علم ڪونہ ڏنائين، هو پنھنجي مال ۽ علم نہ هئڻ جي ڪري گڙٻڙ ڪري ٿو. (بي جا خرچ ڪري ٿو) ان مال ۾ نہ ﷲ تعاليٰ جو خوف اٿس، نہ ڪو مائٽي ڳنڍي ٿو، نہ ئي کيس خبر آهي تہ هن مال ۾ ﷲ تعاليٰ جو بہ حق آهي، هي شخص قيامت جي ڏنھن بدترين درجن ۾ هوندو. چوٿون اهو شخص آهي، جنھن کي ﷲ تعاليٰ جل شانہ نہ مال ڏنو هجي، نہ ڪو علم.... سندس تمنا آهي تہ جيڪڏهن مون وٽ مال هجي ها تہ مان بہ فلاڻي يعني ٽئين نمبر ماڻھوءَ وانگر (اجايو خرچ) ڪيان ها تہ ان کي سندس نيت جو گناھہ ٿيندو، ۽ ان جا ۽ ٽئين نمبر جا گناھہ برابر ٿي پوندا. مطلب تہ چڱي يا بري نيت ڪرڻ ساڻ، اهڙو ئي ثواب ۽ گناھہ ملندو آهي، جيڪو انھن عملن تي ٿيندو آهي.“
(11) مديني منوره جو هڪ شخص روايت ڪري ٿو تہ، حضرت معاويه ﷦، حضرت عائشه ﷦ ڏانھن خط لکيو تہ مون ڏي ڪا ننڍڙِي نصيحت لکي موڪليو. حضرت عائشه صديقه ﷦عليڪم کان پوءِ کيس لکيو تہ، ”مون رسول ﷲ ﷺ جن کان فرمائيندي ٻڌو هو تہ، جيڪو شخص ﷲ جي رضامنديءَ جي طلب ۾ ماڻھن جي ناراضگيءَ کان بي فڪر ٿي لڳو رهيو تہ ﷲ تعاليٰ، ماڻھن جي ناراضگيءَ جي نقصان کان سندس حفاظت ڪندو ۽ جيڪو شخص ﷲ تعاليٰ جي ناراضگيءَ کان بي فڪر ٿي ماڻھن جي خوشامند ۾ لڳو رهيو تہ ﷲ تعاليٰ ان کي ماڻھن جي حوالي ڪري ڇڏيندو .... والسلام.... “
معزز خواتين و حضرات، علم و عرفان جي ’عميق‘ مان هي يارنھن موتي. هنن صفحن تي جرڪن پيا.... اسين، جيڪي علم و عقل جا ’ڀنڊار‘ کڻي گهمندا ٿا وتون، هنن ڳالھين ۾ ئي ڪيترا ’اڳڀرا‘ آهيون؟ اڄوڪي هن عظيم ڏينھن تي سوچڻ بنھہ ضروري آهي.
اوهان سڀني کي عيد ميلاد النبي ﷺ مبارڪ هجي. دعائن لاءِ هٿ کڻو تہ هن غريب کي نہ وسارجو، في الوقت خواب نگر ۾ گڏجي عرض ڪيون ٿا:
منھنجا مٺڙا رب سائين....
تنھنجي نالن ۾ ڪھڙو نالو آهي جيڪو مِٺو ناهي؟ ڪھڙي صفت آهي، جيڪا ڪمال ناهي.... بلند شاھہ ۽ عظمتن وارا ڌڻي.... اسان ڪوتاھہ قامت وجود، شرمساريءَ جو دامن جهلي.... تنھنجي حضور ۾ معافيءَ جا طلبگار آهيون. تنھنجي حڪمن جي نافرمانيءَ اسان کي ڪٿي جو بہ ناهي رکيو، نہ دين جو، نہ دنيا جو.... منھنجا ڪريم رب جل شانہ، اسان کي پنھنجي ڏسيل راھہ تي هلڻ جي توفيق عطا فرماءِ.... ان کي صبر ۽ شڪر جي نعمتن سان مالا مال ڪر.... اسان تي ڪرم ڪر اي ڌڻي.... جو توکان سواءِ ڪير آهي، جيڪو ڪرم ڪري سگهي....
۽ سچي ڳالھہ تہ اها آهي ﷲ سائين.... تہ اسان تي جيڪي مھربانيون.... تنھنجيءَ ذات بالا صفات ڪيون آهن، انھن مان هڪڙي اهم ترين مھرباني ان پاڪ هستيءَ جو هن جھان ۾ اچڻ هيو، جنھن کي سڀ پنھنجو امين ۽ صادق سمجهن ٿا. جنھن جي عملي حياتي ڪلام پاڪ جي عملي صورت هئي ۽ هنن جھان فنا جي آخري لمحي تائين، هڪ مڪمل ضابطهءِ حيات جي سمجهاڻي ڏني، ان مھربانيءَ جا بہ اسين، ڪھڙا ٿورا ٿا ادا ڪري سگهون.... حڪمن جي پيروي ڪيون تہ ڪو رستو کلي نہ....
اسان تي ٻاجهہ ڪر، ڪرم ڪر، سمجهہ عطا ڪر، منھنجا مٺا مالڪ.... ۽ ان سمجهہ کي سمجهڻ جي حيثيت عطا ڪر.... اسان کان ماڻھن جي ناراضگيءَ جو فڪر کسي ڇڏ مالڪ.... ۽ پنھنجي راضپي جو رنگ عطا ڪر.... آمين.... يا رب العالمين.

(ڇپيل: آچر 25 مارچ 2007ع)

عقلمند بيوقوف (سائين)

ڳالھہ عجيب هئي. جنھن بہ ٻُڌو پئي حال في الحال تہ ’توائي‘ ٿي پئي ويو.
”جيڪو گهڻو عقلمند هوندو آهي نہ ٻچا.... اهو ئي دراصل عظيم ترين بيوقوف بڻجندو آهي.... پنھنجي عقل جو زعم سندس ٻيڙو ٻوڙيندو آهي.... سندس وجود جي ٻيڙيءَ ۾ اجائي يقين جو سوراخ آهستي آهستي شڪست جو پاڻي ڀريندو ويندو آهي.... خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن يقين جا پير پُسڻ شروع ٿيندا آهن.... عمل جي درياھہ ۾ ڪنارا ڏاڍو پرڀرا محسوس ٿيندا آهن.... واپسيءَ ۾ ڏاڍي دير ٿي ويندي آهي شھزادا.... سڄو ’وزڊم‘ ٻڏي ويندو آهي....“
وات سڀني جا ڦاٽي ويا هئا.... سائينءَ جو ليڪچر جاري هيو.... اڄ هنن جي ڳالھين ۾ عجيب تُرشي هئي.... ڪوڙاڻ ڏاڍي پري کان محسوس ٿي رهي هئي....
”انگريزيءَ ۾ پڙهندا آهيون تہ ايڪسيس آف ايوري ٿنگ از بئڊ... (Access of every thing is bad) هاڻي انگريز جو فرمان سمجهہ ۾ اچيوَ ٿو... سنڌي سمجهہ ۾ نہ ٿي اچيوَ؟... جڏهن بہ ڪنھن شيءِ ليڪو لتاڙيو.... معنيٰ خرابي شروع ٿي.... شديد محبت نفرت ۾ مٽجندي دير ئي ڪونہ ڪندي آهي مٺا... ۽ ساڳي حالت وري شديد نفرت سان ٿيندي اٿوَ.... ڪير.... ڪنھن مھل.... ڪٿي اڻوڻندڙ مان وڻجندڙ بڻجي وڃي؟ .... ڪا خبر ناهي پرين.... ڪابہ شيءِ.... ڪابہ سوچ، ڪوبہ عمل اضافي ٿيڻ شروع ٿيو، معنيٰ عمل جي اصلي خزاني لڏو پٽڻ شروع ڪيو....“ ڳالھہ سمجهائيندي، هنن جي نگاھہ، ڪنھن هڪ مرڪز تي نٿي بيٺي.... هڪ هڪ شاگرد ڏانھن نھاريندي، هنن پنھنجو گردان جاري رکيو هو....
”۽ جيڪي ٻين کي بيوقوف ٺاهيندا آهن، اهي دراصل پاڻ بيوقوف هوندا آهن.... ۽ پنھنجو پاڻ کي هڪ دفعو وري آزمائڻ گهرندا آهن.... ٻئي بي وقوف جي چڪاس دراصل پنھنجي آزمائش جو دروازو کوليندي آهي.... ٻئي جي علم وعقل جي ماپي سان، اوهان پنھنجي عقل جي پرک ڪندا آهيو ۽ شرمسار ٿيندا آهيو....“
”اهو ڪيئن سائين..!“ ڪنھن ڪُنڊ مان هڪ شاگرد جي سوال ڪَرُ کنيو. ”جيڪو ٻئي کي بيوقوف ٺاهي وڃي، اهو تہ خوش ٿيندو نہ.... ڪن شرمسار ٿيندو؟ ....“ سائينءَ ڏانهس نھاريو ۽ وڏو ساھہ کنيو.
”منھنجي ڳالھہ غور سان ٻُڌ ٻچا.... جيڪو ٻئي کي بيوقوف ٺاهڻ ٿو گهري، سو دراصل ڪجهہ تہ داناءُ هوندو نہ.... ڪجهہ تہ ڪڻا هوندس، جيڪي هو سمجهندو هوندو تہ سامھون واري ۾ ڪونہ آهن.... ايئن آهي يا نہ....؟“ سڀني هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو تہ هنن ڳالھہ جاري رکي، ”هاڻي انھن ڪڻن کي مُٺ ۾ جهلي، هو سامھون واري کي بيوقوف ٺاهي ٿو ۽ گدگد ٿئي ٿو.... ڪاميابي سندس قدم چمي ٿي ڇاڪاڻ تہ هُو هوشيار آهي تہ اتي ئي سندس هوشيار ’اندر‘ رڙ واڪو مچائيندو تہ جنھن هٿيار سان تو سامھون واري کي ماريو آهي، اهڙو تہ وٽس ڪجهہ هو ئي ڪونہ.... بلڪ هو تہ جھڙو خالي هٿين هو.... هاڻي هيءَ فتح ڪھڙي ليکبي؟ هاڻي اتي اچي اهو سڄو ذائقو ڪسارو ٿي ٿو وڃي.... جيت، هار بڻجي ٿي وڃي.... پر انھن لاءِ ضروري آهي تہ اندر ۾ ’اندر‘ سلامت هجي....“
”مطلب.... جي اندر سلامت نہ هجي تہ سائين اهو سڀ سمجهہ ۾ نہ ايندو....؟“ ڪنھن همٿ ڪئي، سوال داغي ڇڏيو.
”بلڪل.... ٻئي جي اصلي حالت سمجهڻ لاءِ، اندر جي ڳڙکي جو کلڻ ضروري هوندو آهي بابلا....“
”جي اهڙي ڳڙکي کليل هجي سائين.... تہ پوءِ ماڻھو، سامھون واري کي بيوقوف ٺاهيندو ئي ڇو....؟ اهڙي حرڪت ئي ڇو ڪندو....؟“ ڪنھن سوال پڇيو. ”ان ڪري جو اهو سڀ ’پوءِ ڍائپ‘ جي ڪري ٿئي ٿو.... ڍئو جهلڻ ڪا مذاق ڳالھہ ناهي هوندي ٻچا.... ڀلي پوءِ اهو ڇا جو بہ هجي. پئسو، صحت، ملڪيت، عقل، ڪجهہ بہ اضافي هجي تہ انھن جي واڌ کي هرڪو هضم نہ ڪري سگهندو آهي....“
”پر سائين.... صحت، ملڪيت ۽ پئسو تہ کڻي سمجهہ ۾ اچي ٿو. هي عقل ايئن ڪيئن ڪندو....؟“
”عقل ئي تہ ڪندو نادان.... تنھنجي خيال ۾ ڇا دولت، صحت ۽ ملڪيت بيوقوف ٺاهيندي؟.... اهو ڪم نجو پجو عقل جو آهي، اها حرڪت عقل کان سواءِ ڪير ڪري ئي نٿو سگهي!....“
ڳالھہ اپريل فول تان شروع ٿي هئي.... ڪنھن ڪٿي، ڪنھن سان ڪا مذاق مشڪريءَ ۾ حرڪت ڪئي هئي. اها حرڪت، ٿيندڙ کي ڏکي لڳي هئي.... پنھنجو پاڻ کي بيوقوف ٿيندي محسوس ڪيو هئائين.... ڏک جي لھر ويڙهيس تہ سائينءَ وٽ اچي نڪتو هيو، اتي سڀ موجود هئاسين. ڳالھہ ڪئي هئائين تہ ڄڻ ماٺ اچي ورايو هو.... ڳالھہ وڏي ڪانہ هئي. ذلت جو احساس وڏو هيو.... اتفاق سان ڪجهہ گهڙين ۾، اها حرڪت ڪندڙ بہ اتي اچي نڪتو هيو. سائينءَ سڀني سان خنده پيشانيءَ سان ملاقات ڪئي هئي، پر اڄ ذڪر ۾ ڄڻ هنن واڄٽ وڄائي ڇڏيا هئا.
”دولت ۽ صحت لاءِ بيوقوف ٺاهبو آهي ٻچا.... پر استعمال عقل ڪبو آهي.“ سائينءَ ڳالھہ جاري رکي. ”خير.... اهو سڀ جڏهن سمجهي ويا آهيون تہ هڪ ڳالھہ اڳتي بہ سمجهڻ گهرجي.... وچٿرو وجود، هر هنڌ فائدي ۾ رهي ٿو.... ڪنھن بہ ڳالھہ جي ڪا خاص شدت نہ هئڻ جي ڪري، مٿس اضافي ٻوجهہ نہ ٿو هجي.... توهان ڪڏهن ان ڳالھہ تي غور ڪيو آهي تہ مناسب ساز و سامان وارا وجود ئي ٽپي پار پوندا آهن.... کٽل يا وڌيل، ڪنھن نہ ڪنھن ڏچي ۾ رهندا آهن.“
”معنيٰ سائين....!“
”معنيٰ.... کٽل تہ هونئن ئي خساري ۾ آهي. پر گهڻو فائدو ڪو وڌيل کي بہ ڪونھي.... ڪڏهن ان ڳالھہ تي ڪونہ سوچيو اٿوَ تہ بي انتھا حسين ۽ بي انتھا ڪوجها وجود سدائين اڪيلا رهجي ويندا آهن.... اضافي حسن ۽ بدصورتي هڪ ئي ماپي ۾ ترن ٿا.... جيڪي وچٿرا آهن، سي الاءِ ڪٿان کان ڪٿي ٿا وڃي پڄن....“ هاڻي ڳالھہ عجيب پئي لڳي.... ميزان جي ان ڪٿا ۾ اسين سڀ الاءِ ڪٿان کان ڪٿي وڃي نڪتا هئاسين.... ”ڪوجهي کي ٻچا پنھنجو احساسِ ڪمتري ماريندو آهي ۽ سھڻي کي وري احساسِ برتري.... پھريون سمجهندو آهي تہ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ۽ ٻئين جو خيال هوندو آهي تہ اهو ٿي نہ ٿو سگهي.... قصو ائين ئي هلندو رهندو آهي.... وقت ٻنھي کي اڪيلو ڪري اڳتي روانو ٿي ويندو آهي.... ان کي ئي اپريل فول سڏبو آهي شھزادا.... معيار جي جھان ۾، هر تاريخ اپريل جي پھرين هوندي آهي....“
ڳالھہ جي مام عجيب هئي.... سمجهہ کي چڪريون اچي ويون هيون.... ڪٿان شروع ٿيا هئاسين ۽ ڪٿي پُڳا هئاسين.... ”پر سائين.... جنھن کي اوهان وچٿرو ٿا سڏيو، ان ۾ بہ ٿورو ٿورو ڪجهہ تہ هوندو آهي.... ڪٿي ڪوجهائپ... ڪٿي سونھن... ان کي ڪٿي رکنداسين..؟“ مون همٿ ڪئي، الاءِ ڪيئن عرض ڪري ڇڏيم.
”انھن وجودن ۾ وري عقل، اندر جي دري کولي، ديدار ڪرائيندو رهندو آهي.... پنھنجي عام وهنوار واري سونھن سان گڏ.... يا ڪوجهائپ سان گڏ.... هو عام وهنوار وارو عقل رکندا آهن بابا.... عقل جا گاڏا ڀري ناهن گهمندا.... نہ ئي پنھنجي عقل تي کين ڪا وڏائي يا ڪو زعم هوندو آهي.... پنھنجي حال ۾ ئي مست مگن هوندا آهن، انھيءَ ڪري ٻيا سندن ڏنگائين کان بچيل هوندا آهن.... سامھون وارو بچيل هجي تہ دراصل پنھنجي دل جي دنيا سلامت رهندي آهي محمود....“
”پر سائين.... وجود جي ٻاهرين سونھن يا ڪوجهائپ بہ ڪو ٺاهي تہ ڪونہ ٿو.... اها تہ ڌڻيءَ وٽان ملي ٿي.... پوءِ ان ۾ ماڻھوءَ جو ڪھڙو ڏوھہ آهي؟“ هڪڙي شاگرد سڏ ورايو.... سائينءَ مرڪي ڏنو.
”ماڻھوءَ جي اصل سونھن، سندس اندر ٿئي ٿي شھزادا.... جيڪي تو مون جھڙا گهٽ حيثيت وارا، ميرانجهڙا وجود هوندا آهن، يا وري ڪو پري پيڪر، ماھہ رخ هجي.... انھن ٻنھي جي ٻاهرئين رخ تي اندر جي آرسيءَ جو عڪس لازم هوندو ٿئي.... جي عزت ڪرڻ جي سوچ هجي، سامھون واري جو مانُ، پاڻ کان مٿانھون رکڻ کي اوليت ڏجي تہ چھري تي ڏيئا ٻري پوندا آهن.... پر جي خيال پٽڪي لاهڻ جو هجي تہ هنن تي، اونداهيءَ جو اچڻ تہ لازم هوندو آهي ٻچا.... ڳالھيون ٻئي خراب هونديون آهن.... نہ گهٽ ٿجي، نہ وڌ.... ڇاڪاڻ تہ گهٽ ٿيڻ بدلي وٺڻ واري پاسي کڻي ويندو آهي ۽ وڌ ٿيڻ وري اڪيلو ڪري ڇڏيندو آهي. ٻنھي صورتن ۾ ڀلي ڪير ڪيتري بہ انفراديت ڳولي، انت ۾ ٻئي اڪيلا نظر ايندا آهن.“

(ڇپيل: آچر 8 اپريل 2007ع)

الاءِ ڇا ڇا وڃائجي ويو آهي..! (زندگي)

هٿ خالي لڳن ٿا. لڪيرن ۾ ڪجهہ بہ نظر نٿو اچي.... زندگي مسلسل شڪايتون ڪندي رهي ٿي. اسين ان منجهيل سُٽ جي ڇيڙي کي هٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ هتان کان هُتي پريشان ٿيندا رهون ٿا. اڪيلائپ جو احساس کائيندو ٿو رهي.
’زاويہ-3‘ محترم اشفاق احمد صاحب جي ڳالھين جو آخري سلسلو ڇپيو آهي. انھن مان هڪ مضمون ’ﷲ ميان ڪي لالٽين‘ جو ڪجهہ حصو، ترجمو ڪري پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل پيو ڪريان. لڳي ٿو، پنھنجيءَ ذات کي جڪڙيندڙ اڪيلائپ جو علاج ضرور نظر ايندوَ.
”مان ايترو عرصو اوهان کان جدا رهيس، پر ان طويل عرصي ۾ منھنجو ڌيان ٽيليويزن تي گهڻو رهيو. ٽيليويزن تہ مان پھرين بہ ڏسندو هئس، پر گذريل ڪجهہ مھينن کان مان اها ڪجهہ گهڻو ئي ڏسڻ لڳس. ٽيليويزن جي پروگرامن ۾ جڏهن ڪو اشتھار اچي پيو تہ منھنجا پوٽا پوٽيون سڏيندا هئا تہ ”ڏاڏا.... ڊوڙي اچو، اوهان وارو اشتھار اچي ويو آهي....“ اسان جي ٽيليويزن تي اسي سيڪڙو اشتھار واشنگ پائوڊر ۽ ڪپڙن بابت هلندا آهن. هڪڙي خاتون ايندي آهي ۽ چوندي آهي تہ ”منھنجن ڪپڙن تي ايڏو وڏو داغ لڳي ويو هو. مون کي تہ فلاڻي جي دعوت تي وڃڻو آهي....“ تہ اتي ٻي خاتون يا سندس ڪا ساهيڙي چوندي آهي، ”داغ لڳو تہ ڪا ڳالھہ ڪانھي، پنھنجن ڪپڙن کي فلاڻي پائوڊر جي پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏي، منٽن ۾ صاف ٿي ويندو.“ ٽٻي ڏيارڻ کان پوءِ هوءَ ڏيکاري ٿي ۽ چوي ٿي: ”ڏسو.... ڪيڏو نہ اجرو ٿي ويو آهي.... مون نہ پئي چيو....“
خواتين وحضرات، اهڙي قسم جا اشتھار ڏسي مان ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان، ايئن ئي منھنجو هڪڙو دوست آهي، کيس ڏاڍي پياري نُنھن آهي، نالو جويريہ اٿس. هنن هاڻي ڪوٺي ٺھرائي آهي.... تہ هاڻي جيئن ڇوڪرين جو شوق هوندو آهي تہ گهر کي سنوارڻ سينگارڻ جو، تہ هاڻي اتي بيڊروم بہ زبردست آهي ۽ ڊرائنگ روم تہ ان کان وڌيڪ آهي. هاڻي مان اهو محسوس ڪندو آهيان تہ اسان جو ڌيان زندگيءَ کان هٽي ’رهڻي ڪھڻيءَ‘ تي وڌيڪ آهي. زندگي ڀلي پويان پاڻ گھليندي ڇو نہ اچي، اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي تہ صفائي سٿرائيءَ ۽ صحت جي اصولن طرف اسان جو ڌيان وڌيڪ هوندو آهي. اسين جتي بہ رهندا آهيون، اها اسان جي دلي خواهش هوندي آهي تہ اها جاءِ ڏاڍي صاف سٿري هجي، پر ڇاڪاڻ تہ مون اوهان سان واشنگ پائوڊرن ۽ صفائيءَ جي ڳالھہ پئي ڪئي تہ منھنجي بہ اها سڌ آهي ۽ اها سڌ ڪجهہ مھينن کان شديد ترين ٿي وئي آهي تہ جڏهن بہ نماز پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ ﷲ سائينءَ کي پنھنجي گهر سڏڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ پوءِ جنھن دل سان مان کيس ياد ڪريان ٿو، منھنجيءَ دل جو گوشو ڏاڍو اونداهو ۽ بدبودار ۽ سڙيل آهي. اتي هر قسم جي گندگي ۽ ڪثافت ڀريل آهي ۽ هر قسم جي غلاظت اتي موجود آهي. مان ڪنھن اهڙي Detergent (صفائيءَ جي پائوڊر) جي ڳولا ۾ آهيان، جيڪو منھنجيءَ دل ۾ بلڪل اهڙي صفائي پيدا ڪري ڇڏي، جھڙي مون کي انھن اشتھارن ۾ نظر ايندي آهي. پر مان ڄاڻان ٿو تہ ڪيترا ئي اهڙا ماڻھو آهن، جن جون دليون ڏاڍيون صاف، ويڪريون، پاڪيزہ ۽ خوشبودار هونديون آهن ۽ انھن ۾ ﷲ پاڪ جي نالي کي گهر ڪرڻ ۾ واقعي بہ ڪا هٻڪ نہ ٿيندي آهي - ۽ هونئن بہ ﷲ پاڪ تہ وڏو رحيم ۽ ڪريم آهي. جاءِ کڻي ڪھڙي بہ هُجي، ڪير بہ کيس سڏي تہ هو هڪدم هليو ويندو آهي. هن ڪڏهن بہ، ڪو بہ اعتراض ناهي ڪيو، اسان ئي ڪڏهن ان ڳالھہ جو نوٽيس ناهي ورتو ۽ نہ ڪڏهن ڪو اهڙو پروگرام ٺاهيو اٿئون تہ اها جاءِ بہ صاف ڪئي وڃي ۽ صفائيءَ تي عمل ڪيو وڃي. اسان کڻي ان جاءِ کي اهڙو صاف سٿرو يا خوبصورت نٿا ٺاهي سگهون، جھڙو جويريہ جو گهر آهي، پر اهڙو تہ ڪري سگهون ٿا، جھڙو منھنجو گهر آهي. اسان ڪڏهن اهڙي ڪوشش ئي ناهي ڪئي. ڀڳل ڏاڪڻين، وکريل ٿانون، ٽٽل ۽ چٻن دٻن، اجڙيل کٽن، صندوقن، نفرتن، تڪليفن، ڪدورتن، گهمنڊ ۽ فخر سان ڀريل گهر کي، اسين محبت، پيار ۽ عاجزيءَ جي خوشبوءِ سان ڀري ڇڏيون، اهو اسان کان ايئن ٿئي نہ ٿو.
ٽي ويءَ تي اشتھار ڏسي، منھنجي دل جو ٻوجهہ وڌي وڃي ٿو، طبيعت تي طاري ٿي وڃي ٿو ۽ ڏينھون ڏينھن وڌندو رهي ٿو. اسين جڏهن صبح جو فجر نماز پڙهي سير ڪرڻ لاءِ نڪرندا آهيون تہ اسان کي پنھنجا بوٽ پائڻا پوندا آهن ۽ جڏهن مسجد مان نڪرڻ کان پھرين اسين جُتيون پائيندا آهيون پيا، تہ ﷲ سائين جو خوف روز اسان وٽ ايندو آهي ۽ چوندو آهي تہ ”ڪيڏانھن ٿا وڃو.... مون کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي هلو“ تہ اسان مان هڪڙو چوندو آهي تہ مان تہ واپڊا جي آفيس وڃان پيو.... توهان کي ڪيئن وٺي وڃان؟ ٻيو شخص چوندو آهي تہ جي منھنجو ٽيليفون کاتو آهي.... مان توهان کي اتي وٺي وڃي نٿو سگهان.... ۽ مون جھڙو رٽائرڊ ماڻھو چوندو آهي تہ اوهان اسان جي گهر وڃي ڇا ڪندا؟ ۽ ان نموني سان اسان سڀ ’يڪ زبان‘ گڏجي چوندا آهيون: توهان هتي ئي رهو، اسين وري ڪڏهن اوهان سان ملي وٺنداسين ۽ اسان کي ٻن پھرن جي نماز تي تہ اچڻو ئي آهي نہ.... تہ پوءِ اوهان سان ملاقات ٿي ويندي. توهان ايئن نہ ڪجو، جو اسان جي گهرن يا آفيسن ۾ اچي وڃو، ڇوتہ اسان جو ’ڀيد‘ اوهان تي کُلڻ نہ گهرجي تہ اسان سڀ پنھنجين پنھنجين آفيسن ۾ ڇا ڇا ٿا ڪندا وتون.
مان سمجهان ٿو تہ ﷲ جي ساٿ کان سواءِ جيترا بہ ڪم ٿيندا آهن يا ٿين پيا ٿا، اهي اڻپورا رهن ٿا. ﷲ کي پنھنجي پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ کيس پنھنجي حياتيءَ جو حصو ٺاهڻ اسان جي ذاتي غرضن لاءِ بہ بنھہ ضروري آهي. ڪڏهن ڪڏهن تہ ننڍي ڄمار وارا وڌيڪ همٿ، عزم ۽ اعتماد سان اهڙا ڪم ڪري ويندا آهن، جيڪي اسان وڏن کان بہ نٿا ٿي سگهن. ڪجهہ عرصي جي ڳالھہ آهي، اسين بھاولپور ويجهو هڪ جاءِ حاصل پور ۾ هئاسين. اتي منھنجو پٽ ۽ منھنجي نُنھن تہ ’لال سنارا باغ‘ ڏيڻ هليا ويا ۽ مون کي ۽ منھنجي پوٽي کي هڪ اهڙي ڪمري يا ڪوٺيءَ ۾ ڇڏي ويا، جيڪا حاصل پور جي وستيءَ کان ڪجهہ پرڀرو هئي ۽ اتفاق سان اسان کي رهڻو بہ هڪ اهڙيءَ جاءِ تي پيو، جتي ڪڏهن ’مال‘ ٻڌندا هئا، يا وري اهڙي ڪا صورتحال هوندي. اسان اتي ان لاءِ ترسيا هئاسين جو اتان، اڳيان وڃڻ لاءِ سولائي هئي، نہ تہ اسان شھر ۾ ئي کڻي ترسون ها. اسين ڏاڏو پوٽو، جنھن ڪمري ۾ رهيا هئاسين، ان ۾ هڪ دري هئي، جنھن ۾ شيخون هيون، پر ’پَٽَ‘ ڪونہ هئا. پراڻي زماني جي ڪا جاءِ هئي. اتي هڪ کٽ پيل هئي. اسين ٻئي ان تي ليٽي پياسين. منھنجو پوٽو، مون سان ڳالھيون ڪرڻ لڳو ۽ چيائين ”ڏاڏا.... ڏاڍي اوندھہ آهي.“ مون چيو ”ها.... اوندھہ تہ ڏاڍي آهي....“ چوڻ لڳو ”اوندھہ ۾ ڪجهہ بلائون وغيرہ بہ اينديون هونديون.“ مون چيو ”ها.... اوندھہ ۾ تہ بلائون اينديون ئي آهن.“ چيائين ”ڇا اسين انھن جو مقابلو ڪري ٿا سگهون؟“ مون چيوِ ”انھن جو مقابلو ڪري بہ سگهون ٿا ۽ نہ بہ ٿا ڪري سگهون.“ هو مون کي چوڻ لڳو ”ڏاڏي چوندي آهي تہ ﷲ گڏ هوندو آهي.“ مون پنھنجي پوٽي کي چيو تہ ”تنھنجي ڏاڏي وڌيڪ سگهاري آهي. اها ٺيڪ سمجهي ٿي. هن جو ﷲ تہ واقعي هن سان گڏ هوندو آهي. مان ۽ تون هڪ نئين تجربي تي نڪتا آهيون. شايد اسان کي ان جو ايترو پڪو يقين ڪونھي، جيترو تنھنجي ڏاڏيءَ کي آهي.“
اسان جي ڳالھين جي وچ ۾ چنڊ نڪري آيو هو، جنھن کي ڏسي هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چوڻ لڳو ”ڏاڏا! اها ﷲ سائينءَ جي بتي آهي ۽ جيئن اسان جي ٽارچ ويھجي وئي هئي (ان جا سيل ختم ٿي ويا هئا) ايئن ﷲ سائينءَ جي اها لالٽين تہ ڪونہ وسامندي نہ؟“
مون چيو ”مان پڪ سان ڪجهہ نٿو چئي سگهان. ڪڏهن ڪڏهن وسامجي بہ ويندي آهي.“ هن چيو ”ڏاڏا، جيئن اسين بتيون وسائي سمھي پوندا آهيون، ڇا جڏهن اها چنڊ جي بتي وسامجي ويندي تہ ﷲ سائين بہ سمھي پوندو؟“ مون چيو ”نہ.... ﷲ کي نہ ننڊ ايندي آهي، نہ جهوٽو، هو سُمھندو ناهي.“ حيرانيءَ سان مون کا پڇيائين ”ڇا هر وقت جاڳندو رهندو آهي؟“ اهو چوندي ئي هن، منھنجي پيٽ تي پنھنجي ٽنگ رکي ۽ کونگهرا هڻندو سمھي پيو. هن سوچيو هوندو تہ جڏهن ﷲ جاڳي پيو، تہ پوءِ مون کي ڇا جي ڳڻتي آهي؟.... ۽ مان سڄي رات، ان دريءَ ڏانھن نھاريندو، ڊپ ڊاءَ ۾ صبح جو انتظار ڪندو رهيس. ان گهڙيءَ ۾ اهو ننڍو ٻار ’ﷲ تي يقين‘ ۾ مون کان گوءِ کڻي ويو هو.
خواتين و حضرات، جنھن کي خدا جي قربت يا ساٿ نصيب ٿيندو آهي، اهو کڻي حياتيءَ جي ڪھڙي بہ معاملي ۾ هجي، صرف روحانيت يا عبادت ۾ زندگي ناهي، جڏهن هلندي ڦرندي اهو احساس ٿئي تہ ڌڻي مون سان گڏ آهي، تہ ان جا الاهي فائدہ آهن. مادي بہ، نفسياتي بہ، بدني بہ، روحاني بہ.... منھنجو ذاتي تجربو آهي تہ جيڪو خدا کان ٿورو غافل ٿئي ٿو تہ پاڻ ڪمزور ٿي ٿو وڃي. اسين ننڍپڻ ۾ لڪ لڪوٽي کيڏندا هئاسين. ڳوٺ جا ويھہ پنجويھہ ڇوڪرا، هاڻي مان انھن سڀني ۾ بيڊولو ۽ ٿلهڙو هئس، ۽ ڦڙت نہ هئس.... هڪ ڏينھن منھنجو وارو آيو تہ هو سڀ لڪن ۽ مان کين ڳوليان.... هاڻي مان ڀت تي مٿو رکي، راند جي قانون موجب رڙ ڪئي، لڪي وڃو.... ڇُپي وڃو.... هاڻي کين مون کي سڏ ڪرڻو هيو تہ ’اچي ڳول.‘ هاڻي مان ڀت سان مٿو لڳايو رڙيون پيو ڪيان ۽ جواب ملي ئي نہ. ڪافي وقت ٿي ويو، مون جو مٿو کڻي ڏٺو تہ هو سڀ تہ مون کي بيوقوف ٺاهي، پنھنجي پنھنجي گهر ڀڄي ويا هئا. هاڻي مون کي اتي شرمساري ٿي ۽ مان وڏي آواز سان روئڻ لڳس. اتي منھنجي ماسي ڊوڙندي آئي ۽ پڇيائين ”ڇو ٿو روئين؟“ ٻڌايومانس تہ مون سان ”هينئن“ ٿيو آهي. هن منھنجا ڳوڙها اگهيا ۽ چوڻ لڳي تہ ”پٽ، ڪائي ڳالھہ ڪانھي. ايئن ٿيندو آهي.... پُٽ.... ﷲ جي دل ۾ پنھنجي مخلوق لاءِ ايتري وسعت آهي جو هو انتظار ڪندو رهندو آهي تہ منھنجو بندو ڪڏهن موٽندو.... انسان جي دل ۾ خدا جي مھربانيءَ سان هڪ تار اهڙي بہ موجود هوندي آهي، جو هو پنھنجي رب ڏانھن موٽندو ضرور آهي. پوءِ ڀلي ڪھڙي روپ ۾ بہ موٽي. منھنجي بہ دلي خواهش آهي تہ مون کي ڪا اهڙي شيءِ ملي، جيڪا مان پنھنجي دل ۾ وجھان ۽ جيئن اشتھارن ۾ ڇوڪريون ’اجري پڻ‘ جي دعويٰ ڪنديون آهن، ايئن منھنجي بہ دل صاف ٿي وڃي ۽ ان ۾ ﷲ جي نہ وسامجندڙ لالٽين وارو ماحول پيدا ٿي وڃي ۽ خدا کان منھنجو لڪ لڪوٽيءَ وارو اهو ماحول ختم ٿئي، جيڪو الاءِ ڪيترن ڏهاڪن کان پھرين صرف هڪ ڀيرو (گهڻا ڀيرا نہ، ڇاڪاڻ تہ مان لالچي ناهيان) ﷲ کي بيحد مان شان سان، پنھنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏيان، جيئن اسين پنھنجي گهر ايندڙ ڪنھن خاص مھمان کي ڪرسي پيش ڪندا آهيون. بلڪل ايئن جيئن بانو، منھنجي پٽ جي شاديءَ تي پنھنجي سيڻ لاءِ ڪرسي صاف ڪئي پئي ۽ اسان کين عزت سان ويھارڻ لاءِ اتاولا هئاسين.
ڇا اهڙو ئي احترام، مان ﷲ سائينءَ لاءِ پنھنجيءَ دل ۾ پيدا ڪري سگهندس؟ يا وري صبح جي وقت ايئن ٿئي جو هو چوي تہ مان گڏ هلڻ ٿو گهران تہ مان اهو چوان تہ ”سائين.... ان کان ويڪ ڀلارن ڀاڳن جي ڳالھہ مون لاءِ ڪھڙي ٿي سگهي ٿي؟ بـسم ﷲ گڏ هلو....“ ڇا هو سڀ شرمندگيون ۽ ڪرتوت، پوئتي ورائي، مان ﷲ سائينءَ کي ساڻ ڪرڻ جو موقعو حاصل ڪري سگهان ٿو....؟“
ﷲ توهان کي آسانيون عطا فرمائي ۽ ان ڳالھہ جو شرف عطا ڪري تہ اسين خدا سان لڪ لڪوٽي کيڏندي، کيس سندس واري تي، اتي ئي بيھاري نہ هليا وڃون، بلڪ کيس آواز ڏئي، سڏ بہ ڪيون. ڌڻي توهان کي سولائيون ورهائڻ جو شرف بہ عطا ڪري، آمين.
عزيزانِ من، معزز خواتين وحضرات، صاحبِ فڪر لاءِ خير جي دعا ضرور گهرجو. ڌڻي سندس درجات بلند ڪري، آمين. الاءِ ڇو، اهو سڀ پڙهڻ کان پوءِ، الاءِ ڪيترن سالن کان پوءِ مون کي پنھنجي اڪيلائپ ختم لڳي آهي. اوهان جو ڇا خيال آهي!؟....

(ڇپيل: آچر 15 اپريل 2007ع)

سفر در سفر (سائين)

ڌڻي جل شانہ جي مھر ساڻ، پنھنجي اڄ هڪ سؤ پنجاهين ملاقات بہ ٿي وئي.
حياتي بہ عجيب شرط آهي، معزز خواتين وحضرات.... هجي ٿي تہ ڪٿي نہ ڪٿي، ڪڏهن نہ ڪڏهن تہ ’ديدار‘ نصيب ٿي ئي وڃي ٿو. سماعتون آواز جهٽين ٿيون، اکين ۾ ديد جو دامن جهولي تہ من جي مونجهہ الائي ڪيڏانھن اڏري ويندي آهي. حياتيءَ جي ڏارن تي نوان گونچ ٽڙي پوندا آهن، زندگي.... نامھربان زندگي.... هڪدم مھربان ٿي ويندي آهي.
سؤ ڪالمن جي پڄاڻيءَ تي هن فقير موڪلايو هو. وڏي ’طمطراق‘ سان رخصتيءَ جا لوازمات بہ پورا ڪيا ويا هئا. پنجن هفتن جي غير حاضري نصيب ٿي هئي ۽ وري موٽ جي ڪِليءَ ۾ دل جو دامن اٽڪي پيو. الاءِ ڪيترا ڀيرا پنھنجو آواز پاڻ ٻڌڻو پيو، جيڪو هر گهڙيءَ، هر پل روڪي رهيو هو تہ واپسي ’مھڻي هاب‘ ڪندءِ.... متل ميڙي ۾ موٽ گهڻن کي راس نہ ايندي آهي. جڏهن ڇڏيو، تہ بس ڇڏيو نہ.... ڪھڙي حيل حُجت آهي، اهو سڀ ضروري آهي ڇا؟ لکين ڪروڙين ماڻھو پڙهن ٿا، ڪن کي پسند اچي ٿو، ڪن لاءِ آچر جي اخبار ۾ اندريون صفحو عذاب بڻجيو وڃي. جتي ڪمال آهي، اتي ئي تہ زوال جو بہ بسيرو هوندو آهي. هر اوندھہ جي پٺيان روشني ۽ هر ڏيئي جي هيٺان اوندھہ لازم آهي. جڏهن موڪلايو تہ موڪلايو نہ، بابا.... هاڻي وري ڪھڙو راڳ ڇيڙڻو آهي. پنھنجي اندر سان ڳالھائڻ، دنيا جي مشڪل ترين عملن مان هڪ اٿوَ عزيزانِ من.... جيڪو دليل سامھون واري جو مڃڻو ئي ناهي، اهو دليل دل ڏنو تہ سمجهيو ’ماڻھو ويو...‘ پنھنجو پاڻ کان هارائڻ ۾ جيڪو مزو آهي، سو کٽڻ ۾ ڪٿي آهي. اندر اهو ئي پُر زور فيصلو ڪيو هو تہ سڀ ختم ٿيو، ڏيڍي ٽپي نڪتاسين، در بند ٿيو ۽ بس.... هاڻي ڇا جو موٽڻ.... تہ اتي ئي حُڪم ٿي ويو، ’اهو ڪم ٿيڻو آهي ۽ بس.... خواب نگر کي لکڻو آهي بابا.... قلم ۾ مس هجي ۽ هٿن ۾ ساھہ، آڱريون مدد ڪندي مرڪني تہ بس.... سمجهہ ڪم تيار آهي. باقي هاڻي ذلت ۽ ٺٺول جو ڇاهي؟ دوست هر ڳالھہ ۾ خوش هوندو آهي. جي دشمن اڳيان سڄو سونو ٿي پئين، تہ بہ کيس پِتل جو لڳندين. دوست آڏو تہ پٿر بہ ’عاج‘ هوندو آهي ۽ تو ڪڏهن کان ماڻھن جي ٺٺول جي پرواھہ ڪئي آهي. اهي زمانہ وسري ويا ڇا، جڏهن لُنڊي بازار جا ڪپڙا وٺي ڪٽنگ ڪري، نيون نيون ڊزائنون ٺاهي پائيندو هئين، نہ فقط پاڻ پائيندو هئين، بلڪ پنھنجي دوستن سان اهي شيئر بہ ڪندو هئين. ان مھل تہ ٺٺول جو فڪر ڪونہ هُيئي. هڪڙو ڪپڙو ڇڏيندو هئين، ٻيو وٺندو هئين. روز روز ساڳئي گاڏيءَ تي وڃڻ ۾ شرمساري ڪانہ ٿيندي هئي. باقي چڱي ڪم جي گاڏي تي واپسيءَ ۾، زماني جي ٺٺول جي لڄ ٿو ڪرين؟‘
سائين سان مون خواب نگر مان موڪلائڻ جي ڳالھہ ڪانہ ڪئي هئي. حياتيءَ جون مھلتون بہ عجيب هونديون آهن. ماڻھو ملي تہ هر گهڙيءَ گمان گڏ رهي ٿو تہ ڪٿي بہ ملاقات ٿي سگهي ٿي. جي نہ ملي تہ ساڳئي گهٽيءَ ۾ رهڻ سان بہ ڪو فرق نٿو پوي. بلڪ سچي ڳالھہ تہ اها آهي تہ هڪڙي گهر ۾ رهندي بہ، الاءِ ڪيترا وجود، الاءِ ڪيترا ڏينھن هڪ ٻئي سان ملي نہ سگهندا آهن.... سڀ نصيب جو کيل آهي. پر سچ تہ اهو بہ آهي تہ من ۾ تانگهہ جي تار تي آس جا پکي هئڻ گهرجن. انھن جو چوٻول نہ مرڻ گهرجي. ڪالم جي خاتمي کان پوءِ سائينءَ سان مليس تہ حاضريءَ ۾، دل جو ڌڙڪو عجيب هو.... نيڪي تہ بھرحال نيڪي هوندي آهي، جي ساندھہ ٿيندي رهي تہ چھري جو عڪس بدلجي ويندو آهي ۽ جي ان ۾ ڪا رڪاوٽ اچي وڃي تہ اهو بہ ڏسڻ ۾ اچي ئي ويندو آهي. سٺو ڪم خوشبوءِ جيان هوندو آهي، جنھن کي پنھنجي تعارف جي ضرورت ناهي هوندي. تعارف تہ بدبو بہ ناهي ڪرائيندي. ها چھري جا نقش عجيب ٿي ويندا آهن.
ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ ويھڻ نصيب ٿيو هيو. نشست گاھہ جي وچ تي ويھڻ کان سدائين پاسو ڪرڻ گهرجي. هر سير مٿان سوا سير هوندو آهي ۽ اها ڳالھہ هر ’آني، رتيءَ ۽ تولي‘ کي سمجهڻ گهرجي. سائينءَ جو واعظ جاري هو. هنن هڪڙي اڇاتري نگاھہ وجهي ’تَسِي ڏيڻ‘ کان پوءِ ويھڻ جو اشارو ڪيو هو. خبر نہ هئي تہ موضوع ڇا ڇڙيل آهي، پر جتان بہ ڳالھہ هَلي هئي، ڪمال هلي هئي.
”هاڻي روشني الاءِ ڇو نہ ٿي ملي، بابا سائين....“ هنن وٽي مان پاڻي ڍڪ ڀري، مون ڏي نھار ڪئي هئي. ”شايد لائيٽ مھانگي ٿي وئي آهي، بل گهڻو ٿو اچي، تنھن ڪري ايئن ٿئي ٿو. ٻاهر گهٽيون ڪاراٽجي ويون آهن، اوندھہ آهي تہ وڌندي ٿي وڃي، رات اچي ٿي تہ الاءِ ڪيترا ’هول‘ کڻي اچي ٿي.“
”اڳي بہ تہ رات ايندي هئي سائين.... اڳي ڇا راتين ۾ اوندھہ نہ هوندي هئي؟“ ڪنھن ڀڻڪيو. سائينءَ مُرڪي ڏنو. ”اڳي نور گهڻو هو ٻچا.... ٻاهريون بہ، تہ اندريون بہ.... ٻاهر، هر گهر پنھنجي ڪنڊ وٽ هٿ بتي ٻاري رکندو هو. باقائدي اتي هڪ ڪل لڳل هوندي هئي، جنھن ۾ لالٽين ٽنگي ويندي هئي، تہ جيئن ٻنھي پاسن کان لنگهندڙ ’سونھان‘ ٿين، ڪنھن لاءِ ڪا ڏکيائي نہ ٿئي. بتيءَ ۾ تيل جو انتظام اهڙي نموني جو هوندو هيو، جو پرھہ ڦٽيءَ تائين اها ڪم ڏئي ويندي هئي ۽ مٿان وري مزي جي ڳالھہ اها تہ اهو ڪم بہ ڪو سولو ڪونہ هوندو هو. جي مغرب کان پوءِ روشنيءَ جو انتظام ڪرڻو هوندو هو تہ ان جي تياري وچينءَ کان ئي ٿي ويندي هئي. بابلا.... بتيءَ کي کولبو هو، شيشو صاف ڪبو هو، وٽ ٺيڪ ٿيندي هئي ۽ تيل جو ماپو درست ڪبو هو ۽ اهڙيون ڪي ٻہ ٽي نہ.... الاهي بتيون هونديون هيون. هر گهر جو ڪو نہ ڪو ڀاتي ان ڊيوٽيءَ سان هوندو هو تہ کيس ڪيئن بہ ڪري، روشنيءَ جي ان بندوبست جو انتظام درست رکڻو آهي.“ هنن وري پاڻي پيتو، سڀني کي واري واري سان ڏسندا رهيا.
”۽ هاڻي.... هاڻي رڳو هڪڙو بٽڻ هيٺ ڪرڻو هوندو آهي، اهو بہ هيٺ نٿو ٿئي.... بلب ئي لڳل ناهي هوندو.... تہ بٽڻ ڪھڙو ڪم ڪندو؟ پنھنجي گيٽ وٽ روشني هوندي.... گهر جي ڪُنڊ وٽ نہ هوندي.... اهو لقاءُ، هن دور جو تحفو اٿوَ ٻچا....“
”نہ پر.... جي اوندھہ آهي سائين.... ۽ اتان لنگهڻ بہ ضروري آهي تہ پوءِ ماڻھو ٽارچ ڇو نہ وٺي.... اها کڻي هلي....“ پريان ٻئي لاڏلي ڳالھايو. سائينءَ جي مُرڪ گِهري ٿي وئي. ”گهڻن ماڻھن کي ٽارچن سان گڏ تو ڏٺو آهي پُٽ.... پنھنجيءَ عمر جي گيان ڌيان ۾ گم ٿي اکيون پُور ۽ آڱرين جي پَورن تي ڳڻي وٺ تہ هيل تائين تو گهڻن کي پنھنجي مختصر يا طويل سفر دوران ٽارچ کڻي هلندي ڏٺو آهي.... پڪ اٿم.... انگ کُٽي پوندو.... آڱرين جا پور بچي پوندا....“
سڀ لاجواب ٿي ويا هئا. اکيون بند ڪري، ڪجهہ لمحن لاءِ مون بہ ڳڻيو تہ خيال ۾ چئن کان مٿي نالا نہ آيا. اتي سندن آواز تاڪ کولي ڇڏيا، ”روشني لاءِ، گائيڊ لائين لاءِ، ماڻھو، ماڻھوءَ جو محتاج هوندو آهي. بابا.... جي محتاج نہ بہ هجي تہ بہ مدد ضرور طلبيندو آهي. کيس اهو سڀ پنھنجي کڻڻ لاءِ اضافي لڳندو آهي. جيڪو کيس ٻئي وٽان ملڻو هجي، جيڪو رستي تي نڪري ٿو، سو گهڻو تڻو اهو سمجهي ٿو تہ روشني تہ هوندي، ٻئي وٽ ان جو انتظام هوندو، ڇاڪاڻ تہ اهو بہ تہ نڪرندو هوندو.... مون وٽ ناهي تہ خير آهي ۽ هونئن بہ.... الاءِ ڇو هاڻي تہ ٽارچون بہ مزو نٿيون ڪن پُٽ.... انھن ۾ بہ اها روشنائي ناهي، جيڪا اڳين ٽارچن ۾ هوندي هئي.“ جملو مڪمل ڪري، هنن مون ڏانھن گُهور ڪئي هئي. الاءِ ڇو مان سڄو پگهرجي ويو هئس.
”دنيا ۾ رونگ ختم ٿي وئي آهي، لاڏلا....“ هنن نڙي صاف ڪئي، ”جنھن جيترو ڏنو، سمجهہ ڏنو.... بس اڳيان ٿيو الھہ واهي. ماڳيان ٺُپ جواب.... شين ۾ برڪت ختم؟ هينئڙو ڪورو ٿي ويو آهي.... اڳي کير وٺبو هو تہ پاءُ اڌ پاءُ رونگ ملندي هئي. ڀاڄي وٺبي هئي تہ ساوا ڌاڻا، مرچ، ڦودنو مُٺيون ڀري ڏيندا هئا. هاڻي ’سائو مصالحو‘ بہ وڪجي ٿو. اٺاويھہ رپين جي ڪلَي وارو کير جي رُونگ ۾ ملايو ويو تہ ناگوري تہ پنڻ لڳندو. سڀ مٽجي ويو آهي، اتي لڳي ٿو تہ روشني جي رونگ بہ ختم ٿئي پئي....“
ڳالھہ جي شروعات سمجهہ ۾ نہ آئي هئي. وچون موضوع بہ اهم هو. ڪوشش ڪيم پئي تہ ڌاڳو هٿ ڪري وٺان ۽ منھنجي اڻ تڻ هنن سمجهي ورتي هئي. ”حادثن تي ڳالھايون پيا محمود.... روڊن جا حادثا تہ پنھنجيءَ جاءِ تي، هاڻي گهٽيون بہ محفوظ ناهن. چور چڪار، بڙو بدمعاش، ڪٿي بہ ڦري تہ حالي في الحالي تہ نڪتو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اوندھہ انڌوڪار گهڻو آهي. ماڻھن، روشنين کي الاءِ ڇو گهٽائي ڇڏيو آهي.“
ايڏي عام ڳالھہ تي سائينءَ جو اظھار مون کي عجيب لڳو هو. اتي هنن منھنجي نھار کي ڄڻ پروڙي ورتو. نگاھہ ملائيندي فرمايائون، ”اندر ۾ اوندھہ اچي وئي آهي پُٽ.... پنھنجو پاڻ ئي پورو ڏسڻ ۾ نٿو اچي تہ ٻئي کي ڏسڻ لاءِ روشني ڪٿان آڻيون....؟“
”پر سائين، الاءِ ڪيترا گهر، ڪيتريون گهٽيون تہ جرڪنديون رهنديون آهن.... لش پش لڳو پيو هوندو آهي.... انھن کي ڪٿي فٽ ڪنداسين؟“ هڪ ٻئي شاگرد پڇيو. سائينءَ بنا ڪنڌ ورائڻ جي ورندي ڏني، ”جيڪي لش پش نظر ايندا آهن نہ، اهي پنھنجو پاڻ ۾ گم هوندا آهن ابا.... روشنيون هنن پاران جام هونديون آهن، پر انھن ۾ هو پنھنجو پاڻ کي ڏسڻ گهرندا آهن.“
”پر قبلہ.... انھن جي ان عمل جي ڪري، اڻ سڌيءَ طرح سان، ٻين لاءِ بہ تہ روشنيءَ جو سامان ٿي ويو نہ....“ مون همٿ ڪئي. بس لفظ مھربان ٿيا، جو ادا ٿي ويا. ”اتي ئي تہ ڀلجو ٿا نہ ابا.... روشني هجي نہ هجي، جنھن کي سفر ڪرڻو آهي، سو تہ ڪندو.... پر ڳالھہ اها آهي تہ ٻين لاءِ سوچي انتظام ڪيترو ٿو ڪجي.... جي پنھنجي لاءِ سوچي ڪيو، تہ ڇا ٿيو؟ اڻ سڌي مدد کان سڌي مدد ڇو نٿا ڪيو. اڻ سڌي تہ ٿي وڃي ٿي.... پاڻ کي خاني ۾ فٽ ڪري، ٻئي لاءِ ساڳي ماپ جو بوٽ وٺڻ ڪھڙو ڪمال آهي؟ مزو تہ تڏهن آهي، جڏهن ٻئي جي ماپ جي خبر هجي ۽ ان لاءِ دل جو حضور گهرجي ٿو. اها رونگ بہ دل ڪڍندي هئي ابا.... جي هاڻي ناهي تہ ڇا شين جو وڪرو بند ٿي ويو آهي؟ ڇا ڀاڄيون، کير، گوشت ماڻھن وٺڻ ڇڏي ڏنو آهي؟ شين ۾ برڪت ناهي، پوءِ بہ اهي استعمال نہ ٿيون ٿين ڇا؟ سمجهہ رڳو اها ڳالھہ تہ اجاين روشنين کان، هڪڙو ڏيئو ڪمال حيثيت رکي ٿو، جيڪو مستقل ٻري ۽ اوندھہ سان ويڙھہ ڪري.... ۽ اهو ڏيئو، سوچي سمجهي ٻاريو وڃي. تو الاءِ ڪڏهن کان پنھنجا فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا آهن ابا.... مرضيءَ سان ٽلندو ٿو وتين. شروع بہ مرضيءَ سان ڪيئي، ختم بہ وڏي لاڏ سان ٿو ڪرين.... توکي مان هڪڙي ڏيئَي واري، رُونگ چُڪيءَ واري سمجهاڻي نہ ڏئي سگهيو هوس. جي سمجهايان ها تہ تون ايئن نہ ڪرين ها.... پنھنجي خواب نگر ۾ موٽي وڃ.... ڪوشش ڪر.... دل جو شيشو صاف ڪري، محبت جو تيل ڀرينس.... ۽ ان ۾ سوچ جي وَٽِ کي جرڪاءِ.... عقل جي عمارت جي ڪنڊ تي اها بتي ٻرندي رهي.... ٿي سگهي ٿو، ڪنھن مسافر جي ڪا مدد ٿي وڃي. حياتي مھلت ڏيئي تہ ملاقات جو بندوبست ضرور ڪر.... ايئن دامن نہ ڇڏاءِ.“
منھنجي اندر ۾ الاءِ ڇا ڇا اڀري آيو. سوال جواب شروع ٿي ويا ۽ اتي ئي هنن فرمايو، ”پنھنجو ميزان مقرر نہ ڪر.... تور ڪرڻ جو ڪم تنھنجو ناهي. لفظن جو هنر هُو عطا ڪري ٿو.... موضوع بہ هُو ڏيندو. جي روشنيءَ جو هڪڙو ترورو بہ ڪنھن کي نظر آيو تہ تنھنجي لاءِ وڏو جھان ٺھي پوندو. واپسيءَ جي سفر ۾ ٺٺول جو فڪر نہ ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ دوستن کي دليل ناهي کپندو ۽ دشمن ان تي اعتبار نہ ڪندو آهي.... ٿورو لکيو گهڻو سمجهہ، جيڪي چيو وڃي ٿو، سو ڪر....“
پوئواريءَ ۾، حاضريءَ جا اڄ پنجاھہ هفتا پورا ٿيا. خواب نگر، جاري آهي، محبتن جو معيار اوهان جي سامھون آهي. جي ڪير کلي ٿو تہ بہ ٺيڪ آهي، جي ٺٺول ڪري تہ بہ اکين تي آهي. عقل جي ’نعمت ڪدي‘ تي اسين هر هفتي محبتن جي بتي ٻاريون ٿا، دعا ڪجو تہ ان جو تيل ساٿ ڏيندو رهي.

