هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي ڪاوش اخبار ۾ ڇپيل مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي 38 چونڊ ڪالمن تي مشتمل آهي.’خواب نگر‘ جڏهن ’ڪاوش‘ اخبار ۾ هفتيوار ڇپبو هيو تہ انھن ڏينھن ۾ جيڪا پذيرائي، هن ڪالم کي ملي هئي، شايد ئي ڪنھن ڪالم نگار جي حصي ۾ اهڙي ناماچاري آئي هجي. ان جو سبب خاص ڪري اهو هيو تہ ’خواب نگر‘ ماڻھن سان ’سندن‘ دل جون ڳالھيون ڪندو هو يا ماڻھن سان ’پنھنجي‘ اندر جي لھسُن جون ڳالھيون ڪندو هو. محبتن واري مامَ جي کول ڪندو هو ۽ نفرتن جا نتيجا اظھاريندو هو. ’خواب نگر‘ ماڻھن جي سمجهہ واري گهرج کڻي حاضر ٿيندو هو ۽ ائين لڳندو هو تہ واقعي ڪو ’سائين‘، ڪو ’مرشد‘ پنھنجن خليفن يا مريدن سان رمزن جا راز کولي حياتي ۽ ان جا ڪارونھوار سمجهائي رهيو آهي.
ڪالم / مضمون
سائين، محبت ۽ حياتي: رمزون (خواب نگر)
- 5.0/5.0
- 119
- 29
- 2 ڏينهن اڳ
- 2
![Title Cover of book Saien, Muhabbat ain Ha’ya’ti: Ramzoo’n [Khwaa’b Nagar]](http://books.sindhsalamat.com/assets/images/books/23072025_6880d6ed85aae.jpg)
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪھاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نگار، ڪالم نگار، مترجم ۽ براڊڪاسٽر محمود مغل جي ڪالمن تي مشتمل ڪتاب ”سائين، محبت ۽ حياتي رمزون ]خواب نگر[“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.هيءُ ڪتاب ’محمود مغل‘ جي ڪاوش اخبار ۾ ڇپيل مشھور ڪالم سلسلي ’خواب نگر‘ جي 38 چونڊ ڪالمن تي مشتمل آهي.’خواب نگر‘ جڏهن ’ڪاوش‘ اخبار ۾ هفتيوار ڇپبو هيو تہ انھن ڏينھن ۾ جيڪا پذيرائي، هن ڪالم کي ملي هئي، شايد ئي ڪنھن ڪالم نگار جي حصي ۾ اهڙي ناماچاري آئي هجي. ان جو سبب خاص ڪري اهو هيو تہ ’خواب نگر‘ ماڻھن سان ’سندن‘ دل جون ڳالھيون ڪندو هو يا ماڻھن سان ’پنھنجي‘ اندر جي لھسُن جون ڳالھيون ڪندو هو. محبتن واري مامَ جي کول ڪندو هو ۽ نفرتن جا نتيجا اظھاريندو هو. ’خواب نگر‘ ماڻھن جي سمجهہ واري گهرج کڻي حاضر ٿيندو هو ۽ ائين لڳندو هو تہ واقعي ڪو ’سائين‘، ڪو ’مرشد‘ پنھنجن خليفن يا مريدن سان رمزن جا راز کولي حياتي ۽ ان جا ڪارونھوار سمجهائي رهيو آهي.
ھي ڪتاب 2021ع ۾ امرتا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون سائين محمود مغل ۽ امرتا پبليڪيشن جي سرواڻ فقير محمد ڍول جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
5.0
(ڪُل 0 رائين آڌار)
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- مصنف محمود مغل
- ڇپيو ويو 2021
- ڇپائيندڙ امرتا پبليڪيشن
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر 978-969-7954-21-6
- آن لائين ٿيو 24/Jul/2025
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 29 ڀيرا