بند دروازو نہ ٿجو پليز (زندگي)
دروازي جو لفظ ئي عجيب آهي. ذهن ۾ ان جو تصور اچي تہ تاڪَ ذهن ۾ ايندا آهن ۽ جتي تاڪن جي سوچ اچي اتي وري گُهٽ ٻُوسٽ جو خيال بہ لازم هوندو آهي. دروازو، جيڪو دراصل ڪنھن بہ شيءِ جي داخل ٿيڻ ۽ اخراج جو اهم ذريعو آهي هر گهر لاءِ لازم آهي. ماڻھو ڀت ٽپي، دري کولي بہ اندر اچي سگهي ٿو پر جيڪو لطف دروازي مان اندر اچڻ ۾ آهي اهو داخلا يا اخراج جي ٻئي ڪنھن بہ ذريعي ۾ ڪونھي.
اسان جو وجود بہ هڪ مڪمل گهر هوندو آهي، جنھن ۾ در، دريون، ڀتيون، ڇت، غرض هر سامان موجود هوندو آهي. ڪو ڪو گهر بي انتھا حسين مڪمل ۽ جامع هوندو آهي ۽ ڪنھن جي ايوانن ۾ اداسي واڪا ڪندي وار ڇوڙي گهمندي آهي، هوءَ هوا جيان هوندي آهي، جيڪا ڄڻ نظر اچڻ کان قسم کاڌل هجي. اسان جي وجود جو گهر سادو هجي يا عاليشان، ان سان اهم ترين مسئلو اهو هوندو آهي تہ اتي رهندو هميشہ ڪو ڌاريو آهي. اسين پنھنجي گهر ۾ رهي نہ سگهندا آهيون، رهڻ چاهيون تہ اداس ٿي ويندا آهيون، اهو گهر اسان کي ان ’اڻڄاڻ‘ وجود کي ان ’مسواڙيءَ‘ کي ڏيڻو ئي پوندو آهي. جيڪو رهندو تہ ان ۾ پاڻ آهي پر مسواڙ بہ اسان کان ئي ڀرائيندو آهي.
صاحب علم و هنر وٽ سائل آيو. عرض ڪيائين، ”دل نٿي لڳي قبلا، سڀ ڪجهہ آهي. جاھہ و حشم، مال وملڪيت، صحبت وسڪون پر دل وري بہ نٿي لڳي.“
پڇيو ويو ”ڪوٺي خالي آهي ڇا؟“
چيائين، ”نہ ڪنھن ورتي آهي، نہ مون ڏيڻ جي ئي ڪئي آهي.“
حڪم ٿيو ”تہ ڏئي ڇڏ.“
نماڻائيءَ سان عرض ڪيائين ”پر ڏيان ڪنھن کي قبلا.... ڪو وڻي ئي نٿو.“
صاحبِ علم غور سان چتائي ڏٺس پڇيائينس، ”فرصت ڪٿي گذاريندو آهين؟“
چيائين، ”واڙي ۾..... جانور وڻندا آهن، خاص طور سانَ، ڍڳا، ڍڳيون، مينھون.“
فيصلو صادر ٿيو ”وڃ... وڃي ڪنھن مينھن سان عشق ڪر.“
سوالي ککو وکو ٿي ويو. شرمندگيءَ سان ڪنڌ هيٺ ڪيائين اهل علم چيو، ”ڳالھہ زهر ناهي، ٽوڪ ناهي، حل آهي. تون ڪوشش ڪري ڏس، ٻيو ڪونہ ٿو سُجهي تہ ڪنھن مينھن کي ان ڪوٺيءَ ۾ ويھار.“
لڄ وچان مريد عرض ڪيو، ”سائين مينھن ڪيئن ويھندي؟“
حڪم ٿيو، ”تون ڪوشش تہ ڪر ۽ سال کان پوءِ واپس موٽي ٻڌاءِ.“
سوالي روانو ٿيو ۽ چئن مندن جي گذرڻ کان پوءِ واپس وريو، ڪتاب سان سٿيل ڏاهو پنھنجي هُجري ۾ گيان ڌيان ۾ هو، سواليءَ جي ورڻ جي خبر ٻڌائين تہ دروازا بند ڪري دري کولي ڇڏيائين. سائل ٻاهران سلام ڪيو، صاحب حڪم ڪيو تہ، ”دريءَ مان هليو اچ در تہ بند آهي.“
