سنڌو سڀيتا جي وارثن جي ٻولي ۽ لپي
سنڌ ۾ آمري مان مليل ٿانون جي تهه تي جيڪي چٽ چٽيل آهن، انهن چٽن ۾ لکت جا پڻ نشان ملن ٿا. اهي سادا نشان مخروطي نموني جا پيا لڳن. اهڙي لکت اسان کي آمريءَ جي هيٺين تهه کان وٺي آمريءَ جي شهري تمدن (موهن جي دڙي واري تهذيب) واري دور جي تهه تائين ملي ٿي. آمري ۾ ٿانون تي لکت جا ڪل 39 نمونا مليا آهن. جن مان ڪي موهن جي دڙي جي لکت سان واسطو ۽ مشابهت رکندڙ آهن.(1)
جنهن وقت دنيا جي ٻين ٻن وڏين تهذيبن ميسوپوٽيما ۾ ڪيونيفارم ۽ مصر ۾ هيروگلافڪ اسڪرپٽ موجود هئي. ان وقت سنڌو ماٿري ۾ تصويري رسم الخط رائج هئي، مارڪ ملر (MARK MILLER) موجب سنڌو سڀيتا جي شهري مرڪزن مان مهرن، تائٿن، پٿر جي ڦرهين ۽ ڌات جي ٽڪرن تي ان لکت جون 985 کان وڌيڪ نشانيون يا حرف مليا آهن. جيڪي اڃا سوڌو پڙهجي نه سگهيا آهن. (2) جنهن سبب هڪ صدي گذرڻ باوجود اها ڳجهارت سلهجي نه سگهي آهي ته سنڌو سڀيتا جا وارث ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندا ها. سنڌو ماٿر جي ماڻهن پڪٽوگراف رسم الخط ايجاد ڪئي. اها ساڳي صورتخطي اولهه ايشيا ۾ هتان سنڌ مان وئي. ان رسم الخط کي اولهه ايشيا ۾ رائج ڪرڻ جو سهرو سميري ثقافت جي وارثن تي آهي. جن جا پڻ سنڌو ماٿر جي وارثن سان ويجها ۽ گهاٽا لاڳاپا هئا.
سنڌ ۾ قديم آثارن جي کوٽائي کان اڳ ماهرن وٽ اها راءِ موجود هئي ته تحرير جو فن سڀ کان پهريان دجله ۽ فرات وارن ايجاد ڪيو. ان بعد مصري تهذيب وارن ۽ ٻين سکيو. موهن جي دڙي جي کوٽائي کان اڳ ماهر ان راءِ جا هئا ته لکڻ جو هنر ساڍا پنج هزار سال پهريان عراق جي شهر اريڪ ۾ ايجاد ٿيو. اريڪ شهر جي کوٽائي 1924ع ۾ جرمن ماهرن ڪرائي ۽ اتان کين هڪ تصويري تحرير ملي. جيڪا 3500 ق-م ڌاري مٽيءَ جي هڪ تختيءَ تي لکيل هئي.
ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته ميسوپوٽيميا جي سمير تهذيب جي لپي موهن جي دڙي جي لپيءَ جهڙي آهي. ٻئي طرف ايشيا مائنر جي تيل رهف ۽ بوگزڪوئي مان جيڪا نهايت پراڻي هٽائيٽ تهذيب ملي آهي، اها ۽ اتان جي پراڻي هٽائيٽ لپي سنڌو تهذيب ۽ سنڌو لپيءَ جهڙي آهي.
ايجپٽ مان سر پيٽراءِ کي اتان جي پهرين انساني آباديءَ جون جيڪي شيون مليون آهن ۽ جيڪا انهن جي پراڻي لپي ملي آهي، سا به سنڌو لپي سان ڪافي حد تائين مشابهت رکندڙ آهي.
پئسفڪ سمنڊ جي نيڪرني ۽ ايسٽرڪيو مان ٿورا سال اڳ هڪ حيرت انگيز پراڻي لپي ۾ لکيل ليک مليا آهن. ان لپيءَ جي جاچ ڪندي معلوم ٿيو آهي ته اها سنڌو لپيءَ جي ئي ڌيءُ هئي. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ايس لئنگڊن (S. Langdon) جهڙي ماهر ان بابت چيو آهي ته،” موهن جي دڙي جي تهذيب وارا ماڻهو پراڻي زماني ۾ پئسفڪ سمنڊ ۾ آمدرفت ڪندا هئا ۽ اها انهن جي ئي لپي ۽ تهذيب آهي. جيڪا ايسٽرڪيو جي کنڊرن ۾ ملي آهي.“
آمريڪا جي پراڻن رهاڪن مايا ماڻهن جي لپي ۽ سنڌو لپيءَ ۾ ڪافي هڪ جهڙائي آهي ۽ ان مان اهو چئي سگهجي ٿو ته پراڻي سنڌي لپي ڪافي پري پري تائين پکڙي. سنڌي ماڻهو جيڪي بعد ۾ آمريڪا ۾ ڳاڙها هندستاني سڏجڻ لڳا، سي سنڌو ماٿر مان آمريڪا پهتا هئا ۽ اتي وڃي پنهنجي ٻوليءَ ۽ لپيءَ کي عام ڪيو هئائون.
سنڌو سڀيتا جي عروج واري دور ۾ ڪيترائي قبيلا سنڌ مان لڏپلاڻ ڪري ٻاهر ويا. ڪي پنجاب واري واٽ وٺي اتر هندستان ڏانهن پکڙڻ لڳا ته ڪي وري سرحد پار ڪري ايران ۽ ان جي آس پاس وارن ملڪن ۾ رهڻ لڳا. ڪي قبيلا سمنڊ رستي سمير، بابل، نينوا ۽ فونيشيا وڃي پهتا. ڪجهه ماهرن موجب فونيشين يا پڻي لوڪ سنڌو ماٿر جي رهواسين جي بڻ بڻياد مان هئا. هنن يورپي ٻولين جي آئيوٽا پنهنجي اصلوڪي مورتي لپيءَ مان پيدا ڪئي. هندستان ۾ وري ان مورتي لپيءَ مان برهمي رسم الخط پيدا ٿيو. ان ڳالهه تي هاڻي ٻوليءَ جا ماهر متفق آهن ته سمير جي مورتي لپيءَ جون ڪيتريون نشانيون سنڌي صورتخطيءَ جون نشانيون آهن. جن کي سميرين محض پنهنجي ٻوليءَ جا آواز ڏئي لکڻ شروع ڪيو. لينارڊ وولي چوي ٿو ته سميرين ماڻهو اوڀر کان اچي فرات جي ڪناري تي آباد ٿيا. سميرين تهذيب تي تحقيق ڪندڙ آمريڪا جي مشهور آرڪيالاجسٽ نوحا ڪريمر جو به ساڳيو خيال آهي. هيروڊوٽس به ان خيال جو آهي ته فونيشين ماڻهو ايريٿرين سمنڊ يعني هندي سمنڊ جي ڪناري کان ٻيڙين ۾ چڙهي آيا هئا. انجيل مطابق حضرت نوح جو اولاد اوڀر کان ”شنار“ (بيبيلان) پهتو هو. اهي اوڀر جا ماڻهو سنڌي ئي هئا. ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ تهذيبي طرح سنڌي تمدن ئي اوڀر ۾ ثابت ٿي سگهيو آهي. اهي سمورا قبيلا پنهنجي اصلوڪي زبان، صورتخطي، مهرن ۽ لکيتن جي صورت ۾ پاڻ سان کڻي ويا. وقت گذرڻ سان انهن ئي نشانين کي ڪتب آڻي، انهن کي نيون معنائون ۽ نوان اچار ڏئي نوان رسم الخط ايجاد ڪيا ويا. هٽي ٻولي ۾ ته نه رڳو نشانيون ساڳيون ملن ٿيون پر خود ڪيترا لفظ هوبهو سنڌيءَ جا ملن ٿا. جيڪي موهن جي دڙي جي زماني جا آهن. ڇاڪاڻ ته هٽي ٻولي موهن جي دڙي جي زماني کان اٽڪل 2500 ورهيه پوءِ جي آهي.
[b]سنڌو ماٿر جي لوڪن جي ٻولي
[/b]
سنڌو سڀيتا جي وارثن جي ٻوليءَ بابت لساني ماهرن ۾ وڏا اختلاف موجود آهن. ان جو وڏو سبب موهن جي دڙي سميت ٻين قديم آثارن مان مليل لکتن جو پڙهجي نه سگهڻ آهي. سنڌو ماٿر جا ماڻهو وڏن دستاويزن لاءِ ڦرها، چمڙي ۽ ڪپڙي جا ٽڪرا ۽ ڪاٺ جون تختيون ڪم آڻيندا هئا، جيڪي وقت گذرڻ سان ڳري، سڙي ۽ مٽيءَ ۾ ملي ويا. ان ڪري ان دور جي ٻوليءَ ۽ لکت بابت انتهائي گهٽ ثابتيون مليون آهن. جيڪي به مهرون ۽ ٻوليءَ بابت ٻيون شهادتون مليون آهن، سي انتهائي گهٽ ۽ اڻ پوريون آهن. ڪي تختيون ۽ مهرون ڀڄي پرزا پرزا ٿي ويون آهن، ته ڪن تي وري هڪ اڌ اکر مس لکيل مليو آهي.
[b]ڇا سنڌو سڀيتا جا وارث لکي پڙهي نه سگهندا هئا؟ هڪ مفروضو
[/b]
ڪجهه ماهرن اها به دعوى ڪئي ته سنڌو ماٿري جي قديم آثارن مان مليل لکتن جا نمونا اصل ۾ ڪابه لکت يا ٻولي نه آهي. پر اهي محض ڪجهه غير لساني نشانيون آهن. انهن ماهرن ۾ رچرڊ اسپروٽ(Richard Sproat) ، مائيڪل وٽزل (Michael Witzel) ۽ سٽيو فارمر (Steve Farmer) شامل آهن. جن مرڳو ان ڳالهه کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ته سنڌو سڀيتا جي وارثن وٽ ڪو لکت جو نظام موجود هو. سندن دعوى مطابق سنڌو ماٿري جا ماڻهو اڻ پڙهيل هيا. هنن وٽ لکت جو ڪوبه نظام موجود نه هو. (3) سندن چوڻ موجب ان ڪري هاڻي سنڌو سڀيتا جي وارثن جي انهن نشانين (لکتن) کي رسم الخط قرار ڏيڻ بند ڪرڻ گهرجي. هنن ماهرن موجب سنڌو ماٿري جي قديم آثارن مان مليل نشانيون محض ڪن مذهبي، سياسي ۽ سماجي عملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ هيون. جن جو ڪنهن لساني ڪارج يا ٻولي يا يادگيريءَ سان ڪوبه لاڳاپو نه هيو. هنن ماهرن جي موجب سنڌو لکت جا ڪي به ڊگها متن نه مليا آهن. ان ڪري مليل نشان ڪنهن رسم الخط جي نمائندگي نه ٿا ڪن. سندن چوڻ آهي ته هاڻي ان مفروضي کي رد ڪرڻ گهرجي ته دنيا جي پهرين الفابيٽ سنڌو ماٿري ۾ ايجاد ٿي.
قديم لکتن تي اڀياس ڪندڙ هڪ نامياري ماهر آسڪو پرپولا (Asko Parpola) سٽيو فارمر، رچرڊ اسپروٽ ۽ مائيڪل وٽزل جي ان ٿيوري کي رد ڪيو آهي ته سنڌو ماٿري جي رهواسين وٽ لکت جو ڪو نظام موجود نه هيو. سندن چوڻ آهي ته آئون انهي راءِ جو آهيان ته سنڌو سڀيتا جي وارثن وٽ لکت جو هڪ نظام هو. محض ننڍين تحريرن ملڻ جي آڌار تي انهن کي لکت جو درجو نه ڏيڻ ڪنهن به طرح عقلي دليل نه آهي. جيتوڻيڪ سنڌو متن سراسري ڊيگهه ۾ پنجن نشانين تي مشتمل آهي. اها خوبي ننڍڙن اسم وارن فقرن جي اظهار ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. اسان محض مهرن ۽ ٻين محفوظ ٿيل شين تي مڪمل جملن جي توقع ڪري نه ٿا سگهون. پوءِ به ليک اسمي فقرا، ٻوليءَ تي بيٺل رسم الخط جي ساک ڀرين ٿا. (4) سندس موجب مصري رسم الخط به ننڍين نشانين تي مشتمل هئي. انهن ۾ اڪثر ڪري ٻه يا ٽي نشانيون هيون، جنهن کي رسم الخط جو رتبو مليو. آسڪو پرپولا سٽيو فارمر، رچرڊ اسپروٽ ۽ مائيڪل وٽزل جي سنڌو ماٿري جي قديم آثارن مان لکڻ جو سامان برش، قلم وغيره نه ملڻ کي بنياد بڻائي سنڌو لکت کان انڪار ڪرڻ واري خيال کي رد ڪندي چيو آهي ته اهي شيون ممڪن آهي ته موجود رهيون هجن، جيڪي بعد ۾ ڳري سڙي فنا ٿي ويون هجن. هڙاپا وارين ٿانون تي چٽيل سنڌو متنن مان اسان کي خبر پوي ٿي ته سنڌو لوڪ لکڻ لاءِ برش استعمال ڪندا هئا. سرڪوٽاڊا ۽ بالا ڪوٽ مان مليل چوڙين ۽ ٻئي سامان مان به برش استعمال ٿيڻ جون شاهديون ملن ٿيون. جيڪي برش بعد ۾ محفوظ نه رهيا هوندا. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ميسوپوٽيميا جهڙي پڙهيل لکيل تهذيب سان لهه وچڙ ۾ رهندڙ سنڌو جي واپارين ۽ شاهوڪار طبقي پنهنجو ڪو لکت جو نظام نه جوڙيو هجي. ماهر ان راءِ جا آهن ته سنڌو ماٿري جي رهواسين ضرور ڊگهيون تحريرون به لکيون هونديون، جيڪي ڪپڙي، چمڙي ۽ ڪن اهڙين ٻين شين تي لکيون ويون هونديون، جيڪي محفوظ رهي نه سگهيون. صرف اهي لکتون ئي محفوظ رهي سگهيون، جيڪي مهرن ۽ ٺڪر جي ٿانون تي موجود هيون. آسڪو پرپولا موجب سنڌو لکت جون نشانيون فقط ڪنهن هڪ قديم ماڳ مان نه مليون آهن، پر اهي وسيع ايراضي تي ڦهليل هن سڀيتا جي ڪيترن ئي ماڳن تان مليون آهن. انهن لکتن ۾ هڪ جهڙائي موجود آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته انهن نشانين ۾ ڪو مفهوم ۽ معنى هوندي، انهن لکتن کي استعمال ڪري پري پري رهندڙ ماڻهو واپار يا ملڪي نظام لاءِ استعمال ڪندا هوندا. (5) جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌو لکت سموري ماٿري ۾ هڪ جهڙي رائج هئي. آسڪو پرپولا موجب جيڪڏهن اهي لکت جون نشانيون نه هيون ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته مختلف علائقن جا ماڻهو هڪ ئي وقت اهڙيون نشانيون استعمال ڪندا هجن.
مشهور آرڪيالاجي ماهر ماسيمو وڊيل (Massimo Vidale) به سنڌو ماٿري جي لکت جي وجود کان انڪار ڪندڙ ماهرن سٽيو فارمر، رچرڊ اسپروٽ ۽ مائيڪل وٽزل جي ان ٿيوري کي رد ڪيو آهي. ماسيمو وڊيل موجب فارمر ۽ سندس ساٿين جو نظريو مفروضن ۽ هوائي ڌڪن تي بيٺل آهي (6) هن پنهنجي تحقيق ذريعي ثابت ڪيو ته سنڌو سڀيتا جي وارثن وٽ لکت جو هڪ نظام موجود هو.
سٽيو فارمر، رچرڊ اسپروٽ ۽ مائيڪل وٽزل جي ان ٿيوري جو رد ڀارتي تامل ٻولي جي لساني ماهر مهاديون به تحقيق ذريعي ڏنو ۽ سندن ان دليل کي رد ڪيو ته سنڌو ماٿري جا ماڻهو اڻ پڙهيل هئا يا لکڻ نه ڄاڻندا هئا. مهاديون سنڌو لکت بابت فارمر ۽ سندس ساٿين جي ان بحث کي هڪ اجايو بحث قرار ڏنو آهي. مهاديون ان معاملي تي پنهنجي جوابي مقالي ۾ چوي ٿو ته قديم آثارن ۽ لسانيات جا تمام مضبوط ثبوت اهڙا موجود آهن، جيڪي ڏيکاري سگهن ٿا ته سنڌو رسم الخط هڪ تحريري سرشتو آهي. جنهن ۾ هڪ خطي جي ٻولي موجود آهي. جيتوڻيڪ هو ان ٻولي بابت گهڻو امڪان اهو ڏيکاري ٿو ته اها دراوڙي آهي. (7)
موهن جي دڙي جي کوٽائي بعد قديم آثارن جي مختلف ماهرن اتان مليل لکتن کي پڙهڻ يا سمجهڻ کان اڳ ئي مفروضي تحت سنڌي ٻولي جو واسطو مختلف ٻولين يا انهن جي شاخن سان منسوب ڪري ڇڏيو. جنهن جو ڪوبه علمي ۽ عقلي جواز موجود نه هو. ڪن ماهرن ان کي سامي صفت جي ٻولين جي شاخ قرار ڏئي ڇڏيو ته ڪن وري ان کي سنسڪرت جي ڌيءَ قرار ڏيڻ ۾ ڪابه ججهڪ محسوس نه ڪئي.
يورپ جا محقق ۽ لساني ماهر جڏهن هندستان آيا ته هنن پهريان سنسڪرت جو مطالعو ڪيو، بعد ۾ پنهنجي محدود مطالعي جي آڌار تي هتان جي ٻين ٻولين کي سنسڪرت ٻوليءَ جون شاخون ظاهر ڪيو. هنن کي جنهن به ٻوليءَ جي سنسڪرت سان ٿوري به مشابهت نظر ٿي آين ته تڪڙ ۾ اها راءِ پئي قائم ڪين ته اها ٻولي پڻ سنسڪرت جي ڀيڻ يا ڌيءُ آهي. تامل، تيلگو ۽ ڪناڙي ۾ سنڌي ٻوليءَ جون ڪجهه خاصيتون ڏسي ڌڪو هنين ته سنڌي ٻولي انهن ٻولين جي گروپ مان جڙي راس ٿي ۽ اهي دراوڙي ٻوليون آهن. يا وري سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي هڪجهڙائي ڏسي سنڌي زبان کي سنسڪرت ڄائي ٿي سمجهين. پر اصل ۾ ائين ڪونه هو. ان جو ڪوبه ثبوت موجود نه هو. تامل تيلگو ۽ ڪناڙي ٻولين جي وارثن جون تهذيبون ايتريون قديم نه آهن، سندن تهذيبون سنڌو سڀيتا جي ڀيٽ ۾ ٻارڙيون لڳن ٿيون.
