انت بحر ۾
ڊوڙي آئي ڪناري ڏانھن:
پٿر سان خود کي ٽڪڙائي
ريتيءَ ذرڙن کي جرڪائي،
گم ٿي ويئي انت بحر ۾.
انت بحر جي انت تري ۾،
سھسين سھڻا موتي سپچن،
جن سان جل پرين جون ٽوليون،
ڀري ڀري سڀ پنھنجيون جھوليون،
ويون ڪناري تي ورکائي،
سورج داتا کي شرمائي.
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو