ذوالفقار علي ڀٽو!
اسين چئون ٿا ته،
تنھنجي ساھ کي ايندڙ ڇڪون،
ڦاسيءَ جي رسي ۾ رھجي ويون،
۽ ھوا درد ۾ ڦاٽي پيل ڌرتي جي ڳلي مان،
ھر ويل تن کي ڳائي پئي،
اسين چئون ٿا ته،
تنھنجو موت،
رستن تي ھارايل رت،
۽ گھاٽن وڻن ۾ ماريل ڳوٺاڻا،
تنھنجي قاتلن جي ساھ ۾،
سوڙھ ٿي پيا آھن،
انھن جي نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا آھن!
انسانيت خلاف ھنن جي سازش ۾،
نه ٽرندڙ رڪاوٽ بنجي پيا آھن،
۽ انھن جي خارشي ذھنيت،
۽ بي حواسي،
اقتدار جي ايوانن ۾،
ھنن جو ميڄالو کائي رھي آھي،
اسين چئون ٿا ته،
جنرل ضياءَ پنھنجي روپ ۾،
زندگي کي منع نامو ھئو،
موت جو ٻيو نانءُ ھئو،
سموري نئين نسل جي،
ڪونئري ڪپھه جھڙين جوانين تي،
ڪري پيل پٿرن جو ڍڳ ھئو،
ھو چانڊوڪين سان وير ھئو،
صبح سان بي واجبي ھئو،
۽ ھن جو کڄندڙ ساھ،
ھوا سان زيادتي ھئو،
۽ ھن جو وجود،
ڌرتي تي اضافو ھئو،
اجايو ھئو،
۽ ماڻھپي لاءِ شرم جھڙي ڳالھه ھو!
ڪاري گلاب جھڙو اپريل جو مھينو،
ڪئلينڊر جي ڪک ۾،
گھرو زخم بنجي چڪو آ!
۽ اسان جي لوڪ گيتن جون سٽون،
اسان سان ڪاوڙيل آھن،
تنھنجي مرڻ جي موسم،
۽ اسانجون مجبوريون،
ھوبھو ھڪجھڙيون ھيون!
۽ ھاڻ اھا موسم،
اسان جي اکين ۾ اٿلي پئي آ،
اسان جي رت ۾ آنڌ مانڌ ٿي اچي لٿي آ،
۽ اسين جيڪي مٽيءَ ۾،
مسلسل ڌڙڪي رھيا آھيون.
اسانجي سگھڙ ڀائرن،
اسانجي نرڙ جي گھنج کي چمي ورتو آ،
۽ اسان جي جرئتمند ابن ڏاڏان،
اڌ صديءَ جو ڏک،
پنھنجي پٽڪن جي پلاندن ۾ ويڙھي رکيو آ.
اسين ٻارن لاءِ پيار،
۽ محبوبائن سان وري ملڻ جي آس،
پوئتي ڇڏيون ٿا،
فاشي فوجن سان مُنھان منھن ويڙھ ۾،
اسانجو اھو ارادو تمام اوچو آھي ته،
اسين ملڻ کلڻ جون موسمون،
۽ معصوم ٻار مرڻ نه ڏينداسين،
پنھنجي لڱن ۾،
پنھنجي مائرن جو کير کرڻ نه ڏينداسين!