ڪي ڏُور بہ اوڏا سُپرين..! (سائين)
حسبِ روايت وري بہ دير سان حاضر ٿيو هئس. وقت پنھنجو لغام ٽوڙائي ڀڄندو رهي ٿو. اسان جھڙا پاڻ کي جهڙوڪ گَهِليندا رهن ٿا. وقت سان مقابلي جو تہ خيال ئي عجيب آهي. ڏينھن ۾ ڏينھن ائين ٿو گذري جو خبر نٿي پوي، آچر سان آچر جڙيل نظر اچي ٿو. اسان مان الاءِ ڪيترن جا چھرا حيرت جي نشاني بڻجن ٿا. جڏهن هفتو پورو ٿئي ٿو وقت جي بي لغاميءَ جي ڪري اڄ سڀاڻي ۾ مٽجي ٿي ۽ ٻئي گڏجي هڪدم ’ڪالھہ‘ ٿي وڃن ٿا. ارادن ۾ دير نٿي ٿئي. عمل ۾ وقت لڳي ٿو. سوچجي ٿو، ’اڄ وڃبو، سڀاڻي حاضر ٿبو...‘ ۽ بس هفتا لڳي ٿا وڃن... نگاھہ ۾ حياءُ ليئا ٿو پائي تہ ڪھڙو عذر ڪھڙو جواز پيش ڪبو. ڪوڙ بدوڙ سوچي همٿن جي ريلنگ کي جهلي جڏهن ديدار جي ڏاڪڻ طئي ڪجي ٿي تہ سامھون ڪنھن بہ جواز جي طلب نٿي هجي. بس جيڪو آيو... تنھن لاءِ لک بسملاهيون... جيڪو نٿو اچي تنھن لاءِ دعا جو در کليل... شل خير سان هجي.
هن واري سوچيو هئم دل کولي ڳالھائيندس، پوري اعتماد، تفصيل ۽ يقين سان عرض ڪندس تہ مان اهڙو ناهيان. مون کان دير اجائي نٿي ٿئي. ڪونہ ڪو رنڊڪ جو سبب ٺھي ئي ٿو پوي. ڪا ايمرجنسي، ڪو تڪڙو ڪم ڪا ڏکيائي ئي اسان کي پري رکي ٿي، نہ تہ موجود رهڻ ۾ ئي اندر کي ’ڀلو‘ محسوس ٿئي ٿو. مون ڪجهہ گهڻو ڪو نہ ڳالھايو هو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ هنن منھنجو اندر پھرين ئي پڙهي ورتو هو. ”تو اهو محسوس ناهي ڪيو چريا، تہ جيڪي نہ هوندا آهن. سي ئي فائدي ۾ هوندا آهن. اندر جي تانگهہ نگاھہ جو درد، دل جي اڪير هنن لاءِ هوندي آهي. جيستائين ’ڪو‘ اچي نٿو، تيستائين رستي ۽ در جي قدر و منزلت رهندي آهي... جي ڪو اچي ويو تہ رستو ۽ دروازو اهميت وڃائي ويھندا آهن جاهل....“
”تہ بس... پوءِ ڪير اچي ئي نہ سائين... ايندو ۽ اهميت وڃائيندو تہ ڇا فائدو؟ پنھنجي بہ اهميت وئي ۽ رستا ۽ دروازا بہ اجايا بڻجي ويا تہ پوءِ ڇا وريو؟“ پٺيءَ ۾ هلڪڙو ڌڪ هڻندي چيائون، ”ڳالھہ کي وٽ ۽ ور ڏيڻ ڪو تو کان سکي... جي اچڻ وارو نہ اچي ۽ انتظار سدائين لاءِ مقدر بڻجي تہ من جي زمين ٺوٺ ٿي ويندي آهي، بي يقينيءَ جو ڪَلَرُ کيس کائي ويندو آهي. حياتي هر شيءِ ۾ حد طلبي ٿي پُٽ... جتي گهڻي خشڪي زمين کي برباد ڪري ٿي. اتي اضافي پاڻي بہ ڪا چڱائي ناهي ڪندو، سڄي ڳالھہ جو مطلب اهو ئي ٿَئِي تہ نہ انتظار گهٽ چڱو ۽ نہ گهڻو...“
