خدايا
خدايا، خدايا، اي آدم جا خالق،
اي آدم جا خالق،
زمينن جا مالڪ،
خبر آھي تو کي خداوندِ عالم،
ته تنھنجين زمينن تي،
تنھنجي خدائيءَ ۾
شيطانن جي بادشاھي ھلي ٿي،
ھتي سيم و زر جي خدائي ھلي ٿي؟
خبر آھي تو کي، خداوندِ عالم!
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو