سنڌو ماٿر ۾ شهري رياست جو معاشي تجزيو
[b]زراعت
[/b]
سنڌو سڀيتا جا وارث زراعت سان وابستا هئا. سنڌ جي زراعت بابت قديم آثارن جا ماهر ڊڪسن، بيڊن، پاويل ۽ ٻين عالمن جي راءِ آهي ته شروعاتي دور ۾ اهي سنڌ جون عورتون ئي هيون، جن کاڌي خوراڪ لاءِ مختلف قسمن جا ٻج، ٻوٽا پنهنجي تجربي ۾ آڻي انهن جي پوک جا طريقا رائج ڪيا. علم نباتات جي ماهرن جو خيال آهي ته سنڌ ۾ پيدا ٿيل آڳاٽي ڪڻڪ جي تاريخ تمام پراڻي آهي. ماهر ائين پڻ چون ٿا ته چين ۾ سنڌ کان گهڻو عرصو پوءِ 2700 ق-م ۾ ڪڻڪ جي پوک جي ابتدا ٿي. روسي ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ ڪڻڪ جي پوک جي شروعات سنڌ مان ئي ٿي هئي.(2) سنڌ ۾ موهن جي دڙي مان ڪڻڪ جا ڪي ڪارا ٿيل پر سالم داڻا به مليا آهن، جيڪي پاڻهي پيدا ٿيل نه پر انساني محنت جو نتيجو آهن. ان کان علاوه هتي چانورن ۽ دالين جي پوک به ٿيندي هئي.
موهن جي دڙي جي قديم آثارن مان ڪڻڪ، جو ۽ هڙاپا مان مٽر ۽ تر مليا آهن. جڏهن ته موهن جي دڙي مان کجور جون ککڙيون به مليون آهن. اهڙي طرح هڪ مهر تي هڪ اهڙي تصوير اُڪريل آهي، جنهن تي ناريل جو وڻ ڏيکاريل آهي. اهڙي طرح هڪ مهر تي ڏاڙهون جو وڻ به آهي.
مهر ڳڙهه جي قديم آثارن مان ماهرن کي ڪڻڪ ۽ ڪپهه جي پوکائي جا آثار مليا آهن. سنڌو ماٿري جا رهواسي ساڍا 7 هزار سال اڳ ڪڻڪ جي پوکائي ڪندا ها. نامياري آبپاشي ماهر ايم ايڇ پنهور موجب پوکن جي واڌ ويجهه مهرڳڙهه (7 هزار ق م)، آمري (3700 ق م)، ڪوٽڏجي (3300 ق م) ۽ موهن جي دڙي (2350 ق م) جي اسرڻ جو سبب بڻي. سنڌو ماٿري ۾ ڪڻڪ 6 هزار ق م ڌاري پوکي وئي. ساڳي طرح ان ئي دور ۾ جون جي به پوکائي ٿي. ان سان گڏ منهن ۽ ڳئون پڻ ڌاري وئي. جڏهن ته ساڍا 4 هزار سال ق م ۾ ڦٽي جي پوک ڪئي وئي. (3)
سنڌو ماٿر ۾ ان دور ۾ ڪپهه جي پوک به ٿيندي هئي. سنڌو ماٿر جي اهم دريافت موهن جي دڙي مان مليل اهو ڪپهه جو ٽاڻيل ڪپڙو آهي، جيڪو ٽامي ۽ چانديءَ جي ٿالهيءَ جي ڀرسان مليو آهي. اها ڪپهه جي قديم ترين دريافت آهي. جڏهن ته ڪورڪو هنر سنڌ ۾ گهڻي قديم زماني کان موجود هيو. موهن جي دڙي مان سٽ ڪتڻ جا ائٽ مليا آهن. کوٽائي مان گهڻو ڪري هر گهر مان سٽ ڪتڻ جا چرخا مليا آهن. اهي چرخا قيمتي ڌاتن کان وٺي مٽيءَ جا به ٺهيل مليا آهن. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سٽ ڪتڻ جو ڪم انهن ڏينهن ۾ عام هيو. هڪ هنڌان چانديءَ جي ٿالهيءَ جواهرن سان ڀريل ملي آهي جيڪي هڪ ڪپڙي جي ٽڪر ۾ ويڙهيل هئا. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ ڪپڙو پڻ ٺهندو هو. ۽ ڪوري موجود هئا.
ڪپهه مان ڪپڙي ٺاهڻ جي صنعت هيل تائين مليل ثابتين مطابق دنيا ۾ سڀ کان پهريان سنڌو ماٿر ۾ شروع ٿي. هتي جا آڏاڻا ۽ هتي جو ٺهيل سوٽي ڪپڙو خاص ڪري ململ جو ڪپڙو سڄي دنيا ۾ مشهور هيو. موهن جي دڙي جا ماڻهو سبيل ڪپڙو پائيندا هئا، جنهن جي ثابتي دڙي مان مليل اڪيچار شين مان ملي ٿي. اهي شيون دڙي جي مختلف تهن مان مليون آهن. موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندڙ ماهر سرجان مارشل لکي ٿو ته؛ ”ڪپڙي لاءِ ڪپهه جو استعمال ان زماني ۾ اڪيلو سنڌ ۾ ٿيندو هو. جيڪا ڳالهه باقي دنيا ۾ ٻه ٽي هزار ورهيه پوءِ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.“ (4)
سنڌ جا ماڻهو ڪڻڪ، ڪپهه کان سواءِ سارين جا فصل پڻ پوکيندا هئا. اڳ سڄي دنيا ائين وسهندي هئي ته سڄي دنيا ۾ پهريان پهريان چانورن جي پوک فلپائين ۾ ئي ٿي. پر سنڌو سڀيتا جي قديم آثارن جي کوٽائين مان معلوم ٿيو آهي ته فلپائن کان به ڪي صديون اڳ سنڌ جا هاري ناري سارين جي پوک ڪندا هئا. ڪجهه سال اڳ فلپائين جو ائگريڪلچر جو ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان جي دوري تي آيو ته هو موهن جي دڙي تي به گهمڻ ويو، اتان هن هڪ ڀت جي مٽي پٽائي ڏسي چيو ته اڳ اسان ائين سمجهندا هئاسين ته چانور دنيا ۾ پهريان پهريان فلپائين ۾ ٿيا، پر هتي اچڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي آهي، ته چانورن جي قديم پوک سنڌو ماٿر ۾ ئي ٿيندي هئي. ڇو جو ڇو جو ڀتين تي لڳل گاري ۾ ڪڻڪ جي بهه سان گڏ سارين جا توتڙ ۽ چانورن جا اڌڙ به مون کي نظر اچن ٿا.
[b]هنر ۽ ڪاريگري
[/b]
موهن جي دڙي مان جيڪي برتن مليا آهن، اهي سنڌو درياهه جي چيڪي مٽيءَ مان ٺهيل آهن. جن ۾ چن ۽ ابرق جا ذرا شامل آهن. اهي برتن ڪنڀر جي چڪ تي ٺاهيل آهن. ڪجهه ٿانون ڳاڙهسري مٽيءَ مان جڙيل آهن ۽ انهن تي ڪاري پالش ٿيل آهي. ڪجهه اهڙا برتن به مليا آهن، جيڪي ٻارن کي کير پيارڻ لاءِ استعمال ٿيندا هوندا. هتي ڪانسيءَ ۽ مٽيءَ جون اهڙيون سرمداڻيون به لڌيون آهن، جن جو منهن تمام سوڙهو آهي. ٻيا به هار سينگار جا پٿر جا ٺهيل اوزار مليا آهن. پاڻيءَ جا مٽ ۽ کٽاڻ ٺاهڻ جون برنيون به مليون آهن. برتنن کان سواءِ مٽيءَ جا ٻيا ڪيترائي سامان مليا آهن، جيئن مٽيءَ جا ڦيٿا، چوڙيون، گلدان، ڪٽورا، صراحيون، هنڊيون، مٽڪا ۽ ان رکڻ جا برتن به شامل آهن.
آمري جا ٿانون ڏسڻ بعد آمريءَ جي ڪنڀرن کي داد ڏيڻو پوي ٿو. هنن جون بهترين قسم جون دکيون جن تي ٿلهن ڪارن پٽين تي لاڳيتا ٽڪنڊا ٺـهيل آهن، ڏسي اچرج پيو لڳي ته اڄ به اٽڪل ساڳيو هنر ۽ نمونو سنڌ اندر موجود آهي. ڪوٽڏيجي مان مليل ٺڪر جي ٿانون مان معلوم ٿئي ٿو ته اهي ٺڪر جي ٿانون ٺاهڻ ۾ ڪافي ترقي ڪري چڪا هئا. سندن ڪوزي گري جو هنر تمام اوچي درجي جو معلوم ٿئي ٿو. هو پنهنجن ٿانون تي عام طور پينٽند ڪندا هئا. (5) جهڪر جي دڙي مان ٽامي جي ٺهيل ڀالي جو منهن لڌو آهي، جيڪي اسان جا ڪاريگر هٿيار طور جوڙيندا هئا. نارو جي دڙي مان پڻ رانديڪن جون گاڏيون، چوڙا ۽ ٺڪر جا ٿانون مليا آهن. نال جي قبرستان مان ٽامي جون ڪهاڙيون ۽ چاقن جا ڦر لڌا ويا آهن. ڪوٽڏجي جي کوٽائي مان تيرن جا منهن ۽ راند ڪرڻ جا بلور مليا آهن.
موهن جي دڙي مان ٽامي ۽ مُٺ جا به ڪافي ٿانون مليا آهن. جيڪي گهريلو استعمال جي برتنن، ڪهاڙين، خنجرن، چاقن، بڙڇين، ڪٽارن، تيرن، منڊين، ڪنن جي والين تي ٻڌل آهن. ان دور ۾ تمام گهڻيون شيون ٽامي ۽ مٺ مان ٺاهيون وينديون هيون. سنڌو ماٿر جي سڀيتا جي وارثن جا اوزار ۽ هٿيار پٿر، ڪانسي ۽ ٽامي جا ٺهيل آهن. پر اهي مفيد، مضبوط ۽ عمدا ناهن. ۽ انهن سان ڪابه جنگ ڪري نه ٿي سگهجي. نيزن جا ڦر، ڪٽار، ڀالا، ڪهاڙيون، تير ڪمان، بڙڇيون، تيشيون، گرز سنڌو ماٿر جي قديم شهرن ۽ ڳوٺن مان ججهي تعداد ۾ مليا آهن. اهي سڀ ٽامي يا مٺ جا آهن. نيزا ڏاڍا نازڪ آهن، جي انهن کي هٿ سان ٿورو زور ڏجي ته چٻا ٿي پون ٿا. تامي جي مليل گرزن ۽ ٻين اوزارن تي ڪجهه تحرير ٿيل آهي. مليل اوزارن ۾ ناچڻيءَ جو هڪ مجسمو، مينهن ۽ ٻڪريءَ جا مجسما به ذڪر ڪرڻ جهڙا آهن. هاٿي جي ڏندن مان ٺهيل به ڪافي شيون مليون آهن، جنهن مان پتو پوي ٿو ته هاٿي جي ڏندن جو ڪم هتي ترقي ڪندڙ هو.