(ڇپيل: آچر 29 جولاءِ 2007ع)

اندر جو آواز (زندگي)

اندر جو آواز ڪٿي گُم ٿي ويو آهي. الاءِ ڪيترو عرصو ٿيو آهي جو اها ’صدا‘ ناهي ڪنائي.... ڪٿي ڪو ’ٽشو پيپر‘ آواز جي لھرن کي اگهي ويو آهي.... الاءِ سماعتن جي قوت گهٽ ٿي آهي الاءِ ڇا.... هڪ تہ ٻُڌڻ ۾ نٿو اچي ۽ جيڪڏهن ٻڌڻ ۾ اچي بہ ٿو تہ سڃاتو نٿو وڃي.... الاءِ ڇا ٿيو آهي عزيزانِ من.... جيڪي بہ ٿيو آهي، بھرحال نقصان ضرور ٿيو آهي.
اسحاق سميجي، ڪجهہ ڏينھن اڳ ڇرڪ ڪڍي ڇڏيا.... خوبصورت شاعريءَ جو ذڪر هلندي، هن پنھنجي اندر کي ويڙهيل ڪجهہ سٽون، وقت جي ريپر ۾ ويڙهي، ڪجهہ اهڙي نموني پيش ڪيون جو ڪجهہ لمحن لاءِ لڳو تہ سڀ ڪجهہ پنڊ پھڻ ٿي ويو آهي. ذڪر ڪيائين پئي تہ لاهور ۾، ذوالفقار عليءَ وٽ ڪجهہ لمحا ترسندي، سندس هٿ هڪ ڪتاب اچي ويو هو، جنھن جو سرو هيو ’ڪوئي اندرون در کڙڪاوي‘ ڪمال ڪتاب ۾ ٻيو سڀ ڇا هيو، اهو تہ پنھنجيءَ جاءِ تي، پر ڪجهہ سٽون جيڪي کيس ازبر ٿي ويون هيون، سي هي هيون:
”چنگي ڀلي اودي واج پڇاڻان،
نان دي سمجهہ نہ آوي
مائَي نِي.... ڪوئي اندرون در کڙڪاوي....“
سادي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪجهہ هينئن بيھندو صاحبانِ فڪر.... ”سندس آواز کي ٺيڪ ٺاڪ سڃاڻان.... بس.... نالي جي.... نانءَ جي خبر نٿي پوي.... امان.... ڪير اندران در کڙڪائي پيو....“ لمحا سراپجي ويا هئا، معزز خواتين وحضرات.... انھن سٽن ۾ عجيب موھہ هيو ۽ آهي. اها ڪيڏي نہ ڪمال حقيقت آهي تہ اسين پنھنجي اندر جي عڪس کي نٿا سڃاڻي سگهون. دعائون الاهي ٿا ڪيون تہ هي بہ خبر پوي ٿي.... هوءَ بہ خبر پوي ٿي، پر جي حق ۽ سچ سان دل تي هٿ رکي ڏسون تہ خبر تہ ٽڪو بہ نٿي پوي.... هاڻي جيڪڏهن پنھنجي خبر ئي نہ ٿي پوي تہ سامھون واري کي سمجهڻ جي دعويٰ تہ بنھہ بيڪار آهي، سڄو وقت ايئن ئي پيا ٿا گذاريون....
اسان جي اندر ۾ هڪ ’ڳڙکي‘ هوندي آهي صاحبانِ زمانہ.... جنھن ۾ وقت جو اولڙو ديدار ڪرائيندو آهي.... وهيل، واپرايل لمحا، جن کي اسين ’ماضي‘ سڏيندا آهيون، ان دريءَ تي ٺڪ ٺڪ ڪندا رهندا آهن. اهو اسان جي هٿ وس ۾ هوندو آهي تہ ڪنھن مھل اهي ’ڪواڙ‘ اهي ’پٽ‘ کولي اسان ڪنھن لمحي کي جهٽي، ان کي ريفرنس طور، حوالي طور ڪتب آڻيون.... جيڪڏهن نہ ڪرڻ چاهيون تہ بہ وس وارا هوندا آهيون ۽ جيڪڏهن حجت ڪجهہ گهڻي محسوس نہ ٿئي تہ سچ تہ اهو هوندو آهي تہ اسين انھن لمحن جو ڪو حوالو چاهيندا ئي ڪونہ آهيون.... اسان جون محبتون، نفرتون، احسان، مرادون، نامراديون، ڪلور، زيادتيون، شڪر ادائيون ۽ ناشڪريون، ڇا ڇا نہ ان دريءَ جي پٺيان وقت جي ان ڪمري ۾ بند آهي، پر اسان انھن سڀني کي بند رکڻ ئي پسند ڪندا آهيون.... نتيجي طور اها ٺڪ ٺڪ، اها ’دستڪ‘ آهستي آهستي دم ٽوڙيندي آهي، ياد جو پس منظر ڌنڌلو ٿيندو ويندو آهي.... اسين، پنھنجو پاڻ کي، پنھنجي اصلي هيئت کي وساري ويندا آهيون.... اندر جي ايوان ۾، يادگيريءَ جي قدمن جي ڪابہ آهٽ اسان جو ڌيان نہ ڇڪي سگهندي آهي. اسان پنھنجي مڳيءَ ۽ سرمستيءَ ۾ ۽ ڪجهہ هستي جي زعم ۾، لتاڙڻ، چيڀاٽڻ ۽ دور جديد ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاح ’ڪُچلڻ‘ جا سڀ هنر ڄاڻي وڻندا آهيون.... تان جو وري ڪٿي وقت جو وهڪرو اها دري زوريءَ کولائيندو آهي.... ڄاڻ سڃاڻ جا مرحلا وري طئي ڪرڻا پوندا آهن.... پر تيستائين الاهي دير ٿي ويندي آهي.... ۽ اهو ئي اهم سبب آهي عزيزانِ من.... جو اسان وٽ ’پنھنجو پاڻ‘ تمام گهٽ سلامت رهندو آهي.... جن وٽ رهيو ۽ جن پاڻ سڃاتو، سي تہ ’ڪمال‘ ٿي ويا سائين...
اشفاق احمد صاحب... زاويه ۾ فرمائين ٿا، ”هڪ دفعي، ٽيليويزن تي، جيڪو منھنجو باس هيو آغا بشير صاحب، تنھن مون کي گهرائي چيو تہ اسان وٽ جيڪو ڳائڻن جو شعبو آهي، اهو ڏاڍو ڪمزور آهي.... ڪو خاص ڳائڻ وارو ڪونھي.... بشير صاحب مون کي حڪم ڏنو تہ وڃي ڳائڻين جي گهرن تي انھن جا انٽرويو ڪيان.... جانچي پسند ڪيان ۽ پروگرام رڪارڊ ڪرايان.... هاڻي موسيقيءَ بابت منھنجي ڄاڻ بہ ڪا خاص ڪونہ هئي، پر اهو صاحب جو حڪم هو.... مون کانئس پڇيو، ”سائين، ان مقصد لاءِ ڪٿي وڃڻو پوندو....؟“ هنن چيو اسان جي لاهور جي علائقي ۾ هڪڙو ”شاهي محلو“ آهي.... توهان کي اتي وڃڻو پوندو....“ سندس اها ڳالھہ ٻڌي مان تہ ڏڪي ويس. هنن گڏوگڏ چيو، ”يونس ڪلارڪ توهان ساڻ ويندو.... هيءُ هنن جون ايڊريسون نوٽ ڪندو....“ مان شام جو گهر آيس. ليٽيَس، سُتس، پر طبيعت تي هڪڙو بار اچي ويو هو. انسان تي الاءِ ڪيترن قسمن جو وزن هوندو آهي.... اسان مٿان سڀ کان وڏو وزن ’تڪبر‘ جو هوندو آهي ۽ اسان اهو ڄاڻڻ کان سواءِ تہ ﷲ جي ويجهو وڏو ڪير آهي ۽ ڪير گهٽ آهي، پاڻ ئي فيصلا ڪندا رهندا آهيون.... مان بہ طبيعت تي اهو وزن کنيو، اهڙا ئي فيصلا ڪري رهيو هئس. ٻئي ڏينھن مان حڪم پٽاندڙ ’شاهي محلي‘ ويس. اسان جو ڪلارڪ بہ گڏ هيو. مون ان بدنام جاءِ تي وڃڻ لاءِ وڏي همٿ ۽ ڪوشش ڪئي هئي تہ جيڪڏهن ماڻھن مون کي اتي ڏٺو تہ ڇا سوچيندا تہ، ’هي صاحب هتي ڪٿي پيو گهمي...!‘
خواتين و حضرات، اها جيڪا ڪوڙي سچي عزت هوندي آهي نہ، مون اها بہ ٽپي ۽ هڪ گهر ۾ داخل ٿيس. انھن ماڻھن کي جڏهن اها خبر پئي تہ اسان ٽيليويزن تان آيا آهيون تہ هنن وڏي ادب ۽ بي انتھا محبت سان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ راڳداريءَ جي بابت کين جيڪو بہ علم هيو، سو اسان کي ڏيندا رهيا.... اسين بہ نوٽ ڪندا رهياسين ۽ سچ پچ بہ مون لاءِ اهو عجيب تجربو هو.
خواتين و حضرات، جڏهن اسين اتي هڪ گهر ۾ وياسين تہ اتان جي ڏيڍي بلڪل خالي هئي. هاڻي ان ڏيڍيءَ مان لنگهي هڪڙي ڏاڪڻ چڙهي مٿي وڃڻو هيو.... جڏهن مان ان ڏيڍيءَ ۾ ويس تہ مون هڪڙي عجيب وغريب شيءِ ڏٺي تہ ڇت ۾، پراڻي نموني جو هڪڙو خوبصورت غاليچو لڳل آهي. زمين تي وڇايل غاليچا تہ ڏٺل هئا، ڇت تي لڳل اهڙو غاليچو عجيب هو.... ڪجهہ پراڻو ٿي چڪو هو، رنگ جهيڻا ٿي ويا هئس، پر تَھہ ڪافي ٿلھو هئس. مان اتي ئي بيھي حيرانيءَ سان اهو غاليچو ڏسڻ لڳس ۽ سوچيم تہ اهو يقينًا ’سجاوٽ‘ لاءِ آهي، پر ڳالھہ اها هئي تہ اهڙي نموني جي ڊيڪوريشن يا سجاوٽ، نہ مون ڪڏهن ڪٿي ڏٺي هئي نہ پڙهي هئي. ايتري ۾ هڪڙو صاحب ڏاڪا لھي ڏيڍيءَ ۾ آيو ۽ اسان کان اچڻ جو سبب پڇيائين.... سبب ڄاڻي، اسان کي مٿي وٺي ويو. سندس نالو عباس هو. مٿي هڪ خاتون اسان کي ملي.... مون پھچڻ سان پڇيو، ”هيٺ ڏيڍيءَ جي ڇِت تي ايڏو خوبصورت غاليچو لڳل آهي.... مون کي سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ آرائش جو اهو ڪھڙو انداز آهي؟“ هن چيو، ”اهو غاليچو ناهي. اهي ابابيلن جا آکيرا آهن، جيڪي هو ڇت سان چنبڙائي ٺاهيندا آهن.... ڪنھن زماني ۾ اسان جو هي گهر ابابيلن جو ڳڙھہ هوندو هيو ۽ الاءِ ڪيترا ابابيل هتي رهندا هئا.... هاڻي تہ اهو ويران ٿي ويو آهي، کنڊر ٿي ويو آهي.... هاڻي ابابيل جو هتي نٿا رهن....“
هاڻي مون کان تہ سڀ ڪجهہ ڄڻ وسري ويو هو خواتين و حضرات تہ مان هتي آيو ڇو هئس.... مون خاتون کان پڇيو، ”اهي آيا ڇو هئا ۽ ويا ڇو هليا؟“ مائيءَ چيو، ”ادا، ابابيل سدائين اتي آکيرو ٺاهيندا آهن، جتي سچو سُر ۽ سٺو آواز هجي.... جتي سٺو سُر نہ هجي، اتي انھن جا آکيرا ڪونہ ٺھندا آهن.... توهان ڏٺو هوندو تہ جنھن مسجد جو موذن سريلو هجي ۽ جتي قرائت منظر ٻڌي ڇڏي، اتي ابابيل گهر ٺاهيندا آهن....“
ان خاتون مون کي وڌيڪ چيو، ”توهان ڏٺو هوندو تہ بادشاهي مسجد ۾ ابابيلن جا الاهي آکيرا آهن.... ايئن گرجا گهرن ۾ جتي سريلو آرگن وڄندو آهي. اتي انھن جا گهر هوندا آهن يا وري جنھن گهر ۾ سر هجي. اتي اچي رهندا آهن.... منھنجي گهر ۾ منھنجيون ئي ماسيون رهنديون هيون، جن جھڙو سريلو وجود، پاڪستان تہ ڇا سڄي برصغير ۾ ڪٿي ڪونہ هو.... ٽئي ڄڻيون ’شڌ راڳ‘ ڄاڻنديون هيون ۽ منھنجي هڪڙي ماسي سھرا ’ڌوتڪ راڳ‘ بہ ڳائيندي هئي.... ٻي ماسي سرتاج، اتر جي راڳن جي ماهر هئي. اهي ٽئي ڄڻيون جڏهن رياض ڪنديون هيون تہ اسان جي گهر جي چوڌاري ابابيل لامارا ڏيندا هئا. جڏهن هنن جو رياض وڌيو تہ ابابيلن ڀتين تي ويھڻ شروع ڪيو ۽ آکيرا ٺاهڻ شروع ڪيا. جيستائين ٽئي ڄڻيون حيات هيون تہ اهي آکيرا آباد رهيا ۽ جڏهن هن گهر مان سُر نڪري ويو تہ اهي گهر بہ ويران ٿي ويا.“
مون کي اهو سڀ ٻڌي حيراني بہ ٿي ۽ ڏک بہ ۽ اهو سڀ سمجهہ ۾ بہ نہ پئي آيو تہ ايئن ٿيندو ڪيئن هوندو.... ان مائيءَ، جنھن جو نالو خورشيد هو، وڌيڪ ٻڌايو، ”هي عباس، منھنجو گهر وارو آهي.... مون کي ٻہ ڌيون آهن، ٻئي نرسون آهن.... اسين خوش خير گذارون پيا.... جيتوڻيڪ هي گهر، هن علائقي ۾ آهي، پر ڇاڪاڻ تہ اسان جي وڏڙن جي نشاني آهي، تنھن ڪري اسين ان کي ڇڏي نٿا سگهون.... مٿان وري اسان ۾ اها طاقت بہ ناهي جو ٻيو ڪو گهر وٺي سگهون.... تنھن ڪري اسين رهون تہ هتي ٿا، پر اهو پيشو اسان جو ناهي....“ هن وڌيڪ ٻڌايو، ”هاڻي اسان جي ’دوڇٽيءَ‘ ۾ ابابيلن هڪڙو گهر ٺاهيو آهي ۽ اسان کي ان ڳالھہ جي خوشي آهي تہ هلو ڀلا.... ٻہ ابابيل آيا تہ سھي، انھن جي من ڪا برڪت ٿئي.... هاڻي انھن اتي بيدا ڏنا.... وري ٻچا نڪتا.... هڪ ڀيرو شاهي مسجد جي گنبذ پٺيان کان هڪ خوفناڪ ڪاري واچ آئي.... ايڏو ڪارو طوفان هيو جو ڄڻ سڀ ڪجهہ لڏي ويو. ان ۾ ابابيلن جو آکيرو بہ هيٺ ڪري پيو. رات جي اوندھہ هئي ۽ مٿان ابابيل بہ ڪونہ هئا.... انھن جا جيڪي ٻچا هئا، سي بہ هيٺ ڪِري پيا. هاڻي اهي مون هٿن ۾ کڻي، هڪ خالي دٻي ۾ رکي ڇڏيا ۽ انھن جي اوسي پاسي ٿوري ڪپھہ بہ رکي تہ جيئن صبح جو هنن جا مائٽ اچن تہ اچي ٻچن کي سنڀالين.... هاڻي اتي منھنجي مڙس مون کي ٻڌايو تہ هن قصن ڪھاڻين ۾ پڙهيو آهي تہ جيڪڏهن ٻچڙي کي آدم بُو لڳي وڃي، مطلب ماڻھوءَ جو ڪو هٿ ڇھي وڃي ۽ مائٽن کي اهو اندازو ٿي وڃي تہ اهي ٺونگا هڻي پاڻ پنھنجي ٻچن کي ماري ڇڏيندا آهن.... منھنجي مڙس اهو بہ چيو تہ، ”زال.... اهي هٿ تہ عام ماڻھن جا هوندا آهن، سٺن ماڻھن جا هوندا آهن. انھن کي ئي جيڪڏهن هو نٿا سھن تہ اسان تہ ناپاڪ ماڻھو آهيون، اسان جا هٿ ڇا.... اسان جو تہ سڄو وجود ناپاڪيءَ سان ڀريل آهي.... مون کي تہ ڊپ آهي تہ هاڻي تہ ٻچن جا مائٽ کين بلڪل بہ جيئڻ ڪونہ ڏيندا.“ چوڻ لڳي، ”هاڻي جھڙي بہ عبادت اسان کي آئي پئي نہ، اها مون ۽ منھنجي مڙس شروع ڪئي. اڃا اسان جون ڌيئرون ننڍيون هيون. اسان ﷲ سائينءَ کان اها ئي دعا گهرندا رهياسين تہ پروردگار.... انھن جانورن کي اها خبر نہ پوي تہ اسان ڪھڙا ماڻھو آهيون ۽ ڪيترا نہ ناپاڪ ماڻھو آهيون....“
وڌيڪ چوڻ لڳي، ”صبح ٿيو تہ انھن ٻچن جا مائٽ ابابيل بہ آيا. هنن پنھنجون چھنبون چوڳي سان ڀريل رکيون هيون ۽ اچڻ سان ئي هو پنھنجن ٻچن تان گهور وڃڻ لڳا. اسان سڀ ڏاڍا خوش ٿياسين سائين تہ پروردگار جي مھرباني، جو هن اسان جي دعا قبول ڪئي.... اسان جھڙن جو عرض اگهايو....“
ﷲ اڪبر.... اهو اٿوَ عزيزانِ جھان اندر جو آواز.... جيڪو ٻڌڻ ۾ تہ ايندو آهي، پر سڃاڻڻ لاءِ اسين ڪوشش ئي نہ ڪندا آهيون.... پنھنجيءَ ذات کي تھہ در تھہ لڪائي اسين ان آواز کي ڏاڍو ڀرپور کڻي ويندا آهيون. پنھنجي نيڪيءَ ۽ پارسائيءَ جي زعم ۾، پنھنجي ناپاڪي وساري ويھندا آهيون. اسحاق جي اُچار ۽ اشفاق صاحب جي لکت، سيني ۾ ڏار وجهي ڇڏيا آهن.... هن بابرڪت مھيني ۾ ٻنھي جي نيتن جي نيڪيءَ جي دعا لاءِ عرض ڪندي اهو بہ عرض ڪرڻو آهي تہ اچو تہ سوچيون ٿا، آواز جو نانءُ سمجهہ ۾ اچي ٿو؟ هلو ڀلان نانءُ کڻي نہ بہ اچي، ڪو آواز اچي ٿو يا هاڻي اندر بہ کڙڪڻ بند ٿي ويو آهي....!

(ڇپيل: آچر 23 سيپٽمبر 2007ع)

محبت هيکلي آهي (زندگي)

محبت اداس ڪري ويندي آهي، اڪيلو ڪري ويندي آهي. اسين سڀ ان ’راز‘ کان واقف هوندا آهيون تہ رڻ جي هن سفر ۾، تمام گهٽ ماڻھن کي منزل مقدر ۾ ملندي آهي ۽ انھن مان وري تمام گهٽ ماڻھو، اها منزل ماڻڻ کان پوءِ، ان جي قدر ڪرڻ جي ’قوت‘ رکندا آهن. نہ تہ گهڻو ڪري اها محبت ماڻجڻ کان پوءِ ’زيان‘ ٿي ويندي آهي. بيقدريءَ جي ور چڙهي، سڏڪن جي غلاف ۾ ويڙهجي، پنھنجي اوج عروج جي دور کي ياد ڪندي رهندي آهي. بيقدري گهڻو ڪري، محبت جي ’همقدم‘ هلندي آهي. جتي بہ وجهہ ملندو اٿس، کيس ’دَسَي‘ رکندي آهي. اهو ماتم هر اهو ذي شعور ڪندو رهي ٿو، جنھن محبت جو ذائقو چکيو هجي يا جنھن اها دعويٰ دامن ۾ ڀري هجي تہ ’هي ساھہ ڪنھن ٻئي جي امانت آهي...‘
کوٽ اچي وئي آهي جھان ۾ عزيزانِ من... کوٽي تہ هي ازل ابد کان آهي، پر اڄڪلھہ اها نسبت ڪجهہ ڪمال بڻجندي ٿي وڃي. ’دانگيءَ تي ورڻ‘ جي دعويٰ ڪندڙ رَت بہ هاڻي، بوڙيا ڪري ’ڪاراٽجي‘ ٿو. دل جي ٿانوَ جي قلعي الائي تہ ڪڏهن کان لھي چڪي آهي. ڪاراٽيل رت، هاڻي تہ محبتن جي ٿانءَ ۾ ’پوسل‘ ٿو ڪري، ڌپ ڪري ٿو، ورڻ تہ کانئس الاءِ ڪڏهن کان وسري چڪو آهي.
اسين اهو سڀ، ايئن الاءِ ڇو ڪري رهيا آهيون صاحبانِ علم و هنر... زمانو شايد مٽجي ويو آهي. سِڪو رائج الوقت، هاڻي پريم ناهي، ’مايا‘ آهي، جيڪو دراصل ’سڪو‘ سڏرائجڻ جو حقدار بہ آهي. پريم کي ڪھڙي حيثيت آهي، جو پاءُ بصر بہ خريد نہ ٿو ڪري سگهي... ڇڏيو سائين ڪتابي ڳالھيون...اهي زمانہ ئي ويا، جڏهن محبت جي موٽ ۾ محبت ملندي هئي يا محبت جي موٽ ۾ مايا ملندي هئي. هاڻي تہ صرف هڪڙو اصول هلي ٿو قبلہ، تہ مايا جي موٽ ۾ جيتري محبت وڻيوَ، اها حاصل ڪيو، ’پيسا ڦينڪ تماشا ديک‘ جو قول محبت ۽ مايا تي سئو سيڪڙو صادق اچي ويو آهي. جديد ترين اسڪرينز تي نظر ايندڙ محبت جي ’تماشي‘ ۾ ڪردارن جي اڻت بہ عجيب ٿي وئي آهي. هاڻي امير غريب جي محبت ڪٿي؟ سائين... هاڻي تہ بس هر ڪو ’امير...امير..‘ کيڏي رهيو آهي، توهان کي ڪٿي ڪو غريب ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟. ’جدتن‘ سان سٿيل هن جھان ۾ دورِ جديد ۾، ’جذبي‘ جھڙي ڪا سستي شئي تہ ڪٿي رهي ئي ڪانھي. احساس، ڪرَ کڻڻ جي قوت کان محروم ٿيندو ٿو وڃي. ٻين جي سوچ تي کل ايندي ٿي رهي ۽ پنھنجي سوچ جي ’اڏام‘ تي وري پاڻ ئي پاڻ کي پيار ايندو ٿو رهي. اهو سڀ ائين الاءِ ڪيئن ٿي ويو آهي... شايد شيون سستيون ٿي ويون آهن صاحبو...يا شايد، ميلا ملاقاتون ايترا گهڻا ٿي رهيا آهن جو وچ وارو الائي ڪيترو ’غبار‘ غائب ٿو ٿي وڃي...بس روح، روح سان ڳنڍيل ٿو لڳي... رابطو ’ٺڪاٺڪ‘ آهي، رشتو ناتو ’کچاکچ‘ آهي...
شين جي هجوم ۾ ماڻھو اڪيلو ٿي ويو آهي ۽ الائي ڇو کيس پنھنجي اها اڪيلائپ وڻڻ لڳي آهي. پري ڇو ٿا وڃو، هڪڙو ننڍو مثال ٿا کڻون... ڪٿي يارن دوستارن جي ڪنھن محفل ۾، جي سڀ ڪٺي هجن تہ توهان کي ان ڀريءَ محفل ۾ بہ الائي ڪيترا لمحا اهڙا ملندا، جو هر ڪو پنھنجي پنھنجي ’موبائيل‘ ۾ گم نظر ايندو. ڪو ڊائل پيو ڪندو، تہ ڪو رسِيو، ڪنھن کي ’ميل باڪس‘ خالي ڪرڻو هوندو تہ ڪنھن کي ’مزيدار‘ ميسيجز اڳيان موڪلڻا هوندا. هجوم ۾ ايڏي اڪيلائي؟! ڪمال آهي سائين ۽ مٿان وري هڪڙي ٻي ڏک جي بہ جهلڪ ڏسي وٺو. ’وقوف‘ جي هن جھان ۾، رشتن جي ڏور لڪائڻ بہ ڏائي هٿ جو کيل ٿي ويو آهي. ٽيھارو چاليھارو کن ماڻھن جي وچ ۾ ويٺي ٻہ بظاهر اجنبي وجود هڪ ٻئي سان ’راز و نياز‘ ۾ مشغول آهن. لڳي پيو تہ ’الف‘ الاءِ ڪنھن سان پيو ڳالھائي ۽ ’ب‘ جي گفتگوءَ جو محور ڪو ٻيو آهي... نہ ڄاڻ اهي ٻئي ڪمال خوبيءَ سان هڪ هڪ ٻئي سان ڳالھائي رهيا آهن. اسين بيوقوف، ڏند ڪڍندي، مزي مزي سان، خواريءَ جي ان جام مان ’چُشڪا‘ ڀريندا رهون ٿا. جديد ترين سھولت، اسان کي ڪيترو نہ اڪيلو ڪري وڃي ٿي. هاڻي هر هنڌ کڻي ائين نہ ٿيندو هجي، پر اهو احساس تہ منھنجي ’پرائيويسي‘ قائم آهي، هڪ عجيب زيان ڪري ڇڏيو آهي. لڪائڻ جو علم، نروار ڪرڻ جي ڄاڻ کان چڙهي ويو آهي ۽ جتي لڪائڻ گهرجي ها، اتي ظاهر ڪرڻ اسان جي ثقافت ۽ تھذيب جون پاڙون پٽي رهيو آهي. اڳي معاشري ۾ پنھنجي ’عجيب رشتن‘ کي لڪايو ويندو هو، هاڻي موبائيل نمبر، وڏي آرام سان ’مٽا سٽا‘ جي سفر کي طئي ڪن ٿا.
الائي ڇو، دل چوي ٿي تہ اهو لکجي تہ اسان جو نئون نسل، محبتن جي معاملي ۾ ايڏو ’خوش نصيب‘ ناهي، جيترو اسين ۽ اسان کان پھريان وجود رهيا. جڏهن هڪڙي جهلڪ ڏسڻ بہ قيامت بڻجي ويندو هو ۽ جي وري ديدار نصيب ٿئي ۽ قسمت مھربان ٿي بہ پوي، تہ بہ خبر تڏهن پوندي هئي، جڏهن سراپا خوشبو وجود گذري ويندو هو ۽ اکيون خالي عڪس جهٽينديون وتنديون هيون. نہ ڏسڻ کان پوءِ بہ، ڏسڻ جو احساس ڪتڪتائيون ڪندو هو ۽ هتي ڏسڻ کان پوءِ بہ، ڄڻ ڪجهہ بہ حاصل نٿو ٿئي... زندگي ڪيتري نہ مٽجي وئي آهي، عزيزان من...
هاڻي اتي دور جديد جو جديد وجود، اها ڳالھہ چئي سگهي ٿو تہ ”سائين جي اسين اڪيلائپ ڳوليون ٿا تہ اوهان ڪھڙا اڪ ڪارا ڪيا هئا... اسين تہ پريڪٽيڪل آهيون، بنان ڪنھن کي ڊسٽرب ڪندي، پنھنجو پاڻ ۾ پورا آهيون. اوهان وانگر گهٽ ۾ گهٽ ٿڌن ساهن تي زور تہ ناهي، جو بس رڳو اڪيلائيون ڳوليندا هُيئو ۽ اداس گيت ڳائي، مُنھن مونن ۾ هڻي، ڏاڙهي وڌائي پيا ’شوڪارا‘ ڀريندا هئو...“ تہ ان جو جواب بہ بنھہ سولو آهي. اڳي پرين، پرين هوندو هو، ڪو تماشو نہ هوندو هو.. هن جي ڳالھہ ٻين سان ’مام‘ ۾ ڪئي ويندي هئي. ائين هر ڪنھن سان کيس ’ملاقات‘ نہ ڪرائي ويندي هئي. سندس پردو، سندس لڄ، پنھنجيءَ ذات کان پنھنجي وجود کان مٿي ڀانئبي هئي. محبت جي اقرار کان پوءِ بہ ائين ’لائينون‘ مليل نہ هونديون هيون، ويجهڙائپ ٿي ڪا نہ سگهندي هئي. تنھن ڪري وچ ۾ هڪ عجيب پردو حائل رهندو هو. ماڻھو، ماڻھوءَ جي نالي ٿي بہ، لڄارو نالو کڻندو هو. هاڻي تہ هٿ ملائي، ’شيڪ هينڊ‘ ڪرائي، تعارف جي رسم ادا ڪئي وڃي ٿي. اڳي، عزيزانِ من، ڪير گڏ نہ هوندي بہ گڏ هوندو هو ۽ هاڻي الائي ڇو گڏ هوندي بہ، ساٿ جو احساس مڪمل نہ ٿو ٿئي، ڇا توهان ڪڏهن ان بابت سوچيو آهي؟
دنيا، اُنَ جي گولي جيان ويڙهجي وئي آهي، جتي نالي صاف ڪندڙ کان وٺي، جيٽ پلينز ۾ سفر ڪندڙ، هڪ ئي مشين استعمال ڪري ٿو ۽ ’ڳنڍيل‘ رهي ٿو. ٺيڪ آهي، هڪڙي وٽ پئسا گهڻا آهن ۽ ٻئي وٽ گهٽ... پر سھوليت تہ ٻئي هڪ جھڙي ماڻين ٿا نہ... اتي اهو چوڻ تہ بنھہ اهم آهي تہ نفسياتي حوالي سان اهي تعلقَ، جيڪي ڏسي جڙن، انھن تعلقن کان ڪمزور هوندا آهن، جيڪي نہ ڏسي جڙندا آهن. مثال طور آواز جي تعلق سان جڙيل رشتو، ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي آڱرين جي مدد سان ٿيندڙ گفتگو ۽ ٻئي جي معرفت ڳالھہ ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جو احساس، انھن سڀني شين کان مضبوط هوندا آهن، جيڪي سامھون ٿينديون هجن. دنيا ۾ انھن ماڻھن جو انگ تمام گهڻو آهي، جيڪي بنان ڏسڻ جي اظھار ۾ مضبوط هوندا آهن، يعني جيئن ماڻھو فون تي ڳالھائي تہ ڇاڪاڻ تہ سامھون صرف آواز آهي تہ الائي ڪيترا اظھار ٿي ويندا آهن. توهان آزمائي ڏسو، الائي ڪيترا اهڙا جملا جيڪي فون تي چئي سگهجن ٿا، سامھون ادا نہ ٿي سگهندا آهن. هاڻي رڳو هن هڪڙي ’اوزار‘ يعني موبائل فون ئي اسان جي محبتن جي ’تھذيب‘ مٽائي ڇڏي آهي. شروع ۾ عرض ڪيم نہ، هاڻي مايا ضروري ٿي وئي آهي، جي هوندي تہ ڪارڊ بہ لوڊ ٿيندو، نہ تہ سڀ خاڪ آهي مٺا...
جذبن جي ارضائپ، لاھہ ڪڍي ڇڏيا آهن، سائين... اڳي عشق نپوڙي، ڌاڻا ڪڍي، اڪيلو ڪري اڇلائيندو هو تہ هاڻي هر ويلنٽائن ’آءِ لو يو‘ جي جملي جو رسُ ڪڍي، ڦوڳ کي اڪيلو ڪندو ٿو رهي. گوبند، حسن درس جو هڪ نظم لکي ڏنو آهي. پڙهو ۽ سوچو، ڪير اڪيلو ٿي ويو آهي، محبت، يا اسان؟... محبت اسان کي اڪيلو ڪري ويندي آهي يا هاڻي اسان کيس اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. نظم جو عنوان آهي ’محبت هيکلي آهي.‘
ڇڏڻ لاءِ ڇوڪريون ڇڏجن، مگر پوءِ ڇا تہ پيو کڻجي
ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيئي آهن، محبت هيکلي آهي
اڌاري زندگي آهي، نقد آ پيار هن جو ئي
زماني ۾ زنجيرون ڪئي، وڻي ٿو هار هن جو ئي
ٻہ ٽي ٻوٽا کڻي پوکيان، گلن جا گنج ٿي پوندا
ڪريان ڪجهہ ڍنڍ سان ڳالھيون، بتيلا هنج ٿي پوندا
وڻن کي ڪوٺ ڪا ڏيئي، ملايان آبشارن سان
نمن جي ڳوٺ ۾ نئين سِر، ڪيان مان راند ٻارن سان
پراڻا ٿانوَ ٽامي جا، قلعي ڪنھن کان ڪرايان مان
ڪُنڍِيءَ جو ڪم ٿيو پورو، مڇي ساري ترايان مان
چڙهي مان ڏاند گاڏيءَ تي، اچان ڪجهہ اوڏڙو هن کي
هوائن جي هندوري ۾، ڏيان مان لوڏڙو هن کي
سمورو هي تصور آ، سمورا خواب هي آهن
حياتيءَ جي ڪتابن جا، اڌورا باب هي آهن
رڳو آ رش روڊن تي، گهٽين ۾ بي دلي آهي
ڪريان ٿو پيار مان تنھا، محبت هيکلي آهي!

محبت کي سستو نہ ڪيو سائين، شيون سستيون ٿين تہ وٺڻ وارا نيٺ بہ ٿڪجي پوندا آهن ۽ سستي شئي جو ملھہ هونئين اوهان سڀ ڄاڻو ٿا. هن مھانگي جذبي کي مھانگو رکو، نہ تہ اسان ۽ اوهان جي ڪري، اهو ڏاڍو اڪيلو ٿي ويندو.

(ڇپيل: آچر 4 نومبر 2007ع)

کنڊُ کير ملائڻ جي ڪئيسون... (محبت)

مون ڏي نھاريندي چيائين، ”منھنجي تو وٽ ڪھڙي جاءِ آهي؟“
نھار تہ قاتل هوندي آهي، ناوڪن ۾ جيترا تير هوندا آهن، اوترا تہ ڪنھن وڏي کان وڏي ’ترڪش‘ ۾ ناهن هوندا. جيترو تيز ’ديد‘ جا حملا هوندا آهن، اوترا شايد دنيا جو ٻيو ڪوبہ هٿيار نٿو ڪري سگهي. هٿيارن جا گهائل ڇُٽي ويندا آهن، نظر جي گهائل کي ڌڻي شل بچائي. هن جي نظر بہ کڄيل هئي ۽ منھنجو سڄو وجود پگهرجي رهيو هو.
ماڻھن کي بہ رب مٺي عجيب خلقيو آهي. ڪن کي پگهرائڻ ايندو آهي ۽ ڪن کي صرف پگهرجڻ.... جن کي ڳارڻ ايندو آهي، اهي الاءِ ڇو ان خوف کان آجا هوندا آهن تہ اهي گهڙيون مٿن بہ اچي سگهن ٿيون. يا شايد هو اهو سمجهندا آهن تہ ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل صرف ڦٿڪي سگهي ٿو، آجو نٿو ٿي سگهي. هيءَ محبت جي ڪوڙڪي بہ ڪمال هوندي آهي. هن ڄار ۾ هر سائيز جو خانو هوندو آهي. وهمن، وسوسن جي سنھي ۽ نازڪ ڄاريءَ کان وٺي، هر انسان جي پنھنجي سوچ جي ’سائيز‘ جيترو ڄار بہ هوندو آهي، جنھن مان هو ڪنھن مھل بہ نڪري سگهي ٿو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ هو نڪرڻ نہ گهرندو آهي. محبت ۾ حاڪميت ڪندڙن کي اها ڪڏهن بہ خبر نہ پئجي سگهي آهي تہ الاءِ ڇو ’محبتن جو محڪوم‘ سدائين کانئن کٽي ويندو آهي. اهو شايد ان ڪري بہ ٿيندو آهي جو هو هارائڻ کي ئي ’فتح‘ سمجهي هلندو آهي.
محبت ۾ وري فتح وشڪست ڪھڙي هوندي آهي؟ پرين جي ناز و انداز مڃي وٺي، پنھنجي ماڻن مٿان اسان جي فرمائش کي مضبوط سمجهي تہ جھڙو سڄو جڳ ’پنھنجو‘ ۽ ذاتي محسوس ٿيندو آهي. دنيا جي تختي تي وڏي ’لئي‘ سان پير رکي گهمبو آهي، بلڪ ’اڏامبو‘ آهي. محبت تہ ماڻھوءَ کي پکي بڻائي ڇڏيندي آهي. دل نہ چوندي آهي تہ پنھنجي محبوب کي ’محڪوم‘ سمجهجي، پر دل جي چريائپ اها بہ تہ هوندي آهي تہ هو بھرحال اسان جي ڳالھہ ضرور مڃي، اهو تہ ايئن آهي جيئن کاڌي ۾ لوڻ وجهي، مٺو ذائقو طلب ڪيو وڃي.
الاءِ ڪيترو عرصو، اسان هڪ ئي پيچري تي گڏ هليا هئاسين. گڏ هلڻ بہ هڪ نعمت هوندو آهي. پھرين عرض ڪري چڪو آهيان تہ الاءِ ڪيترا ساٿ، اسان کي ’امير‘ بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ ڪيتريون اڪيلائيون اسان کي ’ڦڪڙ‘... ماڻھوءَ وٽ رهي تہ ماڻھو ئي ٿو نہ.... پئسو تہ کيسن ۾ رهڻ ۽ نڪرڻ لاءِ آهي، ماڻھو تہ دل جي کيسي ۾ رهي ٿو ۽ ڪڏهن بہ نٿو نڪري.
موسمن جي ڪنھن خوشگوار ڪيفيت ۾، اسان محبتن جي مام پروڙي هئي، پر تيستائين الاهي دير ٿي چڪي هئي. انسان سان هڪڙو عذاب اهو بہ هوندو آهي تہ هو پنھنجي روح ۽ جسم تي ٻہ مختلف نالا کڻي ٿو گهمي.... دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ٻيا نالا هوندا آهن ۽ روح جي ’تختيءَ‘ تي وري ڪجهہ ٻيو لکيل هوندو آهي. سچ تہ اهو هوندو آهي تہ اصل نالو تہ روح تي لکيل هوندو آهي، جسمن تي لڳل نالا تہ بس فنا جي راھہ جا مسافر هوندا آهن. هاڻي ايئن بہ ٿيندو آهي تہ ڪن ڪن کي وري اها خوش نصيبي ملندي آهي جو هنن جي روح ۽ جسم تي ’ساڳيو‘ نالو لکيل هوندو آهي، پر اهو ضرور سمجهڻ گهرجي تہ انھن جو تعداد ڪو گهڻو ناهي هوندو. هُنَ جي جسم تي بہ نالو ڪو ٻيو لکيل هو ۽ هاڻي ’روح جي نالي‘ جو سوال اسان تي حاوي ٿي رهيو هو.
ڪنڌ هيٺ ئي هئم.... ان ئي حالت ۾ وراڻيم، ”تنھنجي ڪھڙي جاءِ ٿي سگهي ٿي؟ محبوبن جا قدم زمين تي نہ هوندا آهن ۽ جي هو پنھنجي پيرن هيٺان ڌرتيءَ جو ڇھاءُ محسوس ڪندا آهن تہ دراصل اها زمين نہ هوندي آهي، بلڪ اسان جي دل هوندي آهي.“
هن ڳري لھجي ۾ چيو، ”نگاھہ ملائي ڳالھاءِ.... اکيون چَورائڻ ڪڏهن کان سکيو آهين؟“
”جيڪي پاڻ ئي چوري ٿي ويا هجن، اهي ڇا چورائيندا جانِ عزيز... رعب تاب لاءِ خالي چھري مان ڪم ڪٿي ٿو هلي. لباس، انداز ۽ هيئت بہ اهڙي ئي کپندي آهي....“ اکيون مٿي ڪيم، پر ملايم ڪونہ. ملائي هاڻي ڪرڻو بہ ڇا هيو.... مون نٿي چاهيو تہ ڦارون ڦارون ٿيندڙ دل مان نپوڙجندڙ رت، کيس منھنجي اکين ۾ نظر اچي. ٽيپا ڪريا تہ داغ ڪمال جو ٺھي پوندو.
”مون سان محبت هاڻي ڪانہ اٿئي نہ....؟“
اهو ٻيو چھڪ هو، جيڪو هن مون کي ڏنو هو. هاڻي نگاھہ ازخود ملي وئي ۽ لفظ ترڪندا نڪرندا رهيا.
”محبت، محبت هوندي آهي، هاڻي يا اڳ ۾ سان ان جو ڪوبہ تعلق نہ هوندو آهي جانِ عزيز.... اهو سڪو نفرت جي حڪايتن ۾ بيان ڪبو آهي، جيڪا گهٽ وڌ ٿي سگهندي آهي.... محبت تہ بس ٿيندي آهي. اها احمقن جي سوچ هوندي آهي تہ اها گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي. محبت يا تہ هوندي آهي، يا بلڪل بہ ناهي هوندي. اها ٿوري ٿوري يا گهڻي گهڻي ڪانہ ٿي ٿي سگهي. ايئن ئي، جيئن اعتبار يا تہ هوندو آهي يا بلڪل ناهي هوندو.“ ساھہ کي اڀ ساهي ورائي وئي هئي. ايڏو تڪڙو جملا ٿي نڪتا جو پاڻ کي ئي خبر ڪانہ ٿي پئي. سندس مُک تي هلڪو زهر چڙهي آيل محسوس ٿيو.
”توکي ڪڏهن بہ منھنجي ڪيفيت جو ٺيڪ اندازو ناهي ٿيو، تون ڪڏهن بہ مون کي پوريءَ ريت سمجهي ناهين سگهيو.“ هن ڳيت ڏني، لڳم وات ڪوڙو هئس، تڏهن تہ سندس لفظ ڪوڙا هئا.
”مون توسان محبت جي دعويٰ ڪئي هوندي تہ ڪئي هوندي، باقي توکي سمجهڻ جو دعويدار مان ڪڏهن بہ ناهيان رهيو. محبت، سمجهڻ نہ چاهيندي آهي، جي سمجهي ڪئي وڃي تہ عاشقيءَ جا سڀ دعويدار، مقامن ۾ ملندا. سمجهبو تہ صرف سوداگريءَ ۾ آهي چري....“
عجيب چڙ وچان هن چئي ڏنو، ”هاڻي، مان توسان لفظن ۾ تہ نٿي پھچي سگهان نہ.... تون آهين عالم، اديب، فاضل.... جملن جو گهڙڻ تہ تنھنجي ڏائي هٿ جو کيل آهي صاحب!“
”اسان جھڙن جو اهو ئي الميو هوندو آهي سانئڻ.... جي اسان جي لڏي جو ڪو وجود ماٺڪو رهندو آهي تہ مٿس غرور جو ٺپو لڳايو ويندو آهي، جي هو ڳالھائي تہ پوءِ نہ پڄڻ کان پوءِ، کيس اهي تير تفنگ هنيا ويندا آهن تہ تون تہ اديب آهين، توسان ڪير پُڄي؟“
”تہ تون ناهين ڇا....؟“ هن چَپ کي چَپ سان ڪٽيو.
”آهيان تہ سھي.... ان کان ڪھڙو انڪار آهي....“
مون وري ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. الاءِ ڪيتري دير ماٺ ڇانيل رهي. لفظن جون ڪنڊون ڀڄي پيون هيون ۽ گول لفظ تہ خالي گيلاٽيون ئي کائي سگهن ٿا. سماج ۾ اهڙا عجيب رشتا ٺھي ويندا آهن، جن ۾ اڳيان جي ڪابہ منزل نظر نہ ايندي آهي. انسان اڻ ڄاڻائيءَ يا وري ڄاڻ ۾ ئي ان ’سحر‘ جڪڙجي ويندو آهي.... نہ کڏو نظر ايندو آهي ۽ نہ ئي وري اهو کڏو نگاھہ کان اوجهل ٿيندو آهي.... ڪِرڻ ۾ عافيت محسوس ٿيندي آهي ۽ ڌڪ لڳڻ جو خوف بہ گڏوگڏ هلندو آهي. عمرِ عزيز جي حوالي سان اسين ٺيڪ ٺاڪ دير سان مليا هئاسين ۽ بس.... اهو هڪڙو نقطو ئي ڪافي هو.... پر دل بھرحال تہ نادان آهي نہ.... دماغ سان پُڄي نٿي سگهي ۽ جي پڄي سگهي ٿي تہ اهو چاهي نٿي.
”ماڻھو دير سان ڇو ملندو آهي صاحب.... سائين جاني.“ هن وري ڳيت ڏني. نڙيءَ جون نسبتون ڪجهہ عجيب ٿي رهيون هئس. آواز ۾ نمي ڀرجي رهي هئي. ”اهو شڪر ڪر اَنِي.... تہ ملندو تہ آهي نہ.... جي اهو سڀ بہ نہ ٿئي تہ ڇا ٿو ڪري سگهجي. عمرِ عزيز ساٿ نہ ڏئي.... جي نصيب ۾ اهو نہ هجي تہ ڪير ڪنھن سان ڪٿي ملي سگهي ٿو؟ وڇوڙو تہ تلوار کڻي گهمندو ٿو رهي.“
سندس نيڻ هاڻي ڇلڪڻ لڳا هئا. پريان، اداس شام جو اداس عڪس، ماحول کي جڪڙي رهيو هو. ڪنھن ريڊيو لڳائي ڇڏيو هو. انور وسطڙي جي آواز ۾ ڄڻ شام لھي آئي هئي:
اڄ پيار پڄائڻ جي ڪئيسون، هن مون کي مڃيو، مون هن کي مڃيو
پردن کي هٽائڻ جي ڪئيسون، هن مون کي مڃيو، مون هن کي مڃيو
هن مون ڏي نھاريو. سندس سڏڪا انور وسطڙي جي آواز سان ملڻ لڳا:
ڪٽي ڏينھڙا نيٺ عذابن جا، ڪري پردا دور حجابن جا
هڪ ٻئي ۾ سمائڻ جي ڪئيسون، هن مون کي مڃيو، مون هن کي مڃيو
هُو، هُو نہ رهيو، مان مان نہ رهيس، هُو مون سان مليو، مان هُن سان مليس
کنڊ کير ملائڻ جي ڪئيسون، هن مون کي مڃيو، مون هن کي مڃيو
مون کي سمجهہ ۾ نہ آيو، هنن لمحن ۾ ڇا ٿو ڪري سگهجي. مان کيس سڃاڻان ٿو، هوءَ پنھنجو پاڻ کان رسندي آهي تہ پوءِ پنھنجو پاڻ ئي پرچندي آهي. ٻئي جو پرچائڻ کيس ڪڏهن بہ موٽائي ناهي سگهيو. انور جو آواز گهٽ ٿيو، سندس سڏڪا جهيڻا نہ ٿيا:
جڏهن ’مير‘ پرينءَ سان پيچ پيو، تن من ٿي سارو اجرو ويو
نئين جوت جلائڻ جي ڪئيسون، هن مون کي مڃيو، مون هن کي مڃيو
”ڪنھن سان ملڻ اني.... دراصل کيس مڃڻ هوندو آهي. پوءِ ڀلي جلدي ملي يا دير سان.... اهو شرط ناهي. پر اهو ڪنھن شرط کان گهٽ بہ ناهي. هاڻي جي ان ۾ دير ٿي ٿئي تہ دراصل مڃڻائتيءَ ۾ دير آهي.... توهان تہ ڏسي هلو ٿا نہ سرڪار، بنان ڏسڻ جي تہ صرف رب مٺي جي ئي سوچ اچي ٿي. هاڻي جي، دير سان ئي سھي، ماڻھو مليو آهي تہ جايُن ۽ مقامن جي پڪڙ نہ ڪر.... کنڊ کير مير صاحب ملايو نہ.... اهو ئي تنھنجي سوال جو جواب ٿئي. ملڻ کان پوءِ ڪھڙو مقام باقي بچي ٿو، اهو مان نٿو ڄاڻان.... توکي معلوم ٿئي تہ ٻڌائي ڇڏجانءِ.“

(ڇپيل: سومر 26 نومبر 2007ع)

ٽِيُون ڪَنُ (سائين)

ڪيلڪيوليٽر وري کڻي ورتو اٿم.... جڏهن بہ ڪنھن موڙ تي، سفر جي ڪنھن خوشگوار ’ڪنڊ‘ تي رفتار ڪجهہ جهيڻي ٿيندي آهي تہ مون کي پنھنجو ڪالم نگار دوست امتياز ابڙو ياد ايندو آهي. خواب نگر تي الاءِ ڪيترا ’رايا‘ سماعتن جي ور چڙهندا آهن، الاءِ ڪيتريون تيز ڪٽار ابرو نشانہ هڻنديون آهن ۽ الاءِ ڪيترا مرڪندڙ چپ تعريف جو احسان ڪندا آهن، پر امتياز جا لفظ مون کان وسرندا ناهن. ڀوڳن ڀوڳن ۾ سندس اهو ڀوڳ ساڀيان لڳندو آهي. وڏڙن چيو آهي تہ ”لڳو تہ چرچو نہ لڳو تہ ساڀيان“ سو اها ڪيلڪيوليٽر واري ڪٿا، ان ئي زمري ۾ اچي ٿي. جيئن ٻيا سڀ اهي ڪالم پڙهي کلندا آهن، ايئن ئي ذاتي حوالي سان مون کي بہ ’جام‘ کل اچي ٿي.
اهو سڀ پنھنجيءَ جاءِ تي عزيزانِ من.... پر الاءِ ڇو، سڄي حياتي بس ان ’ماپ تور‘ ۾ ئي گذري آهي. جي چپن کِليو هوندو تہ بہ هڪ حد تائين.... جو هڪدم اهو احساس ڀاڪر ۾ ڀري ويو هوندو تہ هر روشنيءَ کان پوءِ جيئن اونداھہ اچڻي آهي ۽ ضرور اچڻي آهي تہ يقينًا هر خوشيءَ کان پوءِ، ڪنھن غم جو تہ ’وارو‘ اچي ئي سگهي ٿو ۽ ايئن ئي وري آلين اکين جي موسمن ۾ دل ۾ اهو گمان ڪَر کڻندو آهي تہ بھرحال اونداھہ کان پوءِ روشني تہ اچڻي ئي آهي. اها بہ مٺي مالڪ جل شانہ جي مھر آهي جو اهو گمان هڪدم ’يقين‘ ۾ مٽجي ويندو آهي. ڏکن جون ساعتون گذري ئي وينديون آهن. گهڙيءَ گهڙيءَ جو ڌڪ، ماپ تور ئي محسوس ڪري ٿي قبلا.... جي وقت جو حساب نہ بہ رکجي تہ بھرحال وقت پنھنجو حساب ڪتاب تہ درست ئي رکي ٿو.... ڪيلڪيوليٽر کي تہ هٿ ۾ کڻڻو ٿو پوي.
اڄ هن ساٿ کي هڪ سؤ پنجهتر ملاقاتون نصيب ٿيون. پوڻا ٻہ سؤ دفعا، اوهان سان ملڻ جي ’سعادت‘ حاصل ٿي آهي، جنھن لاءِ پروردگار جو جيترو بہ ٿورو ادا ڪجي، اوترو گهٽ آهي. حياتي، علم، عقل، تدبر، سوچ، سڀ هن وٽان اچي ٿو، قلم کي طاقت بہ سندس ئي ذات ڏئي ٿي.
صاحبِ علم وٽ حاضر هئاسين.... ڳالھہ ’طلب‘ جي هلي رهي هئي. زندگيءَ جي ’گهرجن‘ جو ذڪر ڪندي، اهو بہ زير بحث هيو تہ سوال ڪيترو ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟ هنن فرمايو، ”سوال دراصل پاڻ جواب هوندو آهي بابا سائين.... جي جواب نہ هجي تہ سوال جي ڪابہ حيثيت نہ هوندي آهي.... بلڪل ايئن جيئن هر جواب، سوال کي ساڻ کڻي ايندو آهي. عقلمند تہ اهو آهي، جيڪو ٻنھين جي ’رمز‘ پروڙي وٺي.... اهو ئي سبب آهي تہ جن کي جوابن جي خبر هوندي آهي، اهي سوال ڪرڻ نہ گهرندا آهن.“
هاڻي اهو سڀ تہ ’عام‘ آهي خواتين و حضرات.... جي جواب جي خبر هجي تہ سوال ڪير ڪندو؟ اها ئي مام ڪنھن ويٺل پروڙي تہ پڇي ورتائين، ”سائين جي جواب جي خبر هجي تہ سوال ڪير ڪندو....؟“ مرڪ سندن مُکَ تي پکڙجي وئي. سوال ڪندڙ ڏانھن گِهري نگاھہ سان ڏسندي فرمايائون، ”پنھنجي انھيءَ سوال جو جواب تون ڄاڻين ٿو نہ....! توکي خبر هئي تہ ورنديءَ ۾ اهو ئي چئي سگهجي ٿو تہ ڪو بيوقوف ئي ڄاتل جواب لاءِ سوال ڪري سگهي ٿو. هاڻي اتي ئي مثال وٺ.... جڏهن توکي خبر هئي تہ پوءِ تو سوال ڇو ڪيو؟“
پڇندڙ ککو وکو ٿي ويو هو.... ماٺ جو دروازو کلي ويو. پاڻ هڪ هڪ ڏي نھاريندا رهيا ۽ پوءِ سندن آواز بلند ٿيو، ”ڳالھہ بيحد سادي آهي مٺا.... ماڻھو تہ هلي ئي سوال جواب تي ٿو، جي اهو سلسلو ختم ٿئي تہ سڀ خاڪ.... سڀ مٽي.... هر کڄيل ساھہ سوال هوندو اٿوَ ۽ هر واپس نڪرندڙ هوا ان جو جواب.... جي اهي سوال جواب جاري نہ هجن تہ زندگي بيھجي وڃي منھنجا ٻچا.... هاڻي اهو تہ ٿيو هڪڙو مثال.... پر اهم ڳالھہ اها سمجهہ تہ داناءَ، پنھنجي نادانيءَ کان واقف هوندو آهي ۽ بس، ٻيا هن ۾ ڪي بہ سرخاب جا پر لڳل ناهن هوندا ۽ نہ ئي وري کيس ٽي ڪَنَ هوندا آهن. ٻن اکين، ٻن ڪنن ۽ هڪ نڪ وارو اهو بہ ساڳيو ئي انسان هوندو آهي. بس فرق صرف اهو ئي هوندو اٿوَ تہ کيس لفظن جي حرمت جي خبر هوندي آهي. هو ڄاڻندو آهي تہ ’بيوقوف جيستائين ماٺ رهي، عقلمندن ۾ شمار ٿيندو آهي.‘ ۽ اهو ئي سبب اٿوَ تہ سندس سوال جو ’ڪاسو‘ تڏهن دراز ٿيندو آهي، جڏهن کيس واقعي بہ جواب جي طلب هوندي آهي.“ سڀ وري ماٺ ٿي ويا هئا. حياتيءَ جي ڪار وهنوار ۾ ماڻھو تہ بس ’ڦٿڪو‘ ئي آهي. ماٺ تہ شايد هڪ واري ئي اچڻي آهي. منھنجي اندر ۾ بہ بس ’بُل‘ ئي هئا. الاءِ ڪيترا سوال ڪَرَ کنيا هئا، پر سندن ڳالھہ جاري هئي ۽ ڄڻ تہ هر سوال جو جواب، خود بخود ملي رهيو هو.
”جيڪو زبان کي، سوال جي زحمت ڏئي ٿو تہ شھزادا....“ هنن مون ڏي نھاري ڳالھايو، ”اهو دراصل پنھنجي اندر کي صحيح نموني ٻڌي نٿو سگهي ۽ جي ڀلا ٻڌي بہ ٿو تہ شايد سمجهي نٿو سگهي. اسان جي اندر ۾ بہ الاءِ ڪيترا ترجمان ويٺل هوندا آهن. هر احساس جي محسوسات لاءِ الڳ الڳ ’انٽر پريٽر‘ تيار ويٺل هوندو آهي. بس.... ڪجهہ محسوس ٿيو ناهي ۽ ٺڪ سوال آيو ناهي. هاڻي جي اسان پنھنجو پاڻ کي ڪجهہ وقت ڏيون نہ.... ۽ پنھنجي اندر جي سوال کي غور سان ڪنايون تہ شايد اسان کي جواب جي بہ سمجهہ اچي وڃي. پر ڇاڪاڻ تہ پنھنجو پاڻ لاءِ اسان وٽ وقت ناهي هوندو، رڳو هڻ وٺ هوندي آهي، ان ڪري اهو موقعو بہ اسان وڃائڻ ۾ ئي خوشي محسوس ڪندا آهيون....“
”ايئن ڪيئن هوندو سائين.“ ڪنھن حُجت ڪئي.... ”جي پنھنجو پاڻ کي نہ ٻڌون تہ پوءِ سوال ڪٿان ٺھي ٿو اچي؟“ سائينءَ هڪ نگاھہ ۾ ڄڻ سڀني کي ميڙي ورتو.... ۽ پوءِ الاءِ ڪيترا لمحا هڪ هڪ ڏانھن واري واري سان نھاريندا رهيا. سڀني کي ڏسي، نظر کي ڄڻ مڪمل ڪندي فرمايائون، ”منھنجي نظر ۾ اوهان جي سوال جو جواب ناهي ڇا؟“
سڀ ڪجهہ عجيب ٿي ويو هو.... اها نگاھہ.... چمڪدار، روشن نگاھہ، سياري جي داٻ ۾ عجيب گرميءَ کي ساڻ کنيو پئي وَتي. وري ڄڻ مونجهہ ٿي وئي. هر ڪنھن کي پنھنجي پنھنجي انومان اچي ورايو. هاڻي هنن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ ان ئي حالت ۾ مخاطب ٿيندا رهيا. ”اصل جواب اسان جي نگاھہ ۾ هوندو آهي بابا.... ڪڏهن ڪڏهن غور ڪندا ڪيو تہ ڪنھن تي بہ کِلون تہ سڀ کان پھرين اسان جون اکيون کِلنديون آهن، چپن جو وارو تہ پوءِ ايندو آهي. جيڪو نگاھہ پڙهي سگهي ٻچا... اهو ئي سوال جي بنياد کي سمجهندو ۽ نگاھہ اها نگاھہ آهي، جيڪا پنھنجو پاڻ ۾ بہ پيھي سگهي بابا... تڏهن تہ سائينءَ فرمايو تہ ’پيھي جا پاڻ ۾.... ڪيم روح رهاڻ‘ نگاھہ اها ناهي نادان، جيڪا ٻئي ۾ سوراخ ڪري. ديد تہ اها آهي، جيڪا پاڻ ۾ ڇيد ڪرڻ لاءِ ’برما‘ کڻي گهمندي رهي. جڏهن پاڻ کي ڏسي وٺندَين تہ سوال سمجهہ ۾ ايندئي. جڏهن سوال سمجهہ ۾ ايندئي تہ جواب هڪڙي صورت وٺندو ۽ جڏهن جواب جي صورت نظر اچي وڃي تہ پوءِ سوال پڇڻ.... ناداني ناهي تہ ٻيو ڇاهي؟ اهو تہ ايئن آهي، جيئن اسين ڪنھن سان ملڻ مھل چئون، ”توهان اچي ويا آهيو؟“ اڙي بابا سائين، آيو ناهي تہ سامھون ڪيئن بيٺو آهي؟ ۽ هڪڙي ٻي ڳالھہ.... سوالن جي بي وزنيءَ ۾ جملي جي آخر ۾ ’نه‘ ضرور ايندو اٿوَ. اهو ’نه‘ جو استعمال ڳالھہ کي شِرڙ وِرڙ ڪري ڇڏيندو آهي... جيڪو بہ پنھنجي سوال جي انت ۾ ’نه‘ کي ڳنڍي.... معنيٰ بي وزن آهي. جواب جو ’اڌ‘ ڄاڻي ٿو، ’اڌ سوال‘ کي پڇي، سوال جي قد کي ڪيرائي ٿو.“ الاءِ ڇا پئي ٿيو، ان جي خبر نہ پئي پي، بس ڄاڻ جي دروازي مان يقين جو اندازو ٿي رهيو هو.
”جڏهن مان بہ اوهان وانگر ڪنھن جاکوڙ ۾ هوندو هئس نہ ابا.... تہ ايئن سوالن جي ڀري ٻڌي هلندو هوس. هڪ واري مون کي مرشد سمجهايو تہ ڌڻي مھربان ٿئي تہ سوال جو دروازو گهٽ کلندو آهي.... هنن ٻڌايو هو تہ جي ڀلا ڪنھن شيءِ جي کوٽ هجي ۽ دستِ سوال دراز ڪرڻو هجي تہ مالڪ کوٽ محسوس ئي نہ ڪرڻ ڏئي تہ سوال ڪٿان ٿيندو؟ مثال طور.... جي بک ئي نہ لڳي تہ مانيءَ لاءِ لٺ هڻبي ڇا؟ اتي مون سوال ڪيو هو تہ ”سائين.... ان ۾ تہ نقصان ٿي ويندو. جي مانيءَ لاءِ بک ختم ٿي وڃي، تہ ماڻھو تہ ڪمزور ٿي ويندو....“ تہ ٺھہ پھہ هنن وراڻيو هو تہ، ”باقي طاقت ڪٿان ٿي اچي؟ تون ڇا ٿو سمجهين تہ توکي طاقت اهو کاڌو ٿو ڏئي؟ يا شفا اها دوا ٿي ڏئي، يا اهو عقل ڪا معجون ٿي ڏئي؟ سڀ ’هن‘ وٽان اچي ٿو ڀوڪ. ها.... اهو بہ چئي سگهجي ٿو تہ هو توکي علم جي اڪير ڏئي ۽ تون ڪجهہ اڻ ڄاتل ڄاڻين يا ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪرين، پوءِ سوال ڪمال آهي، ڄڻ سوني زنجيريءَ ۾ ويڙهيل هجي.“
سائينءَ جي ڳالھہ ٺپ ٺاري ڇڏيا عزيزانِ من.... پڇ پڇان جي هن جھان ۾ لڳو تہ الاءِ ڪيترا تھہ آهن، جيڪي تھہ در تھہ آهن. اسين تہ ٿورو ڪجهہ ڄاڻون ٿا تہ کڳيون هڻڻ ٿا شروع ڪيون. اسان جي تہ ’بساط‘ بہ ڪجهہ ناهي. ’پُوڙئي‘ کي پنھنجي خبر پئي ئي ڪٿي ٿي.
’خواب نگر‘ جي هن موڙ تي، اوهان جي ٿورن مڃڻ لاءِ، ڪھڙو اظھار ڪتب آڻجي. پھرين هڪ سؤ ڪالمن جي مجموعي کي اوهان جيڪا پذيرائي عنايت ڪئي آهي، ان لاءِ هي فقير، اوهان جو ازحد ٿورائتو آهي. توهان جو قرب ۽ احسان، حسين آهن. باقي پنھنجي ڪرت ۽ هنر بابت تہ اندازو ٿئي ئي ٿو.... بس.... جتي جواب جي خبر آهي، اتي پنھنجو پاڻ کان ڪھڙو سوال ڪجي؟ هڪ ڏاهي ڪتاب تي راءِ ڏيندي فرمايو، ”ٻڌين گهڻو ٿو تون.... ڳالھائين گهٽ ٿو.... شايد ان ڪري تنھنجو مشاهدو وسيع ٿيندو ٿو وڃي....“ اتي مرشد سائينءَ جي هڪ سِٽ ڏاڍي ناز مان نھاريندي چئي ”ٻہ ڪن تہ هوندا ئي آهن ابا.... پر هوندا آهن جڳ کي سُڻڻ لاءِ، پنھنجو پاڻ کي ڪنائڻ لاءِ تہ ٽيون ڪن گهرجي ٿو.... جيڪو سدائين بند هوندو آهي. جي اُهو کُلي پوي تہ سمجهہ تہ پنئون بہ ڇڪو ٿئي....“
ٽئين ڪَن جي دعويٰ نٿي ڪري سگهجي.... معزز خواتين و حضرات.... رڳو هي ٻہ ڪن بہ ٺيڪ ٻڌن، تہ سوال جواب جو ميدان درست ٿي سگهي ٿو. ڪھڙا سوال ڪجن ۽ ڪنھن کان جواب ٻڌجي، جڏهن پنھنجو پاڻ ئي ڪا ورندي نٿو ڏئي.... پنھنجي اصلي سماعت کي ئي اسين ميڻ سان ڀري ٿا ڇڏيون.... آواز جي اچڻ جي جاءِ ئي نٿا ڇڏيون تہ باقي ڪھڙا اڪ ڪارا ڪجن....
وري ڪيلڪيوليٽر هٿن ۾ آهي.... گهٽ ۾ گهٽ خواب نگر لاءِ تہ هيءُ هڪ اهم موڙ آهي.... حياتيءَ ساٿ ڏنو تہ اهو ڪيلڪيوليٽر گهٽ ۾ گهٽ مان تہ هٿان نٿو ڇڏي سگهان.... گهڻو ڪجهہ وڃايون پيا، جي اها ڳڻپ بہ وڃائجي وڃي تہ ڪيڏانھن وينداسين؟ اڄوڪي هن موڙ تي اشفاق صاحب واري دعا وري ورجائڻ گهران ٿو.... ”ﷲ پاڪ اوهان سڀني کي سولائيون ورهائڻ جي توفيق عطا ڪري.... آمين“

(ڇپيل: آچر 27 جنوري 2008ع)

چِپڪُو (محبت)

منظور جو آواز، بيڪ ڊراپ ۾ اندر ۾ وڍ وجهي رهيو هو. هوا ساڪت هئي.... پنن جي نہ لڏڻ جي شاهدي ئي ڪافي هئي. ان هوندي بہ، آواز جون لھرون الائي ڇو وڌيڪ ويجهو اچي رهيون هيون.
”او سانولڙا، هيل تہ آءُ.... تو بن مند ۾ ناهي ساءُ....
باغ ۾ ڀنورا موٽي آيا.... پاڻ بہ آءُ تہ ڪريو سرچاءُ....
دل کي ورائن وهم هزارين.... تنھنجو ڪري سپرين سوداءُ....
او سانولڙا هيل تہ آءُ....“

بھار اچي وئي هئي ۽ پرينءَ جي ڏورانھين ڏيھہ هجڻ جو ’شاخسانو‘ ساڻ هيو. اسان جي اندر ۾ اها بھار الاءِ ڇو نہ اچي سگهندي آهي.... شايد نيڻن جي پاڻيءَ ۾ اها طاقت نہ هوندي آهي جو هو وصل جي ٻوٽي کي رت جو ريج ڏئي سگهن. وصل تہ رت گهري ٿو، سَت گهري ٿو.... ايئن تہ ان جي پنکڙي بہ نٿي ٺھي. اسان جي اندر ۾ الائي ڪيترا وڻ سُڪي، ٺوٺ ٿي مرڪن ۽ خوشين جا سڀ پَن ڇاڻي، رڳو غمن جي ٿڙن کي وجود جي ڌرتيءَ ۾ جڪڙيو بيٺا هوندا آهن. عشق جي پاڙ ئي تہ ڪمبخت نٿي نڪري، الاءِ نڪري بہ ٿي تہ شايد اسين ئي ڪڍڻ ناهيون گهرندا.
ان ئي جاءِ تي بيٺل هئس، جتي هُوءَ ڇڏي وئي هئي. ايئن الاءِ ڇو ٿيندو آهي تہ اسان جھڙا عاشقِ ناشاد دل مراد، اتي ئي پنڊ پھڻ ٿي رهجي ويندا آهن، جتي وڇوڙي پنھنجي جهنڊي جو بانس کوڙيو هو. دنيا ۾ هلندي، گهمندي ڦرندي، وقت جو چوڳو چُڳندي، ٻاهريون ماڻھو تہ ’ٺاشا ماشا‘ ڪري وٺندو آهي، اندر اتي ئي رهجي ويندو آهي. کيس ڪيترو بہ ڇڪڻ چاهيون، گِھلڻ گهرون، سندس نابري، نابري ئي هوندي آهي. دنيا جي تختي تي ڪامياب ترين انسان، اندر ۾ ناڪاميءَ جا ’ڍڳ‘ کڻي، پنھنجو پاڻ تي پاڻ ئي کلندو رهندو آهي. کلندو ڇاهي، رت روئندو آهي.
ڌرتيءَ جي گولي تي اها جاءِ، عجيب حيثيت رکندي آهي، جتي هٿ، هٿ کان جدا ٿيندو آهي، اکيون اهو ديدار آخري ڀيرو ڪنديون آهن ۽ اهو بہ عجيب الميو هوندو آهي تہ اهو ديدار، سدائين ڌنڌلو رهجي ويندو آهي. نيڻن جي دٻليءَ مان، الاءِ ڪيترا لڙڪ ٽپ ڏيندا رهندا آهن، ڇلانگون هڻندا ٻاهر نڪرندا آهن ۽ شيشو ڌنڌلو ٿي ويندو آهي.
اهڙي ئي ڪا موسم هئي.... نظر تي ڌنڌ ڄميل هيو، سڄيل اکين ۽ گهٽيل نڙيءَ جي ساٿ ۾ کيس منٿ ڪئي هئم: ”مون کي نہ ڇڏ.... ائين دربدر نہ ڪر.... توکي خبر آهي، تنھنجو نہ ٿي سگهيس تہ ڪنھن جو بہ نہ ٿي سگهندس.“
الاءِ ايئن ڇو هوندو آهي تہ عاشق کان معشوق وڌيڪ هوشيار هوندو آهي. محور جي حيثيت ۾ شايد اهو کيس چڱيءَ ريت معلوم هوندو آهي تہ ناز و ادا ۽ ڪج ادائيون اهڙا ڪم ڪري سگهن ٿيون. جيڪو محبت ڪري، اهو وائڙو وڌيڪ هوندو آهي ۽ جنھن سان محبت ڪئي وڃي، ان وٽ عقل جي ڀنڊارن جي ڪا کوٽ ناهي هوندي.... ڦرجندو گهڻو ڪري عشق ڪندڙ آهي، جنھن سان ڪيو وڃي، ان جي لٽجڻ جا چانسز تمام گهٽ هوندا آهن ۽ شايد اهو هڪڙو اهو نقطو آهي، جو عاشق جي ڳالھہ بي ربط، ڇسي، وائڙي ۽ منڌل هوندي آهي. هو صرف عرض ڪرڻ ڄاڻندو آهي، ڇاڪاڻ تہ کيس حڪم هلائڻ جو هُنر ايندو ئي ناهي. جن سان محبت ڪئي وڃي، اهي تہ حاڪم هوندا آهن، عرضن سان هنن جو ڇا... ۽ شايد اهو ئي سبب هوندو آهي تہ کين حڪم پسند هوندو آهي، پر ڪرڻ. ۽ وٽن لفظ بہ ٺھيل ٺڪيل ۽ سوچيل هوندا آهن، ”تون چِپڪو آهين.... چنبڙين ڏاڍو ٿو.... تنھنجي محبت ساھہ گهٽي ٿي.... لڳي ٿو ڪو آزاد ساھہ نڪري ئي نٿو، ايڏو خيال رکبو آهي ڇا؟“
عشق جي آويءَ ۾ پچندي، جنھن لاءِ حياتيءَ جي هڪ هڪ گهڙي وقف ڪئي هئم، تنھن وٽ محبت لاءِ اها ’ذلت‘ هئي، کيس گهڻو خيال رکڻ بہ ڪُکڻ لڳو هو.
”تون چوندينءَ تہ مان کڻي خيال ڪونہ رکندم.... مطلب.... ايترو گهڻو خيال نہ رکندم.... اينڊي“ زهر مک تي وري پکڙجي ويو هئس. مرڪ جو سھارو وٺندي، چيو هئائين، ”گڏ هلڻ ڀلا لازم هوندو آهي ڇا؟.... هلياسين.... هلياسين.... بس ٺيڪ آهي.... وڌيڪ گڏ نٿا هلڻ گهرون.... اهو بہ ٺيڪ آهي.... ڀلا ڪو لازم آهي ڇا؟ ٽنگ ٽنگ سان ٻڌل تہ ناهي نہ....“
جملي جي نيزي جي اِڻيءَ تي، ڪروڌ جو زهر ٻُرڪيل هو. ننڍڙي هوندي، اسڪول ۾ منڊڪ منڊڪ کيڏندا هئاسين، يا تہ ٻوريءَ ۾ ٽنگون وجهي، ڊوڙ پڄائڻي هوندي هئي، يا ٻن ٽنگن کي گڏ رسي ۾ ٻڌي، ڊوڙائبو هو.... ائين ڪٿي، ڪنھن ڊوڙ ۾، اسان بہ گڏ هئاسين. عمر تہ تمام ننڍي هئي، دماغ الاءِ ڇو شروع کان ئي وڏو هو، جو تصوير ۾ رنگ ڀرڻ ابتدا کان ئي اچي ويا هئا. ان ڊوڙ ۾ مان ڪِري پيو هئم ۽ هن مون کي کڻي گِهليو هو. رَيس بھرحال هارائي ئي ويا هئاسين. جدائيءَ جي ان لمحي ۾ ايئن ئي لڳو پئي تہ مان وري ڪِري پيو هئس ۽ هن واري هن مون کي گِهلڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ محبت جي ٽنگ مان رسو کولڻ لڳي هئي.
”تون ڪونہ مڙندين.... تنھنجي طبيعت کي مان سڃاڻان.... ايترا سال گڏ هليا آهيون، اهو ئي بھتر آهي تہ پاڻ الڳ ٿي وڃون.“ ڪمال هو، طبيعت کي سڃاڻڻ وارو.... طبيعت کي سڃاڻي اهڙا حڪم صادر ڪري رهيو هو. ذلت تہ ذلت هوندي آهي، ان جو ڪو ڪاٿو ٿي سگهي ٿو ڇا؟ الاءِ ڇا ٿيو هو.... ماٺ ڄڻ رئو وجهي ڇڏيو هو ۽ ايندڙ وقت جي ’پڌريءَ‘ جي تياري ڪري رهي هئي. ”هڪ سٺي زندگي گذارجانءِ، پاڻ کي بھتر نموني رکجان ۽ ها.... اهو ڪڏهن بہ نہ وسارجانءِ تہ ماڻھو رڳو ملڻ لاءِ نہ هوندا آهن، اهي وڇڙندا بہ آهن. زندگي رڳو گڏ ناهي هوندي، الڳ بہ گذرندي آهي.“
اڳيان الاءِ ڇا هو.... هن الاءِ ڇا ڇا پئي چيو، ٻڌڻ ۾ نہ پئي آيو. اکين ۽ ڪَنن جو ’ڌنڌ‘ ختم ٿيو هو تہ بي سبب وڇوڙو ٻانھون موڪريون ڪيو بيٺو هو. حياتيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڪرڻ جو عجيب خيال آيو. موت جي ڪشمڪش بہ حسين لڳڻ لڳي، پر الاءِ ڪنھن اهو خيال ڏياريو تہ زندگي، موت کان هڪ ڏاڪو مٿي بيٺل آهي. ساھہ نڪتو ڪونہ، پر دل خالي ٿي وئي. الاءِ ڪيترا ورهيہ ڪيئن گذري ويا هئا. ماڻھو، مرڻ واري سان مري تہ نٿو.... حياتي هجي تہ سڀ سلسلا ٿيندا رهن ٿا ۽ جي زندگي مھلت ڏئي تہ اهي ويران کنڊر وري نگاھہ ۾ اچي ئي وڃن ٿا، جن جو ڪڏهن حياتيءَ جوڀن ۾ سير ڪيو هو.
فون جي گهنٽي وڳي هئي. کڻڻ سان آواز ٻڌل ٻڌل لڳو هو.
”ڪيئن آهين....؟“

هڪ طويل عرصي کان پوءِ، شايد آواز بہ شناس وڃائي ٿو ويھي. آواز ڀلي بدلبو بہ هجي، لھجو سدائين ساڳيو هوندو آهي. حاڪم، حاڪم ئي رهندا آهن. عرض ڪندا آهن تہ بہ اهو عرض، حڪم جي چادر پائي ايندو آهي.
”ٺيڪ آهيان.... توهان ڪيئن آهيو؟“
”فس ڪلاس، اي ون....“ آواز ۾ اهو ئي ٺڙڪو هو. دل چيو، چوانس.... ”اوهان جھڙن لاءِ ئي تہ فرسٽ ڪلاس ٺھيو آهي. باقي ٻيا سڀ ڪلاس تہ اسان جھڙن لاءِ هوندا آهن.“
”ڇا پيو ڪرين؟....“
وري اندر چيو، چوانس.... ڌوڙ پيو پايان.... پر آواز تہ الاءِ ڪٿان ٺھيو پئي ۽ الاءِ ڪھڙي اظھار جو جامو ورتائين پئي: ”آفيس ۾ آهيان.... ڪم پيو ڪيان.“
”مون سان ملي سگهين ٿو؟“
ايڏي ويجهڙائپ سان هن ڳالھايو پئي، جو اهو اندازو ئي نہ پيو ٿئي تہ ڪا جدائيءَ جي موسم، وڻن ٽڻن کي اجاڙي بہ وئي هئي. ڄڻ ڪو عرصو گذريو ئي نہ هو.
”ڪٿي؟.... ڪڏهن....“
”جتي تون چوين....“ کِلَ، کَلَ لاهي رهي هئي.
”ڪو ڪم آهي ڇا؟“ لھجو اگرو ٿي ويو هو.
”ڇو.... ڪم کان سواءِ پاڻ نٿا ملي سگهون ڇا؟.... مائٽ آهيون.... ملي تہ سگهون ٿا.... اصل ۾، توسان ڪجهہ ڳالھائڻو آهي، ڪجهہ مسئلا شيئر ڪرڻا آهن، جي ٿورو وقت هجئي تہ پاڻ ڳالھائي وٺون.“
وري ڪنھن ڪٿي ڪنھن جملي سان سرٻاٽ ڪيو، ”منھنجي سڄي حياتي تنھنجي لاءِ هئي، ان مان ٿورو وقت گهرندينءَ.... اهو تہ مون سوچيو ئي ڪونہ هو.“
لفظ چپن تي نہ آيا، اهڙا الاءِ ڪيترا جملا ٻڌي، اسان درگذر ڪندا آهيون.
”ڪٿي؟“
”جتي تون چوين....“
۽ الاءِ ڪيئن سيني مان تير هٿ سان ڪڍندي چيو هئم، ”ان ئي جاءِ تي ملڻ ٿو گهران، جتي جدائيءَ جو ٻج ڇَٽيو هُيئي.“
سامھون آئي تہ ڄڻ سامھون نہ هئي. الاءِ ڪير آيو هو، دل جي سرخوشي موٽي نہ آئي هئي. لڳو ڄڻ ڪا سرڪاري ملاقات ٿيڻ واري هجي.
جذبا بہ ڪمال هوندا آهن. هجن تہ ولوڙي ڇڏيندا آهن.... اڻ ڏٺل، ڏٺل لڳندو آهي ۽ جي اهي ئي جذبا هٿ ڇڏائين تہ، ڏٺل وائٺل بہ اوپرو محسوس ٿيندو آهي. ڪَنن ۾ سرٻاٽ ٿيو: عشق تہ ٿيو هو نہ؟ يا خالي وقت گذريو هو؟
سندس وجود جو وڻ ڪجهہ نِمي ويو هو. ماڻھو تہ ظالم هوندو آهي، ٺٺ ٺانگر سان رکڻ گهرندو آهي. وقت ’مھا ظالم‘ هوندو آهي، پنھنجون مھرون هڻندو ئي ويندو آهي. سندس سونھن ايئن ئي ڪمال جي هئي، پر ڪٿي ڪٿي لڳو پئي تہ سج لھڻ لڳو آهي.
”مان ڪٿي بيٺي آهيان؟“
هن نگاھہ ۾ رس ڀريو. لڳم، هٿيار تکا ٿي رهيا آهن.
ڪمري جي ڪنڊ ڏانھن اشارو ڪندي چيم، ”اتي.... ان جاري تي، مٿانھين مقام تي.... اتان هيٺ تہ تون لھي نٿي سگهين.“
جملي جي آخر ۾ شايد ڪا ٻرندڙ وَٽ هئي. سندس وجود ۾ ڄڻ ڀنڀٽ ڀڙڪي اٿيو.
اکين مان آب هاريندي چيائين، ”سڀ ڪجهہ آهي، گاڏيون.... گهر.... سٺي نوڪري.... پئسو.... تون ناهين.“
منھنجو ڪنڌ جُهڪي ويو. پھريون ڀيرو ڪنھن چِپڪوءَ اندر ۾ ڪَرُ کنيو.
”ڏاڍو غلط فيصلو ڪيو هو مون... هن سڄي عرصي ۾، سڀ ڪجهہ مليو، پر خبر پئي، تون... تون آهين... توکان سواءِ اهو سڀ بيڪار آهي....“
”هاڻي ڇا ٿي گهرين؟“
”مون سان شادي ڪر.... مون کي پنھنجو نالو ڏي. مون کي ٻيو ڪجهہ بہ نٿو گهرجي.“
وڏو ساھہ کنيائين ۽ ڄڻ ڇلڪي پئي. ڳوڙهن جي قطار، لاڳيتو سفر ڪندي رهي. هاڻي اهي اگهڻ جو اختيارمون وٽ نہ هو.
”تون تہ پھريون نمبر آهين نہ اينڊي.... ٻيو نمبر ڇو ٿي ٿيڻ گهرين، تون پھريون نمبر ئي رھہ.“
”مطلب....“ هن ٽشوءَ جي ڪُنڊ سان، اکين جا پاسا اگهيا.
”مطلب اهو تہ جنھن هيترا سال سنڀاليو، منھنجا ٽڪرا ميڙي ڪٺا ڪيا، ڄاڻي واڻي ٻيو نمبر بڻي، تنھن کي تنھنجي فرمائشي پروگرام تي ٽڪرا ٽڪرا ڪيان، ايئن نہ....؟“
”مون سمجهيو هو.... تو مون سان پيار ڪيو آهي.“
”ڪيو هو.... بلڪل ڪيو هو. بلڪ جي مان پاڻ کان هاڻي بہ پڇان تہ ڪندو هوندس. بقول تنھنجي مان چِپڪُو هئس نہ.... تو وٽ تہ رسي ٻڌل هئي. ٻڌل رسي، ڇوڙجي تہ نشان بھرحال ختم ٿي ئي ويندا آهن، پر چنبڙي ڪجهہ لاهجي تہ کَل جو حصو بہ گڏ لھندو يا لاهڻ وارو محلول تيز هجي تہ ڪو نشان نہ ٺھي.... وقت ۾ اها طاقت ناهي جو محبت جو اسٽيڪر، دل جي ڀِت تان لاهي سگهي. تو ڇڪي لاٿو تہ سڀ اجڙي ويو، ان ڀڳل ڀت تي وقت پلستر تہ ڪيو، پر اڃان رنگ نہ ٿم ڪرايو. اها چَتي اتي نظر اچي ٿي. پيار مون ڪيو هو، سودو شايد تو... جيڪو وري ڪرڻ آئي آهين، پر ڪي ڪي وکر، اڳ ۾ ئي وِڪيل هوندا آهن. ماڻھو رڳو وڇڙڻ لاءِ نہ هوندا آهن.... اهي وري ملڻ لاءِ بہ هوندا آهن.... اهو تو وساري ڇڏيو هو جانِ عزيز.... هاڻي، ڪو چِپڪُو هجي يا نہ... وري ڪنھن نہ ڪنھن مند تي ٽڪرائي سگهي ٿو ۽ ان جي ضرورت، ساھہ سوڙهو ڪري سگهي ٿي، اهو ڪڏهن بہ نہ وسارجانءِ.“

(ڇپيل: آچر 17 فيبروري 2008ع)

شڪ جو فائدو (زندگي)