بُل ڏئي هو اندر دري ٽپي گهڙي آيو، استاد محترم پڇيو، ”ڇا حال ٿيو آهي؟“
چيائين، ”حال ڪھڙو قبلا، ائين ئي آهيان، خوشي خريد ۾ آهي ۽ هجر اڻ سونھون... حال مڙئي ساڳيا آهن.“
حڪم ٿيو، ”سال ٻيو ڪماءِ، عشق جي آويءَ ۾ پچ.... ساڳئي محبوب کي سامھون رکجانءِ ۽ سال کان پوءِ ورندي ڏي.“
هاڻي جي ويو تہ ٽن مندن ۾ موٽي آيو. اوچتو اچي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت گهريائين. اتفاق سان ڪنھن ڪم جي ڪري هجري جو در بند هو، مرشد دريءَ مان ڏٺس ۽ اشارو ڪندي چيائين ”هتان هليو آءُ“
سوالي ويجهو آيو، دريءَ ٻاهر پھتو ۽ بيھي رهيو. منجهي پيو هو. مرشد وري چيس ”اچ بابا“ ڏڪندي ڏڪندي وراڻيائين.“ سائين ڪيئن اچان؟ دري ننڍڙي آهي ۽ هن جا سڱ ويڪرا آهن. اتان ايندي تہ ڦاسي پوندا... تڪليف ٿيندس مون لاءِ در کوليو تہ مان اچان.“
مرشد تڪڙو وڌيو، پاڻ در کوليائين، سوالي در مان بہ ٽيڏو ٿي اندر آيو، ڇاڪاڻ تہ اهو در بہ کيس پورو نہ پئي پيو. استاد سيني سان لائيندي چيس ”عشق جو در کولي ويو آهين... مبارڪ هجئي. هاڻي ڪوٺي آباد ٿي آ. مسواڙي اچي ويا آهن.“
اسين الاءِ ڪيئن حياتي گذاريندا آهيون. دنيا جي ڌنڌن ۾ عشق ڪٿي گم ٿي ويندو آهي ۽ ’چئنلز‘ واري محبت هر گهٽيءَ ۾ ڏيک ڏئي ٿي. محبت سچ هوندو آهي، پر هتي تہ رڳو ڪوڙ ئي ڪوڙ ڏيکاريو ٿو وڃي جنھن جي ڪري علم و هنر ۽ ڄاڻ جو ڪوبہ در اسان تي نٿو کلي.
پنھنجي آخري ڏينھن ۾ والدہ گرامي مرتبت هٿ جهلي پاسي ۾ ويھاري سمجهايو هو. ”ڪڏهن بہ بند در نہ ٿجانءِ، پٽ جيڪي در بند هجن انھن تي ٺڙڪائڻ لاءِ هٿ ناهي کڄندو، ۽ اهو بہ ياد رکجانءِ تہ هر در تي سوالي نہ ايندو آهي. جيڪي در اندر وَسونھن جو، آباديءَ جو پتو ڏين انھن تي ئي ٺڙڪو ٿيندو آهي. جن تي قلف لڳل هجي. تالي جي مھر هجي، اتي ٺڪ ٺڪ ڪير ڪندو بابا.“
تنھن زماني ۾ عمرِ عزيز جا رنگ ئي ٻيا هئا، چئي ڏنو هئم، ”اڄڪلھہ آٽولاڪ جو زمانو آهي جُهوني.... ٻاهران تہ خبر ئي ناهي پوندي تہ اندر ڪير آهي يا نہ. قلف ڏسي کڻي ڪير ٺڪ ٺڪ نہ ڪري پر آٽولاڪ تي هر ڪو ڪندو آهي.“