موهن جي دڙي، هڙاپا ۽ سنڌو ماٿر جي ٻين قديم آثارن جي کوٽائي بعد نين لکتن جي ملڻ ۽ وقت بوقت نوان انڪشاف يورپي ماهرن جي انهن نظرين کي رد ڪندا رهيا ۽ ماهر وقت بوقت پنهنجي خيالن ۾ تبديليون آڻيندا رهيا. پر هڪ اهڙو به ٽولو هيو، جيڪو هروڀرو مذهبي ڪٽرپڻيءَ ۽ هٺ ڌرميءَ ڪري زوريءَ پنهنجي راءِ تي ڊٺ هڻي ويهي رهيو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي هتان جي اصل نج ٻولي مڃڻ کان انڪار ڪندو رهيو. ان ٽولي ۾ ڪٽر هندو، سنڌي زبان کي سنسڪرت ۽ ٻين دراوڙي نسل جي ٻولين مان نڪتل ٻولي سمجهڻ لڳا ۽ ٻيا وري ڪٽر مسلمان هروڀرو سنڌي زبان جو واسطو عربي ۽ سامي نسل جي ٻولين سان ڳنڍڻ لاءِ جتن ڪرڻ لڳا. جڏهن ته ڪجهه تامل ٻولي ماهر نسلي ۽ قومي تعصب جي بنياد تي سنڌو سڀيتا جي ٻولي کي تامل دراوڙي قرار ڏيڻ لاءِ نهن چوٽيءَ جو زور لڳائڻ لڳا.
سنڌو ماٿري جي ٻولي تي تحقيق ڪندڙ ماهرن وٽ هن ٻولي بابت مختلف خيال موجود آهن. هيل تائين ان بابت پنج موقف سامهون اچي چڪا آهن.
سنڌي ٻولي جي حسب نسب بابت پهريون موقف ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ قائم ڪيو. جنهن موجب سنڌي ٻولي سنسڪرت زبان جي ورچڊا اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي. ٽرمپ لڳ ڀڳ ڏيڍ سو سال اڳ اهو نظريو ڏنو. جنهن کي اڳتي هلي ٻولي ماهرن جي وڏي گروهه تحقيق بعد تسليم نه ڪيو. سنڌي زبان کي سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل ڏيکارڻ واري گروپ جو اڳواڻ گريئرسن صاحب هو. سندس ان نظرئي کي سنڌ ۾ وڌيڪ مشتهر ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي پنهنجي ٻن ڪتابن ذريعي ڪيو. هن ان ڳالهه کي هٿي وٺائي ته سنڌي زبان هند آريائي زبانن جي شمالي مغربي گروهه سان تعلق رکي ٿي ۽ ورچڊا اپڀرنش پراڪرت سان هن جو سڌو تعلق آهي.
سنڌي ٻولي بابت ٻيو موقف سنڌ جي عالم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو سامهون آيو. جنهن سنڌي ٻولي کي سنڌو ماٿري جي قديم انڊو آرين پري سنسڪرت زبان قرار ڏنو.
سنڌي ٻولي بابت ٽيون موقف ايم ڪي جيٽلي جو سامهون آيو. سندس موجب سنڌي ٻولي ڪنهن پراڻي انڊو آرين ٻولين جي نسل مان آهي.
چوٿون موقف سنڌي ٻولي جي ماهر سراج الحق ميمڻ جو سامهون آيو، جنهن سنڌي ٻولي کي سنڌو ماٿري جي اصلوڪي زبان قرار ڏنو ۽ سنسڪرت کي سنڌي ٻولي مان ڦٽل ڏيکاري، ان کي سنڌي ٻولي جي ڌيءُ قرار ڏنو.
پنجون موقف ڊاڪٽر غلام علي الانا جو سامهون آيو، جنهن جو چوڻ هو ته سنڌي ٻولي جون پاڙون سنڌو ماٿري جي سڀيتا ۾ کتل آهن، سنڌي ٻولي ڪنهن ٻي ٻولي مان جنم نه ورتو آهي، پر اها سنڌو ماٿري جي ماڻهن جي پنهنجي اصلوڪي ٻولي آهي. (8)
موهن جي دڙي ۽ هڙاپا مان اٽڪل 800 کن مهرون ۽ تائيٿ لڌا آهن. جن تي شڪليون، تصويرون ۽ نشانيون اُڪريل آهن. انهن مان مکيه نشانيون ۽ سڃاڻپ ۾ ايندڙ 400 کن ملن ٿيون. اها ان وقت جي سنڌي لپي هئي.(9) ڊاڪٽر جي آر هنٽر، مئڪي، سڊني سمٿ، سي جي گئڊ تحقيق بعد اهو نظريو قائم ڪيو آهي ته برهمي رسم الخط موهن جي دڙي جي سنڌي لپي مان ڦٽي نڪتي. هنٽر ان خيال جو آهي ته برهمي، سبائين، صفائين، سائپريٽ (قبرص ملڪ) ۽ فونيشين رسم الخط، سنڌي رسم الخط مان ئي اڀريا ۽ اسريا.(10) ڊاڪٽر هنٽر ته ان حد تائين خيال ڏيکاريو آهي ته ممڪن آهي ته ان وقت سنڌين کي ايراني نار تائين سامونڊي آمدرفت ۽ جهاز رانيءَ ۾ هڪ هٽي حاصل هئي. اها حقيقت انجيل ۾ ذڪر ٿيل هرم بادشاهه ۽ سليمان عليه سلام جي وچ ۾ ٿيل معاهدي جي روايت کي ثابت ڪري ٿي. جنهن معاهدي مطابق فونيشين (سنڌين) لوڪن کي ايزئنجبر ۾ بيٺڪ قائم ڪرڻ جي اجازت ملي هئي.
