محبت هيکلي آهي (زندگي)
کوٽ اچي وئي آهي جھان ۾ عزيزانِ من... کوٽي تہ هي ازل ابد کان آهي، پر اڄڪلھہ اها نسبت ڪجهہ ڪمال بڻجندي ٿي وڃي. ’دانگيءَ تي ورڻ‘ جي دعويٰ ڪندڙ رَت بہ هاڻي، بوڙيا ڪري ’ڪاراٽجي‘ ٿو. دل جي ٿانوَ جي قلعي الائي تہ ڪڏهن کان لھي چڪي آهي. ڪاراٽيل رت، هاڻي تہ محبتن جي ٿانءَ ۾ ’پوسل‘ ٿو ڪري، ڌپ ڪري ٿو، ورڻ تہ کانئس الاءِ ڪڏهن کان وسري چڪو آهي.
اسين اهو سڀ، ايئن الاءِ ڇو ڪري رهيا آهيون صاحبانِ علم و هنر... زمانو شايد مٽجي ويو آهي. سِڪو رائج الوقت، هاڻي پريم ناهي، ’مايا‘ آهي، جيڪو دراصل ’سڪو‘ سڏرائجڻ جو حقدار بہ آهي. پريم کي ڪھڙي حيثيت آهي، جو پاءُ بصر بہ خريد نہ ٿو ڪري سگهي... ڇڏيو سائين ڪتابي ڳالھيون...اهي زمانہ ئي ويا، جڏهن محبت جي موٽ ۾ محبت ملندي هئي يا محبت جي موٽ ۾ مايا ملندي هئي. هاڻي تہ صرف هڪڙو اصول هلي ٿو قبلہ، تہ مايا جي موٽ ۾ جيتري محبت وڻيوَ، اها حاصل ڪيو، ’پيسا ڦينڪ تماشا ديک‘ جو قول محبت ۽ مايا تي سئو سيڪڙو صادق اچي ويو آهي. جديد ترين اسڪرينز تي نظر ايندڙ محبت جي ’تماشي‘ ۾ ڪردارن جي اڻت بہ عجيب ٿي وئي آهي. هاڻي امير غريب جي محبت ڪٿي؟ سائين... هاڻي تہ بس هر ڪو ’امير...امير..‘ کيڏي رهيو آهي، توهان کي ڪٿي ڪو غريب ڏسڻ ۾ اچي ٿو؟. ’جدتن‘ سان سٿيل هن جھان ۾ دورِ جديد ۾، ’جذبي‘ جھڙي ڪا سستي شئي تہ ڪٿي رهي ئي ڪانھي. احساس، ڪرَ کڻڻ جي قوت کان محروم ٿيندو ٿو وڃي. ٻين جي سوچ تي کل ايندي ٿي رهي ۽ پنھنجي سوچ جي ’اڏام‘ تي وري پاڻ ئي پاڻ کي پيار ايندو ٿو رهي. اهو سڀ ائين الاءِ ڪيئن ٿي ويو آهي... شايد شيون سستيون ٿي ويون آهن صاحبو...يا شايد، ميلا ملاقاتون ايترا گهڻا ٿي رهيا آهن جو وچ وارو الائي ڪيترو ’غبار‘ غائب ٿو ٿي وڃي...بس روح، روح سان ڳنڍيل ٿو لڳي... رابطو ’ٺڪاٺڪ‘ آهي، رشتو ناتو ’کچاکچ‘ آهي...
شين جي هجوم ۾ ماڻھو اڪيلو ٿي ويو آهي ۽ الائي ڇو کيس پنھنجي اها اڪيلائپ وڻڻ لڳي آهي. پري ڇو ٿا وڃو، هڪڙو ننڍو مثال ٿا کڻون... ڪٿي يارن دوستارن جي ڪنھن محفل ۾، جي سڀ ڪٺي هجن تہ توهان کي ان ڀريءَ محفل ۾ بہ الائي ڪيترا لمحا اهڙا ملندا، جو هر ڪو پنھنجي پنھنجي ’موبائيل‘ ۾ گم نظر ايندو. ڪو ڊائل پيو ڪندو، تہ ڪو رسِيو، ڪنھن کي ’ميل باڪس‘ خالي ڪرڻو هوندو تہ ڪنھن کي ’مزيدار‘ ميسيجز اڳيان موڪلڻا هوندا. هجوم ۾ ايڏي اڪيلائي؟! ڪمال آهي سائين ۽ مٿان وري هڪڙي ٻي ڏک جي بہ جهلڪ ڏسي وٺو. ’وقوف‘ جي هن جھان ۾، رشتن جي ڏور لڪائڻ بہ ڏائي هٿ جو کيل ٿي ويو آهي. ٽيھارو چاليھارو کن ماڻھن جي وچ ۾ ويٺي ٻہ بظاهر اجنبي وجود هڪ ٻئي سان ’راز و نياز‘ ۾ مشغول آهن. لڳي پيو تہ ’الف‘ الاءِ ڪنھن سان پيو ڳالھائي ۽ ’ب‘ جي گفتگوءَ جو محور ڪو ٻيو آهي... نہ ڄاڻ اهي ٻئي ڪمال خوبيءَ سان هڪ هڪ ٻئي سان ڳالھائي رهيا آهن. اسين بيوقوف، ڏند ڪڍندي، مزي مزي سان، خواريءَ جي ان جام مان ’چُشڪا‘ ڀريندا رهون ٿا. جديد ترين سھولت، اسان کي ڪيترو نہ اڪيلو ڪري وڃي ٿي. هاڻي هر هنڌ کڻي ائين نہ ٿيندو هجي، پر اهو احساس تہ منھنجي ’پرائيويسي‘ قائم آهي، هڪ عجيب زيان ڪري ڇڏيو آهي. لڪائڻ جو علم، نروار ڪرڻ جي ڄاڻ کان چڙهي ويو آهي ۽ جتي لڪائڻ گهرجي ها، اتي ظاهر ڪرڻ اسان جي ثقافت ۽ تھذيب جون پاڙون پٽي رهيو آهي. اڳي معاشري ۾ پنھنجي ’عجيب رشتن‘ کي لڪايو ويندو هو، هاڻي موبائيل نمبر، وڏي آرام سان ’مٽا سٽا‘ جي سفر کي طئي ڪن ٿا.
الائي ڇو، دل چوي ٿي تہ اهو لکجي تہ اسان جو نئون نسل، محبتن جي معاملي ۾ ايڏو ’خوش نصيب‘ ناهي، جيترو اسين ۽ اسان کان پھريان وجود رهيا. جڏهن هڪڙي جهلڪ ڏسڻ بہ قيامت بڻجي ويندو هو ۽ جي وري ديدار نصيب ٿئي ۽ قسمت مھربان ٿي بہ پوي، تہ بہ خبر تڏهن پوندي هئي، جڏهن سراپا خوشبو وجود گذري ويندو هو ۽ اکيون خالي عڪس جهٽينديون وتنديون هيون. نہ ڏسڻ کان پوءِ بہ، ڏسڻ جو احساس ڪتڪتائيون ڪندو هو ۽ هتي ڏسڻ کان پوءِ بہ، ڄڻ ڪجهہ بہ حاصل نٿو ٿئي... زندگي ڪيتري نہ مٽجي وئي آهي، عزيزان من...
هاڻي اتي دور جديد جو جديد وجود، اها ڳالھہ چئي سگهي ٿو تہ ”سائين جي اسين اڪيلائپ ڳوليون ٿا تہ اوهان ڪھڙا اڪ ڪارا ڪيا هئا... اسين تہ پريڪٽيڪل آهيون، بنان ڪنھن کي ڊسٽرب ڪندي، پنھنجو پاڻ ۾ پورا آهيون. اوهان وانگر گهٽ ۾ گهٽ ٿڌن ساهن تي زور تہ ناهي، جو بس رڳو اڪيلائيون ڳوليندا هُيئو ۽ اداس گيت ڳائي، مُنھن مونن ۾ هڻي، ڏاڙهي وڌائي پيا ’شوڪارا‘ ڀريندا هئو...“ تہ ان جو جواب بہ بنھہ سولو آهي. اڳي پرين، پرين هوندو هو، ڪو تماشو نہ هوندو هو.. هن جي ڳالھہ ٻين سان ’مام‘ ۾ ڪئي ويندي هئي. ائين هر ڪنھن سان کيس ’ملاقات‘ نہ ڪرائي ويندي هئي. سندس پردو، سندس لڄ، پنھنجيءَ ذات کان پنھنجي وجود کان مٿي ڀانئبي هئي. محبت جي اقرار کان پوءِ بہ ائين ’لائينون‘ مليل نہ هونديون هيون، ويجهڙائپ ٿي ڪا نہ سگهندي هئي. تنھن ڪري وچ ۾ هڪ عجيب پردو حائل رهندو هو. ماڻھو، ماڻھوءَ جي نالي ٿي بہ، لڄارو نالو کڻندو هو. هاڻي تہ هٿ ملائي، ’شيڪ هينڊ‘ ڪرائي، تعارف جي رسم ادا ڪئي وڃي ٿي. اڳي، عزيزانِ من، ڪير گڏ نہ هوندي بہ گڏ هوندو هو ۽ هاڻي الائي ڇو گڏ هوندي بہ، ساٿ جو احساس مڪمل نہ ٿو ٿئي، ڇا توهان ڪڏهن ان بابت سوچيو آهي؟