[b]شڪار[/b]
سنڌو سڀيتا جا وارث گوشت پڻ واپرائيندا هئا، هو پالتو جانورن کان سواءِ جهنگلي جانورن جو شڪار ڪري به گوشت حاصل ڪندا هئا. هڪ مهر تي ٻن ماڻهن کي تير ذريعي شڪار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. موهن جي دڙي جي هڪ جڳهه تان گهڻي انداز ۾ تير مليا آهن. تصويري تحرير ۾ به تير ڪمان جو نشان ملي ٿو. مٽيءَ جون پڪل گوليون يا گليليون به مليون آهن. جن مان ڪمان جي شڪل جي گليلي جي ذريعي پکين جو شڪار ڪيو ويندو هو. مڇي پڪڙڻ جون ڪنڊيون به وڏي تعداد ۾ مليون آهن. هتي جا رهواسي جانور به پاليندا هئا، جانورن جو گوشت رڌي کاڌو ويندو هو. ڇو جو گهٽين ۽ گهرن مان مينهن، ٻڪري، ورياهي ۽ سامونڊي مڇيءَ جون تمام گهڻيون هڏيون مليون آهن.
[b]سائنس جي جنم ڀومي سنڌو ماٿر هئي:
[/b]
موهن جي دڙي جا ماڻهو اڍائي هزار سال ق-م ۾ چوماسي وارين هوائن ۽ سنڌوندي ۾ ٻوڏ جو اڳواٽ اندازو لڳائڻ لاءِ پٿر جا ڪئلينڊر استعمال ڪندا هئا. فنلينڊ جي قديم آثارن واري ماهر ڊاڪٽر ايرڪا مائولا انهن پٿر وارن ڪئلينڊرن جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي. يونائٽيڊ نيوز آف انڊيا کي هن ٻڌايو آهي ته اهي پٿر دنيا جا پهريان سائنسي اوزار آهن. ڊاڪٽر مائولا دعوى ڪئي آهي ته سائنس جي جنم ڀومي ميسوپوٽيميا يا مصر نه پر سنڌ آهي. هن چيو آهي ته موهن جي دڙي ۽ هڙاپا مان لڌل انهن پٿرن کي گول پٿر، ڇليدار پٿر يا مخروطي پٿر وغيره سڏيو ويندو هو. هن موجب 40-45 سينٽي ميٽر قطر وارن انهن پٿرن جو وزن 40 ڪلوگرام (اٽڪل هڪ مڻ) ٿيندو. انهن پٿرن جي ٻنهي پاسن کان وچ وٽان 2 سوراخ آهن ۽ سندن لسي سطح تي ڪيترائي نشان آهن. جيڪي کوٽي ٺاهيا ويا آهن. ڊاڪٽر مائولا موجب انهن مان 3 پٿر اهڙا آهن جن تي اڪريل نشان اڃا تائين محفوظ آهن. فنلينڊ جي ماهر موجب اهي وڏا ڇليدار پٿر جيڪي موهن جي دڙي ۽ بمبئي ميوزمن ۾ محفوظ آهن، نه رڳو ڪئيلينڊر جو ڪم ڏيندا هئا پر اهي (دوربين کان سواءِ) علم نجوم جي اوزار طور پڻ استعمال ڪيا ويندا هئا. جن ذريعي سج جي لهڻ ۽ اڀرڻ، ٻين آسماني تارن جي ظاهر ٿيڻ ۽ گم ٿيڻ ۽ ڌرتيءَ جي بدلجندڙ حالتن جو اڀياس ڪري سگهبو هو. انهن پٿرن کي سنڌو ماٿر جي قديم علم فلڪيات وارن آثارن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. مائولا موجب انهن مان 5 پٿر صحيح سلامت مليا آهن. جن مان هڪ مرڪزي ڪئيلنڊر جي حيثيت رکي ٿو. جيڪو سڄي معاشري لاءِ آهي. ۽ ٻيا ننڍا ڪئلينڊر آهن جيڪي مختلف مقصدن جهڙوڪ زراعت، واپار، شڪار ۽ لاباري لاءِ استعمال ٿيندا هوندا. (6)
سنڌ ماٿر جا رهواسي مهينا چنڊ مطابق شمار ڪندا هئا. هتي چنڊ جي حساب سان هلالي مهيني جو رواج هيو. ان حساب سان موسمن جو به شمار ڪندا هئا. هو چنڊ جي رفتار سان پنهنجا ڏڻ ملهائيندا هئا. موهن جي دڙي جا رهواسي هرهڪ موسم جا چار مهينا شمار ڪندا هئا. تور، ماپ ۽ جوتش جو علم هتي عام هيو.
ٻئي طرف رياضيءَ جي هڪ روسي ماهر آءِ اي ولدروسڪيءَ 1984ع ۾ بخارسٽ ۾ سڏايل تاريخ ۽ سائنس متعلق بين الاقوامي ڪانگريس کي ٻڌايو ته موهن جي دڙي مان هٿ آيل مهرن جي ڪمپيوٽر ذريعي اڀياس مان معلوم ٿيو آهي ته سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو ”علم فلڪيات“ بابت وڏي ڄاڻ رکندا هئا. هن ڪانگريس کي ٻڌايو ته هڪ مهر تي مڇيءَ جي شڪل لفظ ”من“ پيش ڪري ٿي، جنهن جي تامل ٻوليءَ ۾ معنى آهي مڇي ۽ مڇيءَ مان مراد تارن وارو ڄاتل سڃاتل برج آهي. اهڙيءَ طرح ڇهن تارن واري جهڳٽي واري (دب اصغر) ۽ ستن مڇين واري جهڳٽي (دب اڪبر) جي نشاندهي ڪري ٿو. (7)
سنڌ جي قديم باشندن ڳڻڻ جو فن ايجاد ڪيو ۽ شين جو وزن ڪرڻ يا وقت ۽ فاصلي جي پيمائش جا آغاز به هتان ٿيو. ڇو جو ڳڻڻ جون مٽيءَ جون گوليون ۽ تورڻ جا وٽ اسان کي سنڌ جي قديم آثارن مان مليا آهن. سنڌي ماڻهو لکڻ پڙهڻ جي فن کان اڳ ڳڻڻ ۽ تورڻ جو فن ايجاد ڪيو. هڪ ماهر گريئرسن ٻڌائي ٿو ته سنڌو ماٿر جا رهواسي ڳڻپ ڪري ڄاڻندا هئا، هو انگ ڳڻڻ ۽ حساب ڪتاب رکڻ جا ماهر هئا. هو ويهون ويهون ڪري ڳڻيندا هئا ۽ سٺ بدران ٽي ڪوڙيون يا ٽي ويهون ڪري چوندا هئا. جيڪو طريقو اڄ به سنڌ اندر رائج آهي. (8)
موهن جي دڙي مان پٿرن جا نهايت صفائي سان ٺهيل ٽڪرا ملن ٿا. جيڪي وزن ڪرڻ لاءِ وٽن طور استعمال ٿيندا هوندا. انهن ۾ ڪي وٽ ته ايترا وڏا آهن، جو کين رسن سان کڻڻو پوندو هوندو. ڪي ته وري ايترا ننڍڙا آهن، جو انهن سان سون ۽ چاندي توريو ويندو هوندو. موهن جي دڙي مان مليل ننڍا وٽ خاڪي رنگ جي سليٽ جا هئا. تارازو گهٽ مليا آهن. تقريبن هڪ سو پنجاهه جڳهن تي پيمائش ڪرڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ اندر هڪ ئي وقت ۾ فوٽ ۽ ڪيوبڪ فوٽ ٻنهي طريقن سان پيمائش ڪئي ويندي هئي.
سنڌو ماٿري جي سڀيتا جي وارثن وٽ دنيا اندر پهريون معاشي نظام موجود هو. ڪيناڊا جي ميٿاميٽڪس جي ماهر ڊاڪٽر بريان ويلس (Dr Bryan Wells) طرفان انڊين انسٽيٽيوٽ آف ميٿاميٽيڪل سائنس جي تعاون سان ڪيل تحقيق بعد ثابت ڪيو آهي ته سڌو سڀيتا جي شهري تمدن جي دور ۾ انتهائي بهتر قسم جو معاشي نظام موجود هو. هنن وٽ ماپ، طور ۽ شين جو ملهه طئه ڪرڻ جو نظام موجود هو. اناج جي تور ڪئي ويندي هئي. جنهن لاءِ مختلف وزن جا وٽ ٺاهيا ويا هئا. (9) روزمره جي استعمال جي شين جي مٽاسٽا به ڪئي ويندي هئي، مزدورن کي پگهار ڏني ويندي هئي. جيڪا ناج ۽ روزمره جي استعمال جي شين جي صورت ۾ هوندي هئي.
[b]موهن جي دڙي جا ماڻهو جيوميٽري جي علم کان واقف هئا.
[/b]
مشهور آمريڪن سنڌي محقق پروين ٽالپر پنهنجي ڪتاب" اڍائي هزار کان ڏيڍ هزار سال قبل مسيح تائين سنڌو ماٿري جي سڀيتا ۾ جاميٽري جا اهڃاڻ" ۾ تحقيق ڪري ڄاڻايو آهي ته موهن جي دڙي جا ماڻهو جيوميٽري جي علم کان واقف هُئا جنهن لاءِ هن موهن جي دڙي جي لپي (اسڪرپٽ) جي هر اکر کي کڻي ان کي ثابت ڪيو آهي ته انهن مان هرهڪ جيوميٽريڪل پئٽرن موجب جڙيل آهي۔ (10)
[b]مهرون
[/b]
سنڌو سڀيتا جي وارثن جي ڪامياب ترين تخليق اهي مهرون آهن، جيڪي موهن جي دڙي، هڙاپا ۽ ٻين شهرن مان مليون آهن. ايڏي وڏي تعداد ۾ مهرون مليون آهن جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هر شخص وٽ پنهنجي مهر هوندي هئي. اهي مهرون اسٽيٽائيٽ (Steatite) مان ٺهيل آهن. اهي مهرون اڍائي انچ کان اڍائي چورس انچ تائين مختلف سائيزن جون آهن. عام سائيز 7، 11 ۽ 2-1 انچ جون آهن. هي مهرون چورس شڪل جون آهن. جن تي جانورن جون تصويرون ۽ تحرير چٽيل آهي. ڪجهه مهرون مستطيل شڪل جون به آهن. جن تي فقط تحرير لکيل آهي. چورس شڪل جي مهرن جي پاسن تي ٻه سوراخ دار ڪنڊا لڳل آهن ۽ مستطيل مهرن جي وچ ۾ آرپار سوراخ آهن. جن ۾ ڌاڳو ٻڌو ويندو هو. معلوم ٿئي ٿو ته انهن مهرن کي پٿرن مان ڪاٽي ٺاهيو ويو هوندو. بعد ۾ انهن ٽڪرن کي قينچي يا چاقو سان تراشي نقش نگار ۽ تحرير لکي ويندي هوندي. ان بعد انهن تي چن جا تهه ڄمائي کين باهه ۾ پچايو ويندو هوندو. گهڻين مهرن جا نقش موجوده دور جي پتل جي مهرن وانگر ابتا ٺهيل آهن، جڏهن کين ڪنهن هنڌ لڳايو ويندو هوندو ته اصلي تصوير سڌي اچي ويندي هوندي.
[b]ٻيڙيءَ کان جهاز تائين
[/b]
اوائل ۾ انسان شڪار لاءِ ننڍيون ٻيڙيون تيار ڪيون. اهي ٻيڙيون ڪنهن وڏي وڻ جو ٿڙ وچ مان کوکلو ڪري ٺاهيون وينديون هيون. ٿڙ جو هڪ پاسو ڪٽي ۽ پوءِ وچ واري ڳر ڪڍي ان ۾ ويهڻ جي جاءِ ٺاهي ويندي هئي. ٿڙ اوائل ۾ پٿر جي ڪهاڙين سان کوکلو ڪندا هئا ۽ ان کي کهري پٿر سان لسو ڪندا هئا. جيئن ماڻهو ان ٻيڙيءَ ۾ ويهي سولائي سان شڪار ڪري سگهي يا درياهن ۽ ڍنڍن رستي هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ۾ وڃي سگهي.(11)
سنڌو سڀيتا جو پتو پوڻ کان اڳ دنيا وارن جي نظر ۾ ته پهرين جهاز راني جو فن فنيقي قوم ايجاد ڪيو. جن کي ڪنعاني به سڏيو ويندو هو. سندن ملڪ ڪنعان (فنيشيا) شام ۽ فلسطين جي ڪناري وارو ملڪ هو. جنهن ۾ هاڻي شام، لبنان ۽ اسرائيل جا ملڪ اچي وڃن ٿا.(12)
پر جڏهن سنڌ ۾ قديم آثارن جون کوٽايون ٿيون ۽ سنڌو سڀيتا پنهنجي عجائبات سان ظاهر ٿي ته ماهرن کي ان پراڻي راءِ کي تبديل ڪرڻو پيو. ڇو جو فنيشيا کان گهڻو اڳ جهاز رانيءَ جي فن جو پتو سنڌ ۾ پوي ٿو. جهاز رانيءَ جو فن سنڌ ۾ فنيقي قوم کان به گهڻو اڳ هتي موجود هو. جديد تحقيق ته ايتري قدر ثابت ڪيو آهي ته خود فنيشين لوڪ هتان سنڌو ماٿر مان ئي ڪنعان ويا ۽ اتي وڃي تهذيب ۽ تمدن جو بنياد وڌو. اهي هتان جا ئي لوڪ هئا جن ڪنعان ۾ فن جهاز رانيءَ کي عروج تي رسايو. قديم آثارن جو ماهر ڊاڪٽر هال ٻڌائي ٿو ته سنڌي ماڻهو فن جهاز رانيءَ ۾ ڀڙ هئا ۽ سندن واپار ڏکڻ ۾ دکن ۽ سيلون، اوڀر ۾ هند ۽ چين، اولهه ۾ ايران، عراق، يمن ۽ مصر تائين پکڙيل هو. ان ڳالهه جي تصديق بابل ۽ نينوا جي ڪتبن ۾ ملي ٿي. جن ۾ سنڌو ۽ سمير جو پاڻ ۾ گهاٽو سٻنڌ ٻڌايو ويو آهي. (13)
سنڌين جي جهاز رانيءَ جو ٻيو ثبوت اهو مليو آهي ته سنڌ جا ماڻهو سمير ۾ جڏهن پهتا ته اتان جي ماڻهن، جن اڳ ڪڏهن جهاز ڪونه ڏٺا هئا ۽ نه وري سامونڊي سفر کان واقف هئا، تن جهازن ۾ چڙهي آيل نون ماڻهن کي ’اوئنس‘ سڏڻ شروع ڪيو. اوئنس انهن راڪاسن کي ڇئبو آهي، جيڪي خشڪيءَ تي به هلي سگهن ۽ پاڻيءَ تي به تري سگهن. اهي سنڌو ماٿر جا باشندا ئي هئا، جيڪي سمنڊ جي خوفائتي مسافري طئه ڪري بابل پهتا. ۽ بابل ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. بابل جي ڪتبن ۾ اوئنس جو مٿيون ڌڙ ماڻهوءَ جو ۽ هيٺيون ڌڙ مڇيءَ جو ٻڌايو ويو آهي. (14) بابل ۾ جڏهن سنڌي ماڻهو جهازن ۾ پهتا ته پهريون ڀيرو سمنڊ رستي ايندڙ ماڻهن کي ڏسي بابل واسي تعجب ۾ پئجي ويا ۽ هنن انهن کي عجيب ۽ غريب مخلوق سمجهي کين اهڙي راڪاس سان تشبيهه ڏني ۽ انهن جو پنهنجن ڪتبن ۾ عجيب طريقي سان ذڪر ڪيو. سنڌو ماٿر کان آيل ماڻهن کي ڳچيءَ کان پيرن تائين عجيب پوشاڪ ۾ ڏسي هنن مڇيءَ سان تشبيهه ڏني.
