سفر در سفر (سائين)
حياتي بہ عجيب شرط آهي، معزز خواتين وحضرات.... هجي ٿي تہ ڪٿي نہ ڪٿي، ڪڏهن نہ ڪڏهن تہ ’ديدار‘ نصيب ٿي ئي وڃي ٿو. سماعتون آواز جهٽين ٿيون، اکين ۾ ديد جو دامن جهولي تہ من جي مونجهہ الائي ڪيڏانھن اڏري ويندي آهي. حياتيءَ جي ڏارن تي نوان گونچ ٽڙي پوندا آهن، زندگي.... نامھربان زندگي.... هڪدم مھربان ٿي ويندي آهي.
سؤ ڪالمن جي پڄاڻيءَ تي هن فقير موڪلايو هو. وڏي ’طمطراق‘ سان رخصتيءَ جا لوازمات بہ پورا ڪيا ويا هئا. پنجن هفتن جي غير حاضري نصيب ٿي هئي ۽ وري موٽ جي ڪِليءَ ۾ دل جو دامن اٽڪي پيو. الاءِ ڪيترا ڀيرا پنھنجو آواز پاڻ ٻڌڻو پيو، جيڪو هر گهڙيءَ، هر پل روڪي رهيو هو تہ واپسي ’مھڻي هاب‘ ڪندءِ.... متل ميڙي ۾ موٽ گهڻن کي راس نہ ايندي آهي. جڏهن ڇڏيو، تہ بس ڇڏيو نہ.... ڪھڙي حيل حُجت آهي، اهو سڀ ضروري آهي ڇا؟ لکين ڪروڙين ماڻھو پڙهن ٿا، ڪن کي پسند اچي ٿو، ڪن لاءِ آچر جي اخبار ۾ اندريون صفحو عذاب بڻجيو وڃي. جتي ڪمال آهي، اتي ئي تہ زوال جو بہ بسيرو هوندو آهي. هر اوندھہ جي پٺيان روشني ۽ هر ڏيئي جي هيٺان اوندھہ لازم آهي. جڏهن موڪلايو تہ موڪلايو نہ، بابا.... هاڻي وري ڪھڙو راڳ ڇيڙڻو آهي. پنھنجي اندر سان ڳالھائڻ، دنيا جي مشڪل ترين عملن مان هڪ اٿوَ عزيزانِ من.... جيڪو دليل سامھون واري جو مڃڻو ئي ناهي، اهو دليل دل ڏنو تہ سمجهيو ’ماڻھو ويو...‘ پنھنجو پاڻ کان هارائڻ ۾ جيڪو مزو آهي، سو کٽڻ ۾ ڪٿي آهي. اندر اهو ئي پُر زور فيصلو ڪيو هو تہ سڀ ختم ٿيو، ڏيڍي ٽپي نڪتاسين، در بند ٿيو ۽ بس.... هاڻي ڇا جو موٽڻ.... تہ اتي ئي حُڪم ٿي ويو، ’اهو ڪم ٿيڻو آهي ۽ بس.... خواب نگر کي لکڻو آهي بابا.... قلم ۾ مس هجي ۽ هٿن ۾ ساھہ، آڱريون مدد ڪندي مرڪني تہ بس.... سمجهہ ڪم تيار آهي. باقي هاڻي ذلت ۽ ٺٺول جو ڇاهي؟ دوست هر ڳالھہ ۾ خوش هوندو آهي. جي دشمن اڳيان سڄو سونو ٿي پئين، تہ بہ کيس پِتل جو لڳندين. دوست آڏو تہ پٿر بہ ’عاج‘ هوندو آهي ۽ تو ڪڏهن کان ماڻھن جي ٺٺول جي پرواھہ ڪئي آهي. اهي زمانہ وسري ويا ڇا، جڏهن لُنڊي بازار جا ڪپڙا وٺي ڪٽنگ ڪري، نيون نيون ڊزائنون ٺاهي پائيندو هئين، نہ فقط پاڻ پائيندو هئين، بلڪ پنھنجي دوستن سان اهي شيئر بہ ڪندو هئين. ان مھل تہ ٺٺول جو فڪر ڪونہ هُيئي. هڪڙو ڪپڙو ڇڏيندو هئين، ٻيو وٺندو هئين. روز روز ساڳئي گاڏيءَ تي وڃڻ ۾ شرمساري ڪانہ ٿيندي هئي. باقي چڱي ڪم جي گاڏي تي واپسيءَ ۾، زماني جي ٺٺول جي لڄ ٿو ڪرين؟‘
سائين سان مون خواب نگر مان موڪلائڻ جي ڳالھہ ڪانہ ڪئي هئي. حياتيءَ جون مھلتون بہ عجيب هونديون آهن. ماڻھو ملي تہ هر گهڙيءَ گمان گڏ رهي ٿو تہ ڪٿي بہ ملاقات ٿي سگهي ٿي. جي نہ ملي تہ ساڳئي گهٽيءَ ۾ رهڻ سان بہ ڪو فرق نٿو پوي. بلڪ سچي ڳالھہ تہ اها آهي تہ هڪڙي گهر ۾ رهندي بہ، الاءِ ڪيترا وجود، الاءِ ڪيترا ڏينھن هڪ ٻئي سان ملي نہ سگهندا آهن.... سڀ نصيب جو کيل آهي. پر سچ تہ اهو بہ آهي تہ من ۾ تانگهہ جي تار تي آس جا پکي هئڻ گهرجن. انھن جو چوٻول نہ مرڻ گهرجي. ڪالم جي خاتمي کان پوءِ سائينءَ سان مليس تہ حاضريءَ ۾، دل جو ڌڙڪو عجيب هو.... نيڪي تہ بھرحال نيڪي هوندي آهي، جي ساندھہ ٿيندي رهي تہ چھري جو عڪس بدلجي ويندو آهي ۽ جي ان ۾ ڪا رڪاوٽ اچي وڃي تہ اهو بہ ڏسڻ ۾ اچي ئي ويندو آهي. سٺو ڪم خوشبوءِ جيان هوندو آهي، جنھن کي پنھنجي تعارف جي ضرورت ناهي هوندي. تعارف تہ بدبو بہ ناهي ڪرائيندي. ها چھري جا نقش عجيب ٿي ويندا آهن.
ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ ويھڻ نصيب ٿيو هيو. نشست گاھہ جي وچ تي ويھڻ کان سدائين پاسو ڪرڻ گهرجي. هر سير مٿان سوا سير هوندو آهي ۽ اها ڳالھہ هر ’آني، رتيءَ ۽ تولي‘ کي سمجهڻ گهرجي. سائينءَ جو واعظ جاري هو. هنن هڪڙي اڇاتري نگاھہ وجهي ’تَسِي ڏيڻ‘ کان پوءِ ويھڻ جو اشارو ڪيو هو. خبر نہ هئي تہ موضوع ڇا ڇڙيل آهي، پر جتان بہ ڳالھہ هَلي هئي، ڪمال هلي هئي.