ڪوپن هيگن (فنلينڊ) جي چئن سائنسدانن آسڪو پرپولا، سپو ڪوسڪينيامي، سيمو پارپولا ۽ پنيٽي الٽو 1970ع جي ڏهاڪي ۾ دعوى ڪئي آهي ته هنن موهن جي دڙي جي قديم رسم الخط پڙهي ۽ سمجهي ورتو آهي. هنن موهن جي دڙي جي رسم الخط کي دراوڙي قرار ڏنو آهي. هنن اها راءِ ان بنياد تي قائم ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جا لفظ دراوڙي ٻولين ۾ موجود آهن. پر اهي ماهر ان حقيقت کي ويجهو نه پهچي سگهيا آهن ته اصل ۾ دراوڙي ٻولين تي آڳاٽي سنڌي ٻوليءَ جو اثر هو ۽ موهن جي دڙي جي ٻولي دراوڙي نه پر آڳاٽي سنڌي ٻولي هئي.
ڊاڪٽر پرپولا، سيموئل پرپولا ۽ روس جي ٻين عالمن ڪمپيوٽر ذريعي موهن جي دڙي جي قديم لکت کي پڙهڻ ۾ ڪاميابي جي دعوى ڪئي آهي. هنن موجب ”موهن جي دڙي واري ٻولي، دراوڙي ٻولين جي ماءُ آهي. جنهن مان اهي دراوڙي ٻوليون ڦٽي نڪتيون.“(11) هنن ماهرن موهن جي دڙي مان مليل ڪن مهرن جون پڙهڻيون به ڏنيون آهن.
فنلينڊ جي ٻولي ماهر آسڪو پرپولا پنهنجي نتيجن جي آڌار تي سنڌو لکت جو لاڳاپو دراوڙي زبان سان ظاهر ڪيو آهي. آسڪو پرپولا سنڌو لکتن کي پڙهڻ جي لڳاتار ڪوشش ڪندڙ ماهرن ۾ وڏو نالو آهي. سندس چوڻ آهي ته سنڌو ماٿري جي جيڪا رسم الخط آهي، ان جو تعلق دراوڙي خاندان جي ڪنهن ٻولي سان آهي. (12) هن سنڌو لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش دوران دراوڙي ٻولين کي بنياد بنايو. جنهن سبب پاڻ وڏين ڪوششن باوجود سنڌو لکت کي پڙهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهيو. ساڳي طرح آسڪو پرپولا وانگر سنڌو لکت جو دراوڙي نظريو رکندڙ ٻيو ماهر اروٿم مهاديون (IRAVATHAM MAHADEVAN) آهي. هن تامل نسل سان واسطو رکندڙ ڀارتي ماهر تامل ۽ برهمي لکتن تي ڪافي ڪم ڪيو ۽ قديم تامل ۽ برهمي لپين جي اڀياس (ڀاڃ) ۾ ڪامياب ويو. جنهن بعد مهاديون سنڌو لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. پر هن به آسڪو پرپولا وانگر سنڌو لکت جو بنياد تامل ۽ برهمي ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. (13) جنهن سبب کيس هي قديم سنڌو لکت پڙهڻ ۾ اڃا سوڌو ڪاميابي نصيب نه ٿي آهي. آسڪو پرپولا ۽ اروٿم مهاديون طرفان سنڌو لکت کي پڙهڻ جون ڪوششون جاري آهن. خاص ڪري آسڪو پرپولا سنڌو لکت پڙهڻ لاءِ ايترو ته بنيادي ڪم ڪيو آهي، جو بقول اروٿم مهاديون هو ڪنهن به وقت ان ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو. اروٿم مهاديون ان ڳالهه جي به نفي ڪري ٿو ته تامل ناڊو جا ماڻهو سنڌو سڀيتا جا وارث آهن. اروٿم مهاديون پاڻ به ان خيال جو آهي ته اڄ هڙاپا ۽ موهن جي دڙي واري علائقي ۾ رهندڙ ماڻهو ئي ان تهذيب جا اصل وارث آهن. سندن ٻولي ۽ ثقافت ۾ صديون گذرڻ بعد فرق ضرور آيو هوندو.
يونيورسٽي آف واشنگٽن سيئٽل آمريڪا جي ڪمپيوٽر سائنس ۽ لسانيات جي ڀارتي ماهر راجيش رائو (Rajesh P. N. Rao) به سنڌو لکت تي ڪمپيوٽر ذريعي تحقيق ڪري، نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. راجيش رائو ۽ سندس ساٿين (14) جو تعلق ڀارت جي ڏکڻ ۾ دراوڙي ٻوليون ڳالهائيندڙ خطي سان آهي. هنن سنڌو لکت کي دراوڙي پسمنظر ۾ پرکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. سندن تحقيق ۾ هندو مذهب ۽ نسلي برتري جي عنصر کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌو لکت تي سندن تحقيق دراوڙي نقطي جي چوڌاري ڦرندي رهي. (15) راجيش رائو ۽ سندس ساٿين موجب سنڌو رسم الخط اٽڪل 2600 – 1900 ق م ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ سنڌو سڀيتا جي اندر وڌيو ۽ ويجهيو. انهيءَ سڀيتا پنهنجي پٺيان اندازن 4 هزار لکتون، مهرن، ننڍڙين ٽڪين، ٺڪر جي ٿانون، پٿر جي ٿانون، ٽامي جي ٿانون، اوزارن، هٿيارن ۽ ڪاٺ تي لکيل ڇڏيون آهن. موجوده لکتون نسبتن ننڍيون آهن ۽ سندن سراسري ڊيگهه 5 نشانين جيتري آهي، ۽ ڪنهن هڪ سطح تي ڊگهي ۾ ڊگهي لکت 17 نشانين تي مشتمل آهي. هن رسم الخط ۾ نشانين جو ڪٿيل تعداد اٽڪل 400 کن آهن. (16)
[b]سنڌ سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت بابت مولانا ابو جلال ندويءِ جي دعوى
[/b]