ڪجهہ سيڪنڊن لاءِ ئي ’بيھڻ‘ عذاب ٿي ويو هو. چِين...پان...پُون... جا الاءِ ڪيترا آواز ڪن کائي ويا هئا...مون مستقل شيشي مان بہ نھاريو پئي ۽ پويان جو منظر ڏٺم ويٺي، ۽ گڏوگڏ انھن ڪجهہ ’مائڪرو سڪينڊن‘ لاءِ منھنجي نظر مٽجندڙ رنگ واري سگنل تي لڳل هئي...پيلي بتي، ڪجهہ لمحن لاءِ ٻري ۽ جڏهن سائيءَ پنھنجو ديدار ڪرايو تہ مون بہ گاڏي اڳتي وڌائي...ان کان اڳ ۾ منھنجي اڳيان بيٺل گاڏيون ’هوا‘ ٿي چڪيون هيون...هنن تہ ڳاڙهي بتي جو لحاظ بہ نہ ڪيو هو ۽ ’زوڪاٽ‘ ڪندا نڪري ويا هئا. پيلي بتي تہ هنن جي ’خاطر‘ ۾ ئي ڪو نہ هئي... اتي منھنجي بيٺل گاڏي جنھن جي سامھون رستو خالي هو يقيناً پونئين لاءِ راھہ جي ’رنڊڪ‘ هئي...رستو ڪشادو هو، پر سگنل موڙ تي هو، ان ڪري اهو سڄو منظر پاڻ پسائي رهيو هو...
گاڏي اڳتي وڌائيم تہ پويان ڄڻ ٻوڏ اچي وئي. ڌڙا ڌڙ سڀ اوور ٽيڪ ڪرڻ لڳا...۽ انھن ئي ماڻھن ۾ هڪ عجيب منظر پلئہ پيو...ڪافي دير کان منھنجي پويان بيٺل گاڏيءَ واري ڏند ڪرٽيا پئي...جنھن مھل مون کي اوور ٽيڪ ڪيائين تہ ڏند ڇڪي، ڪجهہ بڙ بڙ ڪندي، پنجن آنڱري جو اشارو ڪندو ويو. اهو سڄو سين بلڪل واضح هو...۽ مٿان قيامت اها بہ هئي جو هن جنھن تڪڙ ۾ اهو سڀ ڪجهہ ڪيو هو، اها تڪڙ شايد کيس اهو سمجهائي نہ سگهي هئي تہ هو ۽ مان هڪٻئي جا واقف آهيون...جنھن هُنر سان مان لاڳاپيل آهيان، اهو ڌنڌو هو بہ ڪري ٿو...علم جي جھان جا ٻئي سودائي آهيون...علم جو وکر ورهايون ٿا...ٻئي ’ماستر‘ آهيون...
خواب نگر ۾، معزز خواتين و حضرات، اسان جو مطلب ڪا مونجهہ يا ڪو ڌنڌلو عڪس چٽڻ ناهي...توهان روز سياست، ڊپريشن، ڪاروڪاري، ڦرلٽ ۽ ٻين انيڪ ’هڪجھڙن‘ موضوعن تي ڪمال خبرون پڙهيون ٿا...صاحبانِ نڪتہ نواز اوهان کي ايڊيٽوريل جي هن صفحي تي الاءِ ڪيترن حوالن سان گهڻو ڪجهہ سمجهائين ٿا...اتي پنھنجي هن دڪان تي هڪ سوداگر کي بہ ڪجهہ وڪڻڻ جي خواهش ٿئي ٿي...ڪجهہ ٽول، ڪجهہ کيڏوڻا، هتي بہ پٿاريل آهن... وقت جي راند ۾ هارائڻ يا کٽڻ نصيب جي بازي هوندو آهي پر بھرحال، ان بازيءَ ۾ تياريءَ لاءِ تہ ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. زمانو جديد کان جديد تر ٿيندو ٿو وڃي پر بھرحال ماڻھو تہ سيني ۾ اها ئي دل سانڍي ٿو، اکين ۾ ساڳيا ئي خواب وراڪا ڏين ٿا...الاءِ ڇو ايندڙ زماني کان، ويل وقت، ڪجهہ وڌيڪ ويجهو لڳي ٿو...اهي قدر، اهي سوچون، اهي خيال، جنھن تي اسان جا وڏا فخر ڪندا هئا، سنھين چادر پويان، منھن مونن ۾ ڏئي سڏڪندا رهن ٿا...سڏڪن ٿا تہ من ڪير پرچائي سگهي...
انھن سڏڪندڙ سوچن ۾ اهو عمل بہ شامل هو، جيڪو مون سان ٿي چڪو هو...الاءِ ڪيترا خيال هڪ دفعو وري ڪر کڻي اڀري آيا... اهو سڀ جيڪو اسان ٻين ملڪن ۾ وڏي ترتيب سان ڪيون ٿا، ان سڄي عمل جو ڪو ’چوٿائي حصو‘ بہ اسان کان هتي نٿو ٿئي... مٿان وري پنھنجن عملن جي ’رونگ‘ ڪڍڻ بہ اسان ڄڻ پنھنجو فرض سمجهون ٿا... هلو ڀلا... جيڪڏهن مون دير ڪئي هئي تہ ان جي معاوضي ۾ اها ’بڙ بڙ‘ ڪافي نہ هئي ڇا، جو آڱرين جو اشارو بہ ڪيو ويو ۽ سو بہ هڪڙي استاد وٽان... ڇا قانون جي ڪجهہ لمحن لاءِ پاسداري بہ اسان کي ايتري ’بڇڙي‘ لڳي ٿي؟... ڇا اهو اسڪالر... جيڪو ٻاهران هڪ وڏي ڊگري وٺي آيو هو، ٻاهر بہ ڪنھن انگريز کي ائين ئي نوازي آيو هو؟... مڃان ٿو تہ مون سان شناسائيءَ جي جهلڪ رکندي ئي هن ايڪسيليٽر تي زور ڏنو هو پر جيڪي ڪجهہ ٿيڻو هو، سو تہ ٿي چڪو هو... بظاهر هڪ ننڍڙو واقعو، اسان جي ’پت‘ وائکي ڪري ويو هو.
‘زاويہ‘ ۾ اشفاق احمد صاحب ڪجهہ هيئن فرمائين ٿا... ”جنھن زماني ۾ مان روم يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر هئس ۽ سڀني کان ڄمار ۾ ننڍو هئس تہ هڪ دفعي يونيورسٽيءَ ۾ موڪلون هيون... گرمين جو زمانو هو... ٻنپھرن جو مون کي ريڊيو اسٽيشن تي اردو براڊ ڪاسٽنگ ڪرڻي هوندي هئي... جنھن مھل موٽندو هئم تہ سڀ ان مھل آرامي هوندا هئا...ٻنپھرن جو آرام اتي هڪڙو معمول هيو...چئين بجي تائين سڀ سمھندا هئا... ۽ روم جا رستا خالي هوندا هئا ۽ مٿان وري ڪارپوريشن اهو انتظام ڪندي هئي تہ اتي حوض لڳل هوندا هئا...ان وقت روڊ ڌوپجندا هئا ۽ شام تائين ماحول ۾ ٿڌڪار اچي ويندي هئي...صفائي الڳ ٿي ويندي هئي...سو هنن رستا ڌوتا پئي...ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ گاڏي رستي تي آئي پئي...مان پنھنجي گاڏيءَ ۾ ويس پئي...هاڻي ڏسو نہ...هر ماڻھو سان گڏ سندس ’ديسي مزاج’ تہ هوندو ئي آهي نہ...پوءِ هو کڻي دنيا ۾ ڪٿي بہ هليو وڃي...سو گاڏي هلائيندي مون ڏٺو تہ ’گول چڪرو‘ اچي ويو آهي ۽ مون کي مٿان ڦري اچڻو پوندو...هاڻي سوچيم تہ جي ايڏو چڪر ڪاٽيم تہ مزو ڪو نہ ايندو...وچان ٿو هلان...هن مھل، ٻن پھرن جو ڪير ڏسندو...مان جو رستي کي غلط نموني ڪراس ڪندي وچان لنگهنديم تہ ڏٺم تہ اتي هڪڙو سپاهي بيٺو هو. هن مون ڏي نھاريو ۽ ڄڻ ڪا پرواھہ ئي ڪو نہ ڪيائين... ٺيڪ آهي، وڃي پيو تہ ٿو وڃڻ ڏينس... هاڻي مون کي ياد اچي ٿو تہ پنھنجي ڪاميابيءَ تي جو مون رستي جو قانون ٽوڙيو هو، مون خوشي ملھائڻ لاءِ هن ڏانھن مرڪ جو گل اڇلايو...جڏهن هن اهو ڏٺو تہ هن همراھہ منھنجي اها ’عزت’ ڪئي آهي تہ هن سيٽي وڄائي مون کي روڪي ڇڏيو... هاڻي انھن ملڪن ۾ سيٽي وڄائڻ معنيٰ موت... بيھڻ لازمي ٿي ويو. هو ويجهو آيو پھرين سليوٽ ڪيائين... هاڻي مان اندر مان ڏسان پيو... شيشو هيٺ ڪيم تہ چيائين، ”اوهان جو لائسنس؟“ مون چيو، ”مون کي اوهان جي زبان نہ ٿي اچي“...
هن چيو ”سٺي تہ ڳالھائين ٿو...لائسنس اورتي ڪر...“
مون چيو ”فرض ڪيو ڪنھن وٽ پنھنجو لائسنس نہ هجي تہ هو ڇا ڪري؟...“ تہ هن چيو تہ ”ڪا ڳالھہ ڪانھي...مان اوهان جو چالان ٿو ڪري ڇڏيان...پرچو ڦاڙيان ٿو...اوهان ڏنڊ جمع ڪرائي ڇڏيو... مون تہ ائين ئي لائسنس گهريو پئي...“
مون چيو، ”مون کان غلطي ٿي وئي...“ هن چيو ”ٿي وئي هئي تہ هليا وڃو ها...“ هاڻي هن مون کان بنا ڪجهہ پڇڻ آکڻ جي ڪاپي ڪڍي پرچو ڦاڙيو ۽ چالان ڪري ڇڏيائين...چالان بہ سخت...ٻارنھن آنا... مون پرچي وٺي پڇيو ”هن جو ڇا ڪيان؟“ هن چيو ”پنھنجي ڪنھن بہ ويجهي ٽپال گهر جي دٻي تي اها رقم جمع ڪرائي ڇڏيو ۽ بس...“
هتي ڌڪا کائڻا ناهن هوندا... سڀ ڪجهہ سولو هوندو آهي. گهر اچي مون پنھنجي گهر جي مالڪياڻيءَ کي ٻڌايو تہ ”منھنجو چالان ٿي ويو آهي، مان ڇا ڪيان؟“ هاڻي هن جو سلوڪ اهڙو ٿي ويو، ڄڻ گهر ۾ ڪو ڌاڙيل اچي ويو هجي... هن پنھنجي ڌيءَ کي ٻڌايو تہ، ”پروفيسر جو چالان ٿي ويو آهي.“ پنھنجي سس کي بہ ٻڌايائين... سڀ روئندا پٽيندا مون وٽ آيا ۽ چيائون تہ، ”تون تہ شريف لڳندو هئين... ڪنھن چڱي گهر جو...سٺي خاندان جو...اسان توکي ڪمرو مسواڙ تي بہ ڏنو هو...پر تون اهڙو نہ نڪتين...“
خير... هنن گهران تہ نہ ڪڍيو پر ايترو چيائون تہ، ”پاڙي ۾ اها خبر نہ پوڻ گهرجي تہ پروفيسر جو ڪو چالان ٿيو آهي...“ چيومان تہ، ”فڪر ئي نہ ڪيو... ڪنھن کي بہ خبر نہ پوندي...“ هاڻي مان هئس ڇويھن سالن جو تنھن وقت... پرچي وڌم کيسي ۾ ۽ سنگت سان نڪري ويس. ٻئين ڏينھن مون کي ڏنڊ جمع ڪرائڻو هو... سو وسري ويو... ٽئين ڏينھن اهو ڪوٽ گهر رهجي ويو، جنھن جي کيسي ۾ اها پرچي هئي. شام جو مون کي هڪڙي تار ملي تہ ”سائين پروفيسر صاحب... فلاڻي جاءِ تي فلاڻي ڏينھن فلاڻي سپاهي نمبر اوهان جو چالان ڪيو هو... هي پرچي نمبر آهي... توهان هن وقت تائين ڪٿي بہ پئسا جمع ناهن ڪرايا... اها قانون جي انحرافي آهي... مھرباني ڪري اهي جمع ڪرايو، توهان جي مھرباني ٿيندي...“ هاڻي ان تار جي قيمت ايڪيھہ رپيا کن هئي. مون کان وري ويسر ٿي وئي... وري هنن جي تار آئي، ”جيڪڏهن اوهان هاڻي بہ ڏنڊ جمع نہ ڪرايو تہ پوءِ اسان کي افسوس سان معاملو عدالت ۾ پيش ڪرڻو پوندو...“ مون کان وري لاغرضي ٿي وئي... تان جو عدالت مان پيشيءَ جو سمن اچي ويو تہ فلاڻي تاريخ تي عدالت ۾ پيش ٿيو. اوهان جيڪو قانون ٽوڙيو آهي... ان جي لاءِ پورو پورو انصاف ڪيو ويندو... هاڻي اچي منھنجي حالت خراب ٿي... اتي مون وڪيل ڪرڻ لاءِ سوچيو تہ ڪنھن صلاح ڏني تہ پروفيسر صاحب پاڻ سنئون سڌو عدالت ۾ وڃ... وڃي عرض ڪر تہ، ”مان هتي پرڏيھي آهيان... زبان ٺيڪ ڄاڻان نہ ٿو...معافي ملَي... آئيندي ائين ڪو نہ ڪندس...“ هاڻي مان ڊڄندو ڊڄندو ڪورٽ ويس... مون کي ترتيب سان سڏ ٿيو. اندر ڪٽھڙي ۾ بيھاريائون... عدالت مون کان پڇيو تہ ”توهان تي ٻارنھن آنا ڏنڊ لڳو هو، توهان جمع ڇو نہ ڪرايو؟“ مون چيو، ”مون کان ڪوتاهي ٿي.“ هنن چيو، ”عملي جو ڪيترو نہ وقت ضايع ٿيو؟...پوليس جو وقت خرچ ٿيو...هاڻي عدالت جو ٿئي پيو... اوهان کي ان ڳالھہ جو احساس آهي؟ اسان اوهان کي ڪڙي سزا ڏينداسين.“ مون چيو، ”مان پرڏيھي آهيان...گهڻو قانون نہ ٿو اچيم...مون تي مھرباني ڪيو...“ عدالت چيو، ”توهان زبان تہ ٺيڪ ٿا ڳالھايو...وضاحت ڪيو پيا ٿا...اهو ٻڌايو اوهان ڪندا ڇا آهيو؟“ مان چپ هئم...عدالت وري چيو ”عدالت اوهان کان پڇي ٿي تہ توهان ڪير آهيو ۽ اوهان جو ڌنڌو ڪھڙو آهي؟...“ مون چيو، ”مان هڪ ٽيچر آهيان... پروفيسر آهيان روم يونيورسٽي ۾...“ بس منھنجو اهو چوڻ ۽ جج صاحب ڪرسي پاسي تي ڪري هڪدم اٿي بيٺو ۽ اعلان ڪيائين تہ، ”استاد، عدالت ۾ آهي...استاد عدالت ۾ آهي...“ هاڻي سڀ اٿي بيٺا... منشي، ٿاڻيدار، عملدار... جج صاحب حڪم ڏنو تہ ”ڪٽھڙي ۾ ڪرسي آندي وڃي... هڪ استاد عدالت ۾ آيو آهي...“ هاڻي، هن ننڍڙي ڪٽھڙي ۾ مان بيٺو آهيان... ڪرسي اچي وئي... حڪم ٿيو، ”اوهان استاد آهيو، اوهان لاءِ بيھڻ مناسب ناهي...“ هاڻي جج ڳالھائڻ شروع ڪيو، ”اي معزز استاد، اي دنيا کي علم عطا ڪندڙ استاد، اي محترم ترين انسان...توهان ئي اسان کي عدالت ۽ عدل جو حڪم ڏنو آهي... توهان ئي اسان کي اهو علم پڙهايو آهي ۽ اوهان جي ڪري ئي انھي هنن عھدن تي پھتل آهيون...تنھن ڪري اسين اوهان جي حڪمن جي ڪري ئي مجبور آهيون... تہ عدالت جيڪو ضابطو قائم ڪيو آهي، ان مطابق اوهان کي چيڪ ڪيون... ان جي باوجود، جو اسان کي سخت شرمندگي آهي ۽ اسين بيحد ڏکارا آهيون تہ اسين هڪ استاد، جنھن کان محترم ڪو بہ نہ هوندو آهي، کي پنھنجي آڏي پڇا حوالي ڪيون... ۽ اهو ڪنھن جج لاءِ بہ ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ لمحو آهي جو هن عدالت ۾ ڪو استاد جواب ڏيڻ لاءِ موجود هجي...“ هاڻي مان سخت شرمندو هجان...مون چيو ”سائين... اوهان جو جيڪو قانون آهي، توهان ان مطابق سلوڪ ڪيو...“ جج چيو ”اسين بيحد شرمندگيءَ، ڏک ۽ الم سان، توهان تي ٻيڻو ڏنڊ وجهون ٿا... هاڻي اوهان ڏيڍ رپيو ڀريندئو...“ هاڻي جڏهن مان اتان ٻاهر نڪتس تہ جج صاحب ۽ سندس سڄو عملو منھنجي ڪڍ اچَي پيو تہ جيئن پوري احترام سان رخصت ڪري سگهي... مان چوان منھنجي جان ڇٽي... هو سڀ مون کي موٽر سائيڪل تي ڇڏڻ آيا ۽ جيستائين گاڏي اسٽارٽ نہ ٿي، سڀ اتي باادب بيٺا رهيا...
ڳالھہ بنھہ سادي آهي معزز خواتين و حضرات... الاءِ ڇو، اسان کي ڪا بہ حد بندي سمجهہ ۾ نہ ٿي اچي... نہ پنھنجي نہ ڪنھن ٻئي جي... اسين ان زعم ۾ ئي خوش آهيون تہ جيڪڏهن اسين حال مان بيحال ڪرڻ جو هنر ڄاڻون تہ ڪمال ٿي ويندو... ڪنھن جو ڪھڙو ۽ ڪيترو مقام آهي... ان کي اسين ڄاڻڻ ناهيون گهرندا... البتہ پنھنجي مقام جو تعين ڪرڻ اسان کي خوب ايندو آهي...پر اتي انھن پنھنجن مثالن کي غور سان پڙهندي، اچو تہ سوچيون ٿا...ڇا اسان کي پنھنجي مقام جو تعيُن بہ ٺيڪ نموني سان ڪرڻ اچي ٿو...جيستائين ٻيا سمجهائين، ڇا اسين پنھنجو پاڻ کي سمجهائي سگهون ٿا...هڪ استاد ائين ڪري تہ ڪھڙي ’قيام‘ نہ ٿيندي؟ شديد پريشاني ٿي وئي آهي... هڪ اعليٰ ارفع درجي جو صاحب جيڪڏهن ائين ڪري سگهي ٿو تہ عام ماڻھو تہ ڪجهہ بہ ڪري سگهي ٿو...ڇا ان وسيع علم واري ماڻھوءَ کي، جنھن جو هنر ڄاڻ سان لاڳاپيل آهي، پنھنجي درجي جي خبر نہ ٿي پوي يا هو اها خبر رکڻ نہ ٿو گهري. جيڪڏهن اسين کيس ’شڪ جو فائدو‘ ڏيندي، اهو بہ سوچيون تہ ٿي سگهي ٿو تہ هن تڪڙ ۾ ائين ڪيو هجي تہ ڇا اهو شڪ جو فائدو... هن لاءِ جائز ٿي سگهي ٿو؟

(ڇپيل: آچر 9 مارچ 2008ع)

هيءَ ڪھاڻي بہ ختم ٿي (زندگي)

خيرن سان هي ‘قصہءِ پارينہ‘ بہ پنھنجي پڄاڻيءَ کي پھتو، هيءَ ڪھاڻي بہ ختم ٿي.
موڪلائڻ جي مھل اچي وئي آهي. فقير، در جي ڏيڍيءَ تي پھچي، هڪڙي نگاھہ رڳو ورائي ڏسڻ ٿو گهري. ڇاڪاڻ تہ هاڻي هي دروديوار ۽ اهي ايوان وري نظر نہ ايندا. اڱڻ ۾ رکيل ڪونڊين کي جي پاڻيءَ جو نصيب ملڻو آهي تہ هاڻي اهو ڪنھن ٻين هٿن سان ملڻ گهرجي... گهڻو ٿيو... الاهي کيڏياسين... نصيب جي بازيءَ کي ڀلا ڪيتري اٿل پٿل پئي ڪرائجي... ۽ هونئن بہ مسافر کي ڪنھن ’ڍاٻي‘ تي ترسڻو ئي ڪيترو آهي؟
هڪڙو ڀيرو اڳ ۾ اهو واعدو ڪيو هو... وڏي دهمان سان رخصت ٿيڻ جي ڳالھہ ڪئي هئي، پر پوءِ ڪجهہ اهڙو ٿي ويو، جو موٽي اچڻو پيو...هن واري اهو پڪو پھہ ڪيو آهي تہ ڪجهہ بہ ٿي پوي... ڪنھن بہ قيمت تي هاڻي ’واپسيءَ‘ جو رستو ئي ياد ناهي رکڻو... هٿ ٻڌي موڪلائجي ۽ پير ڇھي، عرض ڪجي تہ سائين، دعا ڪجو... اڳتي جو سفر نصيب ۾ هجي ۽ پوئتي ورڻ جي ڪا ڪھاڻي وري پلئہ نہ پئي...
حياتيءَ ۾ معزز خواتين و حضرات، الائي ڪيترا ڀيرا پنھنجو پاڻ سان ڳالھائڻو پوندو آهي، ٻڌل اڻ ٻڌل آوازن جا الائي ڪيترا منجهيل سٽ سلجهائڻا پوندا آهن... الائي ڪيترا گم ٿيل ڇيڙا هٿ ايندا آهن ۽ وري گم ٿي ويندا آهن... پنھنجو پاڻ تي اعتبار موٽي بہ ايندو آهي ۽ وڃائجي بہ ويندو آهي... هنن ساعتن ۾ اها خواهش شديد ترين آهي تہ پاڻ تان گم ٿيل اعتبار وري موٽي نہ ملي، تہ اها وڏي ڪرم نوازي آهي. جو ملي وري ڇنجي ويو تہ حياتيءَ کي ڪنھن پل قرار نہ ايندو... بي اعتباريءَ جو وري پنھنجو هڪڙو مزو هوندو آهي. دنيا جي شديد ترين المين مان هڪ الميو اهو بہ هوندو اٿو تہ توهان سمجهو تہ سامھون واري کي مون تي اعتبار آهي ۽ دراصل اهو سڀ ايئن نہ هجي. هتي ئي ڪٿي خواب نگر ۾ عرض ڪيو هئم تہ اعتبار، محبت، اعتماد يا تہ هوندو آهي، يا نہ... اهو ڪنھن ڪٿ ۾ ناهي هوندو... توهان اهو چئي ڪنھن تي ڪو احسان نٿا ڪري سگهو تہ ”مون کي توتي پنجاھہ سيڪڙو اعتبار آهي“ يا وري... ”توهان سان اسي سيڪڙو محبت آهي.“ اهي عمل يا تہ ڪُلي طور تي هوندا آهن، يا نہ هوندا آهن... بلڪل ائين جيئن طب جي قانونن مطابق دل يا تہ پنھنجي مڪمل جوش سان اوهان کي سڏ ورائيندي يا وري موڪلائي، وري نہ اوهان جي صدا ڪنائيندي...
هڪ سئو ٻيانوي ڪالمن تائين پاڻ پھتاسين. تقريبن چئن سالن جي هن ساٿ ۾، قدرت واري اسان سڀني کي خوب نوازيو. جتي ڏات جي نسبت عطا ٿي، اتي وري سوچ جا دروازا بہ ٺيڪ ٺاڪ کليا. اخبارن جي جھان ۾ ’بي خبر‘ ڪالم، جنھن ۾ ’چَسڪو‘ نہ هيو، اوهان جي مھربانيءَ جي مسند جي ڪري چار بھارون ڏسي ويو. ان ڳالھہ کي مڃڻ ۾ ڪو بہ عيب ڪونھي تہ ’خواب نگر‘ ۾ ’خبر‘ بلڪل بہ ڪو نہ هئي. اشوز بہ جيڪي کنياسين، سي بہ بي خبريءَ جي جھان جي خبر ڏيندا رهيا، پر بھرحال وقت جي پل جي هيٺان هي پاڻي بہ لنگهڻو هو، سو لنگهي ويو.
خواب نگر معرفت، اوهان جي حضور ۾ حاضري ڏيڻ جو ’سواد‘ بہ ڪمال رهيو. هنن چئن بھارن ۽ خزائن ۾ هر هفتي اها سوچ، هر ڏينھن تي اندر جو در کڙڪائيندي رهي تہ ڪرڻو ڇا آهي؟ ڇا تي لکڻو آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن فٽافٽ سومر اڱاري تي ئي ڪم ٿي ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڇنڇر جَي صبح پريشان ڪندو هو... هڪ لحاظ کان اها حاضري بہ ڄڻ عادت بڻجي وئي ۽ يقينن عادتن جو مٽجڻ دنيا جي ڏکين عملن مان هڪ آهي، پر عزيزان محترم، ڏکيا ڪم بہ تہ ڪرڻ لاءِ ئي هوندا آهن... هر دروازو جيڪو کلي ٿو، ان کي نيٺ بہ تہ بند ٿيڻو آهي... ۽ ها اجل جو دروازو، جنھن کي اسين بند رکڻ ٿا گهرون، نيٺ بہ تہ کلڻو آهي نہ قبلا... ۽ ان در مان لنگهڻو بہ آهي.
هونئن ڪڏهن ڪڏهن ائين بہ ٿيندو آهي تہ سامھون وارا دروازا بند ناهن ڪندا، پر اسين پاڻ ئي ان کي ’بند‘ تصور ڪري وٺندا آهيون. دل ۾ ڪو گوشو اهڙو کلي پوندو آهي، جيڪو اوهان کي هڪڙو عجيب احساس ڏياريندو آهي تہ بس... هاڻي ٺَڪ ٺَڪ ڪرڻ، کڙڪائڻ ’بيسُود‘ آهي، نگاھہ جي ناوڪ ’مڏي‘ ٿي وئي. ڀاڪرن ۾ جي گرميءَ جي اميد ئي نہ رهي تہ هٿ ملائڻ وڌيڪ بھتر هوندو آهي... ۽ هونئن ائين بہ هوندو آهي معزز خواتين و حضرات، تہ الائي ڪيترا وجود هن جھان ۾ ’اُٺ ڪتابن جا‘ پڙهي بہ ان عمل کان اڻ واقف ئي رهندا آهن تہ ڪنھن کي ڪٿي رکڻو هو... ڪنھن کي ڪٿي... جنھن کي ايڏو ’اوڏو‘ کڻي آياسين، اهو تہ ازل کان ئي’ڏور‘ هيو سائين... ۽ جنھن کي وڃائي ڇڏيوسين، سو تہ ڏور ويو ئي ڪو نہ... جنھن سان اظھار ڪرڻ هيو، ان سامھون اکر بہ نہ ڪڇي سگهياسين ۽ جنھن سان نہ ڳالھائڻو هئو، ان سان الائي تہ ڪھڙا ڪھڙا ’حوال‘ ڪٽي آيا آهيون... حياتي اهو ئي گورک ڌنڌو آهي، معزز صاحبان عقل و فن... جن کي بہ اهو علم آيو ۽ علم تي عمل جو ’توازن‘ نصيب ٿيو، سمجهو، دل جي درد کان بچي حياتي گذاري ويو... جنھن کي ڳالھہ چوڻ آئي... ۽ نہ صرف چوڻ آئي، پر مٿس عمل جي بہ سگهہ رکي ويو... سو ئي ڪمائي ويو... ’خواب نگر‘ جي هن شمعدان جي وَٽِ ۾ ڪجهہ تيل جا آخري ڦڙا بچيل آهن، جن ساعتن ۾ استاد محترم اشفاق احمد صاحب جي هڪڙيءَ ڳالھہ جو ترجمو شامل ڪرڻ جي خواهش شديد ترين آهي...
”دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ ائين نٿو ٿئي تہ بس ڳالھہ چئي وڃي ۽ اها ذهنن ۾ لھي وڃي... اسان سوچيندا آهيون تہ ڪو ڪتاب، ڪو رسالو ڪڍون، يا ڪو پروفيسر پنھنجي شاگردن کي اهڙو درس ڏئي، جيڪو سندن ذهنن ۾ لھي وڃي ۽ منجهن ايڪو ۽ اتحاد پيدا ٿي وڃي، تہ ائين ناهي ٿيندو...ائين ڪڏهن بہ ناهي ٿيندو، دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ ۾ ائين ناهي ٿيندو. ان جو مطلب اهو ناهي تہ ’قول‘ جي ڪا اهميت ناهي ...چوڻي...ڪا ئي حيثت نٿي رکي، بلڪل رکي ٿي، پر باباجِي فرمائين ٿا تہ قول تہ هڪ سواري آهي، جيڪا توهان کي عمل جي ڪناري ڏانھن وٺي ويندي آهي. خرابي اها ٿيندي آهي تہ اسين قول جي سواريءَ ۾ سوار بہ ٿيندا آهيون، ان ٻيڙيءَ ۾ ويھندا بہ آهيون، ونجهہ بہ هلائيندا آهيون، عمل جي ڪناري تائين بہ پھچندا آهيون، پر اتي پھچي، ان ٻيڙيءَ جي جند ناهيون ڇڏيندا...ان ۾ ئي ويٺا هوندا آهيون ۽ اها ڪناري جي ويجهو ئي چڪر ڪاٽيندي آهي، عمل جو ڪنارو سامھون هوندو آهي ۽ اسين ان طرف ويندا ئي ناهيون... اسين رڳو اها ڪوشش پيا ڪندا آهيون تہ پڙهيل لکيل، سمجُهو نوجوان اسان سان هجن، هاڻي رڳو ملاقات ۽ ڊائلاگ وسيلي ڳالھہ هنن تائين پھچائجي ۽ بس... هاڻي اهو سڀ ائين ڪڏهن ڪو نہ ٿيندو... ڪڏهن بہ نہ...ڇاڪاڻ تہ انسان جو وجود... ان جي نفسيات، سندس هجڻ... ان ڳالھہ تي زور رکندو آهي تہ ڪير کيس ٻڌي... ۽ سندس ڏک سور ۾ شريڪ ٿئي... هي جو توهان گهڻو ڪري ڏٺو آهي، اڄڪلھہ خودڪشيون پيون ٿين، خود سوزيون پيون ٿين، تہ عام طور تي هڪڙو سٺو صحافي اهو ئي چوندو تہ ڇاڪاڻ تہ نوڪريون نٿيون ملن...بک بدحالي گهڻي آهي... تنھن ڪري اهو سڀ ائين ٿئي پيو... مان چوان ٿو... ڳالھہ ائين ناهي... هن وقت پاڪستان جو نوجوان، خاص طور عام ماڻھو ان ڪلھي جي ڳولا ۾ آهي، جنھن تي هو پنھنجو مٿو رکي، پنھنجو ڏک بيان ڪري سگهي ۽ ڪير ئي ڪونھي، جو کيس ڪلھي ڏيڻ لاءِ تيار هجي، ڪنھن وٽ بہ تہ وقت ناهي... اڳيَن زمانن ۾، اسان جي زمانن ۾ ڏک سور سلڻ لاءِ ماڻھو هڪ ٻئي سان ملندا هئا. ولايت وارن وري اهو طريقو ڪڍي ورتو جو هو ڏک سور ٻڌڻ لاءِ پئسا ٿا وٺن، هي جيڪي سائيڪاٽرسٽ هوندا آهن، سائيڪوٿراپسٽ هوندا آهن، اهي اوهان کان ٽي سئو ڊالر ڪلاڪ جا وٺندا ۽ چوندا تہ ”پرينھن وري اچي اچجانءِ. تون پنھنجا ڏک سُور مون سان بيان ڪر ۽ مون کي پئسا ڏئي وڃ.“ هاڻي ڏک ٻڌڻ بہ هڪ علاج آهي... تہ اهو ڪير ٻڌي ۽ مفت ۾ ٻڌي. اهو علاج جيڪو اسان وٽ پھرين مفت هوندو هو ۽ خلوص ۾ ويڙهيل هوندو هو، اهو هاڻي ڪونھي... عرض ڪيو تہ... قول آهي، عمل ناهي. هڪ ڀيري اسين لاريءَ تي جوهر آباد وڃي رهيا هئاسين... پراڻي زماني جي ڳالھہ آهي تہ مون ساڻ لاريءَ ۾ هڪڙو معزز رٽائرڊ سائين بہ ويٺل هو. گرمي ڏاڍي هئي... هن پنھنجو پٽڪو پنھنجي هنج ۾ رکيو هو... هوا هلڪي هلڪي لڳي پئي... هڪڙو علائقو جي آيو تہ هن هڪدم پنھنجو پٽڪو مٿي تي رکيو ۽ ادب سان ويھي رهيو... تہ مان تہ متجسس ماڻھو هئس نہ. مون پڇيو ”سائين هتي ڪنھن بزرگ جي ڪا مزار وغيرہ آهي؟“ چوڻ لڳو ”نہ“... مون چيو ”معاف ڪجو... مون اهو محسوس ڪيو تہ توهان هڪدم پنھنجو پٽڪو هنج مان کڻي مٿي تي رکيو ۽ باادب ٿي ويٺئو...تہ ان جو ڪو تہ سبب هوندو...؟“ چيائين ”ڳالھہ اها آهي تہ مان هن علائقي جو ڄائو آهيان، هتي رڻ پٽ هوندو هو، رڳو واري هوندي هئي، ٻيو ڪجهہ بہ نہ... تہ حڪومت سوچيو تہ ڇو نہ هتي ڪو فصل پوکيو وڃي...تہ هتي ڪير اچي...! هتي تہ ڪو ايندو ڪو نہ هو...هڪڙو ماڻھو آيو، هن اچي هتي جهوپڙي ٺاهي... پاڻيءَ جي ڳولا ۾ پاڻ پتوڙيائين. اهو پھريون ماڻھو هو، جنھن هتي ساوڪ جي سونھن ڏني، جنھن عملي صورت ۾ هن زمين کي سائو ڪيو... تہ مان جڏهن بہ هتان لنگهندو آهيان تہ اها تہ خبر نہ اٿم تہ هو هاڻي ڪٿي هوندو، پر هن جي احترام ۾ مان مٿو ڍڪي باادب ٿيندو آهيان.“
هاڻي ڏسو ٿا... هي ڪيڏيون نہ عجيب شيون آهن... عالم ماڻھو، ڏاها ماڻھو... اسان جھڙا پڙهيل لکيل، پروفيسر، ڳالھائيندڙ، ايڊيٽوريل لکندڙ... چوندا آهن تہ جي ڳالھہ ٻولھہ ٿيندي رهي يا اهڙي قسم جو مواد ڇپجندو رهي، تہ ماڻھو هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو اچي ويندا... جڏهن مان ڏاڍو تنگ ٿيندو هوس...يا ڪڏهن لاڏ ۾ هوندو هوس تہ پڇندو هوس... ”بابا سائين... اهو ٻڌايو تہ دين ڇا ٿيندو آهي؟ اسلام ڇا ٿيندو آهي؟ موت ڪير هوندو آهي؟“ تہ هڪ ڏينھن مون مرشد سائين کان پڇي ورتو تہ ”مسلمان ڪير هوندو آهي؟“... چوڻ لڳا ”مسلمان اهو هوندو آهي، جنھن جي دل صاف هجي ۽ هٿ ميرا هجن“... مون چيو”سائين ڳالھہ ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ آئي.“
چيائون... ”جيڪو ڀائرن جا ڪم ڪندو رهندو، ان جا هٿ تہ ميرا ٿيندا نہ... جيڪو آرام سان ويٺو هوندو، دستانا پائي...ان جو تہ ڪجهہ بہ خراب ناهي ٿيڻو...مسلمان تہ اهو هوندو آهي تہ جيڪو هن لاءِ گارو هڻندو آهي... هن جي گهر سر لڳائيندو آهي...کيس ڪاٺيون ڪري ڏيندو آهي...جيڪو روئي، ان جا ڳوڙها اگهندو آهي مسلمان“... هاڻي اسان کي اها ’وصف‘ ڪنھن ڪتاب ۾ نٿي ملي، عمل ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڇا ڪجي، ڪيئن ڪجي، اهو ڪم ڏکيو آهي... ڳالھائڻ ڏاڍو سولو آهي...“
اشفاق صاحب جي ‘زاويہ‘ جي ان هڪ اقتباس جي ترجمي ساڻ، هيءُ خادم اوهان کان موڪلائي ٿو تہ غير واضح دستانا وڌيڪ واضح ٿيڻ ٿا لڳن. هن نيازمند کي اوهان جي دعائن جي طلب سدائين رهندي... اوهان لاءِ دائمہ دعاڳو رهندس، پر جي اوهان پنھنجا هٿ کڄڻ مھل نہ وساريو تہ ان جو اجر اوهان کي مٺڙو رب ئي عنايت ڪري سگهي ٿو. رخصت ٿيڻ کان پوءِ ياد جي ڏيڍيءَ تي تصور جو پردو ڪجهہ دير لاءِ لڏندو رهندو ۽ نيٺ بہ ٺاپر ۾ اچي ويندو... وري جڏهن ڪا اهڙي لرزش، ڪنھن گلاب چھري جو ڪنھن ’سيم تن‘ سوچ جو ديدار ڪرائي، تہ ياد ڪجو، مھر ڪري ان کي، جنھن تي سندس مٺڙي رب جل شانہ ڪرم ڪيو هو، جو هن جا عيب اوهان کان لڪايا هئائين. تڏهن تہ توهان وٽان کيس ايتري پذيرائي نصيب ٿي هئي.
غالبن فاطمہ حسن فرمائين ٿيون:
ايڪ ڪھاني ختم هوئي انجام سي پھلي هي
يعني ايڪ ستاره ٽوٽا شام سي پھلي هي
چلِي هوا ڪي ساٿ ٿي ليڪن دکون ڪي ماري لھر
ساحل سي هي لوٽ گئي آرام سي پھلي هي
تم سي ملَي تو دل ڪَي درد ڪي دنيا اور هوئي
يُون تو ايڪ تعارف ٿا تيري نام سي پھلي هي
مولا همت ديتا هي تو چلتَي هين ورنہ
کَڙِي هُئي هَي اڪ گردش هر گام سي پھلي هي
وقت ڪَي آذر، هاٿ اُٺا اصنام تراشي سي
ڀرِي هوئي هي يہ دنيا، اَوِهام سي پھلي هي

ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڪي ستارا ٽٽڻ لاءِ راتين جي گَهِري ٿيڻ جو انتظار ناهن ڪندا ۽ الائي ڪيتريون ڪھاڻيون، بنا انجام جي بہ ختم ٿينديون آهن، مٺڙي مالڪ جي حوالي... في امان ﷲ... ﷲ حافظ..

(ڇپيل: آچر 27 اپريل 2008ع)

حاصل... لاحاصل (سائين)

جسم ۾ ضعف اچي ويو هئن، پر آواز جي پاٽ ۾ ڪا بہ ڪمي ڪا نہ هئي. هنن ايئن ئي پوري ’شد مد‘ سان بيان جاري رکيو پئي ۽ ٻڌڻ وارا سدائين جيان مَحوِ حيرت هئا.
”پراڻي ڪٿا آهي اها ٻچا تہ جيڪي لاحاصل آهي، اهو ئي دراصل هٿ اچي ٿو. جيڪي هٿ اچي ٿو، سو دراصل وڃائڻ جي مام آهي. جيڪي مليو سو ڪٿي بچيو؟ سڀ خرچ ٿي ويو... بھانو کڻي ڪھڙو بہ گهڙيون، شرطَ شُروطَ ڪھڙا بہ کڻي رکون... قصو مختصر تہ اهو آهي تہ هٿ تہ بس حاصل ڪرڻ کان پوءِ خالي ئي رهن ٿا... ڪو اهڙو آهي، جيڪو چوي تہ ”ها ٻيلي جيڪو هٿ ڪرڻ چاهين، سو هٿ اچي ويو آهي، ۽ مون وٽ محفوظ رهجي ويو آهي...“
ڳالھہ کي اتي ئي ڇڏي هنن پاڻيءَ جي وٽي مان ٻہ ٽي ڍڪ ڀريا... پاڻي پيئڻ دوران هنن اسان سڀني تي نگاھہ وڌي هئي... ۽ پوءِ الائي ڇو هڪ ئي ساھہ ۾ پاڻي اندر ۾ اوتي ورتو هئائون. الائي ڪيتري عرصي کان پوءِ ’حاضري‘ پلئہ پئي هئي. ملاقاتون بہ نصيب جو کيل هونديون آهن. جن لاءِ ساھہ جي ڏور ’شرط‘ هوندي آهي. حياتي آهي تہ ملاقات بہ ٿيندي رهي ٿي ۽ جيڪڏهن نٿي ٿئي تہ ان جي ٿيڻ جو انومان من ۾ هورا کورا ڪندو رهي ٿو. سوچ جي ڀت ۾ هڪ دري هوندي آهي، جنھن جي ’پَٽن‘ کلڻ ۽ ديدار جي دوا ۽ درمان ملڻ جو يقين پيو تڳائيندو آهي. پنھنجي غير حاضريءَ لاءِ اسين الائي ڪيترا عذر، ڪيترا حيلا ڳوليندا رهندا آهيون. هر هر اهو سبق رٽي اڳيان وڃبو آهي تہ ’هي ٿي ويو ۽ هو ٿي ويو...‘ اهي حيلا بھانا گهڻي قدر اسان کي ڪم بہ ايندا آهن، پر ڪٿي ڪٿي انھن جو گهڙجڻ اجايو هوندو آهي. صاحبِ سوال، سوال حاصل ڪرڻ ئي ناهي گهرندو. سڀ عذر، جواب، گهڙتون، شرمساريءَ جي رئي ۾ منھن لڪائي ’گهونگهٽ‘ ۾ خوار ٿينديون رهنديون آهن. سائينءَ بہ اها ئي ڪار ڪئي هئي. هنن اسان کان ڪجهہ بہ نہ پڇيو هو، ڪو سوال نہ ڪيو هئائون تہ حياتيءَ جي ڪارِ زار ۾ ايترا ڏينھن ڪٿي خرچ ٿيا هئا...! مسافر جو سفر تي نڪتا بہ هئا تہ ’زادِ راھہ‘ ڪيترو ڪم آيو هو! جيڪو اڳ ۾ پلئہ پيو هو، سو ڪٿي ڪم بہ آيو يا بس... بنديون ايئن ئي بند رهيون هيون ۽ ڪنھن بہ ’ڪاڳر‘ اک نہ پٽي هئي، يا سندن سيکاريل ’لکت پڙهت‘ اسان ڪٿي ڪنھن ڪم ۾ بہ آندي هئي! پر ايئن بہ ٿيندو آهي، جنھن وٽ ڏيڻ لاءِ گهڻو هجي، سو ئي ڏئي گهڻو سوال نہ ڪندو آهي... گهٽ ڏيندڙ تہ هر هر پڇندا آهن تہ ”هن جو ڇا ڪندين... ڪھڙي ڪم ايندئي يا ڪھڙي ڪم آيئي؟“
”سو ڳالھہ پئي ڪيم حاصلات جي سھڻا...“ هنن وري سلسلو جاري رکيو... ”ڪا بہ شيءِ جڏهن ملندي آهي نہ... تہ اصل ۾ وڃائجي ويندي آهي. ڳولا جي جستجو ختم ٿي وڃي تہ وزن ڪري پوندو آهي ٻچا... اسان جن لاءِ راھہ تڪيندا آهيون، اهي اچن تہ جيءَ کي قرارن جا ڪوٽ ورائي ويندا آهن. پر انھن سان گهڻو ’جالڻ‘ انھن ڪوٽن کي ڪڏهن ڪڏهن ڪيرائي بہ وجهندو آهي.“
”تہ ان جو مطلب آهي تہ ملڻ گهرجي ئي نہ سائين...!“ ڪنھن سوال جو ڪشڪول دراز ڪيو... سائينءَ جي مرڪ جو سڪو، ڇَڻ ڇَڻ ڪندو ان ۾ ڪرندو رهيو... ”اهو منھنجي ڳالھہ جو مقصد آهي ڇا نادان! ملڻ تہ معراج آهي... ملڻ تہ اکين جو ٺار آهي، جي نہ ملبو تہ حياتي ساھہ ڪيئن کڻندي؟... مطلب اهو ناهي تہ نہ ملجي... مطلب اهو آهي تہ طلب جي سڪي کي کوٽو نہ ڪجي...“
”سائين...“ هڪ سنجيدہ نگاھہ واري سوال ڪيو، ”هي جو هيڏا امير ڪبير ماڻھو... حيثيتن ۽ مرتبن وارا ماڻھو آهن...اهي بہ تہ حاصلات جي ئي ڪھاڻي آهي... ڪجهہ حاصل ٿِئين ٿو تہ اهي مرتبا ماڻين ٿا نہ.. ۽ پوءِ ڏٺو وڃي تہ اهي مستقل حاصل ئي ڪندا رهن ٿا، وڃائين ڇا ٿا؟...“ سائينءَ جي مک تان مرڪ غائب ٿي وئي هئي، ننڍڙي گهگهي کي هيٺ ڪيو، ان مان پاڻي وٽي ۾ اوتيو ۽ وٽي کي ڪجهہ پل تڪيندا رهيا... ”جيڪو ٺارُ... هن صراحيءَ ۾ پاڻي کي حاصل هيو شھزادا... اهو هاڻي هن وٽي ۾ آهستي آهستي گم ٿي ويندو. چانھن ڪوپ جي ڪنارن ۾ لھي تہ ٺرڻ شروع ٿيندي آهي... پاڻي پنھنجو ڪوزو ڇڏي تہ سندس ٿڌڪار موڪلائڻ لڳندي آهي... حاصلات جي جھان ۾ اوتجڻ لازم هوندو آهي... ۽ پوءِ... اصلوڪو اثر موڪلائڻ لڳندو آهي...“
هاڻي ڪنڌ جهڪائي ڳالھائڻ لڳا هئا... اسين سڀ ڄاڻندا هئاسين تہ سندن جهڪيل ڪنڌ، ڪنھن جھاز جي ’ٽيڪ آف‘ ڪرڻ کان پھرين ’ٽيڪسي‘ ڪرڻ جيان هوندو آهي، ڳالھہ جو ٿلھہ ٻڌي پوءِ ڪندا تہ ڪنڌ کڻندا ۽ ڳالھہ جي ’اڏام‘ شروع ٿيندي.
”حاصلات رڳو جاھہ و حشم ۽ مال و دولت جي نہ هوندي آهي پرين...دل جي دل سان ملاقات، حُجت، حلم، عقل، علم، سڀ ملندا آهن ۽ قدر جي طلب رکندا آهن، پر اسين الاءِ ڇو اهو قدر سينن ۾ سانڍي نہ سگهندا آهيون. جن سانڍيو سَي سونُ ٿي ويا. شين جي قدر ڪرڻ جو هنر اچي تہ انھن جي حياتي وڌي ويندي آهي، شوڪيسن ۾ رکيل ٿانوَ محبت ۽ پاٻوھہ سان ڇنڊبا آهن، انھن جو ڌيان ڌربو آهي. ڌيان جي مٽي، ذهنن کي زرخيز فصل ڏيندي آهي بابلا...“
ڳالھہ اڃا بہ ڳتيل هئي، ڪجهہ سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ اسين ڪھڙي رخ ۾ وڃي رهيا آهيون. ايئن تمام گهٽ ٿيندو آهي جو سائينءَ جي ڳالھہ اسان جي سمجهہ ۾ نہ اچي... موضوع سادا هوندا آهن، پر انھن ۾ لڪل عڪس هٿن ۾ جهٽجي ويندو آهي. ”تہ ان جو مطلب اهو سمجهون سائين تہ ڪجهہ بہ هٿ ڪرڻ کان پوءِ قدر گم ٿي وڃي ٿو... خيال رکڻ جي دولت کسجي ٿي وڃي...“ منھنجي واتان نڪري ويو... هنن ڪنڌ کڻي ورتو... ”بظاهر تہ اهو سڀ آهي محمود... پر جيڪي مان سمجهائڻ ٿو گهران، اهو ڪجهہ ’اور‘ آهي ٻچا...قدر تہ گم ٿئي ئي ٿئي ٿو... مٿان وٺڻ جا ڏيئڻا پئجي وڃن ٿا... ڇا صاحبِ حيثيت، پنھنجي حيثيت جو مان رکي ٿو، يا اڳيون نور بہ چٽ ٿي ٿو وڃيس..! ڇا صاحبِ زر... پنھنجي سخا جا دروازا ائين ئي کليل ٿو رکي يا هاڻي وٽس ماڻھن کي ڏيندي شرم ٿو اچي...؟ ڇا پرينءَ جا ناز ائين ئي دل تي حڪمراني ٿا ڪن يا هاڻي اهي ٻوجهہ ٿا لڳن ۽ کيسي تي بار ٿا محسوس ٿين؟... جيڪڏهن حيثيت ملڻ کانپوءِ عزت وڃائي، جي مال و زر ملڻ کانپوءِ دعا وڃائي ۽ جي پيارن جو هٿ جهلي، اوسيئڙي، خيال ۽ سوچ جي لمس کي وڃائي ڇڏيو تہ بچيو ڇا؟...ڪھڙي حاصلات ۽ ڪٿان جو حاصلات...!“
”نہ تہ پوءِ قبلا...ماڻھو اهي سڀ هٿ نہ ڪري؟ نہ مال ۽ نہ پرين...!“ ڪنڊ مان سوال آيو سائينءَ جي مرڪ موٽي آئي...”هٿ ڪير ٿو ڪري ۽ ڪٿان ٿو ڪري نادان... هٿ تہ شيون اچي وينديون آهن، اسين ڪير ٿيندا آهيون، اهو سڀ سوچڻ سمجهڻ وارا تہ اسان هيءُ هٿ ڪيو آهي يا اسان لاءِ هُو وڃائجي ويو آهي... سڀ ڪجهہ ڀاڳ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي. جيڪي ملڻو آهي، اهو اوس بہ ملي ٿو... هِتان هُتان...گهمي ڦري، اوهان جو وري اچي دڳ جهلي ٿو... جيڪي ڪجهہ خواب خيال ۾ نٿو هجي، اهو ٿي ٿو وڃي ۽ جيڪي ڪجهہ سوچجي ٿو، ان جو ذرڙو بہ نٿو ٿئي. اختيار اندر بي اختياري ۽ بي اختياريءَ ۾ اختيار جي حيثيت ۽ زندگي گذاريون ٿا اسين راڻا... هاڻي اتي اهو بہ چئي سگهجي ٿو تہ جيڪڏهن حاصلات هٿ ۾ ناهي تہ پوءِ وڃائڻ تي وري ڪھڙو اختيار آهي... تہ صحيح... بلڪل صحيح... پر هڪڙي سوچ سدا ساڻ رکو... نہ ملڻ ۾ خبر نہ هوندي آهي تہ ملندو تہ ڇا ٿيندو...ان ۾ رڳو اها سوچ هوندي آهي تہ جيڪڏهن ملبو تہ هيئن ڪنداسين، هونئن ڪنداسين...پيرين ڌريان پنبڻيون، هنڌ وڇايان وار... هاڻي ان موقعي جي ڳولا هوندي آهي، جيڪو ملندو ناهي ۽ پوءِ جيڪڏهن سر بخت جو خير هجي ۽ اهو سڀ حاصلات ۾ اچي وڃي تہ اسان کان الاءِ ڇو اهي پنبڻيون ۽ اهي وار گم ٿي ويندا آهن... اسان اهڙي خاطر ڪري ئي ڪو نہ سگهندا آهيون ۽ حاصلات جو لطف زائل ٿي ويندو آهي. ٺيڪ آهي... ازل جي ڪتاب ۾ وڃائڻ جو قصو بہ ڪٿي لکيل ئي هوندو... پر ڇا... ان کان اڳ ۾ اسان اهو سڀ ڪري ورتو آهي، جنھن جي اسان وڇوڙي ۾ سوچ ڪئي هئي!... پنھنجي سوچ کي نامڪمل ڇڏڻ ئي دراصل لاحاصلات آهي ٻچا... جيڪڏهن ديدار ٿيو، پيرن تي هٿن جي سعادت ملي تہ فقير کي تہ خير مليو نہ... باقي وڌيڪ ڇا ڪرڻو آهي...حاصلات جي کيل ۾ جيڪڏهن ٻين جو ٿيڻ ٻين لاءِ هجي ۽ صرف پنھنجو ٿيڻ پاڻ لاءِ تہ راند جو لطف اچي ويندو آهي... اها راند، جنھن ۾ عدل ۽ ظلم جي تصوير چٽي هوندي آهي. حضرت علي ڪرم ﷲ وجهہ فرمايو... ”شين کي مناسب جاءِ تي رکڻ ’عدل‘ آهي، يعني ٽوپي مٿي تي هجي ۽ جتي پيرن ۾... ۽ شين کي سندن مناسب جاءِ تان هٽائڻ ’ظلم‘ آهي... يعني جتي مٿي تي هجي ۽ ٽوپي پيرن ۾...“ جي اهو توازن سمجهہ ۾ اچي وڃي تہ وصل، وصل چوَرائي سگهي ٿو... نہ تہ... سڀ ڪجهہ وڃايل ئي لڳي ٿو... ٿورو اوسي پاسي نھاريو، ڇا اوهان کي اهو سڀ ڪجهہ ائين نہ ٿو لڳي!“

(ڇپيل: آچر 22 نومبر 2009ع)

پھريون سَلو محبت جو..! (محبت)

