ملڻ جي همٿ (محبت)
”تُنھنجي نڪ جو هڪڙو پاسو اڃا تائين بند رهي ٿو؟“ هُن سانت کي ٽوڙيو... مون جهڪيل ڪنڌ کي اقرار ۾ لوڏيو، لڳم سندس مُک تي مُرڪ آئي هُئي، اِها نويد، سندس آوازَ مون کي ٻُڌائي پئي. ”تُنھنجو ڪنڌ اڃا تائين گهڻا جواب ڏيڻ جي اهليت رکي ٿو نہ؟“
ڪنڌ کي اقرار ۾ لوڏيندي چيم، ”مون ۾ ڪا بہ اهليت ناهي... نہ اقرار جي، نہ انڪار جي...“ هُن مُنھنجو جملو ڪٽيو، ”توکي ضرورت بہ ناهي... تُنھنجو ڪم، تُنھنجو ڪنڌ جو ڪري ڇڏي ٿو.“ اکيون مٿي کنيم، سندس مُک تي مُرڪ جامد هُئي. ”نڪ جو پاسو بند ٿئي نہ؟“
”جي ساھہ کڻڻو آهي بِيبي تہ اهو تہ هڪ ناس مان بہ اچي سگهي ٿو.“
”اهو مُنھنجي سوال جو جواب آهي ڇا؟“ سندس مُرڪ وڌيڪ گھري ٿي. مون نڙي صاف ڪئي، ”ها... هڪ طرف بند رهي ٿو.“
”جيڪي جواب پوءِ ڏيڻا پوندا ٿئي، اُهي پھرين ڇو نہ ڏيندو آهين صاحب؟“
الاءِ ڇا ٿيو، ڄڻ ڪُجهہ ڦاٽو الاءِ ڇا! مون هڪدم چئي ڇڏيو، ”جڏهن سڀ ڪُجهہ سمجهہ ۾ اچئي ٿو تہ سوال ڇو ڪندي آهين بِيبي؟ مون کي نٿي سُڃاڻين ڇا؟ ۽ جي سُڃاڻين ٿي تہ نہ سُڃاڻڻ جي چادر تہ نہ اوڙھہ... لڳيم ٿو نڪ تي ڪپڙو ٿي رکين.“ هُوءَ سڄي سراپجي وئي هُئي. چپن جي مُرڪ غائب ٿي اک جي آب کي جاءِ ڏني. مون کي لھجي جو تيز وهڪرو سمجهہ ۾ آيو هو پر دير ٿي چُڪي هُئي. هٿ مٿي ڪندي ڀُڻڪيم، ’آءِ ايم سوري.‘ پاڻ سنڀاليندي چيائين، ”وڇڙڻ مھل تون سدائين ائين ڪندو آهين.“
وري ماٺ ٿي وئي هُئي. گلاب جي ڪلي، رنگا رنگي لفافو، هڪ خوبصورت ٽاءِ جو سيٽ... سڀ مُنھنجي انداز تي سھمجي ويا هُئا. مُنھنجي وحشت شايد چوٽ چڙهيل هُئي تڏهن تہ هُنن جو اهڙو حال ٿيو هو. چپن کي ڏندن ۾ ڀڪوڙي ورتم تہ جيئن ڪوبہ جملو نہ اوڳاڇي سگهن. هُوءَ مون ڏي نھاريندي رهي. نگاهون مليون تہ سندس اکين جو پاڻي وڌيڪ ڇُلڪا ڏيڻ لڳو. مون وري ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. الاءِ ڪٿان، مون کي پنھنجو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو. ”سمجهين بہ ٿي تہ اهڙو آهيان... ائين ئي آهيان، وڇڙڻ مھل واڪا ڪندو آهيان تہ پوءِ ملڻ ڇو ايندي آهين؟“
