تقليد ۽ اجتهاد : مولانا وحيدالدين خان
شيڪسپيئر انگريزي ٻوليءَ جو تمام وڏو اديب آهي. سندس وفات ١٦١٦ع ۾ ٿي. ٻيو ان کان پوءِ جي زماني جو اديب جارج برنارڊ شا آهي، جنهن جي پئدائش ١٨٥٦ع ۾ ٿي. عملي زماني جي لحاظ کان ٻنهي جي وچ م تقريبا ٽن سئو سالن جو فاصلو آهي. برنارڊ شا جو مقام انگريزي ادب جي تاريخ ۾ شيڪسپيئر کان گھٽ آهي. برنارڊ شا ان جو ذڪر ڪندي چيو ته: ”منهنجو قد جيتوڻيڪ شيڪسپيئر کان ننڍو آهي پر مان شيڪسپيئر جي ڪلهن تي بيٺل آهيان.“
هيءُ جملو مجتهدانه طرزِ فڪر جو هڪ مثال آهي. ان طرز فڪر مان سوچ جي بلندي، حوصلو ۽ همت پئدا ٿيندي آهي. جنهن معاشري جي ماڻهن ۾ اهو مزاج هجي تنهن جي ذهني ارتقا جو سفر بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رهندو. هر نئين ٽهي پوئين ماڻهن جي عملي سرمايي ۾ واڌارو آڻيندي ۽ ان کي وڌيڪ ترقي وٺرائي ايندڙ نسل تائين پهچائيندي رهندي.
موجوده مسلم معاشرو
هينئر مسلم معاشري کي وٺو. هاڻوڪي دؤر ۾ مسلمانن اندر ذهني ارتقا جو عمل تقريباً بيهجي ويو آهي. ان جو سبب هيءُ آهي ته انهن جي اندر مقلدانه طرز فڪر جو رواج پئجي ويو آهي ۽ مجتهدانه طرز فڪر جو ائين خاتمو ٿي چڪو آهي، ڄڻ اها ڪا برائي هجي ۽ جنهن کي ڇڏڻ ئي بهتر هجي. عام طور تي ماڻهن جو ذهن اهو ٺهي ويو آهي ته علم ۽ تحقيق جو سمورو ڪم علماءِ سلف ڪري چڪا آهن، تنهن ڪري هينئر اسان جي ڪرڻ جو ڪم فقط هيءُ آهي ته اسان سندن ڪتابن کي پڙهون ۽ انهن جي پيروي ڪريون. پر ان قسم جي سوچ، فڪري ترقيءَ لاءِ هڪ مستقل رڪاوٽ آهي. ان معاملي ۾ مسلمانن لاءِ طرز فڪر جون ٻه صورتون ٿي سگھن ٿيون. اهي ٻئي صورتون هيٺيون آهن:
• منهنجو قد اسلاف کان ننڍو آهي، پر مان اسلاف جي ڪلهن تي بيٺو آهيان.
• منهنجو قد اسلاف کان ننڍو آهي، تنهن ڪري اسلاف جي پيرن ۾ پيو آهيان.
ان ورڇ مطابق پهريون طرز فڪر مجتهدانه آهي. اهو مسلمانن جي عملي ۽ ذهني سفر کي لڳاتار ترقيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ آهي. جنهن گروهه اندر اها فڪري روايت هجي، ان جو هر ايندڙ نسل پنهنجي پوئين نسل جو مڪمل احترام ڪندي ان جي ترقيءَ کي ڏاڪي جي طور استعمال ڪندو. اهڙيءَ ريت هر ايندڙ نسل پنهنجي پونئين نسل مان فائدو وٺندي اڳتي وڌندو رهندو.
ان جي ڀيٽ ۾ ٻيو طرز فڪر مقلدانه آهي. اهو مسلمانن جي ذهني سفر کي هڪ حد تائين روڪي ڇڏيندڙ آهي. ان طرز فڪر جا هڪ ئي وقت ٻه نقصان ٿيندا. هڪ هي ته اهڙا ماڻهو اسلام جي اعلى فڪري درجن کان محروم ٿي ويندا. هو وڌندڙ معرفت ۽ اؤسر کان واقف ٿي نه سگھندا. ان جو ٻيو نقصان هيءُ ٿيندو ته هو عملي ۽ فڪري ميدان ۾ ٻين قومن کان پوئتي رهجي ويندا. انسانيت جي روان دوان قافلي ۾ هو راهه جي دز بڻجي رهجي ويندا.