سنڌو سڀيتا جي دور ۾ مڪران جي سامونڊي ڪناري تي دشت نديءَ جي واديءَ ۾ ”ستڪگين در“ ۽ شادي ڪرونڊيءَ جي ماٿر ۾ ”ستڪگين ڪوهه“ سنڌ ۽ عراق وچ ۾ جهاز رانيءَ جا ٻه وڏا مرڪز هئا. جتي سامونڊي جهاز لنگر هڻندا هئا.(15) ساڳئي ئي وقت کنڀات جي نار جي ڪناري تي لوٿل نالي شهر جي کوٽائي مان سامونڊي جهازن ٺاهڻ جي هڪ گودي ملي آهي، جيڪا سڄي پڪين سرن جي ٺهيل آهي. (16)
[b]واپار:
[/b]
مسٽر پگٽ لکي ٿو ته؛ ”موهن جي دڙي ۽ هن علائقي جي ٻين شهرن ۾ يڪسانيت ۽ هڪ جهڙائي جيئن پڪيون سرون، برتن هڪ جهڙا ۽ معياري، هر جڳهه تي هڪ ئي رسم الخط مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته موهن جي دڙي تي واپاري طبقو حاوي هيو. جيڪو سمنڊ پار جي ڏوراهن ڏيهن ڏانهن پنهنجو مال وڪڻڻ ويندو هو ۽ ان واپار جي خاطر هنن ملڪ اندر هر جڳهه تي رستا ۽ سٺا شهر تعمير ڪرايا ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجون ڪوٺيون قائم ڪيون.“ (17)
بابل ۽ نينوا جي ڪتبن ۾ سنڌ جي شربتي ململ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جنهن کي ’سنڌو‘ سڏيو ويندو هو. ان مان خبر پوي ٿي ته سنڌ جا هنرمند ململ جو ڪپڙو تيار ڪري پرڏيهه ۾ وڪرو ڪري ناڻو ڪمائيندا هئا، يا ان جي بدلي اتان شيون خريد ڪري هتي آڻيندا هئا. سنڌ جا رهواسي بابل ۽ نينوا ڏانهن مصالحو، سرهاڻ، ناريل ۽ نير پڻ کڻي ويندا هئا. (18)
ڪئليفورنيا يونيورسٽي آمريڪا جي ماهر جوناٿن مارڪ تحقيق بعد ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جا رهواسي موهن جو دڙو واري دور ۾ افغانستان، ميسوپوٽيميا ۽ ايران سان ڪوڏن ۽ سپن جو واپار سمنڊ رستي ڪندا هئا. موهن جي دڙي جي رهواسين ان واپار کي ڪافي زور وٺايو. موهن جي دڙي مان اهڙي سپ ملي آهي ۽ اهڙيون سپون مڪران ۽ سبي جي علائقي مان پڻ مليون آهن. مڪران جي علائقي مان کوٽائي دوران هٿ آيل 6 هزار سال پراڻو هار جيڪو سپن جو ٺهيل آهي، ان ڳالهه جي ثابتي ڏئي ٿو ته هتي اهو واپار ۽ صنعتي شين جي ٻين ملڪن سان مٽاسٽا عروج تي هئي.(19)
سنڌو سڀيتا جي دور ۾ سنڌ مان ململ کان سواءِ نير ۽ دوائون به ٻين ملڪن ڏانهن موڪليون وينديون هيون. موهن جي دڙي مان ڪاري رنگ جو سلاجيت ۽ ڦاڙهي جا سنڱ به هٿ ڪيا ويا آهن. سنڌ جا باندر، مور ۽ عاج بيت المقدس تائين هتان جا واپاري کڻي ويندا هئا. (20)
[b]واپار لاءِ پرڏيهه ويندڙ شيون
[/b]
ڪوٽڏيجي مان 3000 ق م ۾ سوٽي ڪپڙو، ڪاٺ ۽ ميندي ميسوپوٽيما موڪلي ويندي هئي. مصر جا فرعون سنڌ جي ميندي هٿن ۽ پيرن کي لڳائيندا هئا. جنهن جون ثابتيون مصر جي قديم ممين مان مليون آهن. (21)
هندوازم ڪتاب جو مصنف ڪي ايم سين ڄاڻائي ٿو ته سنڌو ماٿر جي سڀيتا جو بنياد وجهندڙن کي چاندي، ٽامي، جست ۽ پتل جي استعمال ڪرڻ جي ڄاڻ هئي ۽ هو لکڻ پڙهڻ ڄاڻندا هئا. وٽن واپاري طبقو هو ۽ هو ڪن هنرن ۽ ڪاريگريءَ ۾ تمام هوشيار هئا. ان ئي وقت ۾ چانهون جو دڙو ”زيورن جو شهر“ سڏيو ويندو هو. زيور سون، چاندي، ٽامي ۽ ٻين ڏاتن مان ٺاهيا ويندا هئا.
جپان جي ماهرن جي هڪ ٽيم طرفان سنڌو سڀيتا جي قديم ماڳن، درياهي وهڪرن ۽ سامونڊي ڪناري تي آباد وسندين تي 5 سال تحقيق ڪئي وئي. ڪويوٽو جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ فار هيومنٽي اينڊ نيچر (Research Institute for Humanity and Nature, Kyoto) جي پروفيسر ايميريٽس توشاڪي اوساڊا (Professor Emeritus Toshiki Osada) جي سربراهي ۾ ماهرن جي هن ٽيم ۾ مختلف ملڪن جا 40 محقق ۽ سائنسدان شامل هئا. جپان جي هن ٽيم طرفان انڊيا ۾ سنڌو سڀيتا سان واسطو رکندڙ 2 قديم ماڳن جي کوٽائي ڪئي وئي. هن ٽيم طرفان کوجنا بعد ٻڌايو ويو ته سنڌو سڀيتا جي شهرن جو پاڻ ۾ واپاري نيٽ ورڪ موجود هيو. ان نيٽ ورڪ يا ڳانداپي سبب سنڌو سڀيتا جي رهواسين وچ ۾ گهڻ ثقافتي ۽ گهڻ لساني تهذيب جنم ورتو. ان کان اڳ اهو خيال ڪيو ويندو هو ته سنڌو سڀيتا جا شهر ڪنهن هڪ مرڪزي اٿارٽي جي اثر هيٺ هيا. پروفيسر اوساڊا موجب ان دور ۾ سنڌو سڀيتا جي مختلف مقامي برادرين ۾ واپار رستي هڪ مضبوط نه پر ڍلي قسم جو سياسي ۽ انتظامي ڳانڊاپو موجود هو. جپاني ماهرن جي هن ٽيم طرفان ٿيل تحقيق (22) موجب سنڌو سڀيتا جي وارثن جي رياست مضبوط مرڪزيت جي بنياد تي قائم نه هئي پر انهن ۾ هڪ ٻئي جي ثقافت، ٻولي ۽ مفادن جي احترام جي بنياد تي لاڳاپا قائم هئا.