”هاڻي روشني الاءِ ڇو نہ ٿي ملي، بابا سائين....“ هنن وٽي مان پاڻي ڍڪ ڀري، مون ڏي نھار ڪئي هئي. ”شايد لائيٽ مھانگي ٿي وئي آهي، بل گهڻو ٿو اچي، تنھن ڪري ايئن ٿئي ٿو. ٻاهر گهٽيون ڪاراٽجي ويون آهن، اوندھہ آهي تہ وڌندي ٿي وڃي، رات اچي ٿي تہ الاءِ ڪيترا ’هول‘ کڻي اچي ٿي.“
”اڳي بہ تہ رات ايندي هئي سائين.... اڳي ڇا راتين ۾ اوندھہ نہ هوندي هئي؟“ ڪنھن ڀڻڪيو. سائينءَ مُرڪي ڏنو. ”اڳي نور گهڻو هو ٻچا.... ٻاهريون بہ، تہ اندريون بہ.... ٻاهر، هر گهر پنھنجي ڪنڊ وٽ هٿ بتي ٻاري رکندو هو. باقائدي اتي هڪ ڪل لڳل هوندي هئي، جنھن ۾ لالٽين ٽنگي ويندي هئي، تہ جيئن ٻنھي پاسن کان لنگهندڙ ’سونھان‘ ٿين، ڪنھن لاءِ ڪا ڏکيائي نہ ٿئي. بتيءَ ۾ تيل جو انتظام اهڙي نموني جو هوندو هيو، جو پرھہ ڦٽيءَ تائين اها ڪم ڏئي ويندي هئي ۽ مٿان وري مزي جي ڳالھہ اها تہ اهو ڪم بہ ڪو سولو ڪونہ هوندو هو. جي مغرب کان پوءِ روشنيءَ جو انتظام ڪرڻو هوندو هو تہ ان جي تياري وچينءَ کان ئي ٿي ويندي هئي. بابلا.... بتيءَ کي کولبو هو، شيشو صاف ڪبو هو، وٽ ٺيڪ ٿيندي هئي ۽ تيل جو ماپو درست ڪبو هو ۽ اهڙيون ڪي ٻہ ٽي نہ.... الاهي بتيون هونديون هيون. هر گهر جو ڪو نہ ڪو ڀاتي ان ڊيوٽيءَ سان هوندو هو تہ کيس ڪيئن بہ ڪري، روشنيءَ جي ان بندوبست جو انتظام درست رکڻو آهي.“ هنن وري پاڻي پيتو، سڀني کي واري واري سان ڏسندا رهيا.
”۽ هاڻي.... هاڻي رڳو هڪڙو بٽڻ هيٺ ڪرڻو هوندو آهي، اهو بہ هيٺ نٿو ٿئي.... بلب ئي لڳل ناهي هوندو.... تہ بٽڻ ڪھڙو ڪم ڪندو؟ پنھنجي گيٽ وٽ روشني هوندي.... گهر جي ڪُنڊ وٽ نہ هوندي.... اهو لقاءُ، هن دور جو تحفو اٿوَ ٻچا....“
”نہ پر.... جي اوندھہ آهي سائين.... ۽ اتان لنگهڻ بہ ضروري آهي تہ پوءِ ماڻھو ٽارچ ڇو نہ وٺي.... اها کڻي هلي....“ پريان ٻئي لاڏلي ڳالھايو. سائينءَ جي مُرڪ گِهري ٿي وئي. ”گهڻن ماڻھن کي ٽارچن سان گڏ تو ڏٺو آهي پُٽ.... پنھنجيءَ عمر جي گيان ڌيان ۾ گم ٿي اکيون پُور ۽ آڱرين جي پَورن تي ڳڻي وٺ تہ هيل تائين تو گهڻن کي پنھنجي مختصر يا طويل سفر دوران ٽارچ کڻي هلندي ڏٺو آهي.... پڪ اٿم.... انگ کُٽي پوندو.... آڱرين جا پور بچي پوندا....“
سڀ لاجواب ٿي ويا هئا. اکيون بند ڪري، ڪجهہ لمحن لاءِ مون بہ ڳڻيو تہ خيال ۾ چئن کان مٿي نالا نہ آيا. اتي سندن آواز تاڪ کولي ڇڏيا، ”روشني لاءِ، گائيڊ لائين لاءِ، ماڻھو، ماڻھوءَ جو محتاج هوندو آهي. بابا.... جي محتاج نہ بہ هجي تہ بہ مدد ضرور طلبيندو آهي. کيس اهو سڀ پنھنجي کڻڻ لاءِ اضافي لڳندو آهي. جيڪو کيس ٻئي وٽان ملڻو هجي، جيڪو رستي تي نڪري ٿو، سو گهڻو تڻو اهو سمجهي ٿو تہ روشني تہ هوندي، ٻئي وٽ ان جو انتظام هوندو، ڇاڪاڻ تہ اهو بہ تہ نڪرندو هوندو.... مون وٽ ناهي تہ خير آهي ۽ هونئن بہ.... الاءِ ڇو هاڻي تہ ٽارچون بہ مزو نٿيون ڪن پُٽ.... انھن ۾ بہ اها روشنائي ناهي، جيڪا اڳين ٽارچن ۾ هوندي هئي.“ جملو مڪمل ڪري، هنن مون ڏانھن گُهور ڪئي هئي. الاءِ ڇو مان سڄو پگهرجي ويو هئس.