ڳالھہ ڪٽيندي چيو هيائين، ”اتي ئي تہ ڀليو آهين ٻچا. سرن ۽ گاري واري گهر جو در ٻيو هوندو آهي. اسان جو ٻيو. اسين نگاھہ معرفت اندر گهڙندا آهيون. اتي ئي جي پنھنجي لاءِ قلف ڏسون تہ موٽي ويندا آهيون ۽ هونئن بہ هڪڙي ڳالھہ ياد رک. هر ماڻھو ڪنجين جو هڪڙو ڇڳو ساڻ رکندو آهي، هڪڙي چاٻي نہ لڳي تہ ٻي لڳائيندو آهي. پوءِ ڪنھن جي لڳي ويندي آهي ڪنھن جي نہ. پر ڇا نہ چڱو ٿئي جي قلف هجي ئي نہ.... دروازو بند ئي نہ هجي... مطلب دروازو هجي ئي نہ....“
کلندي چيو هئم، ”شابس ٿئي، ان جو مطلب تہ اهو ٿيو تہ ڪوبہ ڪنھن بہ مھل گهڙي اچي. گهر نہ ٿيو روڊ رستو ٿيو، هر ڪو آيو ويو ٻيو موجون ڪري.“
۽ انھن ساعتن ۾ بي انتھا سنجيدگيءَ سان هن چيو هو، ”تون ڇا ٿو سمجهين تہ تون سامھون واري کي موجون ڪرائيندين؟ تون هن لاءِ لطف جو سامان ٺاهيندين؟ تون هن جو ڪم ڪندين؟ ائين نہ... ڀليو آهين ٻچا، جي تون اهو ڪم نہ ڪندين تہ بہ ٿي تہ ويندو... جي ٿيڻو هوندو تہ، تون نہ ڪندين، ڪو ٻيو ڪندو، تنھن کان پنھنجي حصي جو قرض ادا ڪر، دروازو کليل رک تہ ٺڪ ٺڪ کان بچي سگهين. سڀاڻي جي حضور ۾ حاضر ٿئين تہ اهو تہ چئين تہ مون ڪوشش ضرور ڪئي هئي.“
هاڻي اهو سڀ پنھنجي جاءِ تي هڪ سوچ رکي ٿو. اهم ترين ڳالھہ اها آهي تہ جنھن کي مسواڙ پاڻ ڏئي پنھنجي دل ۾ رهايون ٿا. ان جي لاءِ جي ڪابہ غرض ناهي تہ اها ڌڻيءَ ڪارڻ محبت آهي. اڳئين زماني ۾ گهرن ۾ ڏيڍيون هونديون هيون تہ جيئن پردو رهي... ٻاهر ڪو خاص در نہ هوندو هو ۽ ماڻھن جي سڪ ۽ محبت رب ڪارڻ هوندي هئي، ان ڪري ئي هو ٻاهران بيھي سڏ ڪندا هيا ۽ اندران محبت مان جواب اچي ويندو هو.
اڄوڪي دور ۾ اهو عمل تہ ’رڙ ڪري سڏجي‘ يقينن معيوب سمجهبو پر بھرحال، ٺڙڪو تہ ڪري سگهجي ٿو، ڇا ان ٺڙڪي ۾ اندران اها ئي محبت ملي ٿي، جيڪا اڄ کان پنجاھہ سال پھرين ملندي هئي؟
هي سڀ پڙهي اوهان جي وجود جو در کڙڪيو آهي؟ جي آواز ٻڌو اٿوَ تہ انسانيت کي جواب تہ ڏيو، هن پينانگر کي جي خيرُ نٿا ڏئي سگهو تہ گهٽ ۾ گهٽ ’معاف ڪر‘ جو جملو تہ اچاريو.
درَ الاهي آهن، جي اوهان وٽ بند آهي تہ يقينن ڪٿي نہ ڪٿي تہ کليل ملندو. جيڪو ڏيندو ان جو بہ خير ۽ جيڪو نٿو ڏئي ان جي بہ بادشاهي برقرار هجي. سواليءَ جو ڇاهي... هن کي جواب ملي ۽ بس.... ۽ يقينن پنھنجي اندر کي جواب ڏيڻ تہ توهان کي ايندو ئي هوندو.
(ڇپيل: آچر 09 جنوري 2005ع)