اهو تقليدي طرز فڪر بلڪل اهوئي آهي، جنهن کي جاهلي واري دؤر جي مشهور شاعر عنتده بن اشداد العسبي (وفات ٤١٥ هه) پنهنجي شعر ۾ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:
هل غادر الشعراء من متردم
ان جو مطلب هيءُ آهي ته گذريل شاعرن ڇا ڪا جاءِ پيوند لڳائڻ لاءِ ڇڏي آهي؟ يعني هو سڀ ڪجھه چئي ويا آهن، هينئر ڪنهن شاعر لاءِ ڪا به شيءِ باقي نه رهي آهي جو هو ان ۾ ڪجھه واڌارو ڪري سگھي.
ادب جي دنيا جو هيءُ طرز فڪر جڏهن مذهب ۾ داخل ٿي وڃي ته ان کي تقليدي فڪر چيو ويندو آهي ۽ ان قسم جو تقليدي فڪر ذهني ترقيءَ لاءِ زهرِ قاتل جي حيثيت رکي ٿو. اهو ماڻهن کي ذهني جمود ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ذهني جمود کان وڌيڪ هاڃيڪار ٻي ڪابه شيءِ ڪنهن فرد يا گروهه لاءِ ناهي.
اجتهادي عمل جي اهميت
اجتهاد رڳو ڪو ذهني مشغلو ڪونهي پر اجتهاد مسلمانن جي هڪ اهم ترين ضرورت آهي. اجتهادي عمل جي ذريعي اهل اسلام هر دؤر ۾ پنهنجي ديني حيثيت کي نئين سر قائم ڪندا رهندا آهن. هو بدلجندڙ حالتن ۾ اسلام کي ٻيهر موافق بڻائي هيءُ ثابت ڪندا آهن ته اسلام هڪ ابدي مذهب آهي. اهو هر ايندڙ زماني ۾ ايترو ئي مناسب(Relevent) آهي، جيترو قديم زماني ۾. ڄڻ ته اجتهاد جو عمل اسلامي فڪر کي مسلسل طور تي وقت پٽاندر (Update) بنائڻ جو هڪ ذريعو آهي.
اجتهاد ڇا آهي؟
اجتهاد مان مراد آزادانه راءِ قائم ڪرڻ نه آهي. اجتهاد مان مراد هيءَ آهي ته قرآن ۽ سنت کي اسلام جا اصل سر چشما (Sources) سمجهي، انهن تي غور ڪري قياسي يا استنباطي طور تي شريعت جا نوان احڪام معلوم ڪرڻ. حقيقت هيءَ آهي ته اجتهاد به تقليد جو ئي هڪ قسم آهي. عام مقلد فقيهن جي تقليد ڪندو آهي ۽ مجتهد اهو آهي، جيڪو خدا ۽ رسول جي تقليد ڪري ۽ قرآن ۽ حديث جي نصن تي غور ڪري سڌو سنئون احڪام جو استنباط ڪري.
اجتهاد مان مراد اهو ئي فڪري عمل آهي، جنهن کي قرآن ۾ استنباط (النساءِ: ٨٣) چيو ويو آهي. فقيهن جي اصطلاح ۾ انهيءَ جو نالو ”قياس“ آهي. ٻين لفظن ۾ ان ڳالهه کي هيئن بيان ڪري سگھجي ٿو ته اجتهاد مان مراد اڻ سڌيءَ طرح احڪام حاصل ڪرڻ آهي، جڏهن سڌيءَ طرح احڪامن حاصل ڪرڻ جي صورت بظاهر موجود نه هجي.
استنباط جو لفظ ”نبط“ مان ورتل آهي. نبط جي لفظي معنى آهي زمين جي اندران پاڻي جو ڪڍڻ. ”استنباط الفقيهه“ يعني فقيهه جو قرآن ۽ حديث ۾ غور ڪري ان جي لڪل معنى کي ڪڍڻ. مفسر القرطبي لکيو آهي: ”الاستنباط في اللغة، الاستخراج وهو يدل علي الاجتهاد اذا عدم النص والاجماع“ (الجامع الاحکام القرآن ٥/٢٩٢) يعني استنباط جي معنى استخراج جي آهي. ان جو مطلب آهي نص ۽ اجماع جي غير موجودگيءَ ۾ اجتهاد ڪري شريعت جو حڪم معلوم ڪرڻ.
اسلام جي فقيهن ٻي صدي هجريءَ ۾ اجتهاد جو اهو ئي ڪم ڪيو. عباسي خلافت جي زماني ۾ ڪثرت سان نوان مسئلا پيدا ٿيا. انهن مسئلن جو سڌو سنئون يا منصوص جواب بظاهر قرآن ۽ سنت ۾ موجود نه هيو. ان وقت فقيهن اجتهاد جي ذريعي ان مسئلي کي حل ڪيو. انهن قرآن ۽ سنت جي نصن مان قياس يا استنباط جي ذريعي نئين حالتن ۾ پنهنجي لاءِ شرعي رهنمائي ماڻي ورتي. تاريخ ۾ ان جو سفر ڪنهن رڪاوٽ کان سواءِ لڳاتار جاري رهيو.