جپاني محققن موجب ان وقت سنڌو سڀيتا جا ٻه يعني موهن جو دڙو ۽ هڙاپا اهم مرڪز نه هيا پر 5 مرڪزي شهر هئا. جن ۾ موجوده پاڪستان ۾ گنويروالا، انڊيا جي رياست گجرات جي ضلعي ڪڇ ۾ ڍولا ويرا ۽ هريانا رياست جي هسار ضلعي ۾ راکي ڳڙهي به اهم شهري مرڪز هيا. جپان جي هوسي يونيورسٽي (Hosei University) جي فزيڪل جاگرافي جي ماهر پروفيسر هدياڪي مائيموڪو (Hideaki Maemok) موجب سنڌو سڀيتا جا قديم ماڳ شهر ۽ وسنديون رڳو وڏن درياهن جي ڪنارن تي آباد نه هيون، پر ان وقت موجود ٻين پاڻي جي ننڍن ننڍن وهڪرن جي ڀرسان به آباد هيون، جيڪي هن وقت پنهنجو وجود وڃائي ويٺا آهن. ڍولا ويرا مان اهڙيون ثابتيون مليون آهن ته هن شهر رستي سامونڊي واپار ٿيندو هو. ڍولا ويرا جا رهواسي عراق جي شهر ميسوپوٽيما سان واپار ڪندا هئا. (23) سنڌو سڀيتا جا ڪافي ماڳ نه رڳو درياهن پر سامونڊي ڪناري ڀرسان به هوندا هئا. ان وقت سمنڊ جون ڇوليون ڍولا ويرا شهر سان ٽڪرائبيون هيون.
موهن جو دڙو هڪ واپاري منڊي هئي. هتان ويجهن علائقن کان سواءِ ڏوراهن ڏيهن ڏانهن واپار پڻ ڪيو ويندو هو. موهن جي دڙي ۽ هڙاپا مان لاتعداد بيل گاڏين جا آثار مليا آهن، جن مان اندازو ٿئي ٿو ته سامان کڻي اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ بيل گاڏيون به استعمال ڪيون وينديون هيون. موهن جي دڙي جا ماڻهو جانورن کي بار ڍوئڻ ۽ گاڏين هڪلڻ لاءِ پڻ استعمال ڪندا هئا. موهن جي دڙي مان ڏاندن جون هڏيون ملڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته ڏاند هتي بار ڍوئڻ ۽ سواري لاءِ پڻ استعمال ٿيندو هو. بيل گاڏين ۽ جانورن کان سواءِ هتي ٻيڙين ذريعي به سامان آندو ويندو هو. سنڌوندي جهاز رانيءَ لاءِ انتهائي موزون رهي آهي. ان دور ۾ وڏيون ٻيڙيون آسانيءَ سان هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏانهن سامان کڻي وينديون هيون. ڪاٺ مان ٺهيل ٻيڙيون ضرور موجود هونديون، پر اهي وقت گذرڻ سان سڙي رک ٿي ويون هونديون. ان هوندي به ڪجهه اهڙيون ثابتيون مليون آهن، جيڪي ان سلسلي ۾ اسان جي رهنمائي ڪن ٿيون. مثلن هڪ مهر تي ٻيڙي جي تصوير ملي آهي. ان مان ظاهر آهي ته هتان جا ماڻهو ٻيڙي ٺاهڻ ۽ ان کي هلائڻ جي مهارت رکندا هئا.
سنڌو ماٿر مان مختلف سامان پرڏيهه روانو ڪيو ويندو هو ۽ اتان وري هتي نه ملندڙ شيون ۽ سامان آندو ويندو هو. مثلن فيروزه، گيروب، رال، خاص قسم جا هڏا، هاٿي ڏند، سيپ، گهونگها وغيره موجود هجڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته اهي شيون ٻاهران آنديون وينديون هيون. ٻاهران گهرايون ويندڙ شين ۾ هيٺيون شيون ذڪر ڪرڻ لائق آهن:
1. سنگمرمر: راجپوتانا، 2. سون: ڏکڻ هندستان، افغانستان، ايران، 3. چاندي: ڏکڻ هند، افغانستان، ايران، آرمينا، 4. ٽامون: ڏکڻ هند، افغانستان، راجپوتانه، 5. قلعي: افغانستان، ايران، راجپوتانه، 6. فيروزه: ايران، خراسان، 7. سنگ جراحت: ڪاٺياواڙ ۽ بلوچستان، 8. ياقوت: ڏکڻ هندستان، 9. سليٽ جو پٿر: راجپوتانه، 10. عقيق: راجپوتانه، ڪاٺياواڙ، ڪشمير وغيره.
