پھريون سَلو محبت جو..! (محبت)
اسين ورهين جا ساٿي آهيون، معاملو ڪجهہ ڏهاڪن کان بہ مٿي جو آهي. نگاھہ ۾ منظر ان عمر ۾ ڀريل هئا، جڏهن نالو وٺڻ ’زيادتي‘ هوندو هيو، چلمنن جي اوٽ ۾ ڪا جهلڪ نظر آئي تہ ٿيا ست خير، باقي ائين کُليو پليو ’دم ديدار‘ ممڪن نہ هوندو هيو. گڏ پڙهندي بہ نظر کي هيٺ رهڻ جو حڪم مليل هوندو هو، نگاھہ ايتري ’ايڊوانس‘ ڪو نہ ٿي هئي، محبت تہ ڇرڪ هوندي آهي، ساھہ نپوڙي وٺندي آهي. موسمن جي تبديلين ۾ اندر جا ايوان مٽيا هئا. زبان اقرار نہ ڪيو هو، پر دل جو ’سٽڪو‘ بيھندو ئي نہ هئو. وقت گذري ويو، ڪجهہ ٿي نہ سگهيو، جدائي در تي اچي بيٺي هئي ۽ نيٺ اها ڏيڍي خالي ٿي وئي هئي. اقرار هئو ڪو نہ تہ انڪار جي صدا ڪٿان بلند ٿئي ها؟ ڪاغذ اڇو هيو، اڇو ئي رهيو. دل، دهمانن جي ور چڙهيل ئي رهي.
هر نئين محبت، اندر جي ڌرتيءَ تي نئين سلي جي نسرڻ جيان هوندي آهي. پنھنجي اندر ۾ اسين پھرين محبت جي سلي کي وڌندو وڻ ٿيندي ڏسندا آهيون، ان جو مطلب اهو هرگز ناهي هوندو تہ ڪو اسان، نون سَلن کي پوکڻ ڇڏي ڏنو آهي، پنھنجي اولاد، ڌرتيءَ، نوڪريءَ، اولاد جي اولاد ۽ الاءِ ٻين ڪيترن ’اسمن‘ مان اسان جي محبتن جا ٻوٽا پوکجندا رهندا آهن، پر پھريون وڻ سدائين پھريون ئي رهندو آهي، ان وڻ جي ٿڙ تي گهڻا نالا ناهن اڪريل هوندا... جي گهڻي ’اُڪر‘ ٿي وڃي تہ وفا شرمائجي ويندي آهي ۽ محبتن جي ڌرتيءَ تي بيوفائي ڪنھن گناھہ کان گهٽ ناهي هوندي. حياتي هجي تہ ملاقات ٿيڻ جو ’انديشو‘ رهي ئي رهي ٿو. دنيا بيحد وسيع آهي ۽ بيحد ننڍڙي پڻ... جنھن سان ملڻ مقدر ۾ هجي سو ڄڻ اڳئين گهٽيءَ ۾ بيٺل هوندو آهي ۽ جنھن لاءِ بخت ياوري نہ ڪري، اهو تہ سامھون رهندي بہ نظر نہ اچي سگهندو آهي.
”پوڙهو ٿي ويو آهين... سڄو اڇو... وارن ۾ ڪپھہ لاٿي ٿئي ڇا؟...“ هن چانھہ مڪس ڪئي، ٽي بيگ کي چمچي تي ويڙهي پنھنجي کاٻي آڱوٺي سان زور ڏيندي رهي. مان چمچي جي ’بخت‘ تي نھارڻ لڳس، سندس آڱوٺو ائين ئي حسين هيو، پراڻي وقت جيان، سندس آڱرين جا نُنھن وڌيل هئا، پر آڱوٺي جو ننھن ڪٽيل هو. چمچي سان ويڙهيل ٽي بيگ مان، چانھن جا ٽيپا ڪوپ ۾ ڪرندا رهيا، مون کي لڳو ڄڻ منھنجي غير حاضريءَ جا ’بھانا‘ بہ ائين ئي ٽيپو ٽيپو ٿي، وقت جي ڪوپ ۾ ڪرندا ٿا رهن.
”عمر وڏي ٿيندي تہ وار تہ اڇا ٿيندا نہ ....“
”منھنجا ٿيا هن؟...“ هن جهٽڪو ڏئي کليو، جهٽڪي سان لحظي لاءِ سندس مک تي وار لٿا ۽ وري مٿي ٿي ويا، هن ڪوپ ٺاهي منھنجي سامھون رکيو.