پاڪستان ۾ مولانا ابو جلال ندويءِ به سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت تي تحقيق ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. هن پنهنجي هڪ مضمون ”قديم سنڌي نوشتي“ ۾ اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا يعني موهن جي دڙي مان مليل ٻولي ۽ لکت دراصل عبراني ۽ عربي جو بنياد آهي. هن اها به دعوى ڪئي هئي ته هو موهن جي دڙي جون ڪي مهرون پڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. مولانا ندوي سنڌي تهذيب، تمدن ۽ رسم الخط کي عربي زبان جي تناظر ۾ پڙهڻ، پرکڻ ۽ جاچڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن پنهنجي هڪ ٻئي مضمون ”فن ڪتابت“ ۾ لکت جو قديم دور کان جائزو ورتو آهي. هن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ” سنڌي رسم الخط هاڻي تائين جي معلومات جي حد تائين دنيا جو قديم رسم الخط آهي. هيءُ رسم الخط پهرين شڪلي هوندو هو. تصويرن جي ذريعي خيالن کي قلمبند ڪيو ويندو هو. سنڌ وارن تصويري لکت کي غير شڪلي بلڪ ابجدي ڪري ڇڏيو.“
مولانا ابو جلال ندوي جي تحقيق جو بنيادي مرڪز عربي ۽ عبراني علم ۽ ادب سان وابسته آهي. هو لکي ٿو ته ”2650 ق م کان 2150 ق م تائين سنڌ ۽ عراق جي وچ ۾ آمدرفت رهي آهي. اهو زمانو عراق جي اندر سميري ۽ سامي تهذيبن جي عروج جو زمانو هو. انهن ڏينهن ۾ عراق ۾ ٻه زبانون هڪ ”ايسمي نها“، يعني مردانا زبان توراني زبان جهڙِي هئي، جيڪي سميري ڳالهائيندا هئا. ٻي زبان ”ايمي سل“ يعني زناني زبان هئي، جيڪا سميري عورتون ۽ سامي ماڻهو ڳالهائيندا هئا. اها زبان عربي، عبراني ۽ حبشي جي هم نسل، پر توراني آميز هئي. مولانا ابو جلال ندوي اهو نتيجو اخذ ڪيو آهي ته سنڌ سڀيتا جي وارثن جو انهن ٻنهي زبانن سان واسطو هو. هو انهن ٻنهي کي نه سهي، پر هڪ زبان کي ضرور ڄاڻندا هئا. ان امڪان کي به رد ڪري نه ٿو سگهجي ته سنڌ ۾ ان مان ڪا هڪ زبان ڳالهائجندي ۽ لکي ويندي هئي.“
ابو جلال ندوي پنهنجي تحقيق ذريعي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌو ماٿري جي ماڻهن جي زبان ۽ لکت اصل ۾ مقامي نه هئي پر، اها چار يا پنج هزار سال پراڻي عربي زبان آهي. هن مذهب اسلام ۽ موجوده پاڪستان سان محبت جي بنياد تي سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لکت کي بنا ڪنهن ثبوت جي عربي ۽ اردو سان ڳنڊڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن پاڻ هڪ مضمون ۾ اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ”سنڌ ماٿري جي زبان جي تحرير نه سنسڪرت آهي ۽ نه وري دراوڙي، پر اصل ۾ اها عربي زبان آهي.“ هن هڙاپا ۽ موهن جي دڙي جي لکتن جي سلسلي کي اردو ابجدن سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ابو جلال ندوي اصل ۾ مذهب جي اثر هيٺ سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ لپي کي زبردستي سامي تهذيب سان ۽ عرب دنيا سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن جا ڪي به عقلي ۽ سائنسي بنياد موجود ناهن. جيڪڏهن سنڌو لکت ۽ ٻولي جو واسطو سامي تهذيب سان هو ۽ هن ڀري ڀاڳي ترقي يافتا سنڌو ماٿري جا ماڻهو ان وقت سامي تمدن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي ٻولي ڳالهائيندا هئا ته پوءِ سميري تهذيب مان مليل لکتن ۽ موهن جي دڙي مان مليل لکتن ۾ هڪ جهڙائي موجود ڇو نه آهي. سميري تهذيب جي لکت ۽ سنڌ لکت ساڳي هئي ته پوءِ سميري لکت پڙهجي سگهي آهي پر سنڌو لکت ان سان هڪ جهڙائي رکڻ باوجود ڇو اڃا تائين پڙهجي نه سگهي آهي. اصل ۾ مولانا ندوي جي تحقيق جو بنياد علمي، عقلي ۽ سائنسي بنيادن تي رکيل نه آهي پر هن مذهب جي اثر هيٺ بنا ڪنهن ثبوت جي موهن جي دڙي جي زبان کي عربي زبان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هڪ هنڌ تي مذهب سان محبت جي بنياد تي سموري جديد تحقيق ۽ نتيجن کي پاسي تي ڦٽو ڪندي اها دعوى به ڪئي آهي ته وادي سنڌ جا ماڻهو دين حنيف جي مڃڻ وارا هئا ۽ ملت ابراهيم سان تعلق رکندا هئا. ان ڪري مولانا ندوي جي سنڌو لکت ۽ ٻولي تي ٿيل تحقيق جي ڪي به علمي، عقلي ۽ سائنسي بنياد نه آهن. (17) ڊاڪٽر اين بي بلوچ ۽ ابوالجلال ندوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌي سنسڪرت زبان نه آهي، ابو الجلال ندوي جي چوڻ موجب سنڌي سنسڪرت ۽ تامل سان ڪوبه تعلق نه ٿي رکي. (18)
