ڪَلر بلائينڊ (سائين)
”تہ پوءِ سائين.... اهو دوکو نہ ٿيو!؟“ ڪنھن ڪنڊ مان آواز آيو... سائينءَ جي منھن تي مُرڪ ۽ اکين ۾ عجيب جوت اچي وئي.... ”حياتي پاڻ ڌوکو ناهي ڇا راڻا... بابا.... جي دوکو ناهي تہ آخر ۾ دوکيبازي ڇو ٿي ڪري.... وفا تہ سندس سرشت ۾ ئي ناهي... پوءِ ايڏو وڏو دوکو ساڻ کڻي هلو ٿا، باقي اکين تي چڙهيل رنگ جو افسوس ڪجي! جيڪو هٿ وس ۾ آهي تہ جنھن مھل بہ دل چوي، اکين تان هٽائي ڇڏجي... جڏهن هينئون هُري، تہ پنھنجي دٻي مان ڪڍي، عينڪ اکين تي چاڙهي ڇڏجي... ان دَٻي جي ڪھاڻي وري عجيب ٿوَ. اکين کي جي رنگن جي هيرَ ٿي وڃي تہ ان مزي ماڻڻ لاءِ اهو دٻو ضروري هوندو آهي. شيشو ٽُٽو... ڄڻ رنگ ڇُٽو... جيسين نئون ٺھي... تنھن ڪري اوهان ڏٺو هوندو تہ موبائيل جي ڪَور جيان، ماڻھو چشمي جو ڪَور بہ ساڻ رکندا آهن... سفر حَضر ۾... اهو گڏ گڏ هوندو آهي... اڳي عينڪ، ڪور ۾ بند ٿيل ۽ ڪپڙي جو رومال ساڻ کڻبو هو هاڻي رومال جي جاءِ ٽشوءَ تہ ورتي آهي... عينڪ جو ڪَور، اڃان ان لائق ڪونہ ٿيو آهي، جيڪو هر هر پيو اڇلائجي...“
ڳالھہ رنگن جي هلي هئي.... هولي آئي هئي.... يونيورسٽين جي شاگردن جا ڪپڙا، هٿ ۽ چھرا رنگين هئا. ڳاڙهو، آسماني ۽ ڪٿي ڪٿي سائو گُلال، متحرڪ نظر آيو پئي... ڪٿي ڪٿي، ڀتين کي چنبڙي اهو جامد ٿي ويو هو. تھوارن کان سواءِ بہ اهو سلسلو هاڻي، رسم جھڙو ٿي ويو آهي، گهڻو ڪري، سيمسٽر جي الوداعي ڏينھن تي ۽ ماڳھين ختم ڪندڙ يعني فائنل بئچ جي موڪلائڻ واري ڏينھن تي، اها رنگن جي وکير، ’گهڻ‘ ۾ پئجي ويندي آهي. ڪي لڪندا وتندا آهن ۽ ڪيترائي هٿن ۾ رنگ کنيو، ڳولا جي جھان ۾ هوندا آهن.
”ماڻھو.... اصل ۾ پنھنجو رنگ ڇڏڻ ٿو گهري بابلا...“ سائينءَ ڪٽوري مان پاڻيءَ جو وڏو ڍڪ ڀريو ۽ ڳالھہ جاري رکي ”ماڻھو تہ بي رنگ هوندو آهي.... سندس ڪِرت سندس رنگ هوندي آهي. جنھن هنر ۾ هجي، تنھن هنر جي لاٽ کي، جوت کي امر ڪرڻ گهرندو آهي. پنھنجي ذات جو ڏيئو ٻاري، پنھنجي پاڻ کي ڳوليندو آهي. پنھنجو پاڻ جي لڀي وڃينس تہ ٻين کي بہ ڏيکاري سگهندو نہ... ۽ پنھنجي ڳولا وري ’تفاوت‘ سان ملي ٿي.... ان لاءِ رنگ جو مختلف هجڻ ضروري آهي... ڏسو... ساڳيو رنگ، ساڳئي ۾ مدغم ئي ٿيندو نہ... اهو مخالف رنگ هوندو... ڪنٽراسٽ، جيڪو نڪري نروار ٿيندو.... تڏهن ئي تہ خبر پوندي... هن دنيا ۾ جنھن بہ شعبي ۾ جيڪي بہ امر ٿيا، تن پنھنجو ڪنٽراسٽ، پنھنجو تفاوت پھرين ڳولي ورتو بابا... پوءِ ان کي ٻين جي رنگن جي جھان ۾ کڻي آيا... سندن فرق واضح ٿيو تہ هنن جي رنگ کي دنيا بہ سمجهڻ شروع ڪيو.“
”۽ ڪَلر بلائينڊ سَر.... اهي ڪھڙي کاتي ۾ ايندا آهن...“ سوال دراز ٿيو، سائينءَ سڀني تي نگاھہ وڌي ۽ پنھنجو مرڪوز سوال ڪندڙ کي ڪري ڇڏيائون ”انسان جي فطرت هوندي آهي ٻچا تہ هو سڀ کان پھرين نقص ڳوليندو آهي... چڱائيءَ تي نگاھہ گهٽ ويندي آهي... غلطي اڳ ۾ جهليندو آهي... معاف پوءِ ڪندو آهي...“
”ائين تہ ٿيندو نہ سائين....“ ڪنھن ڳالھہ ڪٽڻ جي جرئت ڪئي ”جي غلطي نہ ڪبي تہ معافي ڇا جي ملندي؟“
