کنڊُ کير ملائڻ جي ڪئيسون... (محبت)
نھار تہ قاتل هوندي آهي، ناوڪن ۾ جيترا تير هوندا آهن، اوترا تہ ڪنھن وڏي کان وڏي ’ترڪش‘ ۾ ناهن هوندا. جيترو تيز ’ديد‘ جا حملا هوندا آهن، اوترا شايد دنيا جو ٻيو ڪوبہ هٿيار نٿو ڪري سگهي. هٿيارن جا گهائل ڇُٽي ويندا آهن، نظر جي گهائل کي ڌڻي شل بچائي. هن جي نظر بہ کڄيل هئي ۽ منھنجو سڄو وجود پگهرجي رهيو هو.
ماڻھن کي بہ رب مٺي عجيب خلقيو آهي. ڪن کي پگهرائڻ ايندو آهي ۽ ڪن کي صرف پگهرجڻ.... جن کي ڳارڻ ايندو آهي، اهي الاءِ ڇو ان خوف کان آجا هوندا آهن تہ اهي گهڙيون مٿن بہ اچي سگهن ٿيون. يا شايد هو اهو سمجهندا آهن تہ ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل صرف ڦٿڪي سگهي ٿو، آجو نٿو ٿي سگهي. هيءَ محبت جي ڪوڙڪي بہ ڪمال هوندي آهي. هن ڄار ۾ هر سائيز جو خانو هوندو آهي. وهمن، وسوسن جي سنھي ۽ نازڪ ڄاريءَ کان وٺي، هر انسان جي پنھنجي سوچ جي ’سائيز‘ جيترو ڄار بہ هوندو آهي، جنھن مان هو ڪنھن مھل بہ نڪري سگهي ٿو. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ هو نڪرڻ نہ گهرندو آهي. محبت ۾ حاڪميت ڪندڙن کي اها ڪڏهن بہ خبر نہ پئجي سگهي آهي تہ الاءِ ڇو ’محبتن جو محڪوم‘ سدائين کانئن کٽي ويندو آهي. اهو شايد ان ڪري بہ ٿيندو آهي جو هو هارائڻ کي ئي ’فتح‘ سمجهي هلندو آهي.
محبت ۾ وري فتح وشڪست ڪھڙي هوندي آهي؟ پرين جي ناز و انداز مڃي وٺي، پنھنجي ماڻن مٿان اسان جي فرمائش کي مضبوط سمجهي تہ جھڙو سڄو جڳ ’پنھنجو‘ ۽ ذاتي محسوس ٿيندو آهي. دنيا جي تختي تي وڏي ’لئي‘ سان پير رکي گهمبو آهي، بلڪ ’اڏامبو‘ آهي. محبت تہ ماڻھوءَ کي پکي بڻائي ڇڏيندي آهي. دل نہ چوندي آهي تہ پنھنجي محبوب کي ’محڪوم‘ سمجهجي، پر دل جي چريائپ اها بہ تہ هوندي آهي تہ هو بھرحال اسان جي ڳالھہ ضرور مڃي، اهو تہ ايئن آهي جيئن کاڌي ۾ لوڻ وجهي، مٺو ذائقو طلب ڪيو وڃي.
الاءِ ڪيترو عرصو، اسان هڪ ئي پيچري تي گڏ هليا هئاسين. گڏ هلڻ بہ هڪ نعمت هوندو آهي. پھرين عرض ڪري چڪو آهيان تہ الاءِ ڪيترا ساٿ، اسان کي ’امير‘ بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ ڪيتريون اڪيلائيون اسان کي ’ڦڪڙ‘... ماڻھوءَ وٽ رهي تہ ماڻھو ئي ٿو نہ.... پئسو تہ کيسن ۾ رهڻ ۽ نڪرڻ لاءِ آهي، ماڻھو تہ دل جي کيسي ۾ رهي ٿو ۽ ڪڏهن بہ نٿو نڪري.
موسمن جي ڪنھن خوشگوار ڪيفيت ۾، اسان محبتن جي مام پروڙي هئي، پر تيستائين الاهي دير ٿي چڪي هئي. انسان سان هڪڙو عذاب اهو بہ هوندو آهي تہ هو پنھنجي روح ۽ جسم تي ٻہ مختلف نالا کڻي ٿو گهمي.... دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ٻيا نالا هوندا آهن ۽ روح جي ’تختيءَ‘ تي وري ڪجهہ ٻيو لکيل هوندو آهي. سچ تہ اهو هوندو آهي تہ اصل نالو تہ روح تي لکيل هوندو آهي، جسمن تي لڳل نالا تہ بس فنا جي راھہ جا مسافر هوندا آهن. هاڻي ايئن بہ ٿيندو آهي تہ ڪن ڪن کي وري اها خوش نصيبي ملندي آهي جو هنن جي روح ۽ جسم تي ’ساڳيو‘ نالو لکيل هوندو آهي، پر اهو ضرور سمجهڻ گهرجي تہ انھن جو تعداد ڪو گهڻو ناهي هوندو. هُنَ جي جسم تي بہ نالو ڪو ٻيو لکيل هو ۽ هاڻي ’روح جي نالي‘ جو سوال اسان تي حاوي ٿي رهيو هو.