”دنيا ۾ رونگ ختم ٿي وئي آهي، لاڏلا....“ هنن نڙي صاف ڪئي، ”جنھن جيترو ڏنو، سمجهہ ڏنو.... بس اڳيان ٿيو الھہ واهي. ماڳيان ٺُپ جواب.... شين ۾ برڪت ختم؟ هينئڙو ڪورو ٿي ويو آهي.... اڳي کير وٺبو هو تہ پاءُ اڌ پاءُ رونگ ملندي هئي. ڀاڄي وٺبي هئي تہ ساوا ڌاڻا، مرچ، ڦودنو مُٺيون ڀري ڏيندا هئا. هاڻي ’سائو مصالحو‘ بہ وڪجي ٿو. اٺاويھہ رپين جي ڪلَي وارو کير جي رُونگ ۾ ملايو ويو تہ ناگوري تہ پنڻ لڳندو. سڀ مٽجي ويو آهي، اتي لڳي ٿو تہ روشني جي رونگ بہ ختم ٿئي پئي....“
ڳالھہ جي شروعات سمجهہ ۾ نہ آئي هئي. وچون موضوع بہ اهم هو. ڪوشش ڪيم پئي تہ ڌاڳو هٿ ڪري وٺان ۽ منھنجي اڻ تڻ هنن سمجهي ورتي هئي. ”حادثن تي ڳالھايون پيا محمود.... روڊن جا حادثا تہ پنھنجيءَ جاءِ تي، هاڻي گهٽيون بہ محفوظ ناهن. چور چڪار، بڙو بدمعاش، ڪٿي بہ ڦري تہ حالي في الحالي تہ نڪتو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اوندھہ انڌوڪار گهڻو آهي. ماڻھن، روشنين کي الاءِ ڇو گهٽائي ڇڏيو آهي.“
ايڏي عام ڳالھہ تي سائينءَ جو اظھار مون کي عجيب لڳو هو. اتي هنن منھنجي نھار کي ڄڻ پروڙي ورتو. نگاھہ ملائيندي فرمايائون، ”اندر ۾ اوندھہ اچي وئي آهي پُٽ.... پنھنجو پاڻ ئي پورو ڏسڻ ۾ نٿو اچي تہ ٻئي کي ڏسڻ لاءِ روشني ڪٿان آڻيون....؟“
”پر سائين، الاءِ ڪيترا گهر، ڪيتريون گهٽيون تہ جرڪنديون رهنديون آهن.... لش پش لڳو پيو هوندو آهي.... انھن کي ڪٿي فٽ ڪنداسين؟“ هڪ ٻئي شاگرد پڇيو. سائينءَ بنا ڪنڌ ورائڻ جي ورندي ڏني، ”جيڪي لش پش نظر ايندا آهن نہ، اهي پنھنجو پاڻ ۾ گم هوندا آهن ابا.... روشنيون هنن پاران جام هونديون آهن، پر انھن ۾ هو پنھنجو پاڻ کي ڏسڻ گهرندا آهن.“
”پر قبلہ.... انھن جي ان عمل جي ڪري، اڻ سڌيءَ طرح سان، ٻين لاءِ بہ تہ روشنيءَ جو سامان ٿي ويو نہ....“ مون همٿ ڪئي. بس لفظ مھربان ٿيا، جو ادا ٿي ويا. ”اتي ئي تہ ڀلجو ٿا نہ ابا.... روشني هجي نہ هجي، جنھن کي سفر ڪرڻو آهي، سو تہ ڪندو.... پر ڳالھہ اها آهي تہ ٻين لاءِ سوچي انتظام ڪيترو ٿو ڪجي.... جي پنھنجي لاءِ سوچي ڪيو، تہ ڇا ٿيو؟ اڻ سڌي مدد کان سڌي مدد ڇو نٿا ڪيو. اڻ سڌي تہ ٿي وڃي ٿي.... پاڻ کي خاني ۾ فٽ ڪري، ٻئي لاءِ ساڳي ماپ جو بوٽ وٺڻ ڪھڙو ڪمال آهي؟ مزو تہ تڏهن آهي، جڏهن ٻئي جي ماپ جي خبر هجي ۽ ان لاءِ دل جو حضور گهرجي ٿو. اها رونگ بہ دل ڪڍندي هئي ابا.... جي هاڻي ناهي تہ ڇا شين جو وڪرو بند ٿي ويو آهي؟ ڇا ڀاڄيون، کير، گوشت ماڻھن وٺڻ ڇڏي ڏنو آهي؟ شين ۾ برڪت ناهي، پوءِ بہ اهي استعمال نہ ٿيون ٿين ڇا؟ سمجهہ رڳو اها ڳالھہ تہ اجاين روشنين کان، هڪڙو ڏيئو ڪمال حيثيت رکي ٿو، جيڪو مستقل ٻري ۽ اوندھہ سان ويڙھہ ڪري.... ۽ اهو ڏيئو، سوچي سمجهي ٻاريو وڃي. تو الاءِ ڪڏهن کان پنھنجا فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا آهن ابا.... مرضيءَ سان ٽلندو ٿو وتين. شروع بہ مرضيءَ سان ڪيئي، ختم بہ وڏي لاڏ سان ٿو ڪرين.... توکي مان هڪڙي ڏيئَي واري، رُونگ چُڪيءَ واري سمجهاڻي نہ ڏئي سگهيو هوس. جي سمجهايان ها تہ تون ايئن نہ ڪرين ها.... پنھنجي خواب نگر ۾ موٽي وڃ.... ڪوشش ڪر.... دل جو شيشو صاف ڪري، محبت جو تيل ڀرينس.... ۽ ان ۾ سوچ جي وَٽِ کي جرڪاءِ.... عقل جي عمارت جي ڪنڊ تي اها بتي ٻرندي رهي.... ٿي سگهي ٿو، ڪنھن مسافر جي ڪا مدد ٿي وڃي. حياتي مھلت ڏيئي تہ ملاقات جو بندوبست ضرور ڪر.... ايئن دامن نہ ڇڏاءِ.“
منھنجي اندر ۾ الاءِ ڇا ڇا اڀري آيو. سوال جواب شروع ٿي ويا ۽ اتي ئي هنن فرمايو، ”پنھنجو ميزان مقرر نہ ڪر.... تور ڪرڻ جو ڪم تنھنجو ناهي. لفظن جو هنر هُو عطا ڪري ٿو.... موضوع بہ هُو ڏيندو. جي روشنيءَ جو هڪڙو ترورو بہ ڪنھن کي نظر آيو تہ تنھنجي لاءِ وڏو جھان ٺھي پوندو. واپسيءَ جي سفر ۾ ٺٺول جو فڪر نہ ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ دوستن کي دليل ناهي کپندو ۽ دشمن ان تي اعتبار نہ ڪندو آهي.... ٿورو لکيو گهڻو سمجهہ، جيڪي چيو وڃي ٿو، سو ڪر....“
پوئواريءَ ۾، حاضريءَ جا اڄ پنجاھہ هفتا پورا ٿيا. خواب نگر، جاري آهي، محبتن جو معيار اوهان جي سامھون آهي. جي ڪير کلي ٿو تہ بہ ٺيڪ آهي، جي ٺٺول ڪري تہ بہ اکين تي آهي. عقل جي ’نعمت ڪدي‘ تي اسين هر هفتي محبتن جي بتي ٻاريون ٿا، دعا ڪجو تہ ان جو تيل ساٿ ڏيندو رهي.
(ڇپيل: آچر 29 جولاءِ 2007ع)