دنيا، اُنَ جي گولي جيان ويڙهجي وئي آهي، جتي نالي صاف ڪندڙ کان وٺي، جيٽ پلينز ۾ سفر ڪندڙ، هڪ ئي مشين استعمال ڪري ٿو ۽ ’ڳنڍيل‘ رهي ٿو. ٺيڪ آهي، هڪڙي وٽ پئسا گهڻا آهن ۽ ٻئي وٽ گهٽ... پر سھوليت تہ ٻئي هڪ جھڙي ماڻين ٿا نہ... اتي اهو چوڻ تہ بنھہ اهم آهي تہ نفسياتي حوالي سان اهي تعلقَ، جيڪي ڏسي جڙن، انھن تعلقن کان ڪمزور هوندا آهن، جيڪي نہ ڏسي جڙندا آهن. مثال طور آواز جي تعلق سان جڙيل رشتو، ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي آڱرين جي مدد سان ٿيندڙ گفتگو ۽ ٻئي جي معرفت ڳالھہ ڪرڻ ۽ ٻڌڻ جو احساس، انھن سڀني شين کان مضبوط هوندا آهن، جيڪي سامھون ٿينديون هجن. دنيا ۾ انھن ماڻھن جو انگ تمام گهڻو آهي، جيڪي بنان ڏسڻ جي اظھار ۾ مضبوط هوندا آهن، يعني جيئن ماڻھو فون تي ڳالھائي تہ ڇاڪاڻ تہ سامھون صرف آواز آهي تہ الائي ڪيترا اظھار ٿي ويندا آهن. توهان آزمائي ڏسو، الائي ڪيترا اهڙا جملا جيڪي فون تي چئي سگهجن ٿا، سامھون ادا نہ ٿي سگهندا آهن. هاڻي رڳو هن هڪڙي ’اوزار‘ يعني موبائل فون ئي اسان جي محبتن جي ’تھذيب‘ مٽائي ڇڏي آهي. شروع ۾ عرض ڪيم نہ، هاڻي مايا ضروري ٿي وئي آهي، جي هوندي تہ ڪارڊ بہ لوڊ ٿيندو، نہ تہ سڀ خاڪ آهي مٺا...
جذبن جي ارضائپ، لاھہ ڪڍي ڇڏيا آهن، سائين... اڳي عشق نپوڙي، ڌاڻا ڪڍي، اڪيلو ڪري اڇلائيندو هو تہ هاڻي هر ويلنٽائن ’آءِ لو يو‘ جي جملي جو رسُ ڪڍي، ڦوڳ کي اڪيلو ڪندو ٿو رهي. گوبند، حسن درس جو هڪ نظم لکي ڏنو آهي. پڙهو ۽ سوچو، ڪير اڪيلو ٿي ويو آهي، محبت، يا اسان؟... محبت اسان کي اڪيلو ڪري ويندي آهي يا هاڻي اسان کيس اڪيلو ڪري ڇڏيو آهي. نظم جو عنوان آهي ’محبت هيکلي آهي.‘
ڇڏڻ لاءِ ڇوڪريون ڇڏجن، مگر پوءِ ڇا تہ پيو کڻجي
ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيئي آهن، محبت هيکلي آهي
اڌاري زندگي آهي، نقد آ پيار هن جو ئي
زماني ۾ زنجيرون ڪئي، وڻي ٿو هار هن جو ئي
ٻہ ٽي ٻوٽا کڻي پوکيان، گلن جا گنج ٿي پوندا
ڪريان ڪجهہ ڍنڍ سان ڳالھيون، بتيلا هنج ٿي پوندا
وڻن کي ڪوٺ ڪا ڏيئي، ملايان آبشارن سان
نمن جي ڳوٺ ۾ نئين سِر، ڪيان مان راند ٻارن سان
پراڻا ٿانوَ ٽامي جا، قلعي ڪنھن کان ڪرايان مان
ڪُنڍِيءَ جو ڪم ٿيو پورو، مڇي ساري ترايان مان
چڙهي مان ڏاند گاڏيءَ تي، اچان ڪجهہ اوڏڙو هن کي
هوائن جي هندوري ۾، ڏيان مان لوڏڙو هن کي
سمورو هي تصور آ، سمورا خواب هي آهن
حياتيءَ جي ڪتابن جا، اڌورا باب هي آهن
رڳو آ رش روڊن تي، گهٽين ۾ بي دلي آهي
ڪريان ٿو پيار مان تنھا، محبت هيکلي آهي!
محبت کي سستو نہ ڪيو سائين، شيون سستيون ٿين تہ وٺڻ وارا نيٺ بہ ٿڪجي پوندا آهن ۽ سستي شئي جو ملھہ هونئين اوهان سڀ ڄاڻو ٿا. هن مھانگي جذبي کي مھانگو رکو، نہ تہ اسان ۽ اوهان جي ڪري، اهو ڏاڍو اڪيلو ٿي ويندو.
(ڇپيل: آچر 4 نومبر 2007ع)