وسڪونسن ميڊيسن يونيورسٽي آمريڪا جي پرو فيسر جوناٿن مارڪ ڪينوئر 1986ع ۾ پرو فيسر جارج ايف ڊيلس سان گڏ موهن جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪري اهم نتيجا سامهون آندا. (24) وسڪونسن ميڊيسن يونيورسٽي (University of Wisconsin – Madison) آمريڪا جي پروفيسر جوناٿن مارڪ ڪينوئر موجب 2600 سال قبل مسيح کان 1900 سال قبل مسيح تائين دنيا جي خشڪي توڙي بحري سڀني واپاري رستن تي سنڌو سڀيتا جي واپارين جو مڪمل ضابطو رهيو هو۔
[b]ٽرانسپورٽ
[/b]
قديم آثارن جي ماهرن موجب سنڌو ماٿري جي معيشت واپار تي دارومدار رکندي هئي. سنڌو سڀيتا جي وارثن واپار سبب ئي ٽرانسپورٽ جي ٽيڪنالاجي ۾ مهارت حاصل ڪئي. سنڌو سڀيتا دنيا جي پهرين تهذيب هئي، جنهن ڦيٿي کي ٽرانسپورٽ طور استعمال ڪيو. هن سڀيتا جي وارثن ڏاند گاڏين جي ايجاد ڪئي. جيڪا قديم دور جي انسان جي هڪ وڏي سائنسي ايجاد ۽ ترقيءَ طرف اڳڀرائي هئي. ڏکڻ ايشيا جي قديم آثارن تي تحقيق ڪندڙ ماهرن مچيل ڊي پيٽراگاليا ۽ برڊگيٽ آلچن موجب سنڌو ماٿري جي رهواسين واپار خاطر ڏاند گاڏيون ۽ ٻيڙيون ايجاد ڪيون. (25) اڄ به ڏکڻ ايشيا ۾ ڏاند گاڏين جو استعمال ٿي رهيو آهي. سندن ايجاد ڪيل ٻيڙيون ننڍيون هونديون هيون. ان قسم جون ٻيڙِون اڄ به سنڌو درياهه ۾ مهاڻا مڇي جي شڪار لاءِ استعمال ڪندا آهن. ماهرن موجب هن ماٿري جا ماڻهو سمنڊ رستي واپار لاءِ ننڍا غوراب استعمال ڪندا هئا. اولهه انڊيا جي قديم ماڳ لوٿل جي کوتائي بعد قديم آثارن جي ماهرن ان قسم جا ثبوت هٿ ڪيا آهن. ماهرن موجب لوٿل ۾ هڪ سامونڊي بندر گاهه جي گودي جا به آثار مليا آهن. سنڌو ماٿري ۾ هڪ ڪينال نيٽ ورڪ به موجود هو. جيڪو درياهن مان نڪتل قدرتي وهڪرن تي مشتمل هو. قديم آثارن تي تحقيق ڪندڙ ماهرن مچيل ڊي پيٽراگاليا ۽ برڊگيٽ آلچن موجب سنڌو ماٿري ۾ ٽامي جي دور (copper age) 4300 ق م کان شروع ٿيو. ان دور ۾ هن ماٿري جا ماڻهو ترڪمنستان ۽ ڏکڻ ايران سان به واپار ڪندا هئا. ترڪمنستان ۽ ايران جي قديم آثارن مان ماهرن کي اهڙا آثار مليا آهن.
[b]حوالا ۽ سمجهاڻيون:
[/b]
1. پنهور، ايم ايڇ، سنڌ جي ريجاڻي تاريخ، ڪراچي، 2013ع، باب ستون
2. قاسمي، مولانا رسالو الرحيم سنڌي، حيدرآباد، 1967ع
3. ايم ايڇ پنهور، سنڌ جي ريجاڻي تاريخ، ڪراچي، 2013ع، (باب ستون)
4. Marshall, Sir John “Mohen jo Daro and Indus Civilization” Vol: 1, P-VI
5. Khan, Dr. F.A, “Preliminary report on Kot Diji Excavation” 1956-58
6. روانه هلال پاڪستان 31 ڊسمبر 1983ع
7. روزانه هلال پاڪستان ڪراچي، 21 ڊسمبر 1984ع
8. Graersen, “Linguistic Survey of India” Vol: 1, Part 1, P-35-132
9. Dr Bryan Wells, “Indus Valley's Bronze Age civilisation 'had first sophisticated financial exchange system”, http://www.telegraph.co.uk/news/worldnews/asia/india/6584160/Indus-Valleys-Bronze-Age-civilisation-had-first-sophisticated-financial-exchange-system.html
10. Talpur, Parveen, Evidence of Geometry in Indus Valley Civilization 2500-1500 B.C. Sindhology Department, University of Sindh, Jamshoro. 1995
11. انسان بڙا ڪيسي بنا، ص- 156-158
12. Philip, Hitti, “History of Syria” P-100
13. Hall, H.R, “Ancient History of Near East” P-171-174
14. Siecus, “History of Persia” Vol: 1, P-6
15. اسٽيئن، آئرل ”آرڪيالاجيڪل ٽوئر آف گدروسيا“ ڪلڪتو، 1931ع، ص-71
16. Wheeler, S.M, “Indus Civilization” P-51-52
17. Piggott, Sturat “Pre-Historic India” 1950
18. Majumdar, R.L, “History and Culture of Indian People” Bombay, 1955, Vol: 2, P-611-612
19. جوناٿن مارڪ ”سنڌو ماٿر ۾ ڪوڏن ۽ سپن جو واپار“ جي موضوع تي ڪئليفورنيا يونيورسٽي آمريڪا طرفان ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ لاءِ مقالو لکندي اهڙو انڪشاف ڪيو آهي. ڏسو عبرت 7 نومبر 1981ع
20. شيدائي، تمدن سنڌ، ص-29
21. Panhwar, M.H, Six thousand years of History of Irrigation in Sindh, April 2011 (PDF Edition)
22. Osada, Professor Emeritus Toshiki "Indus: Exploring the Fundamental World of South Asia" and "The Riddle of the Indus Civilization," Kyoto University Press, October 2013
23. http://asia.nikkei.com/magazine/20131219-Power-play/Culture/Japanese-researchers-help-unravel-mystery-of-the-Indus-civilization
24. Jonathan Mark Kenoyer, “Mohenjo-Daro”, http://www.mohenjodaro.net/
25. Michael D. Petraglia, Bridget Allchin, The Evolution and History of Human Populations in South Asia, Netherlands 2007, Ref: https://books.google.com.pk/books?id=Qm9GfjNlnRwC&pg=PA18&lpg=PA18&dq=Evolution+%26+Human+Origins+in+Indus+valley&source=bl&ots=7VbPi2qT6i&sig=deYXzfGE5jXxOwV6eBYU7goPKM&hl=en&sa=X#v=onepage&q=Evolution%20%26%20Human%20Origins%20in%20Indus%20valley&f=false