هُن ڄڻ پاسو ورايو هو. ٻانھن ۾ پيل ڪنگڻ کڙڪي پيا هُئس، تن جي کڙڪي احساس ڏياريو. ماڻھو، ماڻھوءَ سان گڏ هُجي تہ ٻيو نہ تہ بہ الاءِ ڪيتريون ساريون شيون پنھنجو احساس ڏيارينديون آهن. محبوب جا قدم رکيل مٽي ٻُڌائيندي آهي، نڪتل جُتيءَ جو مان مٿانھون هوندو آهي تہ ڄاڻ هِن پاتو، هٿن ۾ پيل مُنڊيون مُرڪنديون آهن، ڪرايُن جا چوڙا چھڪندا رهندا آهن. اهي شيون نيون هُجن يا پُراڻيون اوهان کي سُڃاڻنديون آهن. جيڪي شيون اوهان وٺي ڏيندا آهيو، اُهي هُنن کي سُڃاڻنديون آهن ۽ جيڪي وري هُو پاڻ وٺن اُنھن جو اوهان سان تعارف، اڻ ڏٺي ئي ٿيل هوندو آهي. ورهيہ اڳ وڇڙيا هُئاسين. هُن جي هٿن تي ڪنھن ٻئي جي مينديءَ جا چِٽَ هُئا. مُنھنجا هٿ ائين ئي هُئا. وڇوڙي جو فيصلو شعوري ڪيو هئوسين. زندگي اُنھن ساعتن ۾، ڀريءَ ۾ وڌيڪ ۽ ڀاڪرن ۾ گهٽ هُئي. وڇڙڻ کان پوءِ سندس سدائين اهو نِيُم رهيو تہ هن ڏينھن تي هڪ ٻئي کي ڏسڻو ضرور آهي. هٿن جي ڇھاءَ کان، نگاھہ جو لمس تمام اهم آهي. ڀلي سڄو سال ڪٿي بہ هُجون، هِن ڏينھن تي، هڪ پل بہ جي گڏ گهاريوسين تہ ڏينھن جِي پوندو. مان سدائين لھرائيندو هُئس ۽ سدائين ايندو هُئس. نهڪار، هاڪار ۾ ڪنھن مھل مَٽبي هُئي تنھنجي خبر نہ پئجي سگهندي هُئي. خبر صرف اها پوندي هُئي تہ مان سندس ڏنل جاءِ ۽ وقت تي کانئس اڳ پھتل هوندو هُئس. هر سال، اِهو پڪو پھہ ڪندو هُئس تہ هاڻي نہ ويندس ۽ پوءِ هر سال، هڪ نئين سال کي آخري ڀيرو جنم ڏيندو هو.
پريان عيسيٰ خيلويءَ جو آواز گونجي رهيو هو:
اکيان جِس دِيان، وانگ ڪٽَوري، پا ڪَي وِچ ڪجلَي دَي ڊَورَي
ڪردِي سئو سئو ناز نھورَي، سھڻي صورت يار والِي
ڪر گئِي ڪر گئِي جادو ڪر گئِي، سھڻي صورت يار والِي
لُٽ ڪَي گِهن گئِي چين جگر دا، اکِ ڪجلَي دِي ڌارِ والِي
چتائي ڏٺم، اک ۾ ڪجل جي ڪاني اُها ئي لاجواب هُئس. ڪجرارين اکين، سدائين رت روئاريو هو. مون الاءِ ڪيترا ڀيرا پاڻ کي اُنھن ۾ ڏٺو هو. جادوگريءَ جو ڪھڙو ڪمال هو جيڪو هُنن وٽ نہ هو. هر سال هُن جي وڃڻ کانپوءِ سڀ ڪُجهہ خالي ٿي ويندو هو. دل جي رستن تي ڪا وک محسوس نہ ٿيندي هُئي. درد جا پن ڪرڻ مھل ڪابہ صدا بُلند نہ ڪندا هُئا. بس دل چوندي هُئي تہ هڪ واري هُن کان پُڇان، وڇوڙي کانپوءِ ملڻ جي همٿ ڪٿان ٿي اچئي؟
”مُنھنجي حياتيءَ تي تُنھنجو اختيار آهي صاحب... سڄو سال توکان پري رهندي آهيان پر هِن هڪ ڏينھن تي، اِهو اختيار مون کي بي اختيار ڪندو آهي. دل جي سَٽُن کي سھي ناهيان سگهندي. مون کي هِن ڏينھن تي توسان ملڻو ئي هوندو آهي. جي مان مري بہ وڃان نہ... تہ بہ مُنھنجو روح تہ تو وٽ اچَي ئي اچَي.“ هُوءَ وري مُرڪي، وارن جون اڇيون تندون بہ، سندس مٿي ۾ ٽھڪ ڏئي کِلي پيون.