مون کي ڏسي سندس اکين ۾ ’مُرڪ‘ لھي آئي هئي، نيڻن جي جوت هڪ مخصوص انداز ۾ جرڪي هئس، جنھن جي ڄاڻ صرف مان ئي رکان ٿو. ائين هوندو آهي تہ محبتن ۾ هڪٻئي لاءِ هڪٻئي جا الاءِ ڪيترا ’اُهڃاڻ‘ ساڻ رکبا آهن، سانڍي رکبا آهن، جيڪي صرف ۽ صرف هڪٻئي لاءِ هوندا آهن. جڳ جھان جي وچ ۾ ڪير بہ، انھن کي، ڪنھن بہ طريقي سان محسوس ناهي ڪري سگهندو. هجوم جي وچ ۾ اڪيلائي ان مھل ئي ٽھڪ ڏيندي رهندي آهي.
اسين ورهين جا ساٿي آهيون، معاملو ڪجهہ ڏهاڪن کان بہ مٿي جو آهي. نگاھہ ۾ منظر ان عمر ۾ ڀريل هئا، جڏهن نالو وٺڻ ’زيادتي‘ هوندو هيو، چلمنن جي اوٽ ۾ ڪا جهلڪ نظر آئي تہ ٿيا ست خير، باقي ائين کُليو پليو ’دم ديدار‘ ممڪن نہ هوندو هيو. گڏ پڙهندي بہ نظر کي هيٺ رهڻ جو حڪم مليل هوندو هو، نگاھہ ايتري ’ايڊوانس‘ ڪو نہ ٿي هئي، محبت تہ ڇرڪ هوندي آهي، ساھہ نپوڙي وٺندي آهي. موسمن جي تبديلين ۾ اندر جا ايوان مٽيا هئا. زبان اقرار نہ ڪيو هو، پر دل جو ’سٽڪو‘ بيھندو ئي نہ هئو. وقت گذري ويو، ڪجهہ ٿي نہ سگهيو، جدائي در تي اچي بيٺي هئي ۽ نيٺ اها ڏيڍي خالي ٿي وئي هئي. اقرار هئو ڪو نہ تہ انڪار جي صدا ڪٿان بلند ٿئي ها؟ ڪاغذ اڇو هيو، اڇو ئي رهيو. دل، دهمانن جي ور چڙهيل ئي رهي.
هر نئين محبت، اندر جي ڌرتيءَ تي نئين سلي جي نسرڻ جيان هوندي آهي. پنھنجي اندر ۾ اسين پھرين محبت جي سلي کي وڌندو وڻ ٿيندي ڏسندا آهيون، ان جو مطلب اهو هرگز ناهي هوندو تہ ڪو اسان، نون سَلن کي پوکڻ ڇڏي ڏنو آهي، پنھنجي اولاد، ڌرتيءَ، نوڪريءَ، اولاد جي اولاد ۽ الاءِ ٻين ڪيترن ’اسمن‘ مان اسان جي محبتن جا ٻوٽا پوکجندا رهندا آهن، پر پھريون وڻ سدائين پھريون ئي رهندو آهي، ان وڻ جي ٿڙ تي گهڻا نالا ناهن اڪريل هوندا... جي گهڻي ’اُڪر‘ ٿي وڃي تہ وفا شرمائجي ويندي آهي ۽ محبتن جي ڌرتيءَ تي بيوفائي ڪنھن گناھہ کان گهٽ ناهي هوندي. حياتي هجي تہ ملاقات ٿيڻ جو ’انديشو‘ رهي ئي رهي ٿو. دنيا بيحد وسيع آهي ۽ بيحد ننڍڙي پڻ... جنھن سان ملڻ مقدر ۾ هجي سو ڄڻ اڳئين گهٽيءَ ۾ بيٺل هوندو آهي ۽ جنھن لاءِ بخت ياوري نہ ڪري، اهو تہ سامھون رهندي بہ نظر نہ اچي سگهندو آهي.
”پوڙهو ٿي ويو آهين... سڄو اڇو... وارن ۾ ڪپھہ لاٿي ٿئي ڇا؟...“ هن چانھہ مڪس ڪئي، ٽي بيگ کي چمچي تي ويڙهي پنھنجي کاٻي آڱوٺي سان زور ڏيندي رهي. مان چمچي جي ’بخت‘ تي نھارڻ لڳس، سندس آڱوٺو ائين ئي حسين هيو، پراڻي وقت جيان، سندس آڱرين جا نُنھن وڌيل هئا، پر آڱوٺي جو ننھن ڪٽيل هو. چمچي سان ويڙهيل ٽي بيگ مان، چانھن جا ٽيپا ڪوپ ۾ ڪرندا رهيا، مون کي لڳو ڄڻ منھنجي غير حاضريءَ جا ’بھانا‘ بہ ائين ئي ٽيپو ٽيپو ٿي، وقت جي ڪوپ ۾ ڪرندا ٿا رهن.
”عمر وڏي ٿيندي تہ وار تہ اڇا ٿيندا نہ ....“
”منھنجا ٿيا هن؟...“ هن جهٽڪو ڏئي کليو، جهٽڪي سان لحظي لاءِ سندس مک تي وار لٿا ۽ وري مٿي ٿي ويا، هن ڪوپ ٺاهي منھنجي سامھون رکيو.
”توهان ننڍا آهيو مون کان...“ چانھن جو ڍڪ ڀرڻ ساڻ جملو اڇليم، هن بيحد اطمينان سان پنھنجو ڪوپ ٺاهيو ”هاڻي ايتري بہ ناهيان...“
مون ڪجهہ چوڻ چاهيو، چئي نہ سگهيس، ٻيو ڍڪ ڀريم، هن ڳالھہ مڪمل ڪئي ”ڪَلر ڪندي آهيان نہ تہ حال منھنجو بہ اهڙو ئي ٿئي...“ جملو پورو ڪري، هن چانھن جو ڍڪ ڀريو، مان تيستائين اڌ ڪوپ کن پي چڪو هئس، هن مرڪيو.
”مٽجي ويو آهين... هاڻي چانھن گرم ٿو پئين، اڳي تہ ٺاري ڀَت ڪندو هئين“. مون ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، هن وڏو ڍڪ ڀريو، ان جو اندازو مون کي سندس ڳيت ڏيڻ مان ٿيو. ملاقات ٿي بہ عجيب هئي، سندس آفيس ۾ گل ٻوٽا لڳائڻا هئا... جنھن تعميراتي فرم سان مان لاڳاپيل آهيان، ان ۾ ذري پرزي جو خيال رکيو ويندوآهي. عمارت مڪمل ٿيڻ کان پوءِ باغ بُستان تائين جو ذمو ڪمپني کڻندي آهي ۽ ان ۾ صاحبِ زر جي خواهش جو خاص اهتمام ڪيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ هو شفٽ ٿي چڪا هئا، پر باغن تي ڪم هلندڙ هيو... خبر نہ هئم، تہ جنھن گلستان جي لاءِ پڇا ڪرڻ ٿو وڃان... تنھن جي سربراھہ، هِن دل جي باغ جو گهاٽو وڻ هئي.
”وڻن جي چوائس لاءِ آيو هئس....توهان جي عمارت ۾ پلانٽيشن جي حوالي سان آرڊر ڏيڻو آهي... ان لاءِ ائپرووَل وٺڻو هيو...“
دل چيو چوانس... ڪھڙي خبر هئي تہ اڳيان تون نڪري ايندينءَ؟ ماڻھوءَ کي تہ جي سچ پڇو تہ ڪا خبر ئي نہ ٿي هجي تہ هجر ۽ وصل جي ڪھڙي گهڙي اڳيان بيٺل آهي... اهو جي علم هجي ها تہ حياتيون مٽجي نہ وڃن ها.
”پاڻ ٻنھي نقشن جو علم پڙهيو... تون وڻڪاريءَ واري پاسي هليو وئين ڇا؟...“
”نہ... پر ڪلائينٽيل (Clientele) آهي تہ ڪم تہ ڪرڻو آهي نہ....“ هن سامھون وڇايل شيشي مٿان نگاھہ ڪئي، جنھن هيٺ، عمارت جو نقش هيو. ”ياد ٿي... پاڻ فائنل ايئر ۾ ماڊل ٺاهيندي ڪيئن نہ ڪارُن جا ننڍڙا رانديڪا وٺي ايندا هئاسين... ۽ توبھن... روڊن جي پاسي کان وڻ هڻڻ تہ عذاب هوندو هو، وڻن جا رانديڪا ڪٿان ملندا ڪو نہ هئا... ڪاغذ ڪٽي، سائو رنگ هڻي مٿان وري تيليءَ ۾ ڦاسائي ٻيا ڪم ڪڍندا هئاسين...“ هوءَ کلي... سندس کل اڄ بہ تازي تواني هئي.
”ها... ياد اٿم... ۽ سدائين، گلن ٻوٽن ۽ وڻن تي پاڻ اٽڪندا هئاسين، گند ڪچري جي اڇل کان وٺي زمين جي ٽڪري جي مڪمل صفائيءَ تائين پاڻ ڪيڏو نہ بحث ڪندا هئاسين....“
”ييس... مان اهو ڪيئن ٿي وساري سگهان.“
”تہ بس پوءِ اهو ئي جھان آهي... مان اڄ بہ وڻن، گلن، ٻوٽن لاءِ ساھہ ڇڏيندو آهيان... جيڪو اسان سوچيو هيو... اهو پنھنجي ٺاهيل هر عمارت لاءِ سوچيندو آهيان، توهان کي ياد آهي پاڻ سوچيو هيوسين تہ هن ڌرتيءَ کي سونھن سوڀيا ڏينداسين، گلن گلن جون قطارون... صاف سٿرو مٿاڇرو.“ ساھہ ڀرجي آيو هئم... ڳالھہ الاءِ ڪٿان کان شروع ڪري ڪيڏانھن کڻي ويو هئم... هوءَ مون ڏي نھاريندي رهي.
”تون اڃا تائين اهڙو ئي آهين... جذباتي، تڪڙو، پنھنجي ڳالھہ مڃائڻ لاءِ آتو.“
”ڪجهہ گهڙيون اڳ اوهان ئي چيو هو....تہ مان مٽجي ويو آهيان، چانھن گرم پيئڻ لڳو آهيان.“
”اهو ڪو پيراميٽر ناهي، اهو تہ مون ائين ئي چيو هو، باقي تنھنجي گفتگو... تنھنجو انداز... ٻين لاءِ ائين ڦاٽ کائڻ... ان ۾ تہ ڪو فرق ناهي پيو.“
”اکين ۾ خواب هجن تہ نيڻ ڀريل ئي هوندا آهن ۽ ڀريل نيڻ ڏاڍو جلدي ڇلڪندا آهن.“
”توکي خبر هئي تہ مان هتي آهيان؟“
”جيڪي وڃائجي وڃن، سي ڳولبا آهن... مون اوهان کي ڳوليو ئي ناهي تہ خبر ڇا جي رکان!“ هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو، فائل تي صحيح ڪندي چيائين، ”جيڪي ٻوٽا توکي پسند هجن، سي ضرور لڳائج... مان ڪا بہ چوائس نہ ٿي ڏيان... ها بيد مشڪ نہ وسارجانءِ.“
منھنجي ماٺ طويل ٿي وئي، هن مون ڏي نھاريو ”اڳي ايترو ڳالھائي ڪو نہ سگهندو هئين... ها نہ؟“
”مٿي ۾ اعتبار جي چاندي ڪو نہ ڀري هئم پھرين... هاڻ وارن جي چڳن سان من ۾ بہ ڪجهہ دم ڀريو اٿم، هر لحظي ايندڙ وقت نہ هجڻ جو خوف رهي ٿو، وري موقعو نہ ملڻ جي صدا، ڪنن ۾ گونجندي رهي ٿي.“
”پنھنجي ٻارن کي مان بہ ائين ئي چوندي آن... چاليھہ ٽَپ تہ جھڙو سامان ٻڌجڻ شروع ٿو ٿئي.“ هن مرڪيو... هاڻي مرڪ جو دائرو زخمي هئس، فائل کڻي مان اٿي کڙو ٿيس، ”وڏي مھرباني... ائين سڀ گڏجنداسين ۽ ڌيان ڏينداسين تہ ٽڪرا ٽڪرا گڏجي، زمين کي حسناڪي ڏيندا.“
”يُو آر ويلڪم“ هُوءَ بہ اٿي بيٺي... ”وري ڪو بہ ڪم ڪار هجي تہ هليو اچجان... هن واري جي گهڻي دير نہ ٿي تہ تنھنجي بدلجڻ جو گهڻو احساس ڪو نہ ٿيندو.“ سندس ڪنڌ جو هيٺ مٿي ٿيڻ جاري هو، منھنجي دل چيو چوانس بنا ڪم ڪار جي هن دل سدائين تو وٽ اچڻ لاءِ ئي چيو آهي... ڇا اهو توکي ٻڌڻ ۾ ناهي آيو! ۽ ڇا اهو تنھنجو ڪنڌ، هڪ ڀيرو سڌو ٿي، پوري نموني سان ڏسڻ جي عنايت نٿو ڪري سگهي؟“
”اڄ سالن کان پوءِ توسان ملي دلي خوشي ٿي، سچي مزو ٿي ويو، پراڻا ڪليگز، ڪلاس فيلوز ملن تہ جھڙو روح خوش ٿيو وڃي.“
”سَئم هيئر... اجازت ٿو گهران... ﷲ حافظ“
مون هڪدم ڪنڌ ڦيريو ۽ ٻاهر لاءِ مڙيس، پويان سندس آواز ٻڌم، ”ﷲ حافظ“
منھنجي اندر ۾ محبتن جي وڻ، دل جي ڌرتيءَ تي جهومندي چيو، ”روح تہ تنھنجو مھڪي پيو آهي، ملنگ....جو هن اڃا تائين ’توهان‘ جو هٿ ناهي جهليو ۽ ’تون‘ جي آڱر جهليل آهي. اڄوڪي ڏينھن گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ٻوٽو ضرور هڻجان، ڇاڪاڻ تہ هر سَلو، ٻاهر نڪري، محبتن جي ياد جي نشاني بڻجندو آهي.“

( ڇپيل: آچر 14 فيبروري 2010ع)

هڻين ٿو دِيدَ سان ڌاڙا (سائين)

سائينءَ وٽ حاضر هئاسين ۽ ماحول عجيب تر هو... ماٺ جو دائرو وسيع ٿي ويو هو... سڀ خاموش هئا، هنن هڪڙي هڪڙي ڏانھن الڳ الڳ پئي ڏٺو، ڏسندي هڪڙو وڏو ساھہ کنيائون ۽ پنھنجي جهونگار کي وري جاري رکيائون:
اکيون هي رب رکيون آهن، ترارن کان تکيون آهن
ڪھڻ ڪنھن کان سکيون آهن، عجب اسرار اَي جاني
اکيون ڪُنڍيون ڀِرُون جاڙا، راڄ ڪن سڀ ڪنھن طرف سارا
هڻين ٿو ديدَ سان ڌاڙا، ڪرين ڦُر مار اي جاني
نھاري ناز مان هر هر، جهڪو ٿيو چنڊ جو جوهر
’پياسيءَ‘ کي ڪيو آخر، برھہ بيمار اي جاني
ڪنڍيون ڪاريون ڪڪوريل، ڪن ڪھڻ جي ڪار اي جاني...
سڀئي آواز جي ’سوز‘ ۾ وٺجي ويا هئا، ماحول عجيب تر ٿي ويو هو.
”محبت جي مام تہ هونئن ئي عجيب هوندي آهي، ان جو سبق، هر ڪنھن لاءِ عجب اسرار کڻي ايندو آهي ٻچا...“ جهونگار مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هنن هڪدم ڳالھہ شروع ڪئي... ”جذبو ساڳيو هوندو آهي... ان جي پٽاڙ مختلف هوندي آهي بابلا...“ جملا ننڍڙا ننڍڙا هئا، قطرو قطرو گڏ ٿي رهيو هو، ڪو آبشار جنم وٺڻ وارو هو. اسين سڀ درس لاءِ ڪٺا ٿيا هئاسين. اڄ ڪلاس جو وارو هو، موضوع جي چونڊ هر واري پاڻ ڪندا آهن، هن واري تونئريءَ تي ويھندي ئي هنن هڪدم چئي ڇڏيو هيو، ”موضوع جي چونڊ پاڻ ڪيو... وڌيڪ عرض ڪرڻ منھنجو ڪم آهي.“
ڪنھن کي بہ سمجهہ ۾ نہ آيو هو تہ ڪھڙي موضوع جي چونڊ ڪجي... مرڪ سندن مک تي وسيع ٿي وئي هئي. ”منجهي پيا آهيون نہ سڀئي؟ ائين ئي ٿيندو آهي ٻچا... چونڊ ڪرڻ جي اجازت ملي تہ چونڊڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي... اسين تہ سدائين ’هَٻَڙ ڌَٻَڙ‘ ۾ هوندا آهيون، جيڪو هٿ اچي وڃي، سَٽَ ڏئي جهلي وٺندا آهيون... چونڊڻ لاءِ چئجي تہ اسان جي واڇ ڦري ويندي آهي... حياتي امتحان بڻجي ويندي آهي... مونجهہ ماٺ کي جنم ڏيندي آهي.“
”سڀ ڪنھن سان ائين ٿيندو آهي سائين؟“ ڪنھن ڪنڊ مان سوال اڀريو... پاڻ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيائون... ”نہ... سڀ ڪنھن سان نہ ٿيندو آهي، جن جي دل جي دنيا آباد هجي، انھن لاءِ ڪجهہ بہ چونڊڻ ڏکيو ناهي هوندو... پنھنجي ڪلھن تي کڻي هلندڙ بارن وارو وجود، چونڊ جو سليقو گهٽ ڄاڻندو آهي شھزادا... هاڻي اهو بہ ڏاڍو عجيب آهي تہ دنيا ۾ تمام گهڻو سيڪڙو انھن ماڻھن جو هوندو آهي، جن جا ڪلھا ڀريل هوندا آهن، دليون خالي هونديون آهن يا ٿي وينديون آهن. ڪنھن کي پنھنجي دل ۾ رهائڻ کين ايندو ناهي يا وري ترسڻ واري کي گهٽ ٻوسٽ ٿيندي آهي ۽ اهو اتان ’کسڪڻ‘ ۾ ئي عافيت ڀائيندو آهي. صورتحال ڪھڙي بہ هجي. دل خالي ٿي ويندي آهي، خالي دل ’چوائس‘ جي هنر کان آجي هوندي آهي.“
”اهو ڪيئن ٿيندو هوندو سائين.“ ڪنھن ڀڻڪيو، ”جي دل خالي هجي تہ ان کي آباد ڪرڻ لاءِ تہ چونڊ جو عمل وڌيڪ تيز ٿيڻ گهرجي.“
”ايوان بالا يا ايوانِ زيرين جي چونڊ ٿو ڪرائين ڇا ڀُوڪ؟ پنھنجي دماغ کي اليڪشن ڪميشن جو هيڊ ڪوارٽر ٿو سمجهي ڇا؟ پنھنجي محبوب کي بہ ڪو چونڊيل عيوضي بڻائي ڪٿي ڪو بل پاس ڪرائيندي يا ڪا مراعت وٺندي ڇا؟“ هاڻي سندن آواز بلند ٿي رهيو هو. ”اهو ڪڏهن بہ نہ وساريندا ڪيو تہ جن جي چونڊ نہ ڪري سگهبي آهي، انھن لاءِ مراعتون وڌيڪ هونديون آهن، پنھنجي سائينءَ جي لاءِ، جيڪو اوهان جي دل جو حاڪم بنا ڪنھن اليڪشن لڙڻ جي ٿي ٿو وڃي، اوهان جي وجود جا سڀ دروازا کليل هوندا آهن، جنھن سان محبت ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ ڪئي ويندي آهي. اهو ڪنھن ’مدِمقابل‘ کي هارائي ناهي ايندو، اهي سڀ جيڪي محبوبن جي بہ چونڊ ڪن ٿا، دنيا جا احمق ترين ’ڇسا‘ وجود آهن...“ سڀ ماٺ ۾ ٻڏل هيا، نہ چونڊيندي بہ عجيب موضوع چونڊجي ويو هو. ”دنيا ۾ جيئن ست رنگ هوندا آهن ٻچا... ائين ئي موضوع بہ ڪل ٻہ هوندا آهن... هڪڙو محبت ٻي نفرت... ٽيون ڪو بہ موضوع ناهي هوندو... هاڻي اهو جيڪو سڄو جھان اوهان ڏسو ٿا نہ، اهو دراصل انھن ٻنھي موضوعن جي ’اپٽار‘ آهي... بلڪل ائين جيئن هيلتائين تقريبن ارڙنھن سئو رنگن جا شيڊز ٺھي چڪا آهن... جيتوڻيڪ بنيادي رنگ اهي ئي ٽي آهن ۽ انڊلٺ ۾ بہ اٺون رنگ اڃا نظر ناهي آيو، چارئي پاسا نھاريو يا محبت نظر ايندوَ يا نفرت... ٽيون ڪجهہ بہ ناهي... دنيا جون سڀ واڌو صفتون محبت جي ونڊ وکير آهن... ۽ ڪاٽو رنگ، سڀ نفرتن جا رنگ آهن.“
”۽ اهي ٻئي ڪٿي گڏجندا آهن سائين؟“ سوال اٿيو.
پاڻ هڪدم وراڻيائون، ”بلڪل... بلڪل ملندا آهن شھزادا... پنھنجي پيشي سان محبت ڪندڙ سائنسدان ئي تہ نفرتن جي قابل ايٽم بم جو فارمولو بڻايو هو... پنھنجي علم سان شديد ترين چاھہ تہ سقراط کي ’هيملوڪ‘ جو پيالو پياريو هو... هڪڙي جذبي جي انتھا جي شدت، ٻين کي جنم ڏيندي آهي... اهو ڪڏهن وسارڻ نہ گهرجي.“
ڳالھہ الاءِ ڪٿان کان شروع ٿي هئي ۽ سندس ’رخ‘ الاءِ ڪھڙي طرف ٿي رهيو هيو... موضوع جي چونڊ کان وٺي جذبي جي شدت وارو اهو سفر، ذهن کي الاءِ ڪھڙن منظرن کان واقف ڪري رهيو هيو... ”جتي بہ چونڊ ڪرڻ جو موقعو مليوَ... نہ تہ پڪ سمجهجو تہ اوهان جي حواسن کي ٽيسٽ ڪيو پيو ٿو وڃي... سامھون وارو، اوهان جي شعور جي تھن کان واقف آهي... اوهان جي ذات جو کيس ڀرپور ’ادراڪ‘ آهي ۽ ڪٿي ڪٿي کيس اهو بہ احساس آهي تہ هو ان فن کان واقف آهي تہ اوهان ڇا چونڊيندئو.“
”تہ پوءِ اهو موقعو ملڻ ڇاهي سائين؟“ ڪنھن ڳالھہ اڌ ۾ ڪٽي.
پاڻ مرڪي ڏنائون، ”اهو تہ احسان ڪرڻ آهي ٻچا... اهو ٿورو ٿَڦڻ آهي تہ ڏس، ساھہ کڻڻ جي جاءِ عنايت ٿئي پئي... وري اتي هڪڙو اهم نقطو ٻيو بہ آهي تہ جتي بہ چونڊ ڪرڻي هوندي آهي، اتي حدف ڳڻيل هوندا آهن... توهان ڀلي کين لاتعداد چئو، پر دراصل لاتعداد بہ هڪڙو تعداد هوندو آهي... ماسواءِ مٺڙي مالڪ جي نعمتن ۽ ڪرمن جي... باقي سڀ ڪجهہ ڳڻيل آهي.“ سڀئي پنھنجي پنھنجي حواسن جون ڳڙکيون کوليو، سمجهہ جي جھان ۾ مدغم هئا، ذرو ذرو واضح ٿي رهيو هو... شيون چِٽيون پئي ٿيون. ”سڀ کان ڀلي چونڊ اهو ڪري سگهندو آهي شھزادا، جيڪو ماٺ جو فن ڄاڻندو هجي... گهڻي بَڙ بَڙ ذائقي کي ڪسارو ڪري ڇڏيندي آهي، ماٺ جي جھان ۾ سوچ جا دروازا کلي پوندا آهن، منظر واضح ٿي ويندا آهن... گهٽ ۾ گهٽ فيصلا تہ اهڙا ٿي ويندا آهن جو ايندڙ ڏينھن ۾ انھن جي ناڪاميءَ جو ڀئو گهٽ ٿيندو آهي.“
”سائين..!“ همٿون ميڙي عرض ڪيم، ”جڏهن ڪير بہ بنا ڪنھن ڄاڻ جي، بنا چونڊَ جي اچي قبضو ڪري ۽ پنھنجو وجود وڃائجي وڃي تہ ان کي ڇا چئبو؟“
”اهو لاعلميءَ جو علم آهي راڻا...“ هنن کلي ڏنو، ”محبت ۽ نفرت جي جذبن ۾ ۽ انھن سان لاڳاپيل مڙني هنرن ۾ اهو وڏي ۾ وڏو فرق هوندو ٿئي تہ محبت لاعلميءَ ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جو کيل هوندو آهي ۽ نفرت ڄاڻي واڻي دروازو کوليندي آهي... ڪنھن جي بہ ڪنھن بہ عمل جي وڻڻ جو سبب اوهان کي معلوم ٿي بہ سگهي ٿو ۽ نہ بہ... پر نہ وڻڻ وارن سڀني عملن جي ڄاڻ اوهان کي شروع کان ئي هوندي آهي... اهو اهم ترين نقطو ٿئي، جنھن جي ڪري نفرتن جي اظھار ۾ هٻڪ گهٽ ٿيندي آهي ۽ محبتن جو اظھار ڪرڻ ۾ صديون لڳي وينديون آهن... ڪڏهن ڪڏهن تہ الاءِ ڪيترا وجود، الاءِ ڪيتري محبت سيني ۾ سانڍي بنا اظھار جي اکيون ٻوٽي روانا بہ ٿي ويندا آهن... نفرت جي اظھار ۾ همٿ ناهي کپندي... بلڪہ اهو تہ ڪڏهن ڪڏهن خود بخود ٿي ويندو آهي... محبتن جي رڳو هڪ ديدَ لاءِ بہ ڪٿي ڪٿي تہ ساھہ پيو نڪرندو آهي...“
”اڃا تائين بہ سائين...“ ڪنھن نيازمند عرض ڪيو.
سائينءَ جو لھجو وڌيڪ نرم ٿي ويو، ”پاڻيءَ رنگ مٽايو آهي پر ذائقو تہ اهو ئي اٿس نہ... بي ذائقو... مٺي کي مٺو ۽ ڪڙي کي اڃا تائين ڪڙو ئي سڏيون ٿا نہ پُٽ... جديد کڻي ڪيترا بہ ٿيا هجون، شين جا پيراميٽرز تہ ڪو نہ مٽيا آهن نہ...“ ڳالھہ سمجهہ ۾ اچي وئي هئي... الاءِ ڪيتريون هوائون هلڻ شروع ٿي ويون هيون... لڳو پئي تہ موسمون مٽجي رهيون آهن... ”شايد هندي فلم ٿئي بازار... راڻا... ان ۾ مجروح صاحب آهن يا شڪيل صاحب... انھن سِٽون سرجيون ٿئي... ذرا سن لو هم، اپنَي پيار ڪا افسانہ ڪهتَي هَين... همين يہ دنيا والَي، آپ کا ديوانا ڪھتَي هين... ان ۾ هڪ غضبناڪ سٽ ٿئي... چئي ٿو... اِڌر ڀي ديک ڪه صاحب ذرا سا مُسڪرا دينا... تمھاري اڪ نظر ڪا ڪام هَي پاگل بنا دينا... هاڻي اتي کيل ختم ٿئي... اها هڪڙي نگاھہ جيڪا چريو ٺاهي سگهي ٿي... ڇا نٿي ڪري سگهي...!؟ جَي پئجي وئي تہ معنيٰ هڙ وئي نہ سھڻا... بچيَوَ ڇا؟... پر اتي، اهو بہ ضرور سمجهجان تہ ان نگاھہ ۾ گرمي ۽ اثر تڏهن ئي پئجي سگهي ٿو، جڏهن توکي ان جي سمجهہ هجي. ديوانہ ۽ فرزانہ ان ڪري ئي تہ مشھور هوندا آهن، جو هڪڙا سمجهي پوءِ وڃائي ويھندا آهن ۽ ٻيا وڃائي پوءِ سمجهندا آهن... ڦُرڻ وارو بہ تڏهن ڦُريندو جڏهن اوهان وٽ بہ ڪجهہ هوندو نہ... سَکڻن کي ڇا ڪندو... ۽ اهم ڳالھہ اها بہ آهي تہ جي هُن نظر ۾ سڀ ڪجهہ آهي تہ نظر توهان جي بہ ڪا گهٽ ناهي... جَي گهٽ هُجي تہ اهو درجو سمجهي ئي نہ سگهي... باقي رهيو چونڊ جو سوال... تہ پاڻ کي ڦُرائڻ جي چونڊ اوهان پاڻ ئي ڪندا آهيو، نظرون چريو ڪندڙ تہ هونديون آهن مٺا، پر هرڪو تہ چريو ناهي ٿيندو... نہ هر ڪنھن کي ڦُرڻ ايندو آهي ۽ نہ هر ڪو ڦُرجندو آهي...“

(ڇپيل: آچر 7 مارچ 2010ع)

ذات جي شناخت (سائين)

دل جي ڳالھہ زبان تي اچي ئي وئي هئي، چئي ڏنم، ”عجيب حالت ٿئي ٿي سائين اهو سڀ ڏسندي... جي ڪنھن وٽ ڪجهہ نہ هجي ۽ اهو ان جو ڳولائو هجي تہ ڳالھہ ٺھي بہ ٿي... هي گهڻو ڪجهہ هوندي بہ ڇا جي ڳولا آهي... هلو ڀلا... دولت ۽ زر و جواهر لاءِ تہ کڻي اها اُڻ تُڻ هجي... هي ذات جي شناخت جو سلسلو ايترو حرص ۾ ورتل ڇو آهي قبلا...!“
هو محبت سان مون ڏانھن نھاري رهيا هئا، مرڪندي چيائون، ”پنھنجي ذات جي شناخت ايڏي سوَلي آهي ڇا ڀُوڪ؟... ۽ هونئن بہ... ڇا پنھنجو پاڻ هر ڪنھن کي ملي ويندو آهي...؟“
”سائين... پنھنجو پاڻ ڀلي پاڻ وٽان نہ ملي... پر ٻين وٽان تہ ملي ٿو نہ... ماڻھو جڏهن شھرت جي ڏاڪڻ چڙهي ٿو تہ ڀلي پاڻ، پنھنجو پاڻ نہ سڃاڻي، پر ٻيا تہ سڃاڻن ٿا نہ...“
”ان ۾ ايترو اتاوَلو ٿيڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي؟...“ هنن، هڪ گهري نگاھہ وڌي مون تي ۽ چيائون... ”تون ڀُوڪ آهين محمودَ... ڀُوڪ ئي رهندين...“ سڄي ڪلاس ۾ عجيب ماٺار هئي... ذڪر ڪجهہ اهڙو ڇڙيو هو، جو موضوع جي انفراديت، ڳالھائڻ گهٽ ۽ وڌيڪ سوچڻ جي تقاضا ڪري رهي هئي... درس و تدريس شروع ٿيندي ئي هڪ همراھہ چيو هو، ”سائين... ڪجهہ ڏينھن پھرين ايوارڊن جي هڪ تقريب ۾ ويا هئاسين... اسين تہ کڻي عام ماڻھو هئاسين ۽ قرار سان هڪ جاءِ ويٺل هئاسين، پر ڄاتل سڃاتل چھرن کي الاءِ ڇو عجيب بي قراري هئي... سُک نہ هئن... هر هر، هڪ سيٽ کان ٻي سيٽ تائين پئي ڦريا... هر هر اجايو اٿي پئي بيٺا... سامھون کان لنگهي پئي ويا. عجيب انداز هئا هنن جا... حالانڪه هنن کي سوچڻ گهرجي ها تہ ’ڄاتل سڃاتل‘ هُو آهن... اسان ناهيون... سندن هڪ هڪ ڳالھہ نوٽ ٿئي پئي...“ ۽ اتي ئي سائين جملو ڪٽي چيو هو، ”اهو ئي تہ اهو عذاب هو جو هنن کي ايترو ’ڦٿڪو‘ هئو بابلا... جي ڄاتل سڃاتل چھرا نہ هجن ها تہ هڪ هنڌ ماٺڪا ٿي نہ ويھن ها...“
ڳالھہ جي مامَ الاءِ ڪھڙي هئي، پر جھڙي بہ هئي، هاڻي ڌاڳي جو هڪ ڇيڙو اسان جي هٿن ۾ اچي ويو هو. سائينءَ جي جملي، الاءِ ڪيترا سُٽ سلجهائي ڇڏيا هئا... ”سڃاڻپ جو عذاب، ڪجهہ گهٽ ناهي هوندو ابا..“ هنن ڳالھہ وڌائي هئي... ”جي سچ پڇو تہ ماڻھو سڄي حياتي ان ئي چڪر ۾ ڪاٽي ويندو آهي... ڪي گهٽ ماڻھو هوندا آهن، جيڪي گوشه نشينيءَ کي ترجيح ڏين... نہ تہ هر ڪو ڪنھن نہ ڪنھن لحاظ کان، چاهيندو آهي تہ سندس نالو چپن تي اچي... نگاهن ۾ سندس شناسائي اچي... سندس تعريف ٿئي... ۽ حد تہ اها آهي تہ ڪيترا تہ اهو بہ چاهيندا آهن تہ ڀلي گلا ئي ٿئي... پر ٿئي تہ سھي... ماڻھن ۾ منھنجو نالو هجي... پوءِ ڀلي چڱو هجي يا مَٺو... حياتيءَ ۾ الاءِ ڪيترا وجود، پنھنجي ذاتي مال کي خرچ ڪري پنھنجي ذات جي شھرت وڌرائيندا آهن بابلا... جن کي خبرن ۾ رهڻ جو هنر اچي... اهي، اهو سڀ مفت ۾ حاصل ڪندا آهن ڇا؟...“
”نہ پر سائين.. هي اداڪار، صداڪار... مسڪين ماڻھو هوندا آهن...“ پريان ڪنھن ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”سدائين پيا ڳيتون ڏيندا آهن... روز ڪنھن جي نہ ڪنھن جي رڙ ۽ ڪنھن جو نہ ڪنھن جو واڪو ٻڌڻ ۾ ئي پيو ايندو آهي... اهي پنھنجي شھرت لاءِ ڇا خرچ ڪندا هوندا...؟“
”نہ تہ باقي پوءِ هي ڇا ڏسي آيو ايوارڊن ۾...“ سائينءَ ملوڪ ڏانھن اشارو ڪيو، جنھن ڳالھہ ڇيڙي هئي... ”اهو ئي ڏٺائين نہ... تہ بي سبب افراتفريءَ ۾ مبتلا مھربانن، پاڻ کي بہ پريشان پئي ڪيو ۽ ٻين کي بہ... اتي هنن ڪي لک تہ نہ پئي لٽايا نہ، هنن وٽ جيڪي ڪجهہ هو سو پئي خرچ ڪيائون نہ... خرچ ڪرڻ لاءِ رڳو مال هوندو آهي ڇا...؟ جي ائين هجي تہ دنيا ۾ ادائن جي ڪا قيمت ئي نہ هجي ها ابا... دنيا ۾ جيترو نازو انداز وڪامي ٿو... اوترو ٻي ڪا پروڊڪٽ ڪٿي ٿي وڪامي...“
سڀ وري چُپ ٿي ويا هئا... سائينءَ هڪ هڪ تي نگاھہ وڌي هئي ۽ پوءِ سمجهائڻ شروع ڪيو هئائين...“ ماڻھوءَ جي اندر ۾ هڪڙو بند ڪمرو هوندو آهي ابا... جنھن ۾ هو الاءِ ڇا ڇا ڀري رکندو آهي... خواب، خيال، سوچون... خواهشون... ان ئي ڪمري ۾ هو پنھنجي شناخت بہ رکندو آهي، مطلب... پنھنجي جسماني شناخت... نالي سان سڃاڻپ جو عمل.... اها شناخت، گهڻن خيالن، خوابن، سوچن ۽ خواهشن جو ’مجموعو‘ هوندي آهي... هاڻي جڏهن اهو سڀ ان ۾ اچي وڃي تہ سندس طاقت جو اندازو توهان لڳائي سگهو ٿا... پوءِ جڏهن اها شناخت، ڪجهہ ڏاڪا لتاڙيندي آهي تہ شھرت مھربان ٿيڻ شروع ٿيندي آهي... ماڻھو، پنھنجو پاڻ ٻين ۾ ڳولڻ شروع ڪندو آهي... پنھنجو قصو کيس پاڻ ڪندي مزو ناهي ايندو... هو چاهيندو آهي تہ سندس ’ڪھات‘ ٻين واتن ۾ هجي... ڪلاس ۾ پھريون نمبر ايندڙ کان وٺي، هڪ نامي گرامي اداڪار تائين هر ڪنھن جو مسئلو صرف ۽ صرف اهو ئي آهي... پوءِ جڏهن، هڪ ڀيرو سندس نالو ٻين جي زبان تي چڙهي وڃي تہ يا عمر اهو ’سوداءُ‘ کيس ڇڏيندو ناهي... هاڻي دنيا تہ دم گذر آهي نہ... هتي ڪھڙو ’وَٽي تي نالو‘ سلامت ٿو رهي... پوءِ جي اهو سڀ جهيڻو ٿيڻ شروع ٿو ٿئي تہ انيڪ وجودن کان اهو هضم ناهي ٿيندو... شھرتون غائب ٿيڻ شروع ٿين تہ ماڻھو چريا ٿي پوندا آهن مٺا...“ سڀ ماٺ هئا ۽ سائين جو آواز وڌيڪ بلند هو... ”مٿان وري شھرتن جي بلند ٿيڻ جي تہ خبر پوندي آهي... زوال جي خبر ناهي پوندي... اهو تہ اوچتو اچي ٺڪاءُ ڪندو آهي... گهڻن کي تہ خبر ئي ناهي پوندي تہ وقت سندن نالو ڪڏهوڪو ميسارڻ شروع ڪيو هو... هاڻي ان عمل جي ڄاڻ هر ڪنھن کي آهي ۽ صرف ان خوف جي ڪري ئي، اهي اداڪار، صداڪار، معروف ماڻھو، وڏا ماڻھو... اهو سڄو ڦٿڪو ڪندا آهن... تہ جيئن... گم ٿيڻ جو اهو عمل، ڪجهہ وقت ٻيو ٽري سگهي... ان اداڪار کي توهان هر هر اٿي بيٺل پئي ڏٺو نہ... اجايو سجايو فون تي زور سان ڳالھايائين پئي نہ ۽ مٿان وري وڏا وڏا ٽھڪ بہ پئي ڏنائين تہ اهو سڀ ڇاهي؟... اهو ’ڌيان طلب‘ آهي نہ ٻچا... تہ مون ڏي ڌيان ڏيو... اڙي مان بہ هتي ئي آهيان.“
” پر سائين هو تہ اتي هو، اها تہ اسان کي خبر هئي... اسين تہ هن کي سڃاڻون پيا“ ملوڪ وچ ۾ ٽپڪو هنيو...
”نہ پر هن کي پاڻ کي خبر نہ هئي نہ ٻچا... تہ ڪو هو هتي هو يا نہ هو. چيم نہ توکي پھرين تہ هن پنھنجو پاڻ کي نہ پئي سڃاتو... جي سڃاڻي ها تہ ائين نہ ڪري ها... وڃائجڻ جو خوف... سڃاتلن کي وڌيڪ هوندو اٿوَ... ان ڪري وڌيڪ بي قرار هوندا اٿوَ مٺا... جيڪي گوشه نشين هوندا آهن... ڪڏهن انھن تي غور ڪيو اٿوَ... قرار وٽن مڻن ۾ هوندو آهي... ماڻھو پاڻ کي سڃاڻي وٺي تہ کيس ڪنڊ بہ ملندي آهي راڻا... نہ سڃاڻي سگهي تہ ائين هجومن ۾ وائڙو ٿي پيو هلندو آهي... دنيا ۾ وڌ کان وڌ ماڻھو، هجوم ۾ ايندي نڪ مھٽيندا آهن... ڪي ٿورا، ڇنڊ ڦوڪ ڪندا آهن... ۽ ڪن کي کنگهہ اچي ويندي آهي... اهي عام عادتون اٿوَ... جيڪو وڻائڻ جي مرحلي ٽپڻ مھل، امتحان مان لنگهڻ جي نشاني هوندي آهي... مشھور ماڻھن کي غور سان ڏسبو... انھن مان ڪجهہ بہ وٽن نہ هوندو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو سمجهندا آهن تہ هو اڳ ۾ ئي وَڻيل آهن... کين اهو خوف ئي ختم ڪندو رهندو آهي تہ جي اهو وڻڻ کسجي ويو تہ ڇا ٿيندو... اهو سڄو ڌيان طلب... ان وڻڻ کي ورجائڻ هوندو آهي ابا... اها ٻي ڳالھہ هوندي آهي تہ ذات جي اها سڃاڻپ... کانئن بنا ٻڌائي رخصت ٿي ويندي آهي...“

(ڇپيل: آچر 4 جولاءِ 2010ع)

اندر جي ايڪتا (سائين)

دل هنجهون هارڻ تي بَضد هئي، روح ڄڻ ڦاٽي ٿي نڪتو... مون کي پنھنجو پاڻ پنھنجي قبضي مان نڪتل لڳو هيو...۽ هنن جي ڪشاده ٻانھن ۾ ذرو ذرو وکري رهيو هئس... هنن مون کي ڀاڪر ۾ ڇڪي ڇڏيو... وارن ۾آڱريون ڦيرائيندي چيائون، ”سڄو وکر اڄ ئي کپائي ڇڏيندين ڇا مجهول؟“ منھنجي اندر ۾ ڄڻ نارَ کلي ويا هئا... ڍَڪرُون ڏيندي جيءُ نہ پيو ڀرجي... سائينءَ، هڪ ٻانھن جي دائري ۾ جڪڙيندي ٻئي سان جڳ مان گلاس ۾ پاڻي اوتي منھنجي وات سان لاتو... ”هي پِيءُ... هان وٺ... ايترو پاڻي هاريو ٿي... ڪجهہ اندر ۾ بہ اوت...“ منھنجو نڪ وهي رهيو هو. هنن، پنھنجي انگوڇي سان اگهندي، پاڻيءَ جو گلاس وري منھنجي وات سان لڳايو... سڄي عمر جي جھڙي تاس کڻي آيو هئس... گلاس جي خالي ٿيڻ جي خبر ئي نہ پئجي سگهي... هنن نرڙ چمندي چيو، ”ديريون ٿي وڃن تہ ملول مَنَ ٽڙڪي پوندا آهن ٻچا... ماڻھوءَ جي اندر جي ايڪتا، جواب ڏئي ڇڏيندي آهي.“
پاڻيءَ ڪجهہ سامت آندي هئي ۽ ڪجهہ وري سندن ڀاڪر جي گرميءَ... هوش سنڀاليندي پڇيم، ”ماڻھو دير ڇو ڪندو آهي سائين؟“
هڪ گھري مُرڪ سان هنن هڪدم وراڻيو، ”ڇاڪاڻ تہ سويرَ سندس ضد آهي. تو ڪڏهن اهو محسوس ناهي ڪيو تہ جيڪي سڀ ڪم وقت کان اڳي ڪري ڇڏيندا آهن، اهي گهڻو ڪري ضد سان گهڻو سلھاڙيل هوندا آهن. پنھنجي ذات جي ضد کي هٿ هٿ ۾ ڏئي، هو هر ڪم پھرين ڪرڻ گهرندا آهن.“
”تہ ائين نہ ڪرڻ گهرجي ڇا سائين؟... ڇا هر ڪم ۾ دير ضروري هوندي آهي؟“
”نہ....دير ضروري نہ هوندي آهي... نہ ئي وري تڪڙ ضرور هوندي آهي... ضروري اهو هوندو آهي، منھنجا ٻچا تہ هر ڪم صرف پنھنجي وقت تي ڪيو وڃي... نہ تہ چيم نہ... تہ ذات جي ايڪتا جواب ڏئي ڇڏيندي آهي.“
مون پنھنجو پاڻ کي ڍرو ڇڏي ڏنو آهي. هنن مون کي، وهاڻي مٿن کان ڏئي ليٽائي ڇڏيو ۽ پاڻ اٿي ويا... گلاسن جو کڙڪو محسوس ڪندي، مون اکيون ٻوٽي ڇڏيون... سائينءَ ڪجهہ ٺاهيو پئي ۽ جهونگاري بہ رهيا هئا... ”مون ۾ تون موجود، آئون اڳاهين آهيان.“ وڏي واڪ جهونگاريندي هنن سڏيو، ”محمود...هي پِي وٺ...“
اکيون کوليم، مٽيءَ جي وٽي ۾ پاڻي هو... پيتم تہ مٺو لڳو... هنن کنڊ جو شربت ٺاهيو هو... ”دماغ خشڪ ٿيڻ لڳي تہ مٺو کائبو آهي شھزادا... تو جنھن حساب سان، پاڻي ڪڍيو آهي، تيئن تہ تنھنجي مغز کي ڏرا ڏيڻ گهرجن...“
الاءِ ڇا هيو... الاءِ ڇو هُيو... مان هر عمل تيز تر ڪري رهيو هئس... پاڻيءَ جو وَٽو بہ مون جلدي ئي خالي ڪري ڇڏيو... هنن وَٽو رکندي، مون ڏانھن نھاريندي چيو، ”جيڪي جِيءَ ۾ رهندا آهن نہ ابا... اهي سُٿرو، سوَلو جاءِ خالي ڪرڻ جا قائل ناهن هوندا... ڀلي توهان کين تڙي ڪڍو، پر هو بھرحال هوندا اتي ئي آهن... مٿان وري اوهان جي اها ناڪامي تہ توهان کين ڪڍي نہ سگهيو، اوهان کي رَتُ رئاڙيندي آهي، پر اهم ڳالھہ تہ اها آهي تہ جيڪڏهن کين ڪڍڻو ئي اٿوَ تہ پوءِ رهايو ڇو هُيُوَ؟“ مون وٽ ڪو بہ جواب نہ هيو... هنن جي ڳالھہ اڃا اڳتي وڌي هئي، ”دنيا جا سڀ حَسِين ڪاڄ، ايڪتا سان ٺھندا آهن... ڪڙو، ڪڙي ۾ ملي زنجير ٺاهيندو آهي. لوڻ مرچ، گڏجي وڌيڪ سواد ڏيندا آهن... منظر گڏبا تہ نظرَ ڪم ڪندي نہ... قلم ڪاغذ سان ملي ٿو تہ حَرف لکجي ٿو نہ... انھيءَ ٻڌيءَ کان سواءِ سڀ بيڪار آهي، جيڪڏهن اها ٻڌي ٿي نہ سگهي تہ ڪجهہ ڪو نہ ٿيندو... ڪڙو، ڪڙي سان نہ مليو تہ زنجير ڪاٿئون ايندي! لوڻ مرچ کان سواءِ تہ ڪو بيمار ئي کائي، تندرست جا تہ لاھہ ئي نڪري ويندا... نظر نہ هُجي تہ منظرن جي سونھن ڪنھن ڪم جي ۽ خالي هَوا ۾ لکندڙ قلم جا حرف ڪنھن پڙهيا آهن ڇا؟ مطلب تہ اها ايڪتا، حياتي آهي... ست رنگ گڏجي انڊلٺ ٺاهيندا آهن محمود.“ هُو بہ ٽيڪ لڳائي ويھي رهيا... سياري جي پٿراڻي سندن مٿن کان هئي، سرديءَ جو احساس شربت پيئڻ کان پوءِ پيدا ٿي رهيو هو.
”اندر جي ايڪتا ڇا هوندي آهي سائين...؟“ منھنجو آواز مون کي ئي اوپرو لڳو هو... پر بھرحال هاڻي سوال واضح نموني ڪري ويو هئس.
”اندر جي ايڪتا ئي، دراصل ٻاهرين ايڪتا جو اساس هوندي ٿئي.“ هنن هلڪو کليو. ”ٻاهران تہ اسين وڏا ڀاڪر پائي ملندا آهيون. هڪٻئي کي کيڪاريندا آهيون، گهر تي هلڻ جي دعوت ڏيندا آهيون، پر اسان جو اندر ان جو منظر هوندو آهي. ٻاهران گڏ هجڻ کان، اندران گڏ هجڻ، لکين درجا بھتر هوندو آهي، اها ٻي ڳالھہ آهي جو اسين ٻاهران گڏجڻ کي تہ محسوس ڪري سگهندا آهيون، پر اندر جي ڳنڍائي جي صدا نہ ٻڌي سگهندا آهيون... دنيا ۾ صرف اهي ئي ڪامياب ٿيندا ٿئي، جن جا اندر ڳنڍيل هجن.“
”اندر جي ايڪتا ڇا، سامھون واري لاءِ هئڻ ضروري آهي سائين؟“
”نہ ڪو... اهو مون ڪڏهن چيو ڀوڪَ... اندر جي ايڪتا تہ پنھنجي اندر جي نظام جي هوندي آهي... ڏس اک ڏسي ٿي، دل پسند ڪري ٿي، دماغ سمجهائي ٿو، مَن ماندو ٿئي ٿو... محبت ٿي وڃي ٿي... ڏس آهي نہ ايڪتا... دنيا جو ڪو بہ عاشقِ ناشاد دل مراد ڳولي اچ، جيڪو انھن چئن ئي مان ڪنھن هڪ کان بہ منڪر هجي... ۽ پوءِ بہ چوندو هجي تہ يار محبت ٿي وئي ٿم... منھنجا مٺا، ٻڌيءَ کان سواءِ ڪجهہ بہ ڪونھي...“ ڳالھہ الاءِ ڪيئن ڪري ويٺو هوس، سائينءَ جي نگاھہ جو رنگ مٽجڻ لڳو... هُو سڌا ٿي ويھي رهيا، آواز ۾ کرج اچي ويو هئن، ”محبت ئي ايڪتا جو اساس ٿئي راڻا... نفرت ۾ بہ ماڻھو گڏجي تہ ٿو... پر وير وٺڻ لاءِ ڪنھن کي هيٺانھون ڏيکارڻ لاءِ، دنيا ۾ ويري، هڪٻئي جا ساٿاري بڻجي ويندا آهن. وقت جي ڪنھن ٿوري وٿيءَ لاءِ هو گڏجي بہ پوندا آهن ۽ ’تڪڙي ايڪتا‘ ڏيکاريندا آهن، پر تاريخ ثابت ڪيو آهي تہ هوڏانھن ڪم لٿو، هيڏانھن ڊکڻ وسريو... جنھن مقصد سان مليا هئا، سو پورو ٿيو تہ مَن واھہ واھہ... ۽ جي نہ ٿيو تہ بہ واھہ واھہ... جوڳي نہ ڪنھن جا مِٽَ... وري هڪٻئي جي شڪل ڪا ورلي ڏسجي... محبتن ۾ گڏجڻ، ان جي برعڪس هوندو آهي... محبت سان جيڪا ايڪتا جڙي ٿي، تنھن ۾ ڪا موقعي پرستي ناهي هوندي ابا... ڪنھن کي هيٺ ڪرڻ جو ڪو معاملو ناهي سوچبو... محبت ۾ تہ ايڪتا وڇوڙي کي بہ حسناڪي ڏئي ڇڏيندي آهي... الڳ ٿي بہ الڳ ٿي نہ سگهبو آهي.“
”اندر جي ايڪتا، ڇا تال ميل آهي سائين... يا بس... ڪو جُڙيل جھان آهي؟“ منھنجون اکيون وري ڀرجي آيون هيون، محبتن جي مامَ ۾ وري ضربيو هئس... اعتبار جي مَسند وري ڌُڏي هئي... شايد ان ڪري گهڻو روئڻھارڪو هئس.
”اهو ڪوبہ جُڙيل جھان ناهي راڻا...“ هنن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو. ”اهو زندگيءَ جو تال ميل آهي... ڪاٺين جي ڀريءَ وارو سبق ياد ٿئي نہ...! جڏهن مُٺِ گڏ هئي تہ ٻي مُٺِ ٽوڙي نہ پئي سگهي... تہ اهو مُٺِ جو مُٺِ سان جڙيل جھان تہ هُيو، پر ذهن ۽ طاقت جو تال ميل هو. اوهان جي دل جنھن جذبي ۾ اُپٽار ڪري ٿي، اوهان جي تند، جنھن سُر تي جهومي ٿي ۽ اوهان جو روح، جنھن سان خوش ٿئي ٿو، سمجهہ، ان سان اوهان جي ايڪتا آهي... ساڻس گڏجڻ کان پھرين اوهين پنھنجو پاڻ ۾ گڏجو ٿا ۽ ان کي قبوليت جي مسنَد ڏيو ٿا... اها مسند، جنھن تي ايڪتا لکيل هوندي آهي... اهو ڪڏهن نہ وسارجانءِ تہ ڪوبہ لڙڪ اڪيلو نہ وهندو آهي ۽ نہ ئي ڪو ٽھڪ، ڪڏهن زندگيءَ مان اڪيلو نروار ٿي سگهيو آهي... اها ايڪتا ئي هوندي ٿئي ٻچا... جيڪا حياتيءَ جو مڪمل احساس ڏياريندي آهي.“