پر ٻين ۽ ٽين صدي هجريءَ کان پوءِ مسلمانن ۾ ڪن سببن ڪري هڪ غلط تصور قائم ٿي ويو، اهو هيءُ هو ته قرآن ۽ سنت مان سڌي سنئين طور تي جيڪو اجتهاد يا استنباط ڪرڻو هو اهو ان ابتدائي دؤر جي فقيهن تڪميلي طور تي انجام ڏئي ڇڏيوآهي. هينئر لاءِ سڌو سنئون نصن مان احڪام حاصل ڪرڻ جي ضرورت ناهي. بعد جي مسلمانن لاءِ ڪرڻ جو جيڪو ڪم رهيو، اهو هيءُ هئو ته هو انهن فقيهن جي ڪتابن کي پڙهن ۽ انهن تي غور ڪري بعد جي زمانن لاءِ شرعي احڪام معلوم ڪندا رهن. اهڙيءَ طرح اسلام جي عملي تاريخ ۾ عباسي دؤر جي فقيهن کي مجتهد مطلق جو درجو ملي ويو ۽ بعد جي دؤر جي فقيهن کي فقط مجتهد مقيد جو. پهرئين دور جي فقيهن جو اجتهاد قرآن ۽ سنت تي مبني هوندو هو، پر بعد جي علماءِ لاءِ اجتهاد جو مطلب فقط هيءُ وڃي رهيو ته هو پهرئين دؤر جي فقيهن جي دائري ۾ محدود رهندي پنهنجي لاءِ شرعي احڪامن جو تعين ڪن.
فڪري الميو
اهوئي اهو مقام آهي، جتان مسلمانن لاءِ فڪري الميي جي شروعات ٿئي ٿي. ان فڪري مؤقف مسلمانن کي هڪ بيٺل قافلو بڻائي ڇڏيو. امير شڪيب ارسلان (وفات ١٩٤٦ع) پنهنجي ڪتاب ”لماذا تاخر المسلمون و تقدم غيرهم“ ۾ جيڪو بحث ڇيڙيو هو، ان جو اصل جواب هيءُ آهي ته نئين زماني ۾ مسلمانن جي پسپائيءَ جو واحد سبب اهو هو ته منجھن اجتهاد جو عمل بيهجي ويو هو.
اجتهاد ڪو اختياري عمل ڪونهي. اهو هڪ اڻٽر فطري عمل آهي. ائين ڪونهي ته اجتهاد توڙي ڪيو وڃي يا نه ڪيو وڃي مڙئي خير آهي. حقيقت هيءُ آهي ته اجتهاد جي عمل کي روڪڻ ڄڻ فطرت جي عمل کي روڪڻ آهي ۽ فطرت جي عمل کي روڪڻ فقط ان قيمت تي ٿيندو آهي ته خود روڪيندڙ پنهنجي ترقيءَ جي سفر کي ختم ڪري ڇڏي.
درياءَ جي زندگي ان جي روانيءَ ۾ آهي. درياءَ جي وهندڙ پاڻيءَ کي جيڪڏهن روڪي ڇڏجي ته ان کانپوءِ اهو درياءُ نه رهندو بلڪ اهو هڪ ڌپيل تلاءَ ۾ تبديل ٿي ويندو. اهڙي طرح ڪو گروهه جيڪڏهن پنهنجي اندر اجتهاد جو عمل روڪي ڇڏيندو ته منجھس اهڙو جمود پيدا ٿيندو جيڪو سندس لاءِ هر قسم جي، مذهبي توڙي روحاني ترقيءَ کي ناممڪن بڻائي ڇڏيندو.
فقه جي تدوين اقتداري دؤر ۾
هن حادثي جي پاڙ هيءَ آهي ته اسان جو هاڻوڪو فقھ عباسي خلافت جي دؤر ۾ سِهيڙيو ويو. هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن مسلمانن کي عالمي دٻدٻو حاصل هو. کين دنيا ۾ سڀ کان وڏي سياسي طاقت جي حيثيت حاصل ٿي وئي هئي. ان صورتحال کي هڪ شاعر پنهنجن هنن لفظن ۾ نظم ڪيو آهي:
ہمیں چھائے ہوئے شرق سے تا غرب دنیا میں
نہ تھا پلہّ کسی ملت کا دنیا میں گراں ہم سے
موجوده فقھ انهيءَ حاڪمانه دؤر ۾ سهيڙيو ويو. ان جو قدرتي نتيجو هيءُ نڪتو ته ان دؤر جو مزاج ان ۾ داخل ٿي ويو. هيءُ سهيڙيل فقھ هڪ قسم جو حاڪمانه فقھ بڻجي ويو.