”مطلب تہ انتظار هجي ضرور... ائين نہ سائين...“
”نہ تہ انتظار ئي اصل زندگي آهي، سڄي حياتي اسين موت جي انتظار ۾ هوندا آهيون... بظاهر کڻي اسين ان جو اقرار نٿا ڪيون. هن ڪائنات جي ڪُن ۾، سونھن جي سرت ۾، اسين ان جي سچائيءَ کان پاڻ آزاد رکندا آهيون، پر اندر تہ سدائين ڊنل رهي ٿو. سوچ تہ بھرحال اچي ئي ٿي... هاڻي هڪ لحاظ کان اهو انتظار ئي زندگي آهي... ڇاڪاڻ تہ جنھن مھل اهو ختم ٿيو معنيٰ پردو هيٺ ڪريو. کيل ختم... تماشو برخواست.“
”يعني منتظر رهجي نہ مرشد؟...“
”بلڪل رهجي...“ کن پَلَ ۾ هنن جون اکيون هاڻي چمڪڻ لڳيون. ”بلڪل رهجي شھزادا... وصل ۾ هجر جو ۽ هجر ۾ وصل جو... ملجي تہ جدا ٿيڻ کي ياد رکجي ۽ جي جدا هجي تہ ملڻ جي سوچ يعني وري ملڻ جي سوچ سامھون رکڻ گهرجي...“
”۽ جي نہ ملي سگهجي تہ....“ جملو نڪري ويو. منھنجو هاڻي پاڻ تي ڪو اختيار نظر نہ پئي آيو.
”تہ بس پوءِ ٺھيو... گهوري جان جتن تان.... جڏهن راند ئي ختم ٿي وئي تہ رانديڪا تہ بيڪار ٿي ويا نہ... وڏن وڏن کيلن تماشن کان پوءِ حالت ڪونہ ڏٺي ٿئي. اهي ايوانَ، اسٽيڊيمَ، ميدانَ جهنگ بڻجي ويندا آهن. ويراني جيان کائڻ ايندا آهن... انسان بہ هڪڙو اهڙو ئي ميدان ٿئي، جنھن تي هر قسم جي راند ٿيندي آهي. پوءِ هڪ ڀيرو فائنل کان پوءِ اهو ميدان اجڙندو آهي ۽ اهڙي ريت اجڙندو آهي. جو وري اتي ڪا راند ممڪن نہ ٿي سگهندي آهي...“ هنن گلاس کنيو پاڻي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئندا رهيا. مان ڏانھن نھاريندو رهيم. اڇي سونھاريءَ جا وار هموار هئا. ڳالھائڻ دوران هٿن جي آڱرين سان هنن اتي لڪيرون پئي ڪڍيون. اها سندن خاص عادت هئي.
”ڪي ڪي وجود تہ فائنل کان پھرين اجڙندا آهن، سائين..... فائنل تہ کين نصيب ئي ڪونہ ٿيندو آهي...“ هڪ ڳيت ۾ سڄي ڳالھہ ڪري ويس، اختلاف بہ ڪٿي ڪٿي همٿ گهري ٿو.
”اهوئي هنن لاءِ فائنل هوندو اٿئي... مڪمل ٿي ويندا آهن هُو... سندن زندگي ڪمال حاصل ڪندي آهي. ان کان پوءِ رڳو هنن کي ڏينھن گهارڻا هوندا آهن. حياتيءَ جي ’اِنڊن‘ ۾ رڳو رنگ پيا ڀريندا ٿئي....“
”معنيٰ هنن وٽ هاڻي انتظار نہ رهيو؟.... مطلب هجر و وصل.... ملڻ ملائڻ کان ويا؟....“ حيراني دروازا کولي ذهن ۾ گهڙي آئي.
