محبت جي حدَ (سائين)
اکين ۾ گهڻو ڪُجهہ کڻي آيو هُئس، پر اڃان تائين، اهو اظھارجي نہ سگهيو هو. سينو لبالب هو، پئمانو ڇُلڪڻ تي هو. محبتن جي مامرن منجهائي ڇڏيو هو. هيڏي عُمر ٿي آهي، سُٽ ئي نہ ٿو سُلجهي. هنن، زمين تي ليڪا ڪڍڻ شروع ڪيا. آڱرين ۾ مُنڊين جو جڙاءُ عجيب هو، ڄڻ ڪنھن سانوريءَ ڪجل جي ڌارَ تيز ڪري ڇڏي هُئي. لڪيرون ڪڍندي چيائون. ”پنھنجي سيما ڳولين پيو ڇا؟... حد جي خبرَ نہ ٿي پوئي ڇا..!“
ڪو جواب نہ هُئم... هن واري سوالَ ئي سوالَ کڻي آيو هُئس. مُنھنجو ڪشڪول تہ سوالن سان سٿيل هو. ”تون تہ هڪ محدود ماڻھو آهين بابا....سڄي عُمر حد بندين ۾ گذاري ٿئي...هي سٺو آ، هي خراب جي چڪرَ ۾ گهمندو رهيو آهين...توکي هاڻي ڇا سمجهہ ۾ آيو آهي جو طلب جو ڪاسو ڀرجي ويو ٿئي؟...“
”ڪُجهہ ئي تہ سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي سائين...“ آواز گُهٽجي رهيو هُئم... ”محبتن جي حدن منجهائي ڇڏيو آهي... الاءِ آهن بہ الاءِ نہ...مون کان پنھنجو پاڻ ڇڏائيندو ٿو وڃي.“
”تُنھنجو پاڻ تنھنجي هٿَ ۾ هُيو ڀوڪَ...! ڪڏهن کان هيو ۽ ڪڏهن کان تون ان کي ائين نڪرندو محسوس پيو ڪرين..؟“ هنن مُرڪيو، گهٽ ۾ گهٽ مُنھنجي کنيل ڪنڌَ اهو ڏَسيو هو.
”پاڻُ، جي پاڻَ وٽ هُجي تہ اسين ڪنھن چڪرَ ۾ ئي نہ پئون لاڏلا. پوءِ ائين ڪنھن نالي کي پاڻ سان ڳنڍڻ جو ڪو سرشتو ئي نہ هُجي... پوءِ اها مائي نُورِي، اهو ڳائيندي ئي نہ وتي. ’چنَان تيرِي چَڪورِي بَڻ ڪَي... ميَن تيَڏي پِڇَي نَسدي ڦِران...‘ پاڻُ تہ پاڻَ وٽ هوندو ئي ناهي بابلا، اسين تہ اهو ٻين وٽ ڳوليندا رهندا آهيون...ڪڏهن ڪنھن ماھہ رُوءَ ۾، ڪڏهن ڪنھن سيم تَن ۾...“
”محبت ڇاهي سائين...“ اکيون ڇلڪي پيم، ڪنڌ هيٺ ٿي ويو.