موجوده فقه ڪافي ناهي
ٻين ۽ ٽين صدي هجريءَ ۾ جيڪو فقھ سهيڙيو ويو، ان بابت بعد ۾ مسلمانن جو عام عقيدو هيءُ ٿي ويو ته هيءُ هڪ مڪمل فقھ آهي ۽ انساني زندگيءَ بابت قرآن ۽ حديث جي سموري تعليمات مفصل ۽ مڪمل طور تي ان ۾ شامل آهي. هيءُ عقيدو ان نظريي کي حق پاسائتو ثابت ڪندو هو ته فقھ جي تدوين کان پوءِ هينئر اجتهاد جو دروازو بند ٿي چڪو آهي. هينئر فقط مقيد اجتهاد يا مقلدانه اجتهاد جو دروازو مسلمانن لاءِ کليل آهي.
اهو عقيدو قديم دؤر ۾ بظاهر درست هيو، پر جڏهن حالتون بدليون، خاص طور تي جڏهن روايتي دؤر ختم ٿيو ۽ جديد سائنسي دؤر آيو ته هيءُ عقيدو مسلمانن لاءِ سخت نقصانڪار ثابت ٿيو. مسلمان پنهنجي تصور مطابق فقھ کي مڪمل قانوني نظام سمجھي ويٺا هئا. سندن خيال هو ته کين پنهنجن مسئلن لاءِ سهيڙيل فقھ کان ٻاهر ڏسڻ جي ضرورت ناهي. تنهن ڪري جديد دؤر جا مسلمان تمام گھڻين قيمتي هدايتن کان محروم ٿي ويا جيڪو قرآن ۽ سنت ۾ ته موجود هيون، پر فقھ ۾ ان کي جڳهه نه ملي هئي. ڪجھه مثالن مان ان معاملي جي وضاحت ٿئي ٿي.
موجوده دؤر ۾ جيڪو سياسي انقلاب آيو، ان جي نتيجي ۾ هڪ نئون سياسي نظام پيدا ٿيو جنهن کي جمهوريت (Democracy) چئجي ٿو. اسان جو موجوده فقھ ان کان اڳ بادشاهت جي دؤر ۾ ٺهيو هو، تنهن ڪري ان ۾ جديد جمهوريت جو ڪو به تصور شامل نه هيو، جنهن ڪري فقھ جي ڍانچي ۾ سوچيندڙ ان جي اهميت کي نه سمجھي سگھيا. ڪنهن ان کي لاديني نظام قرار ڏيئي حرام ٻڌايو، ڪنهن ان کي فقط ”مٿي ڳڻپ“ سمجھيو، پر اصل حقيقت هيءَ آهي ته جمهوريت مسلمانن لاءِ هڪ سياسي نعمت جي حيثيت رکندي هئي. قديم بادشاهت جي ابتڙ جمهوريت ”اقتدار ۾ شرڪت“ (Power Sharing) جي اصول تي مبني آهي. جمهوري نظام مسلمانن کي هيءُ موقعو ڏئي ٿو ته سهڻي تدبير سان هر ملڪ ۾ سياسي نفوذ حاصل ڪري سگھن، پر مسلمان اجتهادي طرز فڪر کان محروميءَ ڪري ائين ڪري نه سگھيا. سندن مقلدانه ذهن هيءُ ته سوچيو ته آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ خلافت قائم ڪرڻ جي تحريڪ هلائين، ۽ ڪيلي فورنيا کي خيلي فورنيا ۾ تبديل ڪرڻ جو کل جوڳو خواب ڏسن، پر سندن سمجھه ۾ هيءَ ڳالهه نه اچي سگھي ته هو اقتدار ۾ شرڪت جي جديد اصول کي استعمال ڪري آمريڪا ۾ پنهنجي سياسي جڳهه حاصل ڪن.
موجوده زماني ۾ مسلم فڪر جي پسماندگيءَ جو سبب هيءُ هيو ته انهن مجتهدانه طرز فڪر، ٻين لفظن ۾ مدون فقھ کان ٻاهر اچي سڌو سنئون قرآن ۽ حديث مان رهنمائي وٺڻ جو دروازو پنهنجي مٿان بند ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن اهو فڪري حادثو پيش نه اچي ها ۽ هو کليل ذهن سان قرآن ۾ تدبر ڪن ها ته کين معلوم ٿئي ها ته قرآن ان معاملي ۾ کين واضح رهنمائي ڏيئي رهيو آهي.
هيءَ رهنمائي قرآن جي سورة نمبر ١٢ ۾ موجود آهي. ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته الله جي پيغمبر حضرