شاعري

رهيل چار ڳوڙها

’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
Title Cover of book رهيل چار ڳوڙها

لاهيون ڪو برهه جو محبت مٿان هي بار ته آ 


لاهيون ڪو برهه جو محبت مٿان هي بار ته آ،
سون جي ٿالهه ۾ سهڻل کنيون اڄ پيار ته آ.

عشق ۾ توکي پو آزار جي پوندي ته خبر،
باغ مان گل ڇِني هن گل سان کنيون کار ته آ.

روز مون سان هي ڪارو نانگ پيو ڊاڙون هڻي،
سينڌ مان اُٿ پٽيون هڪڙو تون سڄڻ وار ته آ.

مان متان تنهنجي حُسن جي جهلي هيبت نه سگهان،
موڙ هر هڪ تي مون کي تون ڪيون هوشيار ته آ.

زندگي ساري ۾ هڪ ڀيرو اي ”قمبر پيرل“
مون تي هڪ وار ڪري، هاڻ تون اعتبار ته آ.
**