(ڇپيل: آچر 5 ڊسمبر 2010ع)

هڪڙي ڪَلِي (محبت)

هن ڪنڌ مٿي کنيو، ڳيت ڏيندي چيائين، ”منھنجي حصي جي ڪلي، هن سال ڇو نٿي ملي سگهي؟!“
منھنجو ڪنڌ جهڪيل هو، نگاھہ جا دائره، هيٺ، سندس سينڊل ۾ جڪڙيل پيرن ۾ هئا جن ۾ ٻن آڱرين ۽ آڱوٺن ۾ خوبصورت ڇلا پھريل هئا. الاءِ ڇلا سھڻا هئا، الاءِ سندس آڱريون... هونئن دل کي يقين هيو تہ جي ڇلن ۾ ڪا سونھن آهي بہ سھي تہ بہ سندس پيرن جي آڱرين جي ڪري ئي آهي. اکين جو مرڪز سندس پير هيا پر سامھون سندس سڄو ’سراپو‘ هو... ائين هوندو آهي تہ اسين جن کي پنھنجي دل جي تڪ تي ويھاريندا آهيون، انھن لاءِ اکين سان ڏسڻ جي شرط ’لازم‘ نہ هوندي آهي بلڪي اهي بند اکين ۾ وڌيڪ چٽا ٿي ويندا آهن. هنن جي حضور ۾، اسان جو ڪنڌ ائين ئي جهڪيل هوندو آهي. اکين کي پنبڻين مٿي ڪرڻ جو ’اذن‘ نہ ملندو آهي تہ بہ اسين سندس هڪ هڪ جنبش ڏسي سگهندا آهيون... محسوس ڪري سگهندا آهيون.
”منھنجي سوال جو جواب نہ مليو“ هن ڳالھايو، ”منھنجي ڳالھہ ڇا جواب طلب بہ نہ آهي؟“ سندس آواز ۾ شڪايت اچي وئي هئي، منھنجي دل ڄڻ اڻ ڄاڻ هٿن ۾ مھٽجي رهي هئي.
”نہ ڪو... نہ نہ... ائين ڪنھن چيو...“ غير ارادي طور اکيون کڄي ويون. هن جا پنبڻ آلا ٿي ويا هئا.
”هيترن ورهين جي رفاقت ۾، هي تون ٻيو ڀيرو مون سان ائين ڪري رهيو آهين... پھريون دفعو تہ تون وسري ويو هئين... هن ڀيري تہ ماڳھين انڪاري آهين“ سندس لھجو سخت هو، منھنجي منھن تي ڦڪي مرڪ اچي وئي.
”تو... اجايو ناراض ٿيڻ اڃان بہ ڪو نہ ڇڏيو آهي؟“
”اهو بہ منھنجي ڳالھہ جو جواب ناهي... مون کي ورندي ڏيندي لھرائين ٿو ڇا؟“
اکين ۾ سموئيندي چيومانس، ”بھار رت ۾، پٽن جا لاشا کڻڻ ڪيڏو نہ هنيانءُ ڏاريندڙ ڪم آهي جانان... گلن جي موسم ۾، ڪليون پٽڻ ٻي ڳالھہ آهي... کين ٽوڙڻ مروڙڻ ٻيو فعل... درد جي اها شدت ڪير محسوس ڪري سگهي ٿو؟“ کانئس ڄڻ پنھنجو خيال وسري ويو. امالڪ چيائين، ”سڀ کان گهڻو سُور تہ سائين اهو محسوس ڪري سگهي ٿو، جنھن جي پنھنجي مٿان گذري هجي... ڳاڙهن گلابن مٿان، ڳاڙهو گلاب هاريندڙن جي رمز، ڏسڻ ۾ تہ سڀني کي ايندي آهي سائين... سمجهي صرف ’پٿر وارو‘ سگهندو آهي.“
”پٿر واري جو سور، پٿرائيندڙ کي سمجهہ ۾ ايندو آهي اني...؟“ الاءِ ڇو سوال هڙڪي پيو... سمجهہ ۾ ئي نہ پي آيو تہ جملا اچن ڪٿان پيا.
”چيم نہ سائين... اهو سڀ صرف مٿان گذرندڙ کي ئي معلوم ٿيندو آهي... جن سان وهي واپري، سي ئي لهس محسوس ڪري سگهندا آهن... ٻين جو معاملو تہ رڳو ’هٿ سيڪڻ‘ جھڙو هوندو آهي.“
سندس سوچ جو قد ڪاٺ، مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. هُوءَ ذهني قداوريءَ ۾ ڪمال رکي ٿي، جنھن حد تائين ٻن سوچن جي هم آهنگي ٿي سگهي ٿي، ان حد تائين اسين الائي ڪيترا ڀيرا ويندا آهيون... مون کي اها ئي خوش گماني هوندي آهي تہ هو هر معاملي کي مون کان پھرين سمجهي ٿي وٺي... ۽ ائين ٿيندو بہ آهي... پر هر ڀيري نہ، اڄ بہ ائين هو جو سندس سوچ، منھنجي رمز کي پروڙي نہ سگهي هئي... باقي ٻين معاملن تي تہ هن ڪمال خوبيءَ سان ڳالھايو پئي.
”پٿرائيندڙ، پاڻ پٿرايل هوندا آهن... جذبن ۽ احساسن جي خالي پڻي ۽ ڏيوالي پڻ جي ڪري ئي، سڪي ٺوٺ ٿي ويندا آهن سائين... هنن وٽ سمجهہ نالي ڪا شئي نہ هوندي آهي، جي هُجَينِ تہ ائين ڪن؟“ اندر ۾ عجيب ڄر هئي، زيادتين جي جھان ۾ هڪڙو ٻيو اضافو ٿيو هو. هڪڙي ٻي کٽ خالي ٿي هئي ۽ سبب ڪو بہ خاص ڪو نہ هو. هٿن ۾ جهليل سرد لوھہ جي نڪتل باھہ ۾، هڪ ٻي بھار جلي خاڪ ٿي وئي هئي.
”منھنجي پاران ڪجهہ بہ لازم ناهي هوندو سائين... پنھنجي رشتي جي سونھن پاڻ تائين محدود آهي، اهو بہ ٺيڪ آهي... حياتي گيان ڌيان ۾ گذري ويندي... محبت ۾ ڄمار ڪٽجي ويندي آهي پر بھر حال سال ۾ هڪڙي ڏينھن تي، اها هڪڙي ڪلي تہ منھنجو بہ حق آهي بلڪہ ’استحقاق‘ آهي.“
”تون حڪومت ۾ شامل ٿي آهين ڇا جو اهڙا ڏکيا لفظ استعمال ڪرڻ شروع ڪيا اٿئي؟“
”تو تي حڪومت اٿم... اهو گهٽ آهي ڇا؟“ هن مرڪيو مس مس منھن تان دٻاءَ گهٽيو هئس. مون کي لڳو تہ منھنجو منھن بہ ڄڻ مرڪندو هجي، پر هڪدم وري ڄڻ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. هُوءَ بہ چپ ٿي وئي هئي... ماٺ جي ڪجهہ گهڙين کان پوءِ سندس آواز گونجيو، ”ننڍو نيٽو هو نہ... مڇن جي ساوڪ اٿس فوٽوءَ ۾...“ مون هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو، ”منھنجي پٽ سان گڏ پڙهندو هو... ٻئي ڪلاس ۾ ئي ويٺا هئا جو کيس سڏڻ آيا هئا... هُو نہ آيا هئا، اجل کين وٺي آيو هو.“
”پوءِ ننڍڙو ڪيئن آهي؟“
”ڇرڪي ٿو... وسامجي ويو آهي... پنھنجي ڪلاسيءَ کي، جيڏي کي ياد ڪري هانءَ ڦاڙي رُنائين پئي.“
”توکي ان جهوريءَ جهوريو آهي نہ سائين“ هو مون ڏي سرڪي آئي. هٿ جهليندي آهستي آهستي ڳالھائيندي رهي، ”پنھنجي ٻارن سان تون ڏاڍو پيار ڪندو آهين... پنھنجن شاگردن سان، نياڻين سان، ٻچن سان... مونکي تنھنجي درد جو اندازو آهي... هي ڪليءَ واري ڳالھہ تہ مون مڙئي، تنھنجي خيال مَٽائڻ لاءِ ڪئي هئي.“ سندس آواز ڄڻ مون کي ڀڃي وڌو. اندر جو اوٻر، جهٽڪا ڏئي ٻاهر نڪرڻ لڳو. ائين ڄڻ، هڪ ڀيرو خالي ٿيڻ کان پوءِ وري نلڪن مان، هوا سان گڏ پاڻي نڪرندو آهي. منھنجي روئڻ جي مون کي پاڻ خبر نہ پئي پئي، بس بي اختياريءَ جي سمجهہ سامھون هئي. هن مون کي ٻانھن ۾ ڀري ورتو ۽ ٻارڙن جيان پرچائڻ لڳي. ”همت ڪر... ائين ڪبو آهي ڇا؟ دعا ڪرينس... هن کي بہ ڪر ۽ ٻين کي بہ... هن جي بخشش ٿئي ۽ ٻين کي عقل اچي.“ الائي ڪيتري دير ائين رهيو. هوءَ پاڻي کڻي آئي... ڪجهہ ڍُڪن ۾ ڄڻ هوش موٽڻ لڳو، ”اسين هر سال، محبتن جي مند ملھائيندا آهيون سائين... محبت وري وڇوڙي جي مند کان ڊڄندي آهي... پيار لاءِ خزان آهي جدائي... تنھن ڪري تہ محبوب خزان رسيدا نہ ٿيندا آهن ڇاڪاڻ تہ هو جدا ٿيندا ئي نہ آهن... گل ڏيڻ سٺو سؤڻ آهي... گل رکڻ بہ پنھنجي جاءِ تي گهٽ ناهي هوندو.“
”اهو ئي ڪيو اٿم هن واري... محبتن جي ڏينھن جي ڪلي، مون ’احمدپور‘ جي ’طيب قبرستان‘ ۾ آرامي ’بابر سنديلي‘ جي گَورَ تي رکي آهي... ڪَليون تہ جام هونديون آهن پر جنھن سڪ سان اها ڏبي آهي، ان سڪ جو محور هن ڀيري مَٽيو آهي.“ اسان هڪٻئي جو هٿ جهلي ورتو. الائي اسان جي مُکن تي ڪي سوال هئا، الائي ڪي جواب، الائي ڪجهہ بہ نہ... بي رونقي وڌي وئي هئي.
”منھنجي دل بہ اهو ئي چيو هو“ هن چيو، ”۽ اهو بہ چيائين پئي تہ ڇا ماڻھن کي اهو سمجهائي سگهجي ٿوتہ ٻين جو جهڳو ڊاهيندڙ، پاڻ بہ هڪ نہ هڪ ڏينھن ’پَٽ‘ ضرور پوندو آهي.“ مون جواب ڏيڻ گهريو پر لڳم... مان پنھنجي حصي جا سڀ جواب کپائي چڪو آهيان ۽ الائي ڪنھن اندر ۾ سرگوشي ڪئي، ”هن جو بہ بس اهو آخري سوال ئي اٿئي.“

(ڇپيل: آچر 13 فيبروري 2011ع)

ڪَلر بلائينڊ (سائين)

هڪ ٿڌو ساھہ ڀريندي چيائون ”ماڻھوءَ جو مُکُ تہ بليڪ اينڊ وائيٽ هوندو ٿوَ ٻچا.... سڄو رنگ تہ مٿس چڙهيل جذبي جو هوندو آهي.... جنھن جذبي جي اُٿل ٿي، ان رنگ جو ماڻھو بڻجي ويندو ٿوَ.... ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو، ساڙ ۾ ڪارو... محبت ۾ نيرو... ۽ نفرت ۾ ناسي... محبت آسماني صفت آهي. ان ڪري ڄڻ نير چڙهي ويندو آهي چھري تي.... ۽ نفرت ڇاڪاڻ تہ اندر ۾ خزائون آڻي ٿي، تنھن ڪري چھرا ناسي ٿي ويندا آهن...“ سڀ ماٺ هئا، سندن بيان جاري هو. ”اکين تي جنھن شيشي جي عينڪ چڙهيل هوندي آهي نہ بابل... منظر ان رنگ جا ٿي ويندا آهن. ٻاهر تتل اُس هجي.... ماڳھين نٽھڻ ڪم لڳو پيو هجي.... آسماني شيشو پھريو تہ آسماني.... جي سائو تہ سائو.... مطلب، لڳندي ٿڌاڻ... هوندي تہ ڪونہ... پر بھرحال.... نظر تہ ائين ئي ايندو آهي...“
”تہ پوءِ سائين.... اهو دوکو نہ ٿيو!؟“ ڪنھن ڪنڊ مان آواز آيو... سائينءَ جي منھن تي مُرڪ ۽ اکين ۾ عجيب جوت اچي وئي.... ”حياتي پاڻ ڌوکو ناهي ڇا راڻا... بابا.... جي دوکو ناهي تہ آخر ۾ دوکيبازي ڇو ٿي ڪري.... وفا تہ سندس سرشت ۾ ئي ناهي... پوءِ ايڏو وڏو دوکو ساڻ کڻي هلو ٿا، باقي اکين تي چڙهيل رنگ جو افسوس ڪجي! جيڪو هٿ وس ۾ آهي تہ جنھن مھل بہ دل چوي، اکين تان هٽائي ڇڏجي... جڏهن هينئون هُري، تہ پنھنجي دٻي مان ڪڍي، عينڪ اکين تي چاڙهي ڇڏجي... ان دَٻي جي ڪھاڻي وري عجيب ٿوَ. اکين کي جي رنگن جي هيرَ ٿي وڃي تہ ان مزي ماڻڻ لاءِ اهو دٻو ضروري هوندو آهي. شيشو ٽُٽو... ڄڻ رنگ ڇُٽو... جيسين نئون ٺھي... تنھن ڪري اوهان ڏٺو هوندو تہ موبائيل جي ڪَور جيان، ماڻھو چشمي جو ڪَور بہ ساڻ رکندا آهن... سفر حَضر ۾... اهو گڏ گڏ هوندو آهي... اڳي عينڪ، ڪور ۾ بند ٿيل ۽ ڪپڙي جو رومال ساڻ کڻبو هو هاڻي رومال جي جاءِ ٽشوءَ تہ ورتي آهي... عينڪ جو ڪَور، اڃان ان لائق ڪونہ ٿيو آهي، جيڪو هر هر پيو اڇلائجي...“
ڳالھہ رنگن جي هلي هئي.... هولي آئي هئي.... يونيورسٽين جي شاگردن جا ڪپڙا، هٿ ۽ چھرا رنگين هئا. ڳاڙهو، آسماني ۽ ڪٿي ڪٿي سائو گُلال، متحرڪ نظر آيو پئي... ڪٿي ڪٿي، ڀتين کي چنبڙي اهو جامد ٿي ويو هو. تھوارن کان سواءِ بہ اهو سلسلو هاڻي، رسم جھڙو ٿي ويو آهي، گهڻو ڪري، سيمسٽر جي الوداعي ڏينھن تي ۽ ماڳھين ختم ڪندڙ يعني فائنل بئچ جي موڪلائڻ واري ڏينھن تي، اها رنگن جي وکير، ’گهڻ‘ ۾ پئجي ويندي آهي. ڪي لڪندا وتندا آهن ۽ ڪيترائي هٿن ۾ رنگ کنيو، ڳولا جي جھان ۾ هوندا آهن.
”ماڻھو.... اصل ۾ پنھنجو رنگ ڇڏڻ ٿو گهري بابلا...“ سائينءَ ڪٽوري مان پاڻيءَ جو وڏو ڍڪ ڀريو ۽ ڳالھہ جاري رکي ”ماڻھو تہ بي رنگ هوندو آهي.... سندس ڪِرت سندس رنگ هوندي آهي. جنھن هنر ۾ هجي، تنھن هنر جي لاٽ کي، جوت کي امر ڪرڻ گهرندو آهي. پنھنجي ذات جو ڏيئو ٻاري، پنھنجي پاڻ کي ڳوليندو آهي. پنھنجو پاڻ جي لڀي وڃينس تہ ٻين کي بہ ڏيکاري سگهندو نہ... ۽ پنھنجي ڳولا وري ’تفاوت‘ سان ملي ٿي.... ان لاءِ رنگ جو مختلف هجڻ ضروري آهي... ڏسو... ساڳيو رنگ، ساڳئي ۾ مدغم ئي ٿيندو نہ... اهو مخالف رنگ هوندو... ڪنٽراسٽ، جيڪو نڪري نروار ٿيندو.... تڏهن ئي تہ خبر پوندي... هن دنيا ۾ جنھن بہ شعبي ۾ جيڪي بہ امر ٿيا، تن پنھنجو ڪنٽراسٽ، پنھنجو تفاوت پھرين ڳولي ورتو بابا... پوءِ ان کي ٻين جي رنگن جي جھان ۾ کڻي آيا... سندن فرق واضح ٿيو تہ هنن جي رنگ کي دنيا بہ سمجهڻ شروع ڪيو.“
”۽ ڪَلر بلائينڊ سَر.... اهي ڪھڙي کاتي ۾ ايندا آهن...“ سوال دراز ٿيو، سائينءَ سڀني تي نگاھہ وڌي ۽ پنھنجو مرڪوز سوال ڪندڙ کي ڪري ڇڏيائون ”انسان جي فطرت هوندي آهي ٻچا تہ هو سڀ کان پھرين نقص ڳوليندو آهي... چڱائيءَ تي نگاھہ گهٽ ويندي آهي... غلطي اڳ ۾ جهليندو آهي... معاف پوءِ ڪندو آهي...“
”ائين تہ ٿيندو نہ سائين....“ ڪنھن ڳالھہ ڪٽڻ جي جرئت ڪئي ”جي غلطي نہ ڪبي تہ معافي ڇا جي ملندي؟“
”نہ تہ ڇا معافيءَ جا دروازا، هونئن بند هوندا آهن ڀُوڪ“... هاڻي سائينءَ جو لھجو مٽجي ويو... ”ڇا، معاف ڪرڻ لاءِ ئي اوهان غلطيون ڳوليندا آهيو!. ڇا ’درگذر‘ نالي جھان ۾ ڪو لفظ ئي ڪونھي؟ ڇا.... جيڪي اسان جي ويجهو هوندا آهن... اهي غلطين کان پاڪ هوندا آهن.... ۽ انھن لاءِ سڀ ڪجهہ آئسڪريم سوڍا هوندو آهي! جي ڀلا در بند هجي تہ کڙکائڻو پوندو نہ... ۽ جي نہ کُلي تہ پوءِ ڇا ٿيندو! ها... اهو سڀ ائين بہ ٿئي ٿو، پر هڪ ڳالھہ ياد رک... جيڪو بخشش عنايت ڪندو آهي، اهو غلطيون نہ ڳوليندو آهي... جو غلطيون ڳولڻ تي ويھي تہ ڪير بخشجي سگهندو!“ سڀ ماٺ ٿي ويا هئا. سندن لھجي ۾ جلال اچي ويو هو، ”مٺڙو رب، جل شانہ، اوهان جي غلطين کي ڳولي ٿو ڇا!.... ۽ ڇا انھن جي حساب ڪتاب ۾، معافيءَ جي پلڙي کي ڳرو نہ ٿو رکي.... جي معافيءَ جو پلڙو ڳرو نہ هجي تہ ڪير بخش ٿيندو..! ڇا اهو ناهي سمجهايو ويو تہ پنھنجي ڪارنامن تي، پنھنجن ڀلائين تي، نيڪين تي، پاڻ نہ پڏايو... معافي وري بہ سندس عطا ئي ٿيندي... ها... ان جو مطلب اهو هرگز ناهي تہ ماڻھو نيڪي نہ ڪري... ۽ بس، معافيءَ جي اميد ۾ دڙها هڻندو وتي.“
سڀ ماٺ ٿي ويا هئا... ذڪر ڪيڏانھن کان ٿيندو، ڪيڏانھن هليو ويو هو.... هنن تيزيءَ سان ڪٽورو خالي ڪيو... پاسي ۾ ويٺل، محمد جمن، اهو هڪدم ڀري ورتو... سندن ڪنڌ جهڪي ويو هو... ڪجهہ گهڙين جي ماٺ کان پوءِ، سندن آواز بلند ٿيو. ”اسين هر شئي جو ابتو رخ الاءِ ڇو پھرين ڏسڻ گهرندا آهيون ابا... شايد اسان کي سُبتو رخ ناهي وڻندو.... يا وري اسان کي اهو هر هر پيو نظر ايندو آهي تنھن ڪري اسان جي ان تي اک ئي نہ ٻُڏندي آهي... ذائقي ۾ تکاڻ کي ڳوليندا آهيون ۽ سونھن ۾ نقص کي...هاڻي تکاڻ بہ ٻنھين قسمن جي هوندي آهي... جي ڦِڪو آهي تہ ڪيترو ڦِڪو... ۽ جي کارو آهي تہ منجهنس ڪيتري کاراڻ آهي... اسين اتي اهو وساري ويھندا آهيون تہ کاڌو تہ آهي... ڀلي ڦِڪو يا کارو... ڀلا جي هجي ئي نہ تہ... اتي ڪَلر بلائينڊ جي ڳالھہ ڪندا آهيون... جنھن ۾ ڪو هڪ بنيادي رنگ نظر نہ ايندو آهي... هاڻي ساڳيو مثال ورجايون ٿا... اهو ڇو ٿا وساريون تہ شڪر آهي، نظر تہ آهي نہ... پوءِ جي هڪ رنگ جي کوٽي آهي تہ بہ مالڪ جي مرضي آهي... پر ڏسڻ ۾ تہ اچي ٿو نہ... ڀلا جي اهو بہ نہ اچي تہ... جي نظر ئي نہ هجي تہ...؟“
ڳالھہ ڪندي، الاءِ ڇو هنن جو مُک ملول ٿي ويو... ڪنڌ جهڪائيندي چيائون... ”سچ تہ اهو اٿوَ تہ اسان مان گهڻائي ڪلر بلائينڊ ماڻھن جي اٿوَ... جيڪي، جذبن جو رنگ ڏسي ڪو نہ سگهندا آهن... ماڻھوءَ جي مُک تي، آيل رنگ جي کين پروڙ نہ پئجي سگهندي آهي. اسين عزت کي خوشامد ۽ خوشامد کي عزت سمجهندا آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان کي رنگ جي ساڃاھہ نہ پوندي آهي... جي محبت هڪڙو رنگ آهي شھزادا... تہ الاءِ ڇو، دنيا جي نفسانفسيءَ ۾، اسان ان رنگ کان اڻ ڄاڻ ٿيندا ٿا وڃون... محبت جا ڪَلر بلائينڊ آهيون اسين... هونئن اهو نقص ڄائي ڄَم کان هوندو آهي، پر اسين حياتيءَ جي الاءِ ڪيترن ماھہ و سالن کان پوءِ، ان مرض جو شڪار ٿيندا آهيون... ڪَلر بلائينڊ ٻار جي خبر ڏاڍي دير سان پوندي آهي...پر ڪلر بلائينڊ وڏي ڄمار واري جي خبر تہ سڄي عمر پئجي نہ سگهندي آهي... تڏهن تہ اسان جا چھرا بي رونق ٿي ويندا آهن... اهي ڳاڙها، ڪارا ۽ ناسي تہ ٿيندا آهن، آسماني ٿي نہ سگهندا آهن... ۽ شايد ان ڪري ئي، آسماني تڏهن ٿيندا آهن، جڏهن زندگي رخصت ٿي ويندي آهي.“

(ڇپيل: آچر 20 مارچ 2011ع)

اَجايو سَجايو (محبت)

الائي ڇو اجايو رهي الاءِ ڇا سجايو....سڄي عمر ڄڻ تہ ان فڪر ۾ ئي لنگهي ويندي آهي، جن جي لاءِ سڄي حياتي پنھنجو پاڻ پتوڙيندا آهيون، جن لاءِ هڪ هڪ نظر واجهہ وجهندي آهي، هڪ هڪ ڌڙڪو صدا ڏيندو آهي، اهي الاءِ ’بي خبر‘ هوندا آهن، الاءِ پاڻ کي ظاهر ڪندا آهن... اسان جون مراد ونديون نوڙتون، نيازمنديون الاءِ ڪھڙي کاتي ۾ وينديون آهن... هڪ ’اداءِ بي اعتنائي‘ جهول ڀريندي آهي... الاءِ ڪيترا ڀيرا شڪستہ دل اهو سڀ سھندي رهندي آهي. ڪجهہ ڪڇڻ جو معاملو ناهي هوندو، الاءِ ڪيترا جملا، زبان جي دروازي تي لڙڪائيندا ئي رهجي ويندا آهن... اها ’دستڪ‘ اسين ڪنائيندا رهندا آهيون، آواز جو دروازو کولي، کيس ٻاهر اچڻ نہ ڏيندا آهيون... اسان کان اهو دروازو کوليو ئي ڪو نہ ٿيندو آهي. ’وڃائڻ جي خوف‘ جو لاڪ لڳل هوندو اٿس، جيڪو اسين کولڻ ئي ڪو نہ گهرندا آهيون.
الاءِ ڇو محبتن ۾ خوفَ وڌيڪ هوندا آهن، متان هي ٿي پَوي، متان هُو ٿي پوي... نفرت وري بي خوف هوندي آهي، ان ڪري ئي اظھار جي دروازي تي مُنجهندي ڪونھي...کڙاڪ سان ٻاهر اچي ويندي آهي. هڪڙو ڪِرڀَ ورتل جذبو آهي نفرت... ڌڪارَ، جنھن دل ۾ وسي ٿي، ان جا پَٽ بہ ڌڪار سان ئي کولي ٿي. اهي محبتون هونديون آهن، جيڪي ”متان... شايد.. الائي“ جي ردا اوڙهينديون آهن... هاڻي اها محبوب کي بہ سمجهہ ۾ نہ ايندي آهي، پر الاءِ ڇو، ان جو گيان ڌيان هُو وڌيڪ ڪرڻ ناهي گُهرندو... شايد انھن کي ئي محبوب چئبو آهي، جيڪي اهڙيون ’عشره ترازيون‘ ساڻ رکندا هجن، هاڻي اها محبت، ڪو هڪَ ڏينھن جي تہ ٿيڻي ناهي...هر نئون ڏينھن، نئون رنگ کڻي ايندو آهي، پر اتي اها سوچ بہ ايندي آهي تہ هيترا ڏينھن لنگهي ويا، هاڻي تہ سمجهڻ گهرجي يا ’گهرجيس‘... پر نتيجو اهو ئي هوندو آهي... محبوبَ، سمجهڻ ئي نہ گهرندا آهن... اهو سڀ پنھنجي جاءِ تي صاحبانِ زمانہ... پر جيڪو گهرو الميو هوندو آهي، اهو هوندو هنن پاران ’ٿُڏڻ‘... مطلب، پسند نہ اچي تہ اهو بہ ٺيڪ آهي... ضروري ناهي تہ اسان جي هر شيءِ کيس پسند اچي، پر ’نپٽ‘ طريقي سان، هڪدم ڪنھن شيءِ کي، ڪنھن هُنر، ڪنھن ادا کي، اجايو ڪرڻ، ۽ ان لاءِ چئي ڇڏڻ، اصل جھڙو ماريو ڇڏي. جنھن کي، پاڻ ڪجهہ چئي نہ سگهجي ۽ جيڪو هڪ سٽَ ۾، سڀ ڪجهہ ڀورا ڀورا ڪيو ڇڏي، ان سڄي هيئت لاءِ ڇا عرض ڪري سگهجي ٿو، نارائڻ شيام لکيو:
ڪڏهن ڀي ڪين پوريءَ ريت مان سمجهي سگهيس توکي
بتي ٻاريان، اکيون پوري چوين، ڪِنَ روشني گهر جي
وسايان سا تہ جهڻڪين، ڪيئن ٿي اونداهي وڻي توکي...
ڪڏهن ڀي ڪين پوريءَ ريت مان سمجهي سگهيس توکي...
۽ ائين ئي سڄي عمر، سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي چڪر ۾، فنا جي حوالي ٿي وڃي ٿي، الاءِ سمجهائي سگهون بہ ٿا، الاءِ نہ... الاءِ پرين سمجهن ٿا، الاءِ نہ....الاءِ سمجهڻ گهرن بہ ٿا... الاءِ نہ... اجايو سجايو، پنھنجو گهيرو تنگ ڪندا رهن ٿا...ان سڄي قصي ۾، عزيزانِ مَن... جيڪو نُڪتو اهم ترين آهي، اهو آهي مصالحت...ڳالھہ ڳالھہ ۾ ڪمپرومائيز ڪرڻ... ”هُو چونئي، تون مَ چئو واتان ورائي“ وارو جھان حاوي هوندو آهي... ڀلي ڌڻي ناراض ٿين، ڪاوڙ جو اظھار ڪَن، هتان اها ئي ماٺ پلئہ پوي تہ غنيمت آهي... ۽ اها ئي سوچ هوندي آهي جو محبتن جا ڪاڄ سرندا آهن...هاڻي اتي وري هڪڙو ٻيو ’شاخسانو‘ ڪنڌ کڻندو آهي...پنھنجي اندر ۾ الاءِ ڪيترا چھرا، وجود جي آئيني ۾ عڪس ڏيکاريندا آهن تہ آخر اهو سڀ ائين ڇو آهي! ڇو نٿو سمجهيو وڃي مون کي....ڇو ٿو منھنجو سجايو بہ اجايو لڳي؟... ڇا ڪڏهن ائين بہ ٿي سگهي ٿو تہ مون وٽ ڪجهہ اجايو هجي ۽ اهو سجايو ٿي وڃي؟ دل چوندي رهندي آهي...سوال بلند ٿيندو رهندو آهي... دل کي تہ چوڻو ئي آهي نہ.
موهت چوهان ’تَنُون ويڊز مَنُون‘ ۾، ’راج شيکر‘ جي شاعري ’ڪسما‘ جي موسيقيءَ ۾ ڳائي آهي ۽ ان گيت تہ جھڙو رستو روڪي ورتو آهي، گيت جو سِرو رکيو ٿنَ ’يُون هِين...‘
ڪتنَي دفعي دل نَي ڪھا، دل ڪِي سُنِي ڪتنَي دفعي،
ويسَي تو تيري نان مين ڀي، مين نَي ڍونڍ لِي اپني خوشي،
تُو جو گر هان ڪھي، تو بات هوگي اور هِي
دل هِي رُکني ڪو ڪڀِي، اوپر اوپر سَي سھي
ڪھدينا هان...ڪھدينا هان... يُون هِي.
ڪتنَي دفعي حيران هُوئا، مين يہ سوچ ڪَي
اُٺتي هين عبادت ڪي خوشبوئين، ڪيون ميري عشق سَي،
جيسي هي ميري هونٽ يہ، ڇُو ليتَي هين تيري نام ڪو
لگَي ڪہ سجدا ڪِيا، ڪھہ ڪي تجهي، شپت ڪي بول دو
يہ خدائي ڇوڙ ڪي، ڦر آجا تُو زمين پہ، اور جائو نا ڪھين،
تُو ساٿ رهجا ميرَي،
ڪتنَي دفعي دل نَي ڪھا، دل ڪِي سُنِي ڪتنَي دفعي.
ڪتني دفعي مجهہ ڪو لگا، تيري ساٿ اُڙتَي هُوئي
آسماني دُڪانون سي ڍونڍ ڪي، پگهلا دون مين چاند يہ
تمھارَي اِن ڪانون مين، پھنا ڀي دون بوندين بنا
ڦر يہ مين سوچ لون، سمجهيگي تُو، جو مين نہ ڪہ سڪا
پر ڊرتا هون اڀي، نا يہ تُو پُوڇَي ڪھين، ڪيون لائَي هو،
ڪيون لائَي هو يہ يون هِي...
ڪتنَي دفعي دل نَي ڪھا،
دل ڪِي سُنِي ڪتنَي دفعي.

ائين ئي ٿيندو آهي...اسين الاءِ ڇو، قدر ڪري نہ سگهندا آهيون، اجايو سوال پڇڻ جي اسان کي ’هير‘ پيل هوندي آهي...ڇو؟ ڇا جي لاءِ...؟ ڀلا ڇو؟... جھڙا ننڍڙا جملا، ڇڪي ڊگها ڪبا آهن. سچي ڳالھہ تہ اها هوندي آهي تہ، اسان کي سمجهہ ئي نہ ايندي آهي، تہ اسين اهڙا سوال ڇو ڪندا آهيون... بس ڪندا ضرور آهيون...
هڪ ڊگهي نھار وجهندي پڇيائين ”مون کي سمجهي سگهيو آهين..!“
دل ۾ آيم چوانس... ”محبت جھڙي ناسمجهي ڪا ٻي ٿي سگهي ٿي!.. جيڪي سمجهو هوندا آهن، اهي محبتون نہ ڪندا آهن، کين ڪاروبار جي رمزَ معلوم هوندي آهي...“ پر چوڻ لاءِ جيڪو حوصلو ضروري هو، سو ڪٿان آڻيان ها... هڪ ضديري ادا سان، سوچ جو ’ٺونگو‘ هڻندي هن چئي ڏنو ”ڏٺئہ... چيومانءِ نہ... مون کي تون ڪڏهن بہ ڪو نہ سمجهي سگهيو آهين...“
رشتا ورهين جا مفاصلا لتاڙين تہ سمجهہ جي ساهميءَ جا پُڙَ وزنن جي آواز کان واقف ٿي ويندا آهن...اها اسان جي پنھنجي سوچ هوندي آهي، جو اسين ٺڪ سان اهو فيصلو ڪري وٺندا آهيون تہ ڪير اسان کي سمجهي ٿو ۽ ڪير نہ... ۽ مٿان وري سون تي سھاڳو اهو بہ هوندو آهي جو اسان کي سمجهہ جي ’سيڪڙي‘ جي بہ خبر پئجي ويندي آهي ۽ وڏي ڪروفَر سان اسين فرمائيندا آهيون ”هو مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو...“ جيتوڻيڪ ان ’اُڇال‘ هيٺان خال ئي هوندو آهي.
”مون توهان کي سمجهڻ جي دعويٰ ناهي ڪئي“ مون ڳيت ڏني، ”پر مان سمجهان ٿو تہ مون کي ڄاڻ آهي تہ ڪھڙو رنگ اوهان پائيندا آهيو ۽ ڪھڙو نہ ٺھندو آهي... ڪھڙي ذائقي کان اوهان کي مونجهہ ٿيندي آهي ۽ ڪھڙي سڳنڌ اوهان کي موهيندي آهي...“
همٿ الاءِ ڪٿان اچي ويندي هئي... هن جملو ڪٽيو، ”پر اهڙو ڪجهہ تہ تو ڪڏهن ڪيو ناهي... عجيب رنگ وٺي ايندو آهي... پنھنجي مرضيءَ جا کاڌا کارائيندو آهين... مون کي لڳل ڪنھن خوشبوءَ جي اڄ تائين تعريف تہ ڪا نہ ڪئي اٿئي...“
ماٺ جي جڪڙ مان نڪرندي چيم، ”پنھنجو پاڻ جھڙو ڏسڻ جي عجيب خواهش هوندي آهي، محبت ڪرڻ واري جي جانان... ۽ ان خواهش ۾ ئي شايد سڀ سجايا اجايا ٿي ويندا آهن... مٿان وري اسين محبت ڪرائڻ تہ گهرندا آهيون، پر ڪندڙ کي پنھنجي سوچ مطابق ڏسڻ گهرندا آهيون ۽ ان ڪري ئي... سندس گهڻا عمل اسان کي فضول لڳندا آهن... اجايو سڏيندي، اسان کي سجائي جي خبر نہ پوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان دل جو آواز نہ ٻڌندا آهيون، جي ٻڌندا آهيون تہ سمجهڻ ناهيون گهرندا.“
”پوءِ...“ هن جاڙا ڀرون ملايا... اکيون جھڙيون اٽڪي پيون...
”پوءِ ڪجهہ بہ نہ...“ پاڻ سنڀاليندي چيم، ”جيڪي اسان جي روح ۾ رچندا آهن، اهي جي خالي ڇڙٻ ڏيڻ جو هُنر وڃائي وهن نہ...تہ اسان جا اجايا بہ سجايا ٿي ويندا...کڻي دل رکڻ لاءِ ئي ڪا مرڪ آڇين، قبوليت جي ڪا ذرڙي عنايت ڪن تہ يقين سان چوان ٿو، هي جو هيتريون ساريون ’فضول‘ غلطيون ٿينديون رهن ٿيون، اهي وري نہ ٿينديون آهن... هونئن جي ڪا شيءِ اجائي نہ هُجي، تہ پوءِ سجايو لفظ ڪھڙي معنيٰ رکندو...!“

(ڇپيل: آچر 3 اپريل 2011ع)

وڏي رات (زندگي)

اڄ خيرن سان ’وڏي رات‘ ٿيندي.
شعبان المعظم 1432 هجريءَ جي اڄ 15 هين رات آهي، جنھن کي ’شبِ نصفِ شعبان المعظم‘ سڏيو ويندو آهي، اها مبارڪ رات، جنھن جي فضيلت ۽ حرمت جي باري ۾ گهڻيون حديثون آيل آهن ۽ جنھن کي اسين عام مروج زبان ۾ ’شبِ برات‘ سڏيندا آهيون. هن مبارڪ رات ۾، ﷲ تبارڪ و تعاليٰ پنھنجن بندن ۾ رزق تقسيم فرمائي ٿو ۽ پوري سال ۾ ٿيندڙ واقعات، جيئن جنگ، زلزلا ۽ موت کان فرشتن کي آگاھہ ڪيو وڃي ٿو. حضرت عطا بن يَسار رحمت ﷲ عليہ کان مروج آهي تہ ”هن رات ۾ سال جي سڀني معاملن کي پيش ڪيو وڃي ٿو. ڪجهہ ماڻھو سفر تي ويندا آهن، انھن جو نالو جيئرن مان ڪڍي مُردن ۾ لکيو ويندو آهي. ڪوئي خوشي ڪندو آهي، جيتوڻيڪ هُو بہ جيئرن جي فھرست مان نڪري مُردن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويندو آهي.“
حضرت ابوبڪر صديق رضي ﷲ تعاليٰ عنہ کان روايت آهي تہ حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جن فرمايو، ”شعبان جي مھيني جي پندرهين رات جو جاڳو ڇاڪاڻ تہ يقيناً هيءَ هڪ مبارڪ رات آهي. هن رات ﷲ تعاليٰ فرمائي ٿو تہ ”ڪير آهي، جيڪو مون کان بخشش گهري تہ جيئن مان کيس بخش ڪري ڇڏيان، جيڪو تندرستي گهرندو، تنھن کي تندرستي ملندي، آهي ڪوئي محتاج، جيڪو خوشحالي گهري تہ جيئن ان کي آسودو ڪيو وڃي.“ ۽ اهو ارشاد صبح تائين ٿيندو رهي ٿو.“
حضرت ابو هريرہ رضي ﷲ تعاليٰ کان مروي آهي تہ حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جن فرمايو تہ، ”مون وٽ نصف شعبان جي رات جبرائيل امين عہ آيا ۽ فرمايائون ”رسول ﷲ! (صلي ﷲ عليہ وسلم) آسمان طرف پنھنجو منھن مبارڪ کڻو“... مون کائنس پڇيو ”هي ڪھڙي رات آهي؟“... هنن چيو ”هيءَ اها رات آهي، جنھن ۾ ﷲ تعاليٰ رحمت جا ٽي سئو دروازا کولي ڇڏيندو آهي ۽ هر ان شخص کي بخشيندو آهي، جنھن ساڻس ڪنھن کي شريڪ نہ ڪيو هجي، بشرطيڪ اهو جادوگر نہ هجي، ڪاهن، زاني، وياج خور، عادي شرابي نہ هجي، انھن ماڻھن کي رب پاڪ ايستائين بخشش نہ ٿو عطا ڪري، جيستائين اهي توبھہ نہ ٿا ڪن“.... ۽ جڏهن رات جو چوٿون حصو گذري ويو تہ جبرائيل عليہ السلام وري آيا ۽ چيائون ”يا رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم پنھنجو ڪنڌ مبارڪ کڻو“... پاڻ (صلي ﷲ عليہ وسلم) ائين ئي ڪيائون ۽ ڏٺائون تہ جنت جا دروازا کليل آهن ۽ پھرئين دروازي تي هڪ فرشتو ندا ڏئي رهيو آهي، ”خوشي هجي ان لاءِ، جنھن هن رات ۾ رڪوع ڪيو“.... ٻئي دروازي تي هڪ ٻيو فرشتو پڪاري پيو، ”خوشي هجي ان لاءِ جنھن هن رات ۾ سجدو ڪيو“... ٽئين دروازي تي بيٺل فرشتو چئي پيو، ”خوشي هجي ان لاءِ جنھن هن رات ۾ دعا ڪئي.“...چوٿين دروازي تي بيٺل ندا پيو ڏئي، ”خوشي هجي انھن لاءِ، جن هن رات ۾ ذڪر ڪيو“.... پنجين دروازي تي فرشتو پڪاري پيو، ”خوشي هجي، ان لاءِ جيڪو هن رات ۾ ﷲ جي ڊپَ کان رُنو“... ڇھين دروازي تي فرشتي جي ندا هئي، ”هن رات ۾ سڀني مسلمانن لاءِ خوشي هجي“. ستين دروازي تي فرشتو پڪاري پيو، ”آهي ڪوئي گهرڻ وارو، جنھن جي آرزو ۽ طلب پوري ڪئي وڃي“ ۽ اٺين دروازي تي فرشتي جي پڪار هئي، ”ڇا ڪير معافيءَ جو طلبگار آهي تہ جيئن هن جا گناھہ معاف ڪيا وڃن..!“ حضور اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم فرمائين ٿا، مون جبرائيل عہ کان پڇيو تہ، ”اهي دروازا ڪيستائين کليل رهندا؟“ جبرائيل عہ وراڻيو، ”اولِ شب کان طلوع فجر تائين...“ ان کان پوءِ جبرائيل عہ چيو تہ ”اي محمد (صلي ﷲ عليہ وسلم) هن رات ۾ دوزخ کان ڇوٽڪاري پائڻ وارن جو انگ ’بني ڪلب‘ جي ٻڪرين جي وارن برابر هوندو.“
حياتي عجيب آهي معزز خواتين و حضرات... وقت، تيزيءَ سان ماھہ و سال لتاڙي ٿو، جيڪو آيو آهي، ان کي وڃڻو ئي آهي، هاڻي ائين بہ ڪونھي تہ ماڻھو موت جي ڊپ کان ڪجهہ بہ نہ ڪري... ماٺ ڪري بس آخري ساھہ جو منتظر هجي... لازماً جيڪو ٺڪر ٺھيو آهي، ان کي ٽُٽڻو تہ آهي ئي آهي... پر بھرحال، حياتي هڪ نظام گهري ٿي، وقت جيڪو زندگيءَ جي شڪل ۾ عنايت ٿئي ٿو، ان لاءِ پڇا ڪئي ويندي ۽ ضرور ڪئي ويندي... هاڻي انھن لمحن ۾ جيڪڏهن اسين خطائون ڪيون ٿا، گناھہ ڪيون ٿا، پوءِ اهي دانستہ هجن يا نادانستہ، انھن جي معافي تہ اسان کي صرف پاڪ پروردگار ئي عنايت ڪري سگهي ٿو نہ... هاڻي جي هُو، اسان کي معاف ڪرڻ لاءِ موقعن جي عنايت ٿو ڪري تہ ڇا اسان کي انھن موقعن مان لاڀ نہ وٺڻ گهرجي!
شبِ برات ۾ رزق تقسيم ٿئي ٿو، حياتيءَ جي ايڪسٽينشن ملي ٿي يا وري سائو پن پيلو بڻجي ٿو وڃي... خبر ڪنھن بہ صورت ۾ نہ ٿي هجي... جيڪي هن اسلامي سال ۾ گذاري ويا، انھن ڇا گذريل نصف شعبان ۾ اهو سوچيو هوندو تہ اڳليءَ ۾ اسين هونداسين ئي ڪو نہ... اهو سڀ تہ هنن گهڙين ۾ بہ نہ ٿو سوچي سگهجي تہ ڪو اسين، ايندڙ سال جي پندرهين شعبان جي رات جو، پَڪَ سان هن جھان ۾ هونداسين، پر بھرحال دعا تہ گهري سگهجي ٿي نہ... سال تہ تمام وڏو آهي، هڪ پَلَ جي خبر نہ ٿي پوي... پر جيئجي تہ وري بہ ٿو نہ... تہ ڇو نہ سندس ٻاجهہ گهري جيئجي... سندس پاڪ پناھہ ۾ جيئجي... پنھنجن گناهن تي لرزجي، شرمسار ٿجي ۽ معذرت طلبجي... هُو مالڪ ڪريم آهي... جل شانہ آهي ۽ کيس معاف ڪرڻ بيحد پسند آهي... هُو پنھنجي مان شان سان معاف ڪري ٿو.... تڏهن تہ تبارڪ و تعاليٰ آهي. هن جھڙو معاف ڪرڻ تہ ڪنھن کي اچي ئي ڪو نہ... اسين تہ معذرت جو هُنر بہ نہ ٿا ڄاڻون سائين. معافي گهرڻ بہ نہ ٿي اچي... بس... کيس رحم اچي ٿو. منھنجي رب مٺڙي جھڙي درگذر ۽ مخلوق سان پيار ڪير ٿو ڪري سگهي. هاڻي سوچيون ڇا ٿا..! اچو کيس ٻاڏايون ٿا... عرض جَي دامن کي جهليو، پنھنجي شرمساريءَ تي لڄي ٿا ٿيون. پندرهين شعبان جي رات جي حوالي سان هڪ خاص دعا آهي... جنھن جو ترجمو لکڻ جي سعادت هي فقير حاصل ڪري ٿو... مان ڪو عالم ناهيان، هڪ ڪَسو، ناقص ۽ محتاج بندو آهيان، پر مون کي پڪ آهي، منھنجو مٺڙو رب جله شانہ اسان سڀني تي پنھنجو ڪرم ڪندو. آمين
”بسم ﷲ الرحمان الرحيم- اي ﷲ، تنھنجي سخاوت، اسان جي رهنمائي تنھنجي طرف ئي ڪئي آهي ۽ تنھنجي فياضيءَ اسان کي تنھنجي قريب ڪيو آهي، اسان جيڪا فرياد تنھنجي حضور ۾ ڪري رهيا آهيون، اها توکان مخفي ناهي ۽ جيڪي توکان گهري رهيا آهيون، اهو تولاءِ مشڪل نہ آهي، اسان جي عاجزي توکي درڪار نہ آهي، ڇو تہ تون اسان جي حال کان واقف آهين.
اي دردمندن جا دردَ دور ڪرڻ وارا، زوال کي اسان کان دور ڪر، توکان سواءِ ڪوئي عبادت جي لائق ناهي، بيشڪ اسان ئي خطا ڪارن مان آهيون.
اي اسان جا ﷲ، احسان ڪندڙ... اي حمد ۽ وڏائيءَ جا مالڪ، اي جميعت ۽ اجر عطا ڪرڻ وارا، بي پناهن جي پناھہ، ۽ پاڙيسرين جا پاڙيسري ۽ خوفزدہ جا محافظ، اي اسان جا ﷲ، اگر تو پنھنجي ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ اسان کي محروم، خستہ حال، مجبور يا تنگ دست ۽ تنگ رزق لکيو آهي تہ اي مالڪ اسان جي بدبختيءَ ۽ مايوسيءَ کي پنھنجي فضل ساڻ مَٽاءِ ۽ مون کي پنھنجي لوح قلم ۾ بحال ڪر، خوش قسمت، بختاور ۽ هر طرح جي سعادت عطا ڪر، ڇو تہ هي تنھنجو واعدو آهي ۽ هميشہ سچو تنھنجو ڪلام جيڪو تنھنجي پيغمبر تي نازل ٿيو ۽ ان جي زباني اسان تائين پھتو تہ ﷲ جيڪي چاهي ٿو مَٽائي ٿو ۽ جيڪي چاهي بحال ڪري ٿو ۽ ان جي قبضي ۾ ڪتاب (لوح قلم) آهي. الاهي، پنھنجي بلند ۽ اعليٰ تجليءَ سان، شعبان المعظم جي پندرهين تاريخ جي رات جو، جنھن ۾ هر ڪم جي تقسيم ٿئي ٿي ۽ حڪمت ڀريا معاملا نبيريا وڃن ٿا. اسان کان اها آفت ۽ آزمائش هٽاءِ، جنھن جو اسان کي علم آهي ۽ جنھن جو اسان کي علم نہ آهي ۽ جيڪي توکي سڀ معلوم آهي، بيشڪ تون سڀ کان اعليٰ ۽ افضل آهين.
اي ﷲ، حضرت محمد (صلي ﷲ عليہ وسلم)، ان جي آل ۽ اصحاب ڪرام تي پنھنجي رحمت ۽ سلامتي نازڪ ڪر“.
اڄوڪي رات ۾ هيءَ دعا ضرور پڙهجو، پروردگار اوهان کي محتاجيءَ کان سواءِ درازِ عمري عطا فرمائي آمين. پر صاحبانِ علم و رشد، ڪا تہ پندرهين شعبان جي رات ايندي، جنھن ۾ وارو ايندو.... هر ڀيري اهو ضرور سوچجو ۽ سوچ موت کان ڊڄڻ جي نہ هجي، عمل جي کوٽ کان ڊڄڻ جي هجي.