”بلڪل..... اهي ئي تہ اٿئي جن کان ’عام‘ ڪجهہ وٺڻ ويندو آهي. عشق جي چوٽ کين ’خاص‘ بنائي ڇڏيندي آهي راڻا... موت جو ڏاڪو هُو زندگيءَ ۾ ئي لتاڙي ويندا آهن. بس... قبر ۾ وڃڻ لاءِ هنن جو جسم منتظر هوندو آهي...“
”معنيٰ انتظار تہ ٿيو نہ مرشد...“
”وري اها ڳالھہ.... انتظار جسم ناهي ڪندو. ذهن ڪندو آهي. هو مئل ذهن سان زندگي گهاريندا آهن. جسم انتظار ڪري تہ عشق لڄي ٿي ويندو آهي موڳا... عشق جو انتظار تہ روح ۾ هوندو آهي. من ۾ هوندو آهي. نگاھہ ۾ هوندو آهي. جسم جو انتظار تہ ملڻ سان ختم ٿي ويندو آهي. جسم مليو تہ معاملو ختم... روح جو انتظار تہ ڏسڻ ۾ بہ ختم نہ ٿيندو آهي. تڏهن تہ چيو هيومانءِ تہ جيڪي نہ هوندا آهن سي ئي دراصل اسان وٽ هوندا آهن.“
هنن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. پاڻيءَ جو گلاس وري گردش ۾ آيو ۽ ڍڪ ڍڪ ٿي نڙيءَ مان هيٺ لھڻ لڳو.
هوءَ الاءِ ڪڏانھن گم ٿي وئي هئي. جنھن رستي تي هن مون کي بيھاريو هو. اتي هاڻي انتظار جا وڻ سُڪڻ لڳا هئا. پرڏيھہ ويندي هن موٽڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. چيو هيائين، ”ڪنھن جي بہ ٿيڻ کان اڳ ۾ مان هڪ ڀيرو توهان وٽ ضرور اينديس...“
محبتن ۾ اهو سڀ ائين الاءِ ڇو ٿيندو آهي. اسين جن سان محبت ڪندا آهيون، انھن جا ٿي نہ سگهندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن وري ڪنھن سان ملڻ ۾ دير ٿي ويندي آهي. جيڪو ايندو آهي، سو قبضي ڪيل پلاٽ تي گهر ٺاهڻ کان ڪيٻائيندو آهي. نتيجو اهو ئي انتظار هجي ٿو. ماڻھو سڀ سمجهي ٿو کيس سڄي ڄاڻ هجي ٿي. اها خبر هوندي بہ تہ اسين هڪ ٿي نہ سگهنداسين. اسين اظھار ڇو ڪندا آهيون..؟ ڇو پنھنجي درد جو درمان ڪرڻ لاءِ ٻين کي رنج جو دارون عطا ڪندا آهيون؟ اندر ۾ الاءِ ڪيترا ’ممنوعات‘ جا بورڊ لڳل هئا. اهو سڀ مرشد کي عرض ڪرڻو هو. ڪا راھہ ڪڍڻي هئي، پر زباني اُڪلي نہ پئي، چوڻ لاءِ درڪار همٿ، رستو نہ پئي وٺي.
”موٽڻ لاءِ چئي وئي اٿئي ڇا؟....“
هنن پاڻي پي ڇڏيو. گلاس پٽَ تي زور سان رکيائون. جست جو گلاس سرن جي فرش سان ٽڪرايو تہ آواز پيدا ٿيو. منھنجو ڇرڪ نڪري ويو ۽ تڪڙ ۾ ڪنڌ اقرار ۾ لڏي ويو.
”وئي ڇو هئي؟“ هنن غور سان مون ڏانھن نھاريو.