پاڪستان جو نامياري آرڪيالاجي ماهر پروفيسر داني به ان نظرئي جو آهي ته سنڌو سڀيتا جي وارثن جي ٻولي دراوڙي نه هئي. ڇاڪاڻ جو اڄ جي ڏکڻ هندستان ۽ آڳاٽي سنڌو ماٿري جي وچ ۾ وڏو فاصلو آهي. ڏکڻ هندستان ۽ قديم سنڌو ماٿري ۾ ثقافتي تسلسل جا به ڪي مثال موجود ناهن. ساڳي ڳالهه ڀارتي ماهر مهاديون به ڪري ٿو ته سنڌو ماٿري ۽ هيڏو پري دراوڙي ڏکڻ ۾ سڌو رشتو ممڪن ڪونهي. ڇو ته وچ ۾ ايڏي وڏي فاصلي ۽ وقت جي وٿي آهي. اٽڪل 2000 سال ۽ 2000 ميل جي دوري آهي. (19) پاڪستان جي مشهور آرڪيالاجسٽ پروفيسر احمد حسين داني موجب سنڌو سڀيتا جا خالق دراوڙ نه هئا. هن انڊيا جي آرڪيالاجسٽن اسوڪا پارپولا ۽ پروفيسر مهاديون ۽ روسي محققن جي ان نظرئي کي رد ڪيو آهي ته موهن جي دڙي جا وارث درواڙ هئا، ان بابت هن پنهنجي انٽرويو ۾ چيو آهي ته سنڌو سڀيتا جي ماڳن تي ٿيل تحقيقي مان ان ڳالهه جو ڪوبه ثبوت نه مليو آهي ته موهن جي دڙي جي تهذيب جا وارث درواڙ هئا، جيڪڏهن درواڙ سنڌو تهذيب جا خالق هئا ۽ هن ماٿري مان ئي لڏپلاڻ ڪري ڏکڻ هندستان ويا هئا ته پوءِ اتان هن وقت تائين موهن جي دڙي جي تهذيب جا آثار ڇو نه مليا آهن. جڏهن ته سنڌ تهذيب جا آثار گجرات، ملبار ۽ سنڌو ماٿري جي ڀر وارن ٻين خطن مان مليا آهن. پر دراوڙي ٻولي ڳالهائيندڙن جي خطي ڏکڻ هندستان مان ڪو هڪ به اهڙو آثار نه مليو آهي، جيڪو سنڌو سڀيتا سان هڪجهڙائي رکندڙ هجي يا ان دور جو هجي. (20)
سنڌ ۾ سنڌو لکت تي ڪم ڪندڙ هڪ ماهر سراج الحق ميمڻ موجب موهن جي دڙي ۽ سنڌو ماٿري جي ٻين وسندين مان مليل لکتون سنڌي ٻوليءَ جون آهن. سنڌي ٻولي سنڌو ماٿريءَ جي اصلوڪي ٻولي آهي. اها ڪٿان ٻاهران نه آئي هئي ۽ نه وري ڪنهن بي ٻولي مان ڦٽي نڪتي هئي. هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ ۾ اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته جيئن ته سنڌو ماٿري جي سڀيتا تمام گهڻي قديم آهي، ان ڪري ان جي ٻولي به سڀني ٻولين کان قديم هوندي. جنهن مان پوءِ ٻيون ٻوليون ڦٽي نڪتيون هونديون. سراج ميمڻ پروٽو سنڌي کي پروٽو دراوڙي، پروٽو آريائي ۽ هن خطي جي ٻين قديم ٻولين جي ماءُ قرار ڏئي ٿو. (21)
ساڳي طرح سنڌ جو هڪ ٻيو لسانياتي ماهر ڊاڪٽر غلام علي الانا به سنڌي ٻوليءَ کي هتان جي اصلوڪي ٻولي قرار ڏئي ٿو. جنهن کي هو ”سنڌوئي“ جو نالو ڏئي ٿو. ڊاڪٽر الانا جي سنڌي ٻولي بابت اها راءِ آهي ته جيئن ته 5 هزار سال پراڻي سنڌي ڪلچر ۽ سڀيتا جو تسلسل اڄ به سنڌ ۾ موجود آهي. ته ٻولي ۾ به ساڳيو تسلسل هوندو. (22) ان ڪري ضروري آهي ته سنڌو سڀيتا جي وارثن جي ان ٻولي ۽ لکتن کي ان پسمنظر ۾ پڙهڻ گهرجي. (23) ساڳي طرح سنڌ جي هڪ ٻئي ماهر ايم ايڇ پنهور جي به اها راءِ آهي ته سنڌ ۾ هن وقت جيڪا ٻولي ڳالهائجي ٿي، اها پروٽو انڊين يعني آڳاٽي هند جي ٻولي هئي ۽ دراوڙن سان ان جو تعلق گهڻو آڳاٽو ڇڄي چڪو هو ۽ ٻولي ڪنهن به صورت ۾ دراوڙي ٿي نه ٿي سگهي. ان ڪري سنڌو لکتن کي دراوڙي کي بنياد قرار ڏئي پڙهڻ (Decipherment) جي ڪابه ڪوشش ڪامياب ٿي نه ٿي سگهي.
ٻوليءَ جا ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته پراڻي (پروٽو) سنڌي ٻولي ئي سنڌو سڀيتا جي وارثن جي ٻولي هئي. سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون موهن جي دڙي واري سڀيتا ۾ کتل آهن. پروٽو سنڌي ٻوليءَ جون خاصيتون هندستان جي ٻين ٻولين ۾ هجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته انهن ٻولين جو اصل بڻ بڻياد پروٽو سنڌي هئي. بابل ۽ ميسوپوٽيميا ۾ سنڌي ٻوليءَ جون نشانيون ملڻ مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته سنڌو ماٿر جي ترقي يافته تهذيب جي وارثن واپار سانگي اتي پهچڻ بعد پنهنجي ٻوليءَ جو انهن ديسن ۾ ڦهلاءُ ڪيو. جنهن ڪري بابل ۽ ميسوپوٽيميا جي قديم آثارن مان ٻولي بابت مليل باقيات جو موهن جي دڙي جي ٻولي سان هڪجهڙائي ان جو ثبوت آهي. ماهرن اهو ثابت ڪيو آهي ته مکيه دراوڙي ٻوليون تامل، تيلگو ۽ ڪناڙي اصل پروٽو سنڌي ٻوليءَ مان ڦٽي نڪتيون آهن. جڏهن ته سنسڪرت جي ڀيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ گهڻي پراڻي آهي.