”توهان ننڍا آهيو مون کان...“ چانھن جو ڍڪ ڀرڻ ساڻ جملو اڇليم، هن بيحد اطمينان سان پنھنجو ڪوپ ٺاهيو ”هاڻي ايتري بہ ناهيان...“
مون ڪجهہ چوڻ چاهيو، چئي نہ سگهيس، ٻيو ڍڪ ڀريم، هن ڳالھہ مڪمل ڪئي ”ڪَلر ڪندي آهيان نہ تہ حال منھنجو بہ اهڙو ئي ٿئي...“ جملو پورو ڪري، هن چانھن جو ڍڪ ڀريو، مان تيستائين اڌ ڪوپ کن پي چڪو هئس، هن مرڪيو.
”مٽجي ويو آهين... هاڻي چانھن گرم ٿو پئين، اڳي تہ ٺاري ڀَت ڪندو هئين“. مون ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، هن وڏو ڍڪ ڀريو، ان جو اندازو مون کي سندس ڳيت ڏيڻ مان ٿيو. ملاقات ٿي بہ عجيب هئي، سندس آفيس ۾ گل ٻوٽا لڳائڻا هئا... جنھن تعميراتي فرم سان مان لاڳاپيل آهيان، ان ۾ ذري پرزي جو خيال رکيو ويندوآهي. عمارت مڪمل ٿيڻ کان پوءِ باغ بُستان تائين جو ذمو ڪمپني کڻندي آهي ۽ ان ۾ صاحبِ زر جي خواهش جو خاص اهتمام ڪيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ هو شفٽ ٿي چڪا هئا، پر باغن تي ڪم هلندڙ هيو... خبر نہ هئم، تہ جنھن گلستان جي لاءِ پڇا ڪرڻ ٿو وڃان... تنھن جي سربراھہ، هِن دل جي باغ جو گهاٽو وڻ هئي.
”وڻن جي چوائس لاءِ آيو هئس....توهان جي عمارت ۾ پلانٽيشن جي حوالي سان آرڊر ڏيڻو آهي... ان لاءِ ائپرووَل وٺڻو هيو...“
دل چيو چوانس... ڪھڙي خبر هئي تہ اڳيان تون نڪري ايندينءَ؟ ماڻھوءَ کي تہ جي سچ پڇو تہ ڪا خبر ئي نہ ٿي هجي تہ هجر ۽ وصل جي ڪھڙي گهڙي اڳيان بيٺل آهي... اهو جي علم هجي ها تہ حياتيون مٽجي نہ وڃن ها.
”پاڻ ٻنھي نقشن جو علم پڙهيو... تون وڻڪاريءَ واري پاسي هليو وئين ڇا؟...“
”نہ... پر ڪلائينٽيل (Clientele) آهي تہ ڪم تہ ڪرڻو آهي نہ....“ هن سامھون وڇايل شيشي مٿان نگاھہ ڪئي، جنھن هيٺ، عمارت جو نقش هيو. ”ياد ٿي... پاڻ فائنل ايئر ۾ ماڊل ٺاهيندي ڪيئن نہ ڪارُن جا ننڍڙا رانديڪا وٺي ايندا هئاسين... ۽ توبھن... روڊن جي پاسي کان وڻ هڻڻ تہ عذاب هوندو هو، وڻن جا رانديڪا ڪٿان ملندا ڪو نہ هئا... ڪاغذ ڪٽي، سائو رنگ هڻي مٿان وري تيليءَ ۾ ڦاسائي ٻيا ڪم ڪڍندا هئاسين...“ هوءَ کلي... سندس کل اڄ بہ تازي تواني هئي.
”ها... ياد اٿم... ۽ سدائين، گلن ٻوٽن ۽ وڻن تي پاڻ اٽڪندا هئاسين، گند ڪچري جي اڇل کان وٺي زمين جي ٽڪري جي مڪمل صفائيءَ تائين پاڻ ڪيڏو نہ بحث ڪندا هئاسين....“
”ييس... مان اهو ڪيئن ٿي وساري سگهان.“
”تہ بس پوءِ اهو ئي جھان آهي... مان اڄ بہ وڻن، گلن، ٻوٽن لاءِ ساھہ ڇڏيندو آهيان... جيڪو اسان سوچيو هيو... اهو پنھنجي ٺاهيل هر عمارت لاءِ سوچيندو آهيان، توهان کي ياد آهي پاڻ سوچيو هيوسين تہ هن ڌرتيءَ کي سونھن سوڀيا ڏينداسين، گلن گلن جون قطارون... صاف سٿرو مٿاڇرو.“ ساھہ ڀرجي آيو هئم... ڳالھہ الاءِ ڪٿان کان شروع ڪري ڪيڏانھن کڻي ويو هئم... هوءَ مون ڏي نھاريندي رهي.