”محبت... اها شئي آهي، جيڪا هوندي ناهي ۽ هوندي آهي...جيئن هوا هوندي آهي ۽ نہ بہ هوندي آهي...“
”محبت هوا هوندي آهي سائين؟“
”محبت سُرُ هوندي آهي، ذائقو هوندي آهي، اڻ ڏٺل ڇھاءُ هوندي آهي بابا....“ هنن پاڻيءَ جو وٽو پاڻ ڏانھن سوريو، ”محبوب اوهان جي چپن تي سُرَ آڻيندو آهي...شيون ڪَسارين مان مِٺيون ٿي پونديون آهن، ماڻھو ڀاڪرن ۾ ڀرجي گهمندو آهي.“ پاڻيءَ جا ڪُجهہ ڍُڪَ ڀريائون ۽ ڳالھہ جاري رکيائون.“ ٻانھن خودبخود لڏڻ لڳندي آهي، جيئن ماڻھو پرائي ڪار ۾، دريءَ مان ٺُونٺ ڪڍي ويھندو آهي.“
”محبت ڌڪَ ڪڍندي آهي سائين؟“
هُو مرڪيا... ”اهڙو تھڙو... محبت ڌَڪُ ڪڍي تہ سِرُ کڻندي آهي. محبت جھڙو خطرناڪ هٿيار سڄي دُنيا ۾ ڪونہ ٿئي...هٿيار جو ڌَڪيل بچي ويندئي، محبت جي ڌَڪيل جو تہ ڪو علاج ئي ڪونہ ٿئي...“
لفظَ، شيھي جيان اوتجي رهيا هُئا، ڪو قالب جڙي رهيو هو. ”محبت کي سمجهڻ جي دعويٰ ازل ابد کان هلي پئي شھزادا، جن سمجهيو سي سمجهائي نہ سگهيا ۽ جن نہ سمجهيو سي محبت ڪري ويا. پراڻي شراب جيان، پراڻو موضوع نشا وڌائي ڇڏيندو آهي. هرڪو ڳالھائيندو آهي، هر ڪنھن کي هر ڪا محبت، سمجهہ ۾ ايندي آهي، بس رڳو پنھنجي محبت سمجهي ناهي سگهندو. پنھنجي حدَ جو تعين ناهي ڪري سگهندو... ڪا سيما ئي هٿ نہ ايندي اٿس.“
”۽ جي هٿ اچي وڃينس سائين...! پنھنجي حد جو تعين ڪري سگهي، پوءِ..!“
هنن هڪ ڳيت ۾ بچيل پاڻي پيتو... وٽو رکي، چتائي نھارڻ لڳا... هٿ اڳتي ڪري، مُنھنجو هٿ جهليائون ۽ چوڻ لڳا. ”هَٿَ ۾ هَٿُ ايندو آهي، محبوب سائين ۽ هٿن مان ئي هَٿُ ڇڏائجندو آهي، ماڻھو مُئي جدائي سھسائي ويندو آهي بابا... جيئري نہ سھسائي سگهندو آهي... اها ئي رمزَ محبت ٿئي...جڏهن جيئري ئي، جدائي نہ سھسائجي، جڏهن حاضر غائب ۾ فرق ختم ٿي وڃئي ۽ جڏهن ڪو پرانھون اورتي لڳئي تہ اها محبت ٿئي. اها ئي حدَ ٿئي سمجهہ جي، ۽ ياد رکجانءِ، محبت جَي هڪ ڀيرو سمجهہ ۾ نہ آيئي نہ... تہ ڪڏهن بہ سمجهہ ۾ نہ ايندئي... بلڪل ائين، جيئن تارُون، هڪ لحظي ۾ سکندو يا تہ پيو گهوتا کائيندو... عام پاڻيءَ ۽ محبت جي پاڻيءَ ۾ هڪ خاص فرق ٿئي...عام پاڻيءَ ۾ غوطو نڪ تائين ويندو... گهڻو بہ ٿي سگهي ٿو، گهڻا بہ ٿي سگهن ٿا، پر بچڻ جي مھلت ملي سگهي ٿي... محبت ۾ هڪ غوطو بہ آيس نہ تہ سمجهہ... مھلت ختم... هڪ ڀيرو رڳو، عقل جي سطح تائين هيٺ وڃ، پوءِ ڪا موٽ ڪانھي... بس سمجهين تہ اها ئي محبت جي سيما ٿئي ۽ ها... دُنيا جون ٻيون سڀ حدون لتاڙبيون آهن تہ معاملو سمجهہ ۾ ايندو آهي پر اها حد ٽپڻ مھل سمجهہ ۾ نہ ايندي آهي.“
(ڇپيل: آچر، 20 نومبر، 2016ع)