سنڌو لپي کي پڙهڻ لاءِ جاکوڙ ڪندڙ ماهرن مان ڪجهه هن لکت کي هند آريائي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن ۽ سنڌو لکت کي سنسڪرت، دراوڙي يا براهمي لکت سان ڀيٽي ويدڪ پيا ثابت ڪن ته ٻيا وري ان جي پروٽو دراوڙي هئڻ جو يقين ڪري ان کي تامل ۽ تيلگو ٻولين کي اڳيان رکي پڙهڻ ۽ سمجهڻ طرف پنهنجون توانايون استعمال ڪري رهيا آهن. ساڳي طرح ماهرن جو هڪ گروپ وري سنڌو لکت کي سامي صفت جي ٻولي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري. سنڌو ماٿري جي لپي کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندڙ لسانياتي ماهرن پنهنجي اڳيان هن ماٿري کان هزارين ميل پري موجود زبانن کي اڳيان رکي سنڌو لکت کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر اصل ۾ سنڌو لکت جون پاڙون ان ئي ماٿري جي زبانن ۾ ڳولڻ گهرجن، جتي اها عظيم تهذيب اسري ۽ نسري هئي. پراڻي لکت جي باقيات سنڌو ماٿري کان هزارين ڪوهه پري نه پر ان ئي خطي ۾ ملي سگهي ٿي، جتي اها هزارين سال اڳ لکي وئي هئي. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌو لکت کي پڙهڻ جي ڪوشش وقت موجوده سنڌي ٻولي سميت هن ماٿري ۾ هن وقت موجود ٻين ٻولين سرائيڪي، پنجابي، ڪشميري ۽ ٻين ٻولين کي اڳيان رکي اها ڳجهارت ڀڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
[b]حوالا ۽سمجهاڻيون
[/b]
1. سراج الحق، آمري، ماهوار نئين زندگي ڪراچي، مارچ اپريل 1966ع
See Also: J.G. Shaffer and B.K. Thapar, PRE-INDUS AND EARLY INDUS CULTURES OF PAKISTAN AND INDIA, PART ONE (J. G. SHAFFER), ISBN 978-92-3-102719-2
See Also: Richard F. S. Starr, Indus Valley Painted Pottery, The American Journal of Semitic Languages and Literatures, Vol. 58, No. 4 (Oct., 1941), pp. 421-426
2. MARK MILLER, Decoding the mysterious ancient Indus Valley script will shed light on powerful ancient civilization,
Ref: http://www.ancient-origins.net/artifacts-ancient-writings/decoding-mysterious-ancient-indus-valley-script-will-shed-light-powerful-020582#ixzz3zCyIdqDz
3. Steve Farmer, Richard Sproat and Michael Witzel, The Collapse of the Indus Script thesis: The myth of a literate Harappan Civilization, Ref: www.ejvs.laurasianacademy.com or http://www.safarmer.com/fsw2.pdf
وڌيڪ ڏسو: ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌيڪار، سنڌو لکت، ايڪيهين صديءِ ۾ ٿيل نئين تحقيق، سنڌي لئنگيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، 2012ع
4. ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌيڪار، سنڌو لکت، ايڪيهين صديءِ ۾ ٿيل نئين تحقيق، سنڌي لئنگيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، 2012ع
5. Asko Parpola, Is the Indus script indeed not a writing system?
https://www.harappa.com/content/indus-script-indeed-not-writing-system
See also: Asko Parpola, Deciphering the Indus Script, https://www.harappa.com/script/parpola15.html
See also: Asko PARPOLA, Study of the Indus Script (Special Lecture), Paper read at the 50th ICES Tokyo Session on 19 May 2005 in Tokyo.
6. Massimo Vidale, The Collapse Melts Down: A Reply to Farmer, Sproat & Witzel, East and West, Vol. 57, No. 1/4 (December 2007), pp. 333-366
7. IRAVATHAM MAHADEVAN, The Indus ‘non-script’ is a non-issue, http://www.thehindu.com/todays-paper/tp-features/tp-sundaymagazine/the-indus-nonscript-is-a-nonissue/article661496.ece
8. Allana, Dr. Ghulam Ali, SINDHI LANGUAGE & LITERATURE
AT A GLANCE, Sindhi Language Authority, Hyderabad, Sindh. 2009
9. سنڌي ٻولي، ص-122
10. Hunter, “Script of Harapa and Mohenjo Daro”, P-22
11. The Daily Dawn, Karachi, Sunday, July 20th, 1969, P-17
12. ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌيڪار، سنڌو لکت، ايڪيهين صديءِ ۾ ٿيل نئين تحقيق، سنڌي لئنگيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، 2012ع
13. ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌيڪار، سنڌو لکت، ايڪيهين صديءِ ۾ ٿيل نئين تحقيق، سنڌي لئنگيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، 2012ع
See Also: https://www.harappa.com/script/mahadevantext14.html
14. Rajesh P. N. Rao, Nisha Yadav, Mayank N. Vahia, Hrishikesh Joglekar,
R. Adhikari, and Iravatham Mahadevan.
15. Rajesh P. N. Rao, Nisha Yadav, Mayank N. Vahia, Hrishikesh Joglekar,
R. Adhikari, and Iravatham Mahadevan, Entropy, the Indus Script, and Language:
A Reply to R. Sproat, https://homes.cs.washington.edu/~rao/IndusCompLing.html
16. ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌيڪار، سنڌو لکت، ايڪيهين صديءِ ۾ ٿيل نئين تحقيق، سنڌي لئنگيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، 2012ع (راجيش رائو ۽ سندس ساٿين جو مقالو)
17. ريفرنس طور ڏسو مولانا ابو جلال ندوي جا لکيل مقالا ۽ مضمون: 1. قديم سنڌي نوشتي (اردو)، سنڌي رسم الخط 800 ق م تڪ مستعمل تها (اردو)، سنڌي مهرين (اردو)، هڙاپا سڪرپٽ پڙهي جائي تو کيسي (اردو)
18. ندوي ابو الجلال، موهن جو دڙو ڪي زبانين، رساله تاريخ و سياست، نومبر 1953ع
19. ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌيڪار، سنڌو لکت، ايڪيهين صديءِ ۾ ٿيل نئين تحقيق، سنڌي لئنگيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، 2012ع
20. نامياري آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر احمد حسين داني کان هي انٽرويو 6 جنوري 1998 تي اسلام آباد ۾ ورتو ويو. جيڪو هڙاپا بابت ويب سائيٽ تي موجود آهي. (http://www.harappa.com/script/danitext.html#1)
21. ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌيڪار، سنڌو لکت، ايڪيهين صديءِ ۾ ٿيل نئين تحقيق، سنڌي لئنگيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، 2012ع ص: 228
22. Allana, Dr. Ghulam Ali, SINDHI LANGUAGE & LITERATURE
AT A GLANCE, Sindhi Language Authority, Hyderabad, Sindh. 2009
23. ڊاڪٽر فهميده حسين، سنڌيڪار، سنڌو لکت، ايڪيهين صديءِ ۾ ٿيل نئين تحقيق، سنڌي لئنگيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ، 2012ع