”تو ۾ ۽ مون ۾، هڪ وڏو فرق اهو بہ آهي تہ تون همٿ واري آهين بِيبي... پاڻ سنڀالي ڄاڻندي آهين، خدا حافظ چوڻ کان پوءِ، پوئتي مُڙي ناهين ڏسندي... جڏهن تہ مان خُداحافظ ئي چئي ناهيان سگهندو.“
”تہ نہ چوندو ڪر نہ... تہ جيئن مان موٽي سگهان.“ هُوءَ زور سان کِلي، سندس ڳلن جا چُگهہ مون ڏي نھارڻ لڳا.
”تُنھنجي سامھون اڃان بہ ٻار ٿي ويندو آهيان بِيبي...محبت ۾ بانبڙا پائڻ جي چڪر ۾ اچي ويندو آهيان...مون کي پنھنجي سوچ جي زخمي گوڏن جي پرواھہ ناهي هوندي...بس اهو ضد شدت پڪڙيندو آهي تہ مان توکي هڪ دفعو وري الھہ واهي نہ چوان.“
هُن جي مُک تان مُرڪ غائب ٿي، ”اِهو تہ پاڻ چئي چُڪا آهيون صاحب!“
”تہ بس پوءِ ڇو ٿا ملو! ڇو ٿا ائين انھن اجاين سجاين ڏينھن جي پاسخاطري ڪندي، هڪ ٻئي کي ڏجَها ڏيون؟ تون جي ضد نہ ڪرين تہ ڪو مان اچان؟“
هُوءَ هڪدم اُٿي بيٺي، ”اِهو وري تہ چئجانءِ صاحب!“
مون کي ڪُلف لڳي ويو هو. تالو هڻي مون چاٻي پري اُڇلائي ڇڏي هُئي.
”تون مُنھنجي چوڻ تي ٿو اچين!؟... هان... محبت توکي نٿي گهرائي!؟... توکي مان ٿي گهرايان... ۽ مان ڪير آهيان؟... اسين هزار رشتا جوڙيندا آهيون، لکين تعلقن ۾ هوندا آهيون پر اُنھن جي ڏور اهڙي ناهي هوندي، جھڙي محبت جي رشتي جي هوندي آهي. محبوب تہ ماءُ پيءُ بہ هوندا آهن پر اُنھن کي ڪو پرين سڏيندو آهي؟ اڃان ماءُ پيءُ سڏينِ تہ سڏينِ، جوان اولاد اهو لفظ ڪنھن ٻئي لاءِ رکندو آهي. توکي اهو سڀ سمجهہ ۾ نہ آيو آهي؟“
”محبوب من ۾ هوندو آهي بِيبي“ تالو ڀڳم، ”اُن کي ٻيو ڪٿي ٿورئي ڳولبو آهي.“
”۽ من ڪٿي ڳولبو آهي؟“ هُن ڌڪ هڻي ڪڍيو. ڪاوڙ مان نھاريندي چيائين، ”محبت ڪبي آهي تہ پھرين من وڃائبو آهي... محبوب من کڻي ويندو آهي. هاڻي کيس ڳولڻ لاءِ، پنھنجو من ڳولڻو پوندو آهي، جيڪو وٽس هوندو آهي... تون تہ هيڏو وڏو دانشور آهين، اِها ننڍڙي رمز بہ نٿو سمجهين ڇا؟“
مان کيس ماٺڪو ڏسندو رهيس.
”مون کان وڇڙڻ مھل جيڪو درد ٿيئي ٿو نہ سائين... اِهو پنھنجي من جي وڃڻ جو ٿو ٿيَئي. هر سال ڪُجهہ گهڙين لاءِ ملئي ٿو ۽ وري کسجي ٿو وڃئي... باقي جيڪو مُنھنجي ذات جي وڇڙڻ جو درد آ نہ... اِهو تہ تو هڪ ڀيرو ئي سھسايو هو... جي نہ سھسائين ها تہ ائين هر سال، ملڻ لاءِ همٿ نہ سارين ها.“
(ڇپيل: آچر 14 فيبروري 2016ع)