”نہ تہ ڇا معافيءَ جا دروازا، هونئن بند هوندا آهن ڀُوڪ“... هاڻي سائينءَ جو لھجو مٽجي ويو... ”ڇا، معاف ڪرڻ لاءِ ئي اوهان غلطيون ڳوليندا آهيو!. ڇا ’درگذر‘ نالي جھان ۾ ڪو لفظ ئي ڪونھي؟ ڇا.... جيڪي اسان جي ويجهو هوندا آهن... اهي غلطين کان پاڪ هوندا آهن.... ۽ انھن لاءِ سڀ ڪجهہ آئسڪريم سوڍا هوندو آهي! جي ڀلا در بند هجي تہ کڙکائڻو پوندو نہ... ۽ جي نہ کُلي تہ پوءِ ڇا ٿيندو! ها... اهو سڀ ائين بہ ٿئي ٿو، پر هڪ ڳالھہ ياد رک... جيڪو بخشش عنايت ڪندو آهي، اهو غلطيون نہ ڳوليندو آهي... جو غلطيون ڳولڻ تي ويھي تہ ڪير بخشجي سگهندو!“ سڀ ماٺ ٿي ويا هئا. سندن لھجي ۾ جلال اچي ويو هو، ”مٺڙو رب، جل شانہ، اوهان جي غلطين کي ڳولي ٿو ڇا!.... ۽ ڇا انھن جي حساب ڪتاب ۾، معافيءَ جي پلڙي کي ڳرو نہ ٿو رکي.... جي معافيءَ جو پلڙو ڳرو نہ هجي تہ ڪير بخش ٿيندو..! ڇا اهو ناهي سمجهايو ويو تہ پنھنجي ڪارنامن تي، پنھنجن ڀلائين تي، نيڪين تي، پاڻ نہ پڏايو... معافي وري بہ سندس عطا ئي ٿيندي... ها... ان جو مطلب اهو هرگز ناهي تہ ماڻھو نيڪي نہ ڪري... ۽ بس، معافيءَ جي اميد ۾ دڙها هڻندو وتي.“
سڀ ماٺ ٿي ويا هئا... ذڪر ڪيڏانھن کان ٿيندو، ڪيڏانھن هليو ويو هو.... هنن تيزيءَ سان ڪٽورو خالي ڪيو... پاسي ۾ ويٺل، محمد جمن، اهو هڪدم ڀري ورتو... سندن ڪنڌ جهڪي ويو هو... ڪجهہ گهڙين جي ماٺ کان پوءِ، سندن آواز بلند ٿيو. ”اسين هر شئي جو ابتو رخ الاءِ ڇو پھرين ڏسڻ گهرندا آهيون ابا... شايد اسان کي سُبتو رخ ناهي وڻندو.... يا وري اسان کي اهو هر هر پيو نظر ايندو آهي تنھن ڪري اسان جي ان تي اک ئي نہ ٻُڏندي آهي... ذائقي ۾ تکاڻ کي ڳوليندا آهيون ۽ سونھن ۾ نقص کي...هاڻي تکاڻ بہ ٻنھين قسمن جي هوندي آهي... جي ڦِڪو آهي تہ ڪيترو ڦِڪو... ۽ جي کارو آهي تہ منجهنس ڪيتري کاراڻ آهي... اسين اتي اهو وساري ويھندا آهيون تہ کاڌو تہ آهي... ڀلي ڦِڪو يا کارو... ڀلا جي هجي ئي نہ تہ... اتي ڪَلر بلائينڊ جي ڳالھہ ڪندا آهيون... جنھن ۾ ڪو هڪ بنيادي رنگ نظر نہ ايندو آهي... هاڻي ساڳيو مثال ورجايون ٿا... اهو ڇو ٿا وساريون تہ شڪر آهي، نظر تہ آهي نہ... پوءِ جي هڪ رنگ جي کوٽي آهي تہ بہ مالڪ جي مرضي آهي... پر ڏسڻ ۾ تہ اچي ٿو نہ... ڀلا جي اهو بہ نہ اچي تہ... جي نظر ئي نہ هجي تہ...؟“
ڳالھہ ڪندي، الاءِ ڇو هنن جو مُک ملول ٿي ويو... ڪنڌ جهڪائيندي چيائون... ”سچ تہ اهو اٿوَ تہ اسان مان گهڻائي ڪلر بلائينڊ ماڻھن جي اٿوَ... جيڪي، جذبن جو رنگ ڏسي ڪو نہ سگهندا آهن... ماڻھوءَ جي مُک تي، آيل رنگ جي کين پروڙ نہ پئجي سگهندي آهي. اسين عزت کي خوشامد ۽ خوشامد کي عزت سمجهندا آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسان کي رنگ جي ساڃاھہ نہ پوندي آهي... جي محبت هڪڙو رنگ آهي شھزادا... تہ الاءِ ڇو، دنيا جي نفسانفسيءَ ۾، اسان ان رنگ کان اڻ ڄاڻ ٿيندا ٿا وڃون... محبت جا ڪَلر بلائينڊ آهيون اسين... هونئن اهو نقص ڄائي ڄَم کان هوندو آهي، پر اسين حياتيءَ جي الاءِ ڪيترن ماھہ و سالن کان پوءِ، ان مرض جو شڪار ٿيندا آهيون... ڪَلر بلائينڊ ٻار جي خبر ڏاڍي دير سان پوندي آهي...پر ڪلر بلائينڊ وڏي ڄمار واري جي خبر تہ سڄي عمر پئجي نہ سگهندي آهي... تڏهن تہ اسان جا چھرا بي رونق ٿي ويندا آهن... اهي ڳاڙها، ڪارا ۽ ناسي تہ ٿيندا آهن، آسماني ٿي نہ سگهندا آهن... ۽ شايد ان ڪري ئي، آسماني تڏهن ٿيندا آهن، جڏهن زندگي رخصت ٿي ويندي آهي.“
(ڇپيل: آچر 20 مارچ 2011ع)