”تون اڃا تائين اهڙو ئي آهين... جذباتي، تڪڙو، پنھنجي ڳالھہ مڃائڻ لاءِ آتو.“
”ڪجهہ گهڙيون اڳ اوهان ئي چيو هو....تہ مان مٽجي ويو آهيان، چانھن گرم پيئڻ لڳو آهيان.“
”اهو ڪو پيراميٽر ناهي، اهو تہ مون ائين ئي چيو هو، باقي تنھنجي گفتگو... تنھنجو انداز... ٻين لاءِ ائين ڦاٽ کائڻ... ان ۾ تہ ڪو فرق ناهي پيو.“
”اکين ۾ خواب هجن تہ نيڻ ڀريل ئي هوندا آهن ۽ ڀريل نيڻ ڏاڍو جلدي ڇلڪندا آهن.“
”توکي خبر هئي تہ مان هتي آهيان؟“
”جيڪي وڃائجي وڃن، سي ڳولبا آهن... مون اوهان کي ڳوليو ئي ناهي تہ خبر ڇا جي رکان!“ هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو، فائل تي صحيح ڪندي چيائين، ”جيڪي ٻوٽا توکي پسند هجن، سي ضرور لڳائج... مان ڪا بہ چوائس نہ ٿي ڏيان... ها بيد مشڪ نہ وسارجانءِ.“
منھنجي ماٺ طويل ٿي وئي، هن مون ڏي نھاريو ”اڳي ايترو ڳالھائي ڪو نہ سگهندو هئين... ها نہ؟“
”مٿي ۾ اعتبار جي چاندي ڪو نہ ڀري هئم پھرين... هاڻ وارن جي چڳن سان من ۾ بہ ڪجهہ دم ڀريو اٿم، هر لحظي ايندڙ وقت نہ هجڻ جو خوف رهي ٿو، وري موقعو نہ ملڻ جي صدا، ڪنن ۾ گونجندي رهي ٿي.“
”پنھنجي ٻارن کي مان بہ ائين ئي چوندي آن... چاليھہ ٽَپ تہ جھڙو سامان ٻڌجڻ شروع ٿو ٿئي.“ هن مرڪيو... هاڻي مرڪ جو دائرو زخمي هئس، فائل کڻي مان اٿي کڙو ٿيس، ”وڏي مھرباني... ائين سڀ گڏجنداسين ۽ ڌيان ڏينداسين تہ ٽڪرا ٽڪرا گڏجي، زمين کي حسناڪي ڏيندا.“
”يُو آر ويلڪم“ هُوءَ بہ اٿي بيٺي... ”وري ڪو بہ ڪم ڪار هجي تہ هليو اچجان... هن واري جي گهڻي دير نہ ٿي تہ تنھنجي بدلجڻ جو گهڻو احساس ڪو نہ ٿيندو.“ سندس ڪنڌ جو هيٺ مٿي ٿيڻ جاري هو، منھنجي دل چيو چوانس بنا ڪم ڪار جي هن دل سدائين تو وٽ اچڻ لاءِ ئي چيو آهي... ڇا اهو توکي ٻڌڻ ۾ ناهي آيو! ۽ ڇا اهو تنھنجو ڪنڌ، هڪ ڀيرو سڌو ٿي، پوري نموني سان ڏسڻ جي عنايت نٿو ڪري سگهي؟“
”اڄ سالن کان پوءِ توسان ملي دلي خوشي ٿي، سچي مزو ٿي ويو، پراڻا ڪليگز، ڪلاس فيلوز ملن تہ جھڙو روح خوش ٿيو وڃي.“
”سَئم هيئر... اجازت ٿو گهران... ﷲ حافظ“
مون هڪدم ڪنڌ ڦيريو ۽ ٻاهر لاءِ مڙيس، پويان سندس آواز ٻڌم، ”ﷲ حافظ“
منھنجي اندر ۾ محبتن جي وڻ، دل جي ڌرتيءَ تي جهومندي چيو، ”روح تہ تنھنجو مھڪي پيو آهي، ملنگ....جو هن اڃا تائين ’توهان‘ جو هٿ ناهي جهليو ۽ ’تون‘ جي آڱر جهليل آهي. اڄوڪي ڏينھن گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو ٻوٽو ضرور هڻجان، ڇاڪاڻ تہ هر سَلو، ٻاهر نڪري، محبتن جي ياد جي نشاني بڻجندو آهي.“
( ڇپيل: آچر 14 فيبروري 2010ع)