(ڇپيل: آچر 17 جولاءِ 2011ع)

خوشيءَ جو مُلھہ (سائين)

مرڪندي، نھار ۾ گَھِرائي ڀرجي وئي هئن... گُهورَ ۾ عجيب ڪمال هيو. چپن تي هلڪي هلڪي لالي هُئي، ڄڻ شدتن ڀڪوڙي ڍرا ڇڏيا هجن. جيتوڻيڪ هُو مستقل محوِ گفتگو هئا. ”خوشيءَ جي خريد ئي تہ اصل ڪمال آهي. ٻچا، اهو تہ سؤدو ئي عجيب آهي. جنھن ڳنھيو ان بہ ڪمال ڪيو ۽ جنھن وڪيو سو تہ آهي ئي صاحبِ ڪمال... هاڻي اتي سمجهڻو اهو آهي تہ جيڪو خوشيءَ جو مالڪ آهي. يعني دراصل خوشي عنايت ڪرڻ وارو آهي، اهو اها تحفي ۾ ٿو ڏئي، وڪڻي ڪونہ ٿو... اسين بس ان سؤدي جي ڪڍ آهيون... تنھن ڪري ئي تہ ’مُلھہ‘ پڇائيندا ٿا وتون... خوشي تہ پُٽَ، بنا مُلھہ جي هڪڙي سوغات آهي. ٺلھي هن دنيا جو ئي مثال کڻي وٺو... جي ان جي ڪا قيمت هُجي ها تہ هن مھل دنيا جو سڀ کان خوش ماڻھو انيل امباني هُجي ها يا وري بل گيٽس... ائين جي هجي ها تہ پوءِ اسان وارو يعقوب موچي تہ ماڳھين ’ڦڪڙ‘ هُجي ها، ڇاڪاڻ تہ هن وٽ مايا تہ آهي ڪانہ... ها... هن وٽ خوشي آهي. بلڪہ مان تہ اهو چوان ٿو تہ يعقوب وٽ، گيٽس کان وڌيڪ خوشي آهي.“
ڳالھيون تڪڙيون تڪڙيون ٿي رهيون هيون...يعقوب، اسانجي پاڙي ۾، هڪ جاءِ جي ڪُنڊ تي ويھندو آهي. جاءِ جي ان ڪنڊ تي فُٽ پاٿ جي پاسي کان بجليءَ جو پول لڳل آهي. يعقوب ان پول ۾ ڦاٽل پراڻي ڳوڻي ٽنگيندو آهي ۽ پنھنجي ’هَٽَ‘ لاءِ ’شيڊ‘ ٺاهيندو آهي. اهو شيڊ سج جي پاڇي سان مَٽجندو ويندو آهي. سڄي ڏينھن جي مسافريءَ ۾ ڪو هڪڙو اڌ ڪلاڪ اهڙو بہ اچي ويندو آهي جو اهو شيڊ بنھہ ڪم نہ ڪري سگهندو آهي... ان مھل، يعقوب، موڪل ڪري، روڊ جي پريان هڪ وڻ هيٺ آرام ڪندو آهي. هاڻي، ان وڻ هيٺان هُو پنھنجو ’شاپ‘ ڇو ڪونہ ٿو کولي... اها وري هڪ ٻي داستان آهي. پر هاڻي، اسان جو اهو ڪنگلو، ڪاٻاڙي ’موچي‘، سائينءَ وٽ، خوشيءَ جي لحاظ کان بل گيٽس کان مٿي هو. اتي ڪنھن سڙٻاٽ ڪيو، ”اهو ضروري تہ ناهي سائين... ٿي سگهي ٿو بل گيٽس اتي خوش هُجي..“
”مون ائين چيو ڇا ابا...تہ ڪو اهو صاحب خوش ناهي...مون تہ اهو سڀ خوشيءَ جي سراسر جي حوالي سان چيو هو... خوشي جيڪا مايا سان ٺھي ئي ڪونہ ۽ اها صرف ۽ صرف ان ڪري ڪونہ ٺھندي آهي جو اسين دراصل پنھنجو پاڻ کان ڪاوڙيل هوندا آهيون... پنھنجو ناراضپو اسان کي پاڻ سمجهہ ۾ نہ ايندو آهي... جڏهن سمجهہ ۾ نہ ايندو آهي تہ پوءِ پرچائڻ جو ڪو دڳ بہ نظر نہ ايندو آهي...بس ڪُلھن تي بار وڌندو ويندو آهي...خوشي گم ٿيندي ويندي آهي... حياتيءَ جا پير گِھلجندا رهندا آهن. وقت سفر طئي ڪندو رهندو آهي...“ سڀ ماٺ ٿي ويا هئاسين... ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ ايندي بہ اچي رهي هُئي. ’ڌپو‘ تہ هر ڪنھن کي پئجي رهيو هو. بس ڪوشش اها ئي هُئي تہ منظر ڪجهہ ’واضح‘ ٿئي ۽ شيون ’چٽيون‘ نظر اچن.
اڄوڪو ڪلاس عجيب هو. الاءِ ڪيترن ڏينھن کان پوءِ ديدار نصيب ٿيو هو. ملڻ جي ۽ وڇڙڻ جي ساعت بہ مقرر هوندي اٿوَ عزيزانِ مَن... ماڻھو ڪيترا بہ ڪشالا ڪڍي، ڪيترو بہ مٿو هڻي. الاءِ بَرن بحرن جا ڪيترا سفر لتاڙي... جي نہ ملڻو آهي تہ اوهان جو ’محور‘، ائين سامھون کان، ٻيءَ گهٽيءَ کان نڪتو هليو ويندو ۽ جي ملڻ مقدر آهي تہ ’پرين‘، هڪدم سامھون اچي بيھندو آهي.
مون کي حسبِ عادت دير ٿي وئي هُئي. ڳالھہ جاري هئي، هر ڪنھن جا ڪن پنھنجون اينٽينائون کوليو ويٺا هُئا... مام منُڌل هُئي. جنھن کي مرشد سائينءَ پنھنجي حساب سان واضح پئي ڪيو... ”ماڻھو مَٽجي ويو آهي ٻچا...“ هنن پاڻيءَ جي گلاس ۾ نھاريو ۽ پوءِ ان مان ڍڪ ڀريائون... گلاس رکندي، هنن ڳالھہ جاري رکي ”ٻارن کي ئي ڏسو، اڳي ٽڪو خرچي ملي تہ ڪمال ٿيندو هو...هاڻي رڳو گهٽيءَ جي ڪنڊ واري دڪان تي وڃڻ لاءِ ئي هر چڪر ۾ ڏھہ رپيا ٿا کپن... هلو ڀلا... جي اهي بہ ملي ٿا پون تہ چاٻيءَ واري يا ريموٽ ڪنٽرول سان هلندڙ رانديڪي جي بہ اها خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، جيڪا آڳاٽن ماڻھن کي ٺڪر جي رانديڪڙن مان ٿيندي هُئي.“
اتي ڪنھن جملو آڇيو ”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي سائين؟ ٿي سگهي ٿو تہ جيڪا هاڻي خوشي ملي ٿي، سا خوش ٿيندڙن کي اهو ئي احساس ڏياريندي هُجي، جيڪو احساس اڳلي وقتن جي هر ماڻھن کي ٿيندو هو... مُنھن تہ هاڻي بہ ٻھڪن ٿا قبلا...“ هڪ وڏي مرڪ سندن مُکَ تي لھي آئي... وڏي ائين جو لڳو تہ سندن سڄو چھرو مُرڪي اٿيو هو...”توکي هن دؤر ۾، دنيا جي هن سفر ۾ گهڻا ماڻھو ٻھڪندڙ مُنھن سان مليا آهن شھزادا...؟ اکيون بند ڪر... آڱرين جا پور کڻ ۽ ڳڻي ٻڌاءِ... جي شرمساريءَ کان بچڻ گهرين تہ انھن کي ڪنھن نہ ڪنھن انگ سان ضرب ڪري پوءِ تعداد ٻڌائجانءِ.“
هاڻي سڀ چپ ٿي ويا...سندن مُک ڳاڙهو ٿي ويو. آواز ۾ ڄڻ جلال اچي وَين...”اها ڳالھہ مان ان ڪري شدت سان ڪيان ٿو تہ خوشيءَ سان مُنھن ڪونہ ٻھڪندو آهي نادان... خوشيءَ سان روح ٻھڪندو آهي... خوش تہ روح ٿيندو آهي. جسم کي ڪھڙي خبر تہ خوشي ڇا ٿيندي آهي. هٿ، پير، ٻانھن، اک... جسم جو ڪوبہ عضوو توکي درد تہ ٻڌائي سگهن ٿا، پر خوشي نہ... ٻانھن ۾ سور هوندئي تہ رڙ ڪندي تہ هتي سُور آهي، پر جي خوش هُجين تہ ڪنھن جاءِ تي هٿ رکي ٻڌائي سگهندين تہ مُنھنجو هٿ خوش آهي يا مُنھنجي پير ۾ خوشي ڀرجي وئي آهي. خوشي تہ مٺا يا روح ۾هوندي آهي يا قلب ۾، قلب اسان جو غير مطمئن ٿو هُجي... ڇاڪاڻ تہ اسين دُنيا جي ڌنڌن ۾پاڻ سان پاڻ ئي اهڙي حالت ٿا ڪريون جو روح جا ٽانڪا ٽُٽي پون ٿا ۽ قلب کي ڌڪ لڳي ٿو. تڏهن تہ چيم نہ تہ پنھنجو پاڻ کي راضي ڪر يعني پنھنجي قلب کي خوش ڪر... خوشي اتي ئي جارو ٺاهي اچي ويھندي.“
”۽ روح سائين..؟“ مُنھنجي واتان نڪتو، بس بي اختياريءَ ۾ چئي ويو هُئس.
”روح تہ نفاستن جو ڪمال هوندو آهي بابا... مٿس بار تہ اسان جا ڪُڌا ڪرتوت ڪن ٿا... هاڻ اُنھن ڪڌن ڪرتوتن ۾ گناهن جي خالي لسٽ نہ رکجانءِ... ڪنھن جي دل ٽوڙيَئي تہ بار پوندئي... رڳو اهو نہ سمجهجانءِ تہ رشوت ورتم تہ روح مُنجهندو...ڪنھن جو حق غضب ڪيئي، ڪنھن سان زيادتي ڪيئي... مطلب نفيس روح تي وزن وِڌئي... هاڻي جي اهو دٻجڻ شروع ٿئي تہ پوءِ خوشي ڌوڙ ملندئي؟“
”تہ پوءِ ڇا ڪجي سائين؟“ هڪڙو اُداس آواز اُڀريو، سائينءَ ڏانھنس نھاريو.
”ٻڌايم نہ، سڀ کان پھرين پاڻ کي پرچائجي... ڏسو، توهان ڪڏهن اُنھيءَ ڳالھہ تي غور ڪيو آهي تہ سڀ ڏينھن هڪ جھڙا ٿي ويا آهن، جي آهي عيد تہ اُها بہ ساڳي، جي آهي سالگرھہ تہ اُن جو انداز بہ ساڳيو... جي آهي ڪا شادي مرادي تہ اُن جا رنگ ڍنگ بہ ساڳيا آهن... تہ هاڻي سڀ ڪُجهہ ساڳيو آهي تہ پوءِ اُنھن جو فرق ڪيڏانھن ويو!؟ فرق، اسان جي روح جو بار کائي ويو، نفاستون، نفاستن کي سمجهنديون آهن. اُهي ئي جي سلامت نہ رهن تہ ڪير رهندو؟ ڪير سمجهائيندو؟ ڳري روح سان، مُنھن تي هڪڙي وڏي مُرڪ وکيري، اسين بي جان ڀاڪرن ۾ ماڻھن کي ڀريون ٿا... اچو ياد ٿا ڪريون، گهڻن ڀاڪرن ۾ گرمي هُئي ۽ گهڻيون مُرڪون جاندار هيون؟ رسمي نموني، فارملي سڀ ڪُجهہ ٿئي ٿو... خوشي بہ رسمي اٿَوَ ٻچا... بس پوءِ رسم تہ رسم آهي.“ سڀ ماٺ هُئا. سائين جي نگاھہ هڪ هڪ جي وجود ۾ ڇيد ڪري رهي هُئي.
”اڳي زماني جا ماڻھو، جڏهن ملندا هُئا تہ هڪدم’شخرانو‘ ادا ڪندا هُئا... مطلب تہ ﷲ جو شڪر تہ مولا جلشانہ، تو وري ملاقات تہ ڪرائي... اي مُنھنجا مالڪ، هڪڙو ڀيرو ٻئي ديدار جو موقعو تہ نصيب ڪيئي... تُنھنجون لک ڀلايون... هاڻي اهڙي ڪا سوچ آهي؟ ڪنھن سان بہ ملڻ مھل توهان ڪڏهن ائين سوچيو آهي.؟ ناهي سوچيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان تہ سيني ۾ مُلاقات جي پڪ کڻي ٿا گهمو بابا ۽ جنھن شئي جي پڪ هُجي، اُن جي حاصلات مان روح کي ڪھڙي خوشي ٿيندي چريا... خوشي تہ سدائين اوچتي هوندي آهي جنھن ۾ انگ انگ جهومندو آهي... خوشي ۾ چھري جو محتاج ناهي ٿبو ڇاڪاڻ تہ وجود جو ذرو پرزو ڳالھائيندو آهي... توهان آزمائي ڏسو، هٿ بہ چوندو تہ پير بہ... زمين ئي نہ ملندي بابا... سڪڻائپ ئي ختم ڪونہ ٿيندي... استاد چيو آ:

مُنھنجي اک سڪڻي، مُنھنجي دل سڪڻي
مون کي سڪڻو سڪڻو ڪوٺ مٺا
اڄ مُنھنجي اڱڻ تي آيو آن
سنجيدن وانگر ڪيئن رهان
ريءَ راند ڪُڏان، ريءَ ڇير نچان
مُون کي نچڻو نچڻو ڪوٺ مٺا
جيڪا مُنھنجي دل جي دولت آ
جيڪا مُنھنجي من جي چاهت آ
سا آ سڀ تُنھنجي، سا آ سڀ تُنھنجي
مُون کي سکڻو سکڻو ڪوٺ مٺا

تہ بس، اها سڪڻائپ ئي خوشي ٿوَ راڻا...هاڻي چئو طرف مال آهي، اُن ڪري اُن جي سڪڻائپ وڌي وئي آهي...جي چئو طرف محبت هُجي تہ روح بہ سڪي نہ... ۽ جي اڃا بہ ڳالھہ کي وڌايون ۽ اهو کڻي مڃيون تہ محبت آهي تہ پوءِ روح بہ تہ هُجي نہ جيڪو پنھنجو پاڻ سان پرچيل هُجي... ڪُجهہ وقت پاڻ سان گذار، پنھنجو رُٺل قلب پرچائَي، روح کي راضي ڪرڻ جا ڪي ’سانگ‘ سوچ... توکي خوشيءَ جو مُلھہ پاڻ ئي معلوم ٿي ويندو.“

(ڇپيل: آچر 07 جون 2015ع)

خالي پرس (زندگي)

مون ڏانھن نھاريندي چيائين، ”هڪ زماني کان هُن جو فوٽو پرس ۾ رکيل هو. اڄ ڦاڙي اُڇلائڻ لڳس تہ فوٽوءَ جي ٽُڪرن کان پھرين ڳوڙها ڊسٽ بِن ۾ ڪري پيا.“ اکين ۾ اُهو ئي هُئس جيڪو عاشقِ ناشاد دل مراد جي نگاھہ ۾ هوندو آهي. ڳوڙها کپائي چُڪو هو، اکين ۾ هاڻي سامان ڪڍڻ کان پوءِ خالي جارا نظر اچي رهيا هُئا. عشق جي سَٽَ سھڻ هر ڪنھن جي وس جي ڳالھہ ناهي. دعويٰ تہ الاهي ماڻھو ڪندا آهن، دعوائن سان ڇا ٿو ٿئي؟!
”ذات جو فرق تہ هو سائين، مان ڪم ذات هُئس...هُوءَ اوچي ذات... اسان ۾ اهو تفاوت هوندو آهي پر بھرحال... لڳيءَ کي لعنت آهي. اهو سڀ ائين ئي ٿي ويو... هُن کي بہ خبر هُئي، مون کي بہ احساس هو... رڳو محبت احساس نٿي ڪري.“ مون وٽ ڳالھائڻ لاءِ ڪُجهہ بہ نہ هو. جن جو هٽ خالي هُجي اُهي ڇا وڪڻندا! محبت جي مامرن ۾ مُنھنجو دُڪان بہ خالي هو... گهڻو اڳ، اُنھن حالتن مان، مان بہ گُذريو هُئس. انسان ڪنھن سان ملي نہ... جي ملي تہ وڇڙي نہ... اهڙو ڪو ٻيو عذاب تہ ٿي نٿو سگهي...وڇوڙو سدائين لاءِ هُجي تہ ڪڏهن ڪڏهن سھسائجي ويندو آهي، هر گهڙيءَ جو هُجي تہ ڳچيءَ ۾ ڳاري جيان محسوس ٿيندو آهي.
”هٿ جهلڻ بہ عجيب هوندو آ نہ سائين؟ هٿ تہ نہ ڪا اوچي ماڙي هوندو آهي نہ ڪو جهوپو جهاڙي... کَل ٻنھي جي هٿن جي ساڳي هُئي، هٿن ۾ گرمي بہ هُئي پر بس اهو سڀ ائين ئي ٿي ويو هو... هي زمانو ليلا مجنَي جو الاءِ آهي الاءِ نہ!“
پنھنجي ٻچن کي مان سُڃاڻان ٿو. زندگي رڳو ڪتاب پڙهڻ ۽ پڙهائڻ نہ هوندي آهي. درسگاهون رڳو اَلف بِ تي اڪتفا نہ ڪنديون آهن. جي عنايت ٿي وڃي تہ اُستاد، اندر جون گهٽيون بہ گهمي ايندو آهي. شاگرد جي مَن ۾ ڇاهي... ڪٿي ٽُٽڻو آهي، ڪٿي جُڙڻو! اها جي سڀ خبر نٿي پوي تہ بہ گهڻي تہ مالڪ جي مھر سان پئجي وڃي ٿي. نگاھہ رڳو ڪاپين، ڪتابن، بورڊ، ملٽي ميڊيا ۽ ٻين لوازمات تي نہ هوندي آهي. نگاھہ تہ چھرن، گلاب موسمن، ڪِنائين جي گفتگوئن کي بہ جهٽيندي آهي. کٿوري لڪندي ناهي، سڀ واقف ٿي ويندا آهن.
پوءِ الاءِ ڇو، ائين ٿيو آهي تہ پنھنجي هِن ڪيريئر ۾، تقريبن سوائي صديءَ ۾ سَوين ٻار آيا هوندا جن اندر جو احوال اوريو هوندو... ڳالھہ کڏي ۾ اُڇلائي، بي فڪرا ٿي ويا هوندا. اها بہ پروردگار جي عنايت رهي آهي تہ ڪڏهن بہ امانت ۾ خيانت ناهي ٿي. درد کي درد سمجهجهي... ڪا دوا ڳولجي... ڪو درمان هٿ ڪجي تہ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ تيز بارشن ۾ اُس نڪري آئي هُجي. خبر ناهي، اوهان مان ڪيترن اهو منظر ڏٺو آهي پر جِن بہ ڏٺو هوندو، اُهي فقير جي صدا کي سمجهي سگهن ٿا.
ورهيہ پڄاڻان، هُن اهو هٿ جهليو هو، هٿ ڏيندڙن جا بہ پنھنجا ناز انداز هوندا آهن، عشوہ ترازيون هونديون آهن، نخرو نہ ڪري تہ محبوب سڏائڻ جو حق کسجي وڃينس. اُهي ناز نخرا پاڻ کي سمجهہ ۾ نہ ايندا آهن، بلڪہ نظر ئي نہ ايندا آهن. نظر اُنھن کي ايندا آهن جيڪي اوسي پاسي هوندا آهن. تڏهن تہ هُنن جي کِل نہ بيھندي آهي. محبوب پھرين ئي حدون ٻُڌائي ڇڏيون هُئس. مٿان وري اُها مصيبت بہ هُئي جو حد بہ ٻُڌائي هُئائينس ۽ ويجهڙائپ جي عطا بہ ٿيندي هُئس. ڳالھہ سمجهہ کان چڙهيل هُئي. دوستيءَ جي لفافي ۾ محبت جي رقم رکيل هُئي، جنھن تي رٻڙ ويڙهيل هو. شروعات ۾ رقم گهڻي هُئي...رٻڙ پنھنجي جاءِ تي بيٺل هو... نوٽ کُٽندا ويا تہ رٻڙ جي سختي وڌندي وئي. ٿيو تہ اُهو بہ ڍرو پئي، پر نوٽن جي همٿ جواب ڏئي رهي هُئي. هاڻي اُهي ٻيڻان ٿيڻ لڳا هُئا. پوءِ اُهو وقت بہ آيو جو هر هر جي رسامن ۽ پرچاءَ ۾، محبت جي رقم کي چيڪ ڪرڻ لاءِ هر هر ٻاهر ڪڍي ڳڻڻ وري اندر رکڻ جي ڪري لفافي ۾ ڏار پئجي ويا ۽ آخر هڪ ڏينھن اُهو موڪلائي ويو. محبت جي ڪرنسي ظاهر ٿي پئي هُئي، جنھن جو ڪنھن کي بہ ڪو فڪر نہ هو. آويءَ ۾ برتن پچي چُڪو هو.
”ڇوڪرين کي عجيب ملڪو حاصل آهي سائين“ هُن چيو هو. ”ويجهو بہ آڻينديون آهن... ڌڪو بہ ڏئي ڪڍنديون آهن... چئي ٿي مائٽن سان ڳالھائڻ ڏاڍو ڏُکيو آهي... پر وري اُهو بہ چئي ٿي تہ وقت آيو تہ پُڄي پونداسين.“ هُن مون سامھون دل کولي رکي هُئي. ”اها دوستي ناهي سائين...محبت آهي، عشق آهي.“
”هڪ گهٽ ذات واري جو هڪ اوچي ذات واري سان صاحب؟“ مون پُڇيو هومانس.
”هائو“ سندس اکين ڳالھايو پئي. تنھن زماني ۾ ئي مون کي سندس نيڻن جي جوت تي شڪ ٿيندو هو. پوءِ ڳنڍين سان سٿيل اُن ڏور ۾، وڌيڪ ڳنڍَ پوندا ويا. معاملو گهرن تائين وڃي پھتو هو. اُتي بہ بس...ڪا عجيب و غريب ڪيفيت هُئي... آخري حل ٻنھي گڏجي اُهو ئي ڪڍيو هو تہ فڪرِ معاش جي ڳڻ ڪجي. خاتون کي ٻاهر جي اسڪالر شپ ملي ۽ صاحب کي هِتي ئي وڏي عھدي جي ڇانوَ... تنھن هوندي بہ جڏهن آخري اسٽيشن آئي تہ لھڻ مھل هُو اڪيلو هو. هُوءَ، سندس پويان لھڻ جو نخرو ڏيکاريندي، گاڏيءَ جي هلڻ جي مُنتظر هُئي. ٻئي هڪ راھہ جا مسافر تہ هُئا، هڪ منزل جا مسافر نہ هُئا.
”عشق صدين کان ٻَٽُوئن ۾ فوٽو سنڀاليندو آيو آهي لاڏلا“ مون دٻ ڏنيمانس. ”پوءِ ڪڏهن توهان اُن کي ٻَٽُون، ڪڏهن پرس ۽ ڪڏهن وري والٽ سڏيندا آهيو. شُڪر آهي تہ تون پرس سڏين ٿو، هُوءَ ٻاهرين مُلڪ رهي ٿي تنھنڪري والٽ سڏيندي هوندي... اسان جھڙا مولائي، اڃا تائين ٻٽُونءَ مان جان ڇڏائي نہ سگهيا آهن ۽ اُهو ٻَٽُون وري، فوٽن مان جند ناهي ڇڏائي سگهيو...تو ڪڏهن غور ڪيو آهي، توهان جڏهن بہ ڪو نئون مرداڻو پرس وٺندا آهيو تہ جنھن جاءِ تي پلاسٽڪ وارو خانو هوندو آهي معنيٰ ’سِي ٿُرو‘ سسٽم هوندو آهي، اُتي گهڻو ڪري ڪنھن حسينا نازنينا جي تصوير لڳل هوندي آهي. اسان مان ڪيترائي، پرس استعمال ڪرڻ وقت اُها ڪڍي ڦاڙي ڦٽي ڪندا آهن. ڪيترا وري اُن کي اُتي رهڻ ڏيندا آهن. سالن کان پوءِ شبيھہ بگڙجندي آهي تہ پوءِ جان ڇڏائيندا آهن. تُنھنجو ڌنڌو بہ ڪو اهڙو ئي آهي. حياتيءَ جي پرس ۾، عشق جي ادائگيءَ توکي اها تصوير ڏئي ڇڏي هُئي، جيڪا توکي اُن مھل ئي ڪڍي، ڦاڙي ڦٽي ڪري اُڇلائڻي هُئي. جيڪا تو، اُتي رهڻ ئي ڏني. هاڻي جنھن وقت اُها شبيھہ بگڙي آهي تہ ڦاڙي ڦٽي ڪرڻ ساڻ تو ڪھڙا ڦاڙها ماري ورتا آهن! هونئن بہ سڀ ڪُجهہ ڇڏڻ کان پوءِ بہ نظر پنھنجو پاڻ تي تہ اٽڪي ٿي نہ... پاڻ کي ڪيڏانھن ڪبو جڏهن اُن ڏوھہ ۾ پاڻ بہ شريڪ هُججي ٿو... اِن ڪري اُهو سوچڻ تہ فوٽو ڦاڙڻ ساڻ سڀ ڪُجهہ ٿي ويو بيوقوفيءَ جي انتھا آهي...حياتي الاءِ ڪيترا اهڙا فوٽو ڦاڙيندي آهي جن جا فريم، اسان جي دلين ۾ لٽڪندا، لُڏندا رهندا آهن ۽ مزي جي ڳالھہ اُها بہ ٿئي تہ اسان کان اُهو بہ نہ وسرندو آهي تہ اُن فريم ۾ ڪنھن جي شبيھہ هُئي.
عشق جي چوٽ تي لئه ڪر... وڃي اُڏام... ڇاڪاڻ تہ هاڻي ئي تہ تُنھنجي اُڏام جو وقت آيو آهي. بس ٻہ شيون ڳنڍ ۾ ٻَڌ... هڪ تہ پنھنجي پرس مان اجاين ڪاغذن مان بہ جان ڇڏائي، جو خالي تصويرون ئي اجايون ناهن هونديون ۽ ٻيو تہ اهو ڪڏهن بہ نہ وسارجانءِ تہ عاشقيءَ جي سفر ۾ مجنون چريو هو... ليلا تہ سڄي ڄمار هوشمند هُئي. زمانو ڪھڙو بہ هُجي، اها رسم نہ مٽبي... صدي ويھين هُجي يا ٽيھين، مجني کي چريو ۽ ليلا کي سڀئيَن پَرئيَن باهوش رهڻو ئي آهي.“

(ڇپيل: آچر 09 آگسٽ 2015ع)

ملڻ جي همٿ (محبت)

مُنھنجو ڪنڌ جُهڪيل هو. لڳم پئي نگاهن جي تپش گرمائي رهي هُئي. وقت تيز کان تيز تر ٿي رهيو هو. جُدائيءَ جي گهڙيءَ جي تپش، اُن کان سواءِ هُئي، ماٺ جي وسيع دائري ۾ ٻُڏل هُئس. صرف هڪ ساھہ جو آواز هو، جيڪو بہ زُڪام جي ڪري بُلند ٿي رهيو هو.
”تُنھنجي نڪ جو هڪڙو پاسو اڃا تائين بند رهي ٿو؟“ هُن سانت کي ٽوڙيو... مون جهڪيل ڪنڌ کي اقرار ۾ لوڏيو، لڳم سندس مُک تي مُرڪ آئي هُئي، اِها نويد، سندس آوازَ مون کي ٻُڌائي پئي. ”تُنھنجو ڪنڌ اڃا تائين گهڻا جواب ڏيڻ جي اهليت رکي ٿو نہ؟“
ڪنڌ کي اقرار ۾ لوڏيندي چيم، ”مون ۾ ڪا بہ اهليت ناهي... نہ اقرار جي، نہ انڪار جي...“ هُن مُنھنجو جملو ڪٽيو، ”توکي ضرورت بہ ناهي... تُنھنجو ڪم، تُنھنجو ڪنڌ جو ڪري ڇڏي ٿو.“ اکيون مٿي کنيم، سندس مُک تي مُرڪ جامد هُئي. ”نڪ جو پاسو بند ٿئي نہ؟“
”جي ساھہ کڻڻو آهي بِيبي تہ اهو تہ هڪ ناس مان بہ اچي سگهي ٿو.“
”اهو مُنھنجي سوال جو جواب آهي ڇا؟“ سندس مُرڪ وڌيڪ گھري ٿي. مون نڙي صاف ڪئي، ”ها... هڪ طرف بند رهي ٿو.“
”جيڪي جواب پوءِ ڏيڻا پوندا ٿئي، اُهي پھرين ڇو نہ ڏيندو آهين صاحب؟“
الاءِ ڇا ٿيو، ڄڻ ڪُجهہ ڦاٽو الاءِ ڇا! مون هڪدم چئي ڇڏيو، ”جڏهن سڀ ڪُجهہ سمجهہ ۾ اچئي ٿو تہ سوال ڇو ڪندي آهين بِيبي؟ مون کي نٿي سُڃاڻين ڇا؟ ۽ جي سُڃاڻين ٿي تہ نہ سُڃاڻڻ جي چادر تہ نہ اوڙھہ... لڳيم ٿو نڪ تي ڪپڙو ٿي رکين.“ هُوءَ سڄي سراپجي وئي هُئي. چپن جي مُرڪ غائب ٿي اک جي آب کي جاءِ ڏني. مون کي لھجي جو تيز وهڪرو سمجهہ ۾ آيو هو پر دير ٿي چُڪي هُئي. هٿ مٿي ڪندي ڀُڻڪيم، ’آءِ ايم سوري.‘ پاڻ سنڀاليندي چيائين، ”وڇڙڻ مھل تون سدائين ائين ڪندو آهين.“
وري ماٺ ٿي وئي هُئي. گلاب جي ڪلي، رنگا رنگي لفافو، هڪ خوبصورت ٽاءِ جو سيٽ... سڀ مُنھنجي انداز تي سھمجي ويا هُئا. مُنھنجي وحشت شايد چوٽ چڙهيل هُئي تڏهن تہ هُنن جو اهڙو حال ٿيو هو. چپن کي ڏندن ۾ ڀڪوڙي ورتم تہ جيئن ڪوبہ جملو نہ اوڳاڇي سگهن. هُوءَ مون ڏي نھاريندي رهي. نگاهون مليون تہ سندس اکين جو پاڻي وڌيڪ ڇُلڪا ڏيڻ لڳو. مون وري ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. الاءِ ڪٿان، مون کي پنھنجو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو. ”سمجهين بہ ٿي تہ اهڙو آهيان... ائين ئي آهيان، وڇڙڻ مھل واڪا ڪندو آهيان تہ پوءِ ملڻ ڇو ايندي آهين؟“
هُن ڄڻ پاسو ورايو هو. ٻانھن ۾ پيل ڪنگڻ کڙڪي پيا هُئس، تن جي کڙڪي احساس ڏياريو. ماڻھو، ماڻھوءَ سان گڏ هُجي تہ ٻيو نہ تہ بہ الاءِ ڪيتريون ساريون شيون پنھنجو احساس ڏيارينديون آهن. محبوب جا قدم رکيل مٽي ٻُڌائيندي آهي، نڪتل جُتيءَ جو مان مٿانھون هوندو آهي تہ ڄاڻ هِن پاتو، هٿن ۾ پيل مُنڊيون مُرڪنديون آهن، ڪرايُن جا چوڙا چھڪندا رهندا آهن. اهي شيون نيون هُجن يا پُراڻيون اوهان کي سُڃاڻنديون آهن. جيڪي شيون اوهان وٺي ڏيندا آهيو، اُهي هُنن کي سُڃاڻنديون آهن ۽ جيڪي وري هُو پاڻ وٺن اُنھن جو اوهان سان تعارف، اڻ ڏٺي ئي ٿيل هوندو آهي. ورهيہ اڳ وڇڙيا هُئاسين. هُن جي هٿن تي ڪنھن ٻئي جي مينديءَ جا چِٽَ هُئا. مُنھنجا هٿ ائين ئي هُئا. وڇوڙي جو فيصلو شعوري ڪيو هئوسين. زندگي اُنھن ساعتن ۾، ڀريءَ ۾ وڌيڪ ۽ ڀاڪرن ۾ گهٽ هُئي. وڇڙڻ کان پوءِ سندس سدائين اهو نِيُم رهيو تہ هن ڏينھن تي هڪ ٻئي کي ڏسڻو ضرور آهي. هٿن جي ڇھاءَ کان، نگاھہ جو لمس تمام اهم آهي. ڀلي سڄو سال ڪٿي بہ هُجون، هِن ڏينھن تي، هڪ پل بہ جي گڏ گهاريوسين تہ ڏينھن جِي پوندو. مان سدائين لھرائيندو هُئس ۽ سدائين ايندو هُئس. نهڪار، هاڪار ۾ ڪنھن مھل مَٽبي هُئي تنھنجي خبر نہ پئجي سگهندي هُئي. خبر صرف اها پوندي هُئي تہ مان سندس ڏنل جاءِ ۽ وقت تي کانئس اڳ پھتل هوندو هُئس. هر سال، اِهو پڪو پھہ ڪندو هُئس تہ هاڻي نہ ويندس ۽ پوءِ هر سال، هڪ نئين سال کي آخري ڀيرو جنم ڏيندو هو.
پريان عيسيٰ خيلويءَ جو آواز گونجي رهيو هو:
اکيان جِس دِيان، وانگ ڪٽَوري، پا ڪَي وِچ ڪجلَي دَي ڊَورَي
ڪردِي سئو سئو ناز نھورَي، سھڻي صورت يار والِي
ڪر گئِي ڪر گئِي جادو ڪر گئِي، سھڻي صورت يار والِي
لُٽ ڪَي گِهن گئِي چين جگر دا، اکِ ڪجلَي دِي ڌارِ والِي

چتائي ڏٺم، اک ۾ ڪجل جي ڪاني اُها ئي لاجواب هُئس. ڪجرارين اکين، سدائين رت روئاريو هو. مون الاءِ ڪيترا ڀيرا پاڻ کي اُنھن ۾ ڏٺو هو. جادوگريءَ جو ڪھڙو ڪمال هو جيڪو هُنن وٽ نہ هو. هر سال هُن جي وڃڻ کانپوءِ سڀ ڪُجهہ خالي ٿي ويندو هو. دل جي رستن تي ڪا وک محسوس نہ ٿيندي هُئي. درد جا پن ڪرڻ مھل ڪابہ صدا بُلند نہ ڪندا هُئا. بس دل چوندي هُئي تہ هڪ واري هُن کان پُڇان، وڇوڙي کانپوءِ ملڻ جي همٿ ڪٿان ٿي اچئي؟
”مُنھنجي حياتيءَ تي تُنھنجو اختيار آهي صاحب... سڄو سال توکان پري رهندي آهيان پر هِن هڪ ڏينھن تي، اِهو اختيار مون کي بي اختيار ڪندو آهي. دل جي سَٽُن کي سھي ناهيان سگهندي. مون کي هِن ڏينھن تي توسان ملڻو ئي هوندو آهي. جي مان مري بہ وڃان نہ... تہ بہ مُنھنجو روح تہ تو وٽ اچَي ئي اچَي.“ هُوءَ وري مُرڪي، وارن جون اڇيون تندون بہ، سندس مٿي ۾ ٽھڪ ڏئي کِلي پيون.
”تو ۾ ۽ مون ۾، هڪ وڏو فرق اهو بہ آهي تہ تون همٿ واري آهين بِيبي... پاڻ سنڀالي ڄاڻندي آهين، خدا حافظ چوڻ کان پوءِ، پوئتي مُڙي ناهين ڏسندي... جڏهن تہ مان خُداحافظ ئي چئي ناهيان سگهندو.“
”تہ نہ چوندو ڪر نہ... تہ جيئن مان موٽي سگهان.“ هُوءَ زور سان کِلي، سندس ڳلن جا چُگهہ مون ڏي نھارڻ لڳا.
”تُنھنجي سامھون اڃان بہ ٻار ٿي ويندو آهيان بِيبي...محبت ۾ بانبڙا پائڻ جي چڪر ۾ اچي ويندو آهيان...مون کي پنھنجي سوچ جي زخمي گوڏن جي پرواھہ ناهي هوندي...بس اهو ضد شدت پڪڙيندو آهي تہ مان توکي هڪ دفعو وري الھہ واهي نہ چوان.“
هُن جي مُک تان مُرڪ غائب ٿي، ”اِهو تہ پاڻ چئي چُڪا آهيون صاحب!“
”تہ بس پوءِ ڇو ٿا ملو! ڇو ٿا ائين انھن اجاين سجاين ڏينھن جي پاسخاطري ڪندي، هڪ ٻئي کي ڏجَها ڏيون؟ تون جي ضد نہ ڪرين تہ ڪو مان اچان؟“
هُوءَ هڪدم اُٿي بيٺي، ”اِهو وري تہ چئجانءِ صاحب!“
مون کي ڪُلف لڳي ويو هو. تالو هڻي مون چاٻي پري اُڇلائي ڇڏي هُئي.
”تون مُنھنجي چوڻ تي ٿو اچين!؟... هان... محبت توکي نٿي گهرائي!؟... توکي مان ٿي گهرايان... ۽ مان ڪير آهيان؟... اسين هزار رشتا جوڙيندا آهيون، لکين تعلقن ۾ هوندا آهيون پر اُنھن جي ڏور اهڙي ناهي هوندي، جھڙي محبت جي رشتي جي هوندي آهي. محبوب تہ ماءُ پيءُ بہ هوندا آهن پر اُنھن کي ڪو پرين سڏيندو آهي؟ اڃان ماءُ پيءُ سڏينِ تہ سڏينِ، جوان اولاد اهو لفظ ڪنھن ٻئي لاءِ رکندو آهي. توکي اهو سڀ سمجهہ ۾ نہ آيو آهي؟“
”محبوب من ۾ هوندو آهي بِيبي“ تالو ڀڳم، ”اُن کي ٻيو ڪٿي ٿورئي ڳولبو آهي.“
”۽ من ڪٿي ڳولبو آهي؟“ هُن ڌڪ هڻي ڪڍيو. ڪاوڙ مان نھاريندي چيائين، ”محبت ڪبي آهي تہ پھرين من وڃائبو آهي... محبوب من کڻي ويندو آهي. هاڻي کيس ڳولڻ لاءِ، پنھنجو من ڳولڻو پوندو آهي، جيڪو وٽس هوندو آهي... تون تہ هيڏو وڏو دانشور آهين، اِها ننڍڙي رمز بہ نٿو سمجهين ڇا؟“
مان کيس ماٺڪو ڏسندو رهيس.
”مون کان وڇڙڻ مھل جيڪو درد ٿيئي ٿو نہ سائين... اِهو پنھنجي من جي وڃڻ جو ٿو ٿيَئي. هر سال ڪُجهہ گهڙين لاءِ ملئي ٿو ۽ وري کسجي ٿو وڃئي... باقي جيڪو مُنھنجي ذات جي وڇڙڻ جو درد آ نہ... اِهو تہ تو هڪ ڀيرو ئي سھسايو هو... جي نہ سھسائين ها تہ ائين هر سال، ملڻ لاءِ همٿ نہ سارين ها.“

(ڇپيل: آچر 14 فيبروري 2016ع)

مٺائيءَ جو وزن (زندگي)