ڪنڌ هيٺ ئي هئم.... ان ئي حالت ۾ وراڻيم، ”تنھنجي ڪھڙي جاءِ ٿي سگهي ٿي؟ محبوبن جا قدم زمين تي نہ هوندا آهن ۽ جي هو پنھنجي پيرن هيٺان ڌرتيءَ جو ڇھاءُ محسوس ڪندا آهن تہ دراصل اها زمين نہ هوندي آهي، بلڪ اسان جي دل هوندي آهي.“
هن ڳري لھجي ۾ چيو، ”نگاھہ ملائي ڳالھاءِ.... اکيون چَورائڻ ڪڏهن کان سکيو آهين؟“
”جيڪي پاڻ ئي چوري ٿي ويا هجن، اهي ڇا چورائيندا جانِ عزيز... رعب تاب لاءِ خالي چھري مان ڪم ڪٿي ٿو هلي. لباس، انداز ۽ هيئت بہ اهڙي ئي کپندي آهي....“ اکيون مٿي ڪيم، پر ملايم ڪونہ. ملائي هاڻي ڪرڻو بہ ڇا هيو.... مون نٿي چاهيو تہ ڦارون ڦارون ٿيندڙ دل مان نپوڙجندڙ رت، کيس منھنجي اکين ۾ نظر اچي. ٽيپا ڪريا تہ داغ ڪمال جو ٺھي پوندو.
”مون سان محبت هاڻي ڪانہ اٿئي نہ....؟“
اهو ٻيو چھڪ هو، جيڪو هن مون کي ڏنو هو. هاڻي نگاھہ ازخود ملي وئي ۽ لفظ ترڪندا نڪرندا رهيا.
”محبت، محبت هوندي آهي، هاڻي يا اڳ ۾ سان ان جو ڪوبہ تعلق نہ هوندو آهي جانِ عزيز.... اهو سڪو نفرت جي حڪايتن ۾ بيان ڪبو آهي، جيڪا گهٽ وڌ ٿي سگهندي آهي.... محبت تہ بس ٿيندي آهي. اها احمقن جي سوچ هوندي آهي تہ اها گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي. محبت يا تہ هوندي آهي، يا بلڪل بہ ناهي هوندي. اها ٿوري ٿوري يا گهڻي گهڻي ڪانہ ٿي ٿي سگهي. ايئن ئي، جيئن اعتبار يا تہ هوندو آهي يا بلڪل ناهي هوندو.“ ساھہ کي اڀ ساهي ورائي وئي هئي. ايڏو تڪڙو جملا ٿي نڪتا جو پاڻ کي ئي خبر ڪانہ ٿي پئي. سندس مُک تي هلڪو زهر چڙهي آيل محسوس ٿيو.
”توکي ڪڏهن بہ منھنجي ڪيفيت جو ٺيڪ اندازو ناهي ٿيو، تون ڪڏهن بہ مون کي پوريءَ ريت سمجهي ناهين سگهيو.“ هن ڳيت ڏني، لڳم وات ڪوڙو هئس، تڏهن تہ سندس لفظ ڪوڙا هئا.
”مون توسان محبت جي دعويٰ ڪئي هوندي تہ ڪئي هوندي، باقي توکي سمجهڻ جو دعويدار مان ڪڏهن بہ ناهيان رهيو. محبت، سمجهڻ نہ چاهيندي آهي، جي سمجهي ڪئي وڃي تہ عاشقيءَ جا سڀ دعويدار، مقامن ۾ ملندا. سمجهبو تہ صرف سوداگريءَ ۾ آهي چري....“
عجيب چڙ وچان هن چئي ڏنو، ”هاڻي، مان توسان لفظن ۾ تہ نٿي پھچي سگهان نہ.... تون آهين عالم، اديب، فاضل.... جملن جو گهڙڻ تہ تنھنجي ڏائي هٿ جو کيل آهي صاحب!“
”اسان جھڙن جو اهو ئي الميو هوندو آهي سانئڻ.... جي اسان جي لڏي جو ڪو وجود ماٺڪو رهندو آهي تہ مٿس غرور جو ٺپو لڳايو ويندو آهي، جي هو ڳالھائي تہ پوءِ نہ پڄڻ کان پوءِ، کيس اهي تير تفنگ هنيا ويندا آهن تہ تون تہ اديب آهين، توسان ڪير پُڄي؟“
”تہ تون ناهين ڇا....؟“ هن چَپ کي چَپ سان ڪٽيو.
”آهيان تہ سھي.... ان کان ڪھڙو انڪار آهي....“
مون وري ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. الاءِ ڪيتري دير ماٺ ڇانيل رهي. لفظن جون ڪنڊون ڀڄي پيون هيون ۽ گول لفظ تہ خالي گيلاٽيون ئي کائي سگهن ٿا. سماج ۾ اهڙا عجيب رشتا ٺھي ويندا آهن، جن ۾ اڳيان جي ڪابہ منزل نظر نہ ايندي آهي. انسان اڻ ڄاڻائيءَ يا وري ڄاڻ ۾ ئي ان ’سحر‘ جڪڙجي ويندو آهي.... نہ کڏو نظر ايندو آهي ۽ نہ ئي وري اهو کڏو نگاھہ کان اوجهل ٿيندو آهي.... ڪِرڻ ۾ عافيت محسوس ٿيندي آهي ۽ ڌڪ لڳڻ جو خوف بہ گڏوگڏ هلندو آهي. عمرِ عزيز جي حوالي سان اسين ٺيڪ ٺاڪ دير سان مليا هئاسين ۽ بس.... اهو هڪڙو نقطو ئي ڪافي هو.... پر دل بھرحال تہ نادان آهي نہ.... دماغ سان پُڄي نٿي سگهي ۽ جي پڄي سگهي ٿي تہ اهو چاهي نٿي.
”ماڻھو دير سان ڇو ملندو آهي صاحب.... سائين جاني.“ هن وري ڳيت ڏني. نڙيءَ جون نسبتون ڪجهہ عجيب ٿي رهيون هئس. آواز ۾ نمي ڀرجي رهي هئي. ”اهو شڪر ڪر اَنِي.... تہ ملندو تہ آهي نہ.... جي اهو سڀ بہ نہ ٿئي تہ ڇا ٿو ڪري سگهجي. عمرِ عزيز ساٿ نہ ڏئي.... جي نصيب ۾ اهو نہ هجي تہ ڪير ڪنھن سان ڪٿي ملي سگهي ٿو؟ وڇوڙو تہ تلوار کڻي گهمندو ٿو رهي.“
سندس نيڻ هاڻي ڇلڪڻ لڳا هئا. پريان، اداس شام جو اداس عڪس، ماحول کي جڪڙي رهيو هو. ڪنھن ريڊيو لڳائي ڇڏيو هو. انور وسطڙي جي آواز ۾ ڄڻ شام لھي آئي هئي:
اڄ پيار پڄائڻ جي ڪئيسون، هن مون کي مڃيو، مون هن کي مڃيو
پردن کي هٽائڻ جي ڪئيسون، هن مون کي مڃيو، مون هن کي مڃيو
هن مون ڏي نھاريو. سندس سڏڪا انور وسطڙي جي آواز سان ملڻ لڳا:
ڪٽي ڏينھڙا نيٺ عذابن جا، ڪري پردا دور حجابن جا
هڪ ٻئي ۾ سمائڻ جي ڪئيسون، هن مون کي مڃيو، مون هن کي مڃيو
هُو، هُو نہ رهيو، مان مان نہ رهيس، هُو مون سان مليو، مان هُن سان مليس
کنڊ کير ملائڻ جي ڪئيسون، هن مون کي مڃيو، مون هن کي مڃيو
مون کي سمجهہ ۾ نہ آيو، هنن لمحن ۾ ڇا ٿو ڪري سگهجي. مان کيس سڃاڻان ٿو، هوءَ پنھنجو پاڻ کان رسندي آهي تہ پوءِ پنھنجو پاڻ ئي پرچندي آهي. ٻئي جو پرچائڻ کيس ڪڏهن بہ موٽائي ناهي سگهيو. انور جو آواز گهٽ ٿيو، سندس سڏڪا جهيڻا نہ ٿيا:
جڏهن ’مير‘ پرينءَ سان پيچ پيو، تن من ٿي سارو اجرو ويو
نئين جوت جلائڻ جي ڪئيسون، هن مون کي مڃيو، مون هن کي مڃيو
”ڪنھن سان ملڻ اني.... دراصل کيس مڃڻ هوندو آهي. پوءِ ڀلي جلدي ملي يا دير سان.... اهو شرط ناهي. پر اهو ڪنھن شرط کان گهٽ بہ ناهي. هاڻي جي ان ۾ دير ٿي ٿئي تہ دراصل مڃڻائتيءَ ۾ دير آهي.... توهان تہ ڏسي هلو ٿا نہ سرڪار، بنان ڏسڻ جي تہ صرف رب مٺي جي ئي سوچ اچي ٿي. هاڻي جي، دير سان ئي سھي، ماڻھو مليو آهي تہ جايُن ۽ مقامن جي پڪڙ نہ ڪر.... کنڊ کير مير صاحب ملايو نہ.... اهو ئي تنھنجي سوال جو جواب ٿئي. ملڻ کان پوءِ ڪھڙو مقام باقي بچي ٿو، اهو مان نٿو ڄاڻان.... توکي معلوم ٿئي تہ ٻڌائي ڇڏجانءِ.“
(ڇپيل: سومر 26 نومبر 2007ع)