”ڪم ڪار جي بھاني سان پڙهڻ... اڳيان وڌڻ..!“ همٿ ڪيم چئي ئي ڏنم.
”وئي بہ آهي يا تو وٽ رهجي وئي آهي؟“ هنن وري نگاھہ تيز ڪئي.
”رهجي وئي آهي شايد سائين... يا الاءِ وئي هلي آهي...“ هاڻي برداشت جا بند ٽُٽي پيا، اکين ۾ جيڪي ڪجهہ هو سو نڪري آيو. ادب ۾ بي ادبي گوارا نہ هئي. سڏڪا ڪنٽرول ڪندو رهيس، پر ڳوڙها مسلسل وهندا رهيا. مان ڄڻ ڪٿي ڪنھن ڌنڌ ۾ گم ٿيڻ لڳس....الاءِ ڪيترا لمحا ائين گذرندا رهيا، پوءِ هنن جو آواز ڪنن ۾ اوتجڻ لڳو.
”آثم ناٿن شاهي چوي ٿو:
هن ڳوٺ مان هُو گهر جو اچانڪ ڊهي ويو
تنھن ۾ بہ هڪ حسين هو شايد رهي ويو
سُڏڪا چئي ۾ هئا، سي نڙيءَ ۾ ئي رهجي ويا
هي بي چيو هو لڙڪ، سو اک مان وهي ويو
’آثم‘ ائين تہ ڪَکُ بہ نہ سھندو هو ڪنھن جو پر
تولاءِ گهاءَ دل تي هزارين سھي ويو
شعر مڪمل ڪري هو مون ڏانھن نھاريندا رهيا ۽ پوءِ آهستي آهستي ورجائڻ لڳا.... ”هي بي چيو هو لڙڪ... هي بي چيو هو لڙڪ...“ منھنجا بند وڌيڪ ڀڄي پيا... لوڏن ۾ اچي ويس تہ کڻي ڀاڪر ۾ ڀريائون، شدتن سان روئندو رهيس. هو ماٺ ميٺ ۾ وارن ۾ آڱريون ڦيريندا رهيا. اکين مان پاڻي ڪجهہ گهٽ ٿيو تہ نرڙ چمي پاڻي گلاس ڀري ڏنائون.
”هي پيءُ.... ڪافي پاڻي نڪري ويو آهي. توکي ٻئي جي شديد طلب آهي...“ مرڪ جي هلڪي انڊلٺ ظاهر ٿي. پاڻي هڪ سَٽ ۾ پي ويس، تہ هنن منھنجو هٿ جهلي ورتو... بي انتھا نرم آواز ۾ چيائون، ”تون سمجُهو آهين سڀ سمجهين ٿو... پر مون کان هڪ ڳالھہ جي وضاحت وٺندو وڃ... تون ان ڳالھہ ۾ منجهيل آهين نہ تہ هُوءَ تو وٽان ويل آهي يا تو وٽ رهجي وئي آهي تہ ان جو جواب مون کان وٺي ڇڏ... هُوءَ تو وٽ رهجي وئي آهي... رهجي وئي آهي. تڏهن تنھنجا لڙڪ بي چين ٿيا ويا آهن... اکين ۾ جتي هُوءَ ۽ هن جو انتظار رهي ٿو. اتي اهي لڙڪ رهي نٿا سگهن، تڏهن نافرماني ڪن ٿا. جي هُوءَ تو وٽان هلي وڃي ها تہ اهي لڙڪ اهي ڳوڙها تنھنجي آرڊر ۾ هجن ها..! حڪم جا تابع هجن ها..! اکين ۾ رهي جاءِ خالي نہ ڪن ها... هُوءَ موٽَي يا نہ موٽَي اها ٻي ڳالھہ آهي. رهجي بھرحال تو وٽ ئي وئي آهي.“
(ڇپيل: آچر 21 آگسٽ 2005ع)