ٻن مٺاين جي ڳالھہ ڪريون ٿا.
پنھنجي نڪتل پيٽ ڏانھن نھاري، هُن وري نگاھہ هٽائي ڇڏي هُئي. ڏُکن ڏاکڙن جو ذڪر هو. ”هي نٿو ٿئي... هُو نٿو ٿئي...“ جيستائين چانھہ اچي، تيستائين ماتمڪدي ۾ پِٽڪو جاري هو. ”يار ٻُڌن ڪونہ ٿا... چئو هڪڙي تہ ڪندا ٻي...مٿان وري ماڻھن مٿو خراب ڪري ٿي... ماڻھن... تُنھنجي ڀاڄائي... روز نيون فرمائشون... روز نوان انگل... پوري پئي ئي نٿي يار.“
ڳالھيون ڪندي هُو هڪ پَل لاءِ اُٿي بيٺو. پنھنجي پيٽ تي هٿ ڦيري، شرٽ ٺيڪ ڪري رهيو هو. مون کي اِن ڳالھہ جي سمجهہ هُئي تہ نوٽن جون دستيون، کيس ڪُک ۾ لڳي رهيون هيون. هيڏانھن هوڏانھن نھاريندي، هڪ ڪلاڪ اڳ، هڪ اجنبيءَ سان ملاقات ڪندي، هُن مُٺيون نوٽن جون وٺي قميص اندر دٻايون هيون. جيتوڻيڪ ڪپڙا ٺيڪ بہ ڪري آيو هو، پر شايد پئسن جو وزن ڳرو هو. هُن هر هر هٿ لائي پڪ پئي ڪئي تہ ڪٿي هيٺ ڪري تہ ڪونہ پيا آهن ۽ تنھن کان سواءِ شايد، پيٽ ۾ درد بہ ٿي رهيو هُئس. اسين راھہ ويندي ملي ويا هُئاسين. وڏي عرصو اسڪول ۽ ڪاليج ۾ گڏ پڙهيا هُئاسين. هِنن ساعتن ۾ هُو روينيو کاتي ۾ ڪنھن چڱي سڻڀي جاءِ تي هو ۽ مان ماستر ماڻھو... سُڃاتو هُئائين تہ وڏو ڀاڪر پائي اچي مليو هو. هڪڙي چانھہ پي ويٺا هُئاسين، ٻي لاءِ چئي ڇڏيو هُئم.
”مڙئي پئي گُذري يار...“ هُن ڳيت ڏني. ”هڪ سرڪاري پلاٽ لاءِ ڪنھن ڪليم ڪيو آ... چيو ٿمانس اڌو اڌ ڪرين تہ جھان ٺھي سگهي ٿو... يا ڪاغذ ٺھرائڻ جي مڙئي ڪُجهہ مِٺائي ڏي.“
”گهڻي مٺائي هوندي؟“ اڌ ۾ ڳالھہ ڪٽيمانس...هُو کِليو.
”مڙئي ڪُجهہ هوندي تہ سھي.“
”پلاٽ ڪيترو آ؟“
”پنج ڇھہ سئو وال آ... ڪروڙن جي ڪھاڻي آ... سرڪاري آ...“ هُن سرڪاريءَ تي زور ڏنو، مون وري نھاريومانس. ”اڌو اڌ... معنيٰ ٽي چار سئو وال... ائين نہ؟“ هُن هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”۽ مٺائي گهڻي؟“
”اهو تہ مُنھن ڏسي وٺبي آ باشا...مٿي بہ تہ جھان ٺاهڻو ٿو پوي نہ...“ مون کي الاءِ ڇو مزو پئي آيو. اجايو گِهِلَ پئي ڪيم، ڇاڪاڻ تہ چانھہ بہ اچي وئي هُئي ۽ چانھہ پي اسان کي اُٿڻو هو. ”۽ مٿي معنيٰ؟“
”مٿي نٿو سمجهين ڇا... هان... هان؟“ هُنن ننڍن ٻارن وانگر مون کي پاسيرين ۾ آڱريون هنيون، ڄڻ کِلائي کيرو ڪندو هُجي. ”اي مٿي معنيٰ صاحب... مون وارا صاحب... اُنھن جا مٿيان... ميان مٺائيءَ کان سواءِ ڪُجهہ آهي هتي! ڀوڪَ بصرَ... هُنن وٽ جي ڳرو ٿي نہ وڃجي تہ ڄڻ دٻلو ئي دُڦ... مٺائي ايتري وزني هُجي جو اڳيون بار بہ سھي سگهي.“ چانھہ جو وڏو ڍُڪ ڀريئين ۽ اُٿندي چيائين، ”واھہ ڙي واھہ ميان جا باجَ... سادڙو تہ اهڙو ٿو ٿين جھڙي ڪا خبر ئي ڪانہ ٿئي دُنيا جھان جي.“
ڪڏهن ڪڏهن پنھنجو پاڻ تي پاڻ بہ کِلبو آهي. کلي پيو هُئس. موڪلايوسين، نمبرن جي مَٽا سَٽا ڪئيسين. ڀاڪر پائي الوداع ٿياسين پر پنھنجي ڪُک ۾، سندس آڱريون ۽ سندس ڪُک ۾ وري نوٽن جي دستين جي ڪُنڊن جو احساس، عجب ڪمال ڪري ويو هو.
ٻن ڪمرن واري فليٽ ۾، صاف چلڪندڙ فرش مٿان، ڪُجهہ ڪرسيون رکيل هيون، هڪ پراڻو صوفا... سامھون ٽپائي تي هڪ پراڻي رنگين ٽي وي... ڀر واري ڪمري ۾ بہ سامان جو ڪو گهڻو گوڙ متل نہ هو. ٻاهر گئلري نڪتل هُئي. جيڪا ٻنھي ڪمرن لاءِ هُئي. اچ وڃ جو ڪاريڊور سنھو هو جنھن ۾ ٻن ماڻھن جي برابر هلڻ جي گنجائش هُئي ۽ جنھن سان ئي رڌڻي ۽ واش روم جا دروازا ڪُلھو ڪُلھي ۾ ملائي بيٺا هُئا. رڌڻي کان ٻاهر هڪڙو چُلھو بہ نڪتل هُو جنھن تي ڪُجهہ پچي رهيو هو. گهر جو مالڪ پاڻ، اوٻاريل بادامن تان کلون لاهي کين ڪاتر ڪري رهيو هو. پُٽ پريان گرائينڊر ۾ ڪُجهہ گرائينڊ پيو ڪري ۽ گهر ڌڃاڻي، امان سانئڻ مون سان حساب ڪتاب ۾ رُڌل هُئي.
”حلوي لاءِ ٿالھہ توهان آندا آهن يا اسان جا هوندا؟“ هُن سوال ڪيو، مان ڪٿي گم ٿيل هُئس. پاڻ سنڀاليندي وراڻيم، ”توهان ئي ڏئي ڇڏيو.“ هُوءَ وري ٻئي ڪمري ڏانھن هلي وئي ۽ مان گهر جو جائزو وٺڻ ۾ وري لڳي ويس. هيءَ ’حلوي واري ماسي‘ هُئي جيڪا آرڊر تي ’سوغات‘ يا حلوو پنھنجي گهر تي تيار ڪندي آهي. اوهان کيس آرڊر ڏيو، هُوءَ آرڊر مطابق اوهان جو مال تيار ڪندي ۽ ادائگيءَ جي وقت ۾ سوير تہ ٿي سگهي ٿي، پر ڪڏهن بہ دير جو تہ سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
فاطمہ ۽ اُن جا عزيز کيس سُڃاڻن. هُوءَ ۽ سندس مُڙس، اوڙي پاڙي لاءِ ماني بہ تيار ڪندا آهن. دال چانور، ٻوڙ ماني... گهڻو ڪري منجهند جو اهي سڀ شيون وڪرو ٿي وينديون آهن. شين جو معيار ڪمال جو هوندو آهي ۽ گراهڪ کائڻ لاءِ آتا هوندا آهن. مون کي هر واري هُن وٽ وڃي ڏاڍو مزو ايندو آهي خاص طور اُن مھل، جن گهڙين ۾ هُوءَ حساب ڪتاب ڪندي آهي. هُوءَ اکين تي عينڪ لڳايو، مٺائيءَ جي ٽن ٿالھن ساڻ، ڪاغذ جو هڪ ڊگهو فليتو بہ کڻي آئي هُئي. ٿالھہ جي مٿان هڪ خالي ٿالھہ بہ پيل هو، جنھن ۾ مختلف ننڍڙيون ننڍڙيون پُڙيون ٻڌل رکيل هيون، هُن ڪاغذ پڙهڻ شروع ڪيو، ”حلوي جي ڪلو جي قيمت، مٿان پنجاھہ رپيا ٺھرائڻي في ڪلو... سامان جي فھرست“ حلوي جي خوشبوءَ تي سندس آواز جي خوشبو سدا حاوي ٿي ويندي آهي. ”هي اوهان جي پستن جي قيمت، جن مان جيڪي کپيا سي کپيا... هي باقي بچيل پستن جي پُڙي... هي بادامن جي قيمت... جيڪي کپيا سي کپيا... هي باقي بچيل بادامن جي پُڙي... هي ڪاجُو وڌاسين... هي بچيل ڪاجُوءَ جي پُڙي... هي بچيل سونفن جي پُڙي، هي ڦوٽن جي پُڙي... ننڍن جي الڳ... وڏن جي الڳ.... هي پُڙي... هُو پُڙي.“ ڍير پُڙين جو ڏئي حساب مڪمل ڪيائين ۽ ٻہ هزار هٿن ۾ ڏنامانس تہ پورا چوويھہ رپيا، کڻي منھنجي تريءَ تي رکيائين، ”هي اوهان جي بقايا...“ پئسا وٺندي لڄ پئي آيم، چوويھہ رپيا، پر هاڻي هُن جي ايمان جي حالت کي ڏسندي کيس چئي بہ نہ پيو سگهان تہ اوهان رکي ڇڏيو. ماٺ ڪري ورتم تہ سندس گهر واري مس مس ڳالھايو، ”مھانگائي ڳاٽي ٽوڙ آ سائين... شين جو اگهہ تہ ڏسو...“ اُتي مون الاءِ ڪيئن اُڪليو، ”هي ٺھرائڻي پنجاھہ رپيا في ڪلو ڪُجهہ گهٽ ناهي؟“ امڙ سانئڻ مُرڪندي چيو، ”الاهِي آهي... اسان جو گُذر ٿي ويندو آهي... سمجهو ڏهين، پنڌرهين رپئي جي سراسر گئس ٻري ٿي، باقي سڀ ڪلو تي بچي ٿو. گنج آهي.“ همٿ ميڙيندي عرض ڪيم، ”هي پُڙيون رکو...هي اسان ڇا ڪنداسين.؟“
”اوهان جون هِن...اسان ڇا رکي ڪنداسين... امانت آهي بابا“ هُن هٿ موٽايو، ”جيڪي کتو سو هنيوسين... باقي سڀ اوهان جو آهي.“
”۽ جي مان اوهان کي ڏيان تہ...“
”تہ پوءِ اُن جي رقم وٺو.“ ڇُوٽ جواب آيو، ”مٿئين ڏي بہ تہ وڃڻو آهي نہ...جيترو هلڪو ٿي وڃجي اوترو چڱو ناهي!؟“ مون کي ٻُڏتر ۾ ڏسي، تقريبن پنجهتر سالن کان مٿي ڄمار واريءَ جيجان، هڪ وڏي مُرڪ آڇي، ”اسان کي بارگير نہ ڪر پُٽڙا...پنھنجي امانت کڻ... اهو رڳو اوهان لاءِ ڪونھي...سڀني لاءِ آهي.“ هُن سامھون ڏيکاريو، مون ڌيان ڏنو، ”ڏسو... سڀني جا آرڊر آهن نہ... سڀني جي بچيل سامانن جا شاپر ٺھيل آهن... مون رڳو اوهان کي ڏيکارڻ لاءِ ٿالھہ ۾ پُڙيون آنديون آهن... وجهي تہ مان اوهان کي شاپر ۾ گڏ ڪري ڏيان ها.“
مُنھنجي ڪُک ۾ ڪُجهہ آڱريون لڳي رهيون هيون، جن مُنھنجي روح کي کِلايو پئي. مُنھنجي دل چيو، مان سندس قدمن ۾ ويھي رهان ۽ چوانس، ’امڙ... اهڙو هُنر تو سکيو ڪٿان آهي... جو پنھنجو پاڻ مٺاڻ بڻجي پئي آهين!؟‘ پر اکر بہ اُڪلي نہ سگهيس. هُن شاپر ۾ پُڙيون وڌيون ۽ سندس گهر واري مون کي مِٺائيءَ جا ٿالھہ کڻي ڏنا. اجازت گهرڻ مھل چيائين، ”ناراض نہ ٿجو... اهو اسان جو نيَم آهي. خُدا جي ذات ڏي جيترو گهٽ گُناهن جو بار کڻي وڃجي اوترو سُٺو هوندو آهي... پرائي مال کي پرايو سمجهجي تہ بار گهٽجي ويندو آهي. مِٺائي جيتري هلڪي هوندي، سيني تي بار بہ اوترو گهٽ ڪندي.“

(ڇپيل: آچر 10 اپريل 2016ع)

خالي ٿانءُ (سائين)

سندن لھجي جي خوشبو اُها ئي هُئي. آواز جو وزن ائين ئي ڳرو هُئن، جھڙو پھرئين ڏينھن پلئہ پيو هو. سندن آواز جي وزن جي اها بہ هڪڙي حسناڪي هوندي آهي، جو اُهو ماٺ تي گُلڪاري ڪندو آهي.
”خالي ٿانءُ، ڀريل ٿانءَ کان وڌيڪ آواز ڪندو آهي بابلا. جي آواز نہ بہ ڪرڻ چاهي تہ بہ نڪري ويندا ٿس. اجايو پيو چِين چَان ڪندو آهي. ڪوشش اها ئي هوندي اٿس تہ ڪنھن نہ ڪنھن لحاظ کان پنھنجي موجودگيءَ جو احساس ڏياريان. شايد کيس اهو خوف هوندو آهي تہ هاڻي جي ڪنھن ڪم جو ناهيان رهيو تہ متان ڪير اک کڻي نہ ڏسي.“
”ٿانءُ تہ ٿانءُ آهي سائين...“ هڪڙَي عرض ڪيو. ”ڀلي خالي هُجي يا ڀريل، ڪم جو تہ هوندو نہ... جيستائين ڀڄي ڀُري نٿو.“
”اها تُنھنجي ۽ اسان جي سمجهہ آهي نہ شھزادہ“ سائين مُرڪيو. ”ڪيترا ٿانءَ ڀڄڻ کان پھرين ئي ناڪارہ ٿي ويندا آهن. الاءِ ڇو انھن کي صاف ڪري، قلعي ڪرائي، ڏسڻ جھڙو ڪري اسين ڪنھن جاري، ڪنھن شوڪيس جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهيون. اُتان پيا اسان کي ڏسندا آهن، بي زبانيءَ جي زبان ۾، اهو ئي چوندا آهن تہ اسان بہ آهيون... اسان کي بہ ڪتب آڻيو، پر بس شايد اُنھن جو نصيب ئي ايترو هوندو آهي.“
”۽ آخر سائين!؟“
”آخر فنا بابا...“ وڏو ساھہ کنيو سائينءَ، ساھہ کڻڻ دوران الاءِ ڇو اکيون ڀرجي آين، ”آخر فنا... اجل جي ڪتاب ۾ لکيل گهڙيءَ تي سڀ فنا... ڀلاري رات اندر ٿيل فيصلي تي سڀ ختم... پَنُ سائي مان پِيلو ٿيو تہ بس... گَلِ مُڪِجِي وَئي... وقت جي جاري تان ڪري، نيٺ تہ اُن کي ڀور ڀور ٿيڻو آهي نہ.“
حياتي پڙهڻ لاءِ وٽن حاضر ٿيا هُئاسين. الاءِ ڪيترا ڏينھن ٿيا هُئا، اندر ۾ ڳنڍين جو هڪ جھان آباد ٿي ويو هو، جن جي کولڻ لاءِ هُنن وٽ حاضري ضروري هُئي. وقت جي وهڪري ۾، اندر جي ڳنڍ وزن وڌائي ڇڏيندي آهي. مٿان صاحبانِ علم و فضل جي ڪرم نوازين جي ڪھڙي ڪَٿَ ڪجي... عنايتون ٿينديون رهن ٿيون، فقير هلندا رَهن ٿا.
”انسان جي مغز ۾ وڏي ڦيري هوندي آهي بابا“ اشارو ڪيائون، مان سمجهي ويس اُٿي ناديءَ مان پاڻيءَ جو وٽو ڀري آيس. هُنن ڳالھہ جاري رکي، ”پاڻ کي هفت اقليمَ جو مالڪ سمجهندو آهي، هلندو رڳو پنج سئو سي سيءَ جي هڪ ڦوڪ تي آهي. سا بہ الاءِ ڪنھن مھل، ڪنھن گهڙيءَ نڪري وڃي... ٻين کي رانڀوٽا هڻڻ، زخمي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ٻين جي مانَ مريادا تي هَٿَ کڻڻ، سندس سرشت ۾ هوندو آهي، اُن مھل کائنس سڀ وسري ويندو آهي. اها ٻي ڳالھہ اٿوَ تہ اهي سڀ عمل، خالي ٿانءَ جي چِين چَان جيان هوندا آهن. اهو وکر اهڙو نہ هوندو آهي، جنھن جو ڪو مول هُجي، جنھن لاءِ ڪو خريدار هُجي. ڪٿي قطارن ۾ گراهڪ بيٺل هُجن. اهو تہ اجايو پٿاريل هوندو آهي. اهو ناهي تہ ڪو ڏسڻ وارا اهو ڏسڻ نہ گهرندا آهن. ڏسندا بہ آهن، ڦڦوليندا بہ آهن، وٺندا ناهن. بس اڳيان وڌي ويندا آهن ۽ وڃي هٿَ صاف ڪرڻ لڳندا آهن.“
هُنن پاڻي پيتو، ٻانھن سان مُنھن صاف ڪيائون ۽ ڳالھہ جاري رکيائون.
”اڳ ۾ بہ ٻُڌايو هومانوَ... ڪنھن جاءِ تي اُستاد شاگرد کان پُڇيو هو، ’انسان ۽ جانوَر ۾ ڪھڙو فرق آهي؟‘ هر شاگرد پنھنجي پنھنجي وِتَ آهر جواب ڏنو هو، هڪڙو شاگرد ماٺ ڪريو ويٺو هو. سائينءَ پُڇيو، ’تُنھنجو ڇا خيال آهي؟‘ هُن ورندي ڏني هُئي تہ، ’سائين... انسان ۽ جانوَر جي ڇا ڀيٽ ڪجي! جي ڪنھن ۾ ڪم پوي ٿو ماڻھوءَ کي تہ اڳيان پويان پُڇ لوڏيندو هلي ٿو. معنيٰ تہ پُڇ بہ اٿس... ڀلا جي ڪُجهہ حاصل ٿئيس ٿو تہ بُود ۾ ڀرجي ٿو، معنيٰ اُڏامڻ لاءِ پَرَ بہ اٿس. اڃان وري جي پنھنجي اندر جي باھہ ۾ سڙندي، ٻين کي مجروح ڪرڻ ٿو گهري تہ ننھن بہ اٿس، اُنھن سان ماس پٽي ٿو...معنيٰ چنبن جو صاحب بہ آهي...هاڻي سائين پُڇ بہ هُجي، چنبا بہ هُجن، پَرَ بہ هُجن تہ پوءِ ماڻھو ۽ جانوَر ۾ ڪھڙو فرق آهي؟‘ تہ سڄي ڳالھہ اتي اچي بيھيوَ ٿي ٻچا... جبلت تہ جانورن واري اٿس نہ، جامو انسان جو پائي ٿو گهمي.“
”سائين پوءِ اِن کي ڇا سڏجي؟“ ڪنھن پُڇيو. سائين جو مُک سپاٽ ٿي ويو.
”اُن کي رب جو ڏمَرُ سمجهجي بابا“ اکين ۾ جلال اچي ويُن. ”جي مت کسجي وڃي تہ اهڙو تہ ڪو ٻيو ڌاڙو ئي ڪونھي... بي متيءَ جھڙو تہ ڪو فُقرو ئي ڪونھي سرڪار... رب رُسندو آهي تہ پھرين مت کسيندو آهي بابا... دُنيا ۾ ٻہ ماڻھو بي انتھا غريب هوندا اٿوَ... اُهي جيڪي سچا دوست وڃائين ۽ ٻيا جيڪي پنھنجي موڙهائپ تي، نادانيءَ تي فخرمند هُجن ۽ پاڻ کي اڪابر سمجهندا هُجن.“
”کين سمجهہ ۾ نہ ايندو آهي سائين؟“
”ايندو هُجي تہ ائين ڪَن!“ سائين مُرڪيا، ”ائين ڪير پنھنجي موڙي وڃائيندو آهي ڇا، نادانَ؟ ڪير هوندو، جيڪو پنھنجو پاڻ کي خالي ڪندو...اهو ڪم تہ ڪو بي سمجهہ ئي ڪري سگهي ٿو.“
”۽ سندن اڳوڻي سمجهہ؟“
”اها جي هُجين تہ ائين ڪن... اصل ۾ ٿانءُ ننڍو هوندو ٿن. هِتان هُتان ڀرجي ويندو آ... پوءِ خالي ٿي وڃي تہ وري ڪو نہ ڪو سبب ٺھي پوندو آ... مصيبت اُنھن سان هڪڙي ٻي بہ هوندي آهي، سندس ترو سِڌو هوندو آ... اُتي ڪُجهہ ٽِڪندو ناهي... پوءِ خالي ٿيڻ سان، ڪا ڦُڙي، ڪو چمچو، ڪا رَسُ ڪُجهہ بہ نٿو بچينِ... تہ ائين تہ ٿيڻو آهي نہ بابا...“
ماٺ ٿي وئي هُئي. معاملو مٿانھون هو، هر ڪنھن پنھنجا پنھنجا نوٽس پئي ورتا. هُنن وٽي ۾ مان بچيل پاڻي پيتو ۽ هڪ هڪ تي نگاھہ وجهي ڳالھائڻ لڳا. ”انسان، ربَ مٺڙي جي عجيب تخليق آهي، جيڪو سکيا جي مرحلي ۾، سڀني جانورن کان وڌيڪ وقت گُذاري ٿو. مَڇي، مڇيءَ کي ترڻ ناهي سيکاريندي. پکي، نئين ڄاول پکيءَ جا ڪلاسز ناهي وٺندو. ڪنھن شينھن، چيتي يا واگهہ پنھنجي ٻار کي ڪنھن مانٽيسوريءَ ۾ ناهي موڪليو... اهو انسان ئي آهي، جنھن جو ٻچو تربيت حاصل ڪري ٿو ۽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ وڃائي ٿو. عجيب الميو آهي... مڇي مرڻ گهڙيءَ تائين ترڻ وساري نٿي سگهي ۽ پکي اُڏرڻ نہ. جانور شڪار ڪرڻ جون رمزون حياتيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين ياد رکي ٿو، جيتوڻيڪ سيکاريل ناهي، پر ماڻھو!...ماڻھو، سڀ سکڻ کان پوءِ بہ وسارڻ جو جھان آباد ڪري ٿو، سڄي تربيت ڀُلجي وڃي ٿو. ڀريل ٿانوَ کي خالي ڪري ڇڏي ٿو ۽ بس پوءِ چِين چَان ڪندو رهي ٿو... وڦلندو رهي ٿو ۽ مارڪون گهٽائيندو رهي ٿو. الاءِ ڇو هُو سدائين اها رمز وساري ويھندو آهي تہ بُلنديءَ جي ڪا نہ ڪا حد ضرور مقرر ٿيل هوندي آهي، ڪرڻ جي ڪا بہ حد نہ هوندي آهي. ڪير ڪيترو ڪرندو، ڪيترو ڪري سگهي ٿو، اُن جي حد جو تعين نٿو ڪري سگهجي. دُعا ڪندا ڪريو، ڪنھن جو ٿانءُ خالي نہ ٿئي.“

(ڇپيل: آچر، 17 جولاءِ، 2016ع)

محبت جو ترياق (محبت)

صابري ڀائرن جا آواز ٻُري رهيا هُئا، ڪٿان ڪو جملو ڪنن ۾ اوتجي ويو هو؛
ڪافر هَي جھڙا لاڪَي اکيان، پِڇَي آکَي ساڏِي بَس اَي،
ياري لاوَڻ توڙِ نِڀاوَڻ، ساڪُون يار فريد دا ڏَس اَي.

هوا جو سرڙاٽ، ڪافيءَ جي قواليءَ واري انداز تي، روح تي ڄڻ ضربون هڻي رهيو هو. هن مون ڏانھن نھاريو، مون اجايو مرڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لڳم، مُنھنجو مُنھن انڪاري هو. ڪلام شروع ٿي ويو هو؛
ڇَيتِي آوِين وَي طبِيبا، نَئِين تَي مَي مَر گَيِان،
تيري عشق نچايا، ڪَر ڪَي ٿَيِان ٿَيِان...

اندر ۾، ڪُجهہ رقص ڪرڻ لڳو هو، ڪُجهہ پير جُهڻ جُهڻ ڪري رهيا هُئا. مَحبت جي لام تي، آلا وصل جا لمحا، هاڻي سُڪي، جُدائيءَ جي هٿن ۾ لھڻ جا منتظر هُئا. هن هٿ ڊگهيريو، هلڪي نموني سان، مُنھنجي هٿ کي ڇھيائين... مون پنھنجو هٿ اڳتي وڌائي ڇڏيو، هن هٿ کي پوئتي ڪري ورتو ”بس، ٺيڪ آهي...“ الاءِ ڇو ائين ٿيندو آهي، الاءِ ڪيترا هٿَ اهڙا هوندا آهن، جن لاءِ اسان جي دل چوندي آهي تہ اسانجن هٿن ۾ هجن. انھن ۾ مُنڊيون اسان جي نالي جون پيل هُجن. پڪڙيل هُجن تہ ڪڏهن ڇڏائڻ جي طاقت نہ رکندا هُجن ۽ جي طاقت هُجينِ تہ خواهش نہ هُجينِ... پر اهو سڀ ضروري ٿورئي آهي تہ ٿئي... دل جي چوڻ سان ڪھڙو فرق پوي ٿو. هن هلڪو کنگهيو، نڙي صاف ڪندي چيائين، ”هاڻي هلڻ گهرجي...“ مون کيس نگاھہ ۾ ڀريو، ڪنھن شاعر جي سٽَ ذهن ۾ آيم ۽ مون چئي ڇڏيو؛
مين ني اُسڪو اتنا ديکا، جتنا ديکا جا سَڪتا ٿا
ليڪن آخر دو آنکون سي ڪتنا ديکا جا سَڪتا ٿا

هوءَ مُرڪي پئي ”هنن لمحن ۾ بہ توکي شاعري ياد آهي.“
”جيڪا شاعريءَ جھڙي آهي، ان لاءِ ياد آهي.“ هڪدم وراڻيم.
اندر ۾ الاءِ ڪيترا آواز ڀريل هُئا. انھن مان هڪڙو اچارجي ويو هو.
”ماڻھو ڇو ملندو آهي سائين؟“ هن هٿ پوئتي ڪري ٻئي هٿ سان ڪرائيءَ ۾ پيل چوڙين کي ڦيرائڻ شروع ڪيو.
”ان ڪري ملندو آهي جو وڇڙي سگهي بيبي... جي ملندو نہ تہ وڇڙندو ڪٿان؟“
”۽ وڇڙندو ڇو آ؟“
”تہ جيئن وري ملي سگهي...“ ڳيت ڏنم، سمجهي ويس تہ هاڻي ڇا چوندي.
”۽ جي وري ملڻ نہ ٿئي تہ...؟“ سندس نيڻ ڪٽورن ۾ سڀ ڪُجهہ هو پر ٻُڏل ٻُڏل هو.. مون کيس غور سان ڏٺو، هن مُرڪ وسيلي پاڻ سنڀالڻ گهريو ”مُنھنجو مطلب آهي، جي ماڻھو وڇڙي ۽ وري نہ ملي سگهي تہ...!“
ماڻھوءَ جي دل ڪڏهن بہ جوان نہ ٿيندي آهي، اهو ٻاروتڻ منجهنس آخري دمَ تائين هوندو آهي جنھن جي ڪري هوءَ لاڳيتا انگل آرا پئي ڪندي آهي ۽ جن انگلن کي دڙيندي، دماغ ٿڪجي پوندو آهي، دماغ کي ٿڪل ڏسي، دل وڌيڪ خوش ٿي ويندي آهي، نوان ٽڪساٽ سوچيندي آهي، دل کي شايد هارائڻ تسليم ڪرڻ ناهي ايندو.
”وري جو لفظ بہ ڏاڍو عجيب ٿئي بِيبي... هر هر ڪتب ايندو آهي، هر هر ورجائبو آهي... وري وري پيو ايندو آهي... محبت جي مامرن ۾ شايد ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو بہ لفظ صدا ناهي بلند ڪندو.“ پريان آواز آيا پئي؛
تيرَي عشق نَي ڊيَرا ميرَي دل وِچ ڪِيتَا
ڀَر ڪَي زهر پيالا، مَئن تا آپَي پِيَتا

ڪُجهہ لمحن جي ماٺ ۾ اهو سڀ ڪنائي ورتوسين... وري هڪٻئي ڏي نھاريوسين... خوشبو الاءِ ڪٿان اچڻ لڳي هُئي. ”محبت دل ۾ ديرو ڪري نہ سائين... تہ ان کي زهر جو پيالو ئي سمجهڻ گهرجي“ هن ڳيت ڏني. ”ماڻھو پاڻ ئي اهو پِئَي ٿو... ڪڏهن ڍُڪ ڍُڪ... ڪڏهن هڪ ئي ڳيت ۾، مسئلو رڳو اهو آهي جو اهو اثر ڏاڍو دير سان ٿو ڪري“
مون حيرت سان ڏانھنس نھاريو ”محبت ۽ دير ڪري..! محبت جھڙي تڪڙي ڪا ٻي شئي آهي سانئڻ؟“
”محبت زهر هوندي آهي سائين؟“ مون کي ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي
”مطلب!“
”مان پُڇان پئي تہ محبت زهر هوندي آهي سائين“
”تون ٻُڌاءِ“
”محبت زهر ناهي هوندي، وڇوڙو زهر هوندو ٿَوَ... اها ٻي ڳالھہ آهي تہ محبت ساڻ وڇوڙو لازم هوندو آهي... تنھن ڪري اها ائين ٿي ويندي آهي“
”معنيٰ زهريلي هوندي آهي؟“
هن وري مُنھنجو هٿ جهليو، ”جن کي وڇوڙو نصيب ۾ هُجي، تن لاءِ هوندي آهي“
اهو زهر هاڻي اثر ڪري رهيو هو. هنن لمحن ۾ ڄڻ تہ آخري ڀيرو ملي رهيا هُئاسين. هوءَ وڃي رهي هُئي، جُدائيءَ جو گهنڊ هاڻي وڄڻ لڳو هو. ”توسان محبت ڪرڻ مھل ئي مون کي ائين لڳو هو سائين تہ اهو زهر ئي پيان پئي... پر تہ بہ الاءِ ڇو دل قبضي مان نڪري وئي هُئي تہ ڀلي، اندر چيرجي وڃي، ان ڪڙَي قاتل کي ڳهڻو ئي آهي... حق تي دل ٻار هوندي آهي نہ...“
”اسان ٻنھين کي هڪٻئي جي زميندارين جي خبر هُئي. سڀ ڄاتوسين پئي...“
”محبت پاڻ هڪ ذميواري هوندي آهي سائين“ هن ڳالھہ ڪٽي ”عجيب ذميداري آهي، ٻيو سڀ ڪُجهہ وسرائي ڇڏيندي آهي سڀ وسري ويندو آهي. اولاد، مٽَ مائٽَ، ويجها، عزيزَ، اقاربَ.... پر اهو بہ عجيب هوندو آهي تہ اهي سڀ وسري تہ ويندا آهن پر پنھنجيءَ جاءِ تي هوندا تہ آهن نہ... ڪنھن بہ مھل ڏنگڻ لاءِ نانگ جيان ڦڻ ڪڍي بيھندا آهن ۽ ڏنگندا بہ ان محبت کي ئي آهن، جيڪا زهريلي هوندي آهي.“
مون حيرت سان کيس ويٺي ڏٺو، هوءَ بس پنھنجي ڌن ۾ گم هُئي. ”۽ پوءِ انھن رشتن ۽ تعلقن جو زهر، وڌيڪ سگهارو هوندو آهي. محبت لاءِ هڻ کڻ جيئن هوندو آهي... محبت نہ مرندي آهي نہ مري سگهندي آهي. عجيب جاندار هوندو آهي جنھن ۾ جان ناهي هوندي“
مون ڪڏهن هن کي ايڏو ذهين نہ ڄاتو هو، هي اوچتو سڀ ڪُجهہ هن مان الاءِ ڪيئن نروار ٿيو هو. اسين سالن کان، سڀني ذميوارين کي سنڀاليندي، پنھنجن پنھنجن رستن تي هلندي، بہ گڏ هليا هُئاسين. روح جو تعلق، جسم جو محتاج نہ هو... ها پر ڏسڻ جي حسرت تہ سدائين سگهاري رهندي هُئي. هاڻي اهو جھان ختم ٿي رهيو هو. هُوءَ پرڏيھہ وڃي رهي هُئي ۽ ان شام جو ئي سندس فلائيٽ هُئي.
”هزارين ميلن جي فاصلي تان، مان توکي واٽس ائپ تہ ڪري سگهان ٿي، چَئٽ بہ ڪري سگهان ٿي، پر هيئن سامھون، تُنھنجي هڳاءَ کي محسوس نہ ٿي ڪري سگهان...“ هاڻي اکين جو آب هيٺ ڪرڻ لڳو هُئس. هن ٽشو ڪڍيو ۽ ڳوڙها ان ۾ جذب ڪيايئين. پريان جملو گونجيو هو؛ لَي وَي ڇُپ گيا سورج، باهر رھہ گئي لالِي...
هُوءَ اٿي کڙي ٿي. ”سج لھي ويو سائين... ٻاهر هاڻي رڳو جدائيءَ جي ڳاڙهاڻ بچڻ واري ٿئي“
مون کي چڙ اچي وئي ”زندگي ائين ڪا ڪافي آهي ڇا بيبي... ڪُجهہ سٽن تي سڀ ختم!“
”هڪ ڳالھہ چوان سائين...“ هن ڄڻ، مُنھنجي ڪاوڙ کي اتي ئي دَڙڻ گهريو.
”چئو...“
”ڪُجهہ سٽن جي ڳالھہ تہ پري آهي... هڪ سٽ ئي سڀ ختم ٿي ڪري ڇڏيوَ... تيرَي عشق نچايا ڪر ڪَي ٿَيَان ٿَيَان ڇاهي؟ هڪ سٽ ۾ زندگي ٿوَ... ۽ اهڙي هڪ جياپي سان ڀري سِٽَ ٻي بہ هاڻي ئي ڪنائي ٿوَ. ’ڪافر هَي جھڙا لاڪي اکيان، پڇي آکي ساڏي بس اَي‘... مان سامھون نہ هُجان تہ انھن ٻنھين سٽن تي غور ڪجو، اندر ۾ ڪير ٿَيَا ٿَيَا بہ ڪندوَ... ۽ همٿ بہ ڏياريندوَ... اها همٿ، جيڪا زهريلي محبت لاءِ ترياق هوندي آهي.“

(ڇپيل: آچر، 21 آگسٽ، 2016ع)

محبت جي حدَ (سائين)

عجيب رمز هُئن. اکين جي گُهورَ سدائين جيان قاتل هُئن. سندن نيڻ ڪجرارا آهن، مٿان وري عجيب گامُ ڀريل هوندو اٿن. مُنھنجو ڪنڌ جهڪيل هو. جُهڪيل هُئڻ جي باوجود، سندن نظرَ جي ناوڪ لڳندي محسوس ٿي رهي هُئي. جن کي ڏسبو آهي يا جن جو ڏسڻ محسوس ٿيندو آهي، انھن لاءِ ڪنڌ کڻڻ جي ڪھڙي ضرورت هوندي آهي. بند اکين ۽ مُڙيل رُخن ۾ بہ سڀ ڪُجهہ سامھون هوندو آهي. ماٺ ميٺ ۾ سندن جهونگار عجب هُئي. ”ميڏِي مُندرِي تَي نان هو تيرا، مَين دنيا ڪُون ڏَسدِي ڦران.“
اکين ۾ گهڻو ڪُجهہ کڻي آيو هُئس، پر اڃان تائين، اهو اظھارجي نہ سگهيو هو. سينو لبالب هو، پئمانو ڇُلڪڻ تي هو. محبتن جي مامرن منجهائي ڇڏيو هو. هيڏي عُمر ٿي آهي، سُٽ ئي نہ ٿو سُلجهي. هنن، زمين تي ليڪا ڪڍڻ شروع ڪيا. آڱرين ۾ مُنڊين جو جڙاءُ عجيب هو، ڄڻ ڪنھن سانوريءَ ڪجل جي ڌارَ تيز ڪري ڇڏي هُئي. لڪيرون ڪڍندي چيائون. ”پنھنجي سيما ڳولين پيو ڇا؟... حد جي خبرَ نہ ٿي پوئي ڇا..!“
ڪو جواب نہ هُئم... هن واري سوالَ ئي سوالَ کڻي آيو هُئس. مُنھنجو ڪشڪول تہ سوالن سان سٿيل هو. ”تون تہ هڪ محدود ماڻھو آهين بابا....سڄي عُمر حد بندين ۾ گذاري ٿئي...هي سٺو آ، هي خراب جي چڪرَ ۾ گهمندو رهيو آهين...توکي هاڻي ڇا سمجهہ ۾ آيو آهي جو طلب جو ڪاسو ڀرجي ويو ٿئي؟...“
”ڪُجهہ ئي تہ سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي سائين...“ آواز گُهٽجي رهيو هُئم... ”محبتن جي حدن منجهائي ڇڏيو آهي... الاءِ آهن بہ الاءِ نہ...مون کان پنھنجو پاڻ ڇڏائيندو ٿو وڃي.“
”تُنھنجو پاڻ تنھنجي هٿَ ۾ هُيو ڀوڪَ...! ڪڏهن کان هيو ۽ ڪڏهن کان تون ان کي ائين نڪرندو محسوس پيو ڪرين..؟“ هنن مُرڪيو، گهٽ ۾ گهٽ مُنھنجي کنيل ڪنڌَ اهو ڏَسيو هو.
”پاڻُ، جي پاڻَ وٽ هُجي تہ اسين ڪنھن چڪرَ ۾ ئي نہ پئون لاڏلا. پوءِ ائين ڪنھن نالي کي پاڻ سان ڳنڍڻ جو ڪو سرشتو ئي نہ هُجي... پوءِ اها مائي نُورِي، اهو ڳائيندي ئي نہ وتي. ’چنَان تيرِي چَڪورِي بَڻ ڪَي... ميَن تيَڏي پِڇَي نَسدي ڦِران...‘ پاڻُ تہ پاڻَ وٽ هوندو ئي ناهي بابلا، اسين تہ اهو ٻين وٽ ڳوليندا رهندا آهيون...ڪڏهن ڪنھن ماھہ رُوءَ ۾، ڪڏهن ڪنھن سيم تَن ۾...“
”محبت ڇاهي سائين...“ اکيون ڇلڪي پيم، ڪنڌ هيٺ ٿي ويو.
”محبت... اها شئي آهي، جيڪا هوندي ناهي ۽ هوندي آهي...جيئن هوا هوندي آهي ۽ نہ بہ هوندي آهي...“
”محبت هوا هوندي آهي سائين؟“
”محبت سُرُ هوندي آهي، ذائقو هوندي آهي، اڻ ڏٺل ڇھاءُ هوندي آهي بابا....“ هنن پاڻيءَ جو وٽو پاڻ ڏانھن سوريو، ”محبوب اوهان جي چپن تي سُرَ آڻيندو آهي...شيون ڪَسارين مان مِٺيون ٿي پونديون آهن، ماڻھو ڀاڪرن ۾ ڀرجي گهمندو آهي.“ پاڻيءَ جا ڪُجهہ ڍُڪَ ڀريائون ۽ ڳالھہ جاري رکيائون.“ ٻانھن خودبخود لڏڻ لڳندي آهي، جيئن ماڻھو پرائي ڪار ۾، دريءَ مان ٺُونٺ ڪڍي ويھندو آهي.“
”محبت ڌڪَ ڪڍندي آهي سائين؟“
هُو مرڪيا... ”اهڙو تھڙو... محبت ڌَڪُ ڪڍي تہ سِرُ کڻندي آهي. محبت جھڙو خطرناڪ هٿيار سڄي دُنيا ۾ ڪونہ ٿئي...هٿيار جو ڌَڪيل بچي ويندئي، محبت جي ڌَڪيل جو تہ ڪو علاج ئي ڪونہ ٿئي...“
لفظَ، شيھي جيان اوتجي رهيا هُئا، ڪو قالب جڙي رهيو هو. ”محبت کي سمجهڻ جي دعويٰ ازل ابد کان هلي پئي شھزادا، جن سمجهيو سي سمجهائي نہ سگهيا ۽ جن نہ سمجهيو سي محبت ڪري ويا. پراڻي شراب جيان، پراڻو موضوع نشا وڌائي ڇڏيندو آهي. هرڪو ڳالھائيندو آهي، هر ڪنھن کي هر ڪا محبت، سمجهہ ۾ ايندي آهي، بس رڳو پنھنجي محبت سمجهي ناهي سگهندو. پنھنجي حدَ جو تعين ناهي ڪري سگهندو... ڪا سيما ئي هٿ نہ ايندي اٿس.“
”۽ جي هٿ اچي وڃينس سائين...! پنھنجي حد جو تعين ڪري سگهي، پوءِ..!“
هنن هڪ ڳيت ۾ بچيل پاڻي پيتو... وٽو رکي، چتائي نھارڻ لڳا... هٿ اڳتي ڪري، مُنھنجو هٿ جهليائون ۽ چوڻ لڳا. ”هَٿَ ۾ هَٿُ ايندو آهي، محبوب سائين ۽ هٿن مان ئي هَٿُ ڇڏائجندو آهي، ماڻھو مُئي جدائي سھسائي ويندو آهي بابا... جيئري نہ سھسائي سگهندو آهي... اها ئي رمزَ محبت ٿئي...جڏهن جيئري ئي، جدائي نہ سھسائجي، جڏهن حاضر غائب ۾ فرق ختم ٿي وڃئي ۽ جڏهن ڪو پرانھون اورتي لڳئي تہ اها محبت ٿئي. اها ئي حدَ ٿئي سمجهہ جي، ۽ ياد رکجانءِ، محبت جَي هڪ ڀيرو سمجهہ ۾ نہ آيئي نہ... تہ ڪڏهن بہ سمجهہ ۾ نہ ايندئي... بلڪل ائين، جيئن تارُون، هڪ لحظي ۾ سکندو يا تہ پيو گهوتا کائيندو... عام پاڻيءَ ۽ محبت جي پاڻيءَ ۾ هڪ خاص فرق ٿئي...عام پاڻيءَ ۾ غوطو نڪ تائين ويندو... گهڻو بہ ٿي سگهي ٿو، گهڻا بہ ٿي سگهن ٿا، پر بچڻ جي مھلت ملي سگهي ٿي... محبت ۾ هڪ غوطو بہ آيس نہ تہ سمجهہ... مھلت ختم... هڪ ڀيرو رڳو، عقل جي سطح تائين هيٺ وڃ، پوءِ ڪا موٽ ڪانھي... بس سمجهين تہ اها ئي محبت جي سيما ٿئي ۽ ها... دُنيا جون ٻيون سڀ حدون لتاڙبيون آهن تہ معاملو سمجهہ ۾ ايندو آهي پر اها حد ٽپڻ مھل سمجهہ ۾ نہ ايندي آهي.“

(ڇپيل: آچر، 20 نومبر، 2016ع)

محبت جي گوءِ (سائين)

هنن نھاريو هو ۽ گھري مُرڪ آڇيندي پُڇيو هُئائون، ”مُنجهيل سُٽُ تہ ڪونھي. سنئين سڌي ڳالھہ آهي. سوال جو جواب ورنايو تہ هارائڻ کان پوءِ ماڻھوءَ وٽ ڇا بچندو آهي؟“
سڀ ڪلاس ۾ موجود هُئاسين، عملي حياتيءَ جي حوالي سان سبق جاري هو. سائينءَ، زندگيءَ ۾ فتح و شڪست جي رنگن کي واضح پئي ڪيو ۽ سڀ حيرتن جي جھان مان ٽٻيُون کائي، پُسِي حيرت زدہ ٿي رهيا هُئاسين. ”هِن حياتيءَ ۾ انسان رڳو کٽڻ لاءِ ئي ايندو آهي ٻچا.“ هڪ هڪ ڏانھن نھارڻ جو کين ملڪو حاصل آهي. انداز ڪمال هوندو اٿن. اکين ۾ ديد جي جاءِ تي الاءِ ڇا ڇا کڻي ايندا آهن. پيار، محبت، ڪاوڙ، گهُورَ، سمجهاڻي. ڄڻ تہ انھن جاڙن ڀِرُن جي هيٺان، اُڇل جا منتظر هوندا آهن. ”ڪير آهي جيڪو هارائڻ جي سوچ کنيو، دنيا ۾ نروار ٿيندو هُجي!؟ ميدان کڻي ڪھڙو بہ هُجي، هوندو هر ڪنھن کي کٽڻو ئي آهي. رانديون، نوڪريون، عھدا، رشتا، رشتيداري، جتي نھارِ اتي هر ڪنھن جو هٿُ، فتح جي هٿ کي جهلڻ جو منتظر هوندو آهي. شڪست کي تہ ڄڻ ڪرايُون ئي نہ هونديون آهن سھڻا... بلڪہ، سدائين بنان ٻانھن جي هوندي آهي.“
سڀني هڪٻئي ڏانھن نھاريو، سائين پاڻيءَ جو هڪ وڏو ڍڪ ڀريو، ”هوندي بنان ٻانھن جي آهي، پر جنھن مھل پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ گهُري، تہ الاءِ ڪٿان، منجهائنس هڪ ڀاڪر نڪري ايندو آهي، جيڪو شڪست خورده کي ساڻ وٺي ويندو آهي.“
”شڪست کي هٿ معنيٰ ناهي هوندو سائين؟“ هڪ شاگرد پُڇيو. ”اهو ئي تہ چوان پيو نہ بابلا... شڪست وٽ وجود هوندو آهي، دسترس هوندي آهي، دَست نہ هوندو آهي. بنان هٿن جي هٿ جهلي وٺندي آهي... ماڻھو فتح جي سرخوشيءَ کان دامن ڇڏائي ويندو آهي، شڪست جي الم کان پري ناهي وڃي سگهندو... هٿ جهلي تہ سڏڪو تہ آيو ئي آيو.“
”اسين شڪست کان ڊنل هوندا آهيون سائين؟“ سوال بُلند ٿيو، تہ هنن جي اکين جو رنگ ڄڻ مَٽجي ويو. ”اسين دراصل پنھنجو پاڻ کان ڊنل هوندا آهيون شھزادا، شڪست ۽ فتح سان اسان جو ڪو خاص جھان ناهي هوندو. انھن سان جُڙيل احساسن ۽ پنھنجي ردِعمل جي خوف ۾ اسين ڀڄندا ڀرندا رهندا آهيون. فتح جي خوشي ملي تہ ڊپ وڪوڙي ويندو آهي تہ ڪنھن جي نظرَ نہ لڳي... ڪا هُوسَ، ڪا بدنظري کائي نہ وڃي ۽ شڪست جو درد عنايت ٿئي تہ ٻين جي ڪهل ڀريل نگاهن جو وزن سَٺو ناهي ٿيندو. ماڻھو پاڻ تي پاڻ ئي بار ٿي ويندو آهي.“
حياتيءَ جي هڪ بازي تازي تازي هارائي آيو هوس. اعتبار جو هڪ رشتو وري ڀور ڀور ٿيو هو. محبت ڪُجهہ وکون پريان اچي، سائي جهنڊي کڻي هلي وئي هُئي. رشتن جو ڀرم قائم نہ رهيو هو. مان هن ڀيري بہ بازي هارائي ئي موٽيو هُئس ۽ انھيءَ جي کين پروڙ هُئي. ٻُڌائڻ جي کين ڪا خاص ضرورت نہ هُئي، ماڻھو هارايل هُجي تہ پري کان پڌرو هوندو آهي.
”حياتيءَ جي وڏين جنگين مان محبت بہ هڪ هوندي آهي، بلڪہ ائين کڻي چئجي تہ وڏي ۾ وڏي جنگ هوندي ئي محبت آهي. انسان پنھنجو الھہ تلھہ لڳائيندو آهي ۽ نتيجو ڪڏهن مُرڪن جا خزانہ تہ ڪڏهن ڳوڙهن جو درياھہ هوندو آهي. اهي خزانہ ۽ درياھہ، محبت جي عملَ ۾ هر وقت جاري رهندا آهن. محبوب جي نگاھہ پاڻ ڏانھن کڄي تہ چپن تان مُرڪ ڪٿان ٿي غائب ٿي سگهي ۽ جي سندس اک جو تابُ، ڪنھن ناراضگيءَ کي ظاهر ڪري تہ پنھنجي اک جو ڳوڙهو ڪٿي ٿو جَهلَ ڏئي؟ پر اهي ٻئي عنايتون، انتَ کان پوءِ ڪنھن هڪ ۾ رهجي وينديون آهن. يا مُرڪ خزانہ سامھون هوندا آهن يا ڳوڙهن جو درياھہ... هاڻي نصيب ۾ ڇا ٿو اچي، جي اُن جي اڳواٽ خبر هُجي تہ ماڻھو محبت جي مام کان ڪوھہ پري ڀڄندو وتي بابا.“
هُنن وڏا وڏا ڍُڪ پئي ڀريا. لڳي پيو اندر ۾ ڪا ڄَرَ هُجينِ. ”محبت کان ماڻھو ڀڄي سگهندو آهي سائين؟“ چئي ڏنم، الاءِ ڪيئن چيم. ”ڀڄڻ جي ڪندو آهي، ڀڄي ناهي سگهندو سھڻا.“ هُنن مُرڪيو. ”محبتَ ۽ محبتَ ۾ چوٽ کاڌل شخص، گڏ گڏ ڊوڙندا آهن. محبت ۾ چوٽ کاڌل، ٻئي ڀيري گوءِ ۾ شرڪت کان لھرائيندو آهي. ڄاڻندو آهي تہ جي وري هارائي ويس تہ ڪٿي جو ڪونہ رهندس.“ مُنھنجي ڏيک مان سمجهندي چيائون، ”چئو...چئو، جيڪي چوڻ ٿو گهرين، چئو ٻچا.“
”محبت ۾ چوٽ کاڌل، وري بہ محبتَ سان گوءِ ۾ ڇو هوندو آهي سائين؟“
”ڇاڪاڻ تہ هُو نفرت ناهي ڄاڻندو ابا... محبت ڪندڙ، دراصل دل جو ڪمزور هوندو ٿئي... دل جو پڪو ئي نفرت ڪندو، جنھن جي سُتيءَ ۾ محبت پيل هُجي، اُهو نفرت کان اڳ ۾ ئي کٽيل هوندو آهي. سندس اصل مقابلو تہ محبت سان ئي هوندو آهي.“
”اڳواٽ خبر رکڻ کان پوءِ بہ، مقابلي ۾ شريڪ ٿيندا آهيون سائين؟“
”اسين، زندگيءَ ۾ صرف هڪ هار کان اڳواٽ واقف هوندا آهيون بابا ۽ اها زندگيءَ جي هارَ هوندي آهي“ هنن پاڻيءَ جو ڍُڪ ڀريندي مون تي خفيف نگاھہ وڌي ۽ چھرو موڙي ٻين ڏانھن ڪري ورتائون. ”هوش سنڀالڻ ساڻ ئي اسان کي معلوم ٿي ويندو آهي تہ حياتيءَ جي بازي شروع ئي هار جي خبر ڏيڻ سان ٿئي ٿي. ساھہ جو طبل وڄي ئي ان نوبت سان ٿو تہ بس هاڻي کُٽ کُٽان جو جھان آهي، هڪ ڏينھن تہ زندگيءَ کي اوَس بہ هارائڻو آهي. معنيٰ اسين، رڳو حياتيءَ جي بازيءَ ۾ هارائڻ کي سمجهندا آهيون. ٻئي ڪنھن بہ ميدان ۾ اهڙي ڪا سوچ هوندي ئي ناهي. ڪروڙين مداحن جي وچ ۾، راند جي ميدان ۾ لھندڙ رانديگر بہ شروعات فتح جي اڳواٽ خيال سان ڪندا آهن.“
”نہ پر سائين، هارائڻ جي خبر تہ انھن کي بہ هوندي آهي، لازمن هڪڙو کٽيندو هڪڙو هارائيندو...“ ڪنھن ڪُڇيو، سائين جي ڳالھہ ڪٽجي وئي هُئي. ڳالھائيندڙ جو ڪنڌ جهڪي ويو هو، سائينءَ جو لھجو، جلال ڀريل ٿي ويو... ”خبر ۽ پَڪَ ۾ فرق هوندو آهي نادان، زندگيءَ کي موت جي پڪَ هوندي آهي، خبر بہ هُجيس ٿي پر انجام اهو ئي لڳيس ٿو، جڏهن تہ راند ۾، ترقيءَ ۾، رشتي ۾، خبر ڀلي هُجي، هارَ جي انجام جي پڪَ نہ هوندي آهي.“
سڀ ماٺ ٿي ويا هُئاسين. هنن مرڪزِ نگاھہ مون تي ڪيو، ”هارائي اچجي تہ ڳاٽُ اوچو هُجي بابا، شڪست نظرن کي ڪمزور نہ ڪري، نگاھہ ۾ ڌنڌ نہ ڀرجي. جيڪِي روئڻو هُجي، اهو بس هڪ مھل ئي روئي وٺجي ۽ پنھنجو پاڻ کي اهو سمجهائجي تہ هارائڻ کان پوءِ ماڻھو وٽ ڇا بچي ٿو.“
اکين ۾ ڪُجهہ ڀرجيو پئي پر ضبط بہ طلبگار هو.
”هارائڻ کان پوءِ بابا، ماڻھوءَ وٽ فتح کان سواءِ سڀ ڪُجهہ بچي ٿو. سڄو سارو پنھنجو پاڻ بچي ٿو، جنھن کي سنڀالي وري، ڪنھن ٻي بازيءَ ڏانھن جُوھہ وجهي سگهجي ٿي. محبت جي گوءِ ۾ سڀ ڪُجهہ هارائڻ کان پوءِ بہ جي ماڻھو، پنھنجو پاڻ سنڀالي وڃي تہ ان فاتح کان لکين درجا بھتر هوندو آهي، جيڪو کٽڻ کان پوءِ بتال ٿي ويندو آهي.“

(ڇپيل: آچر، 26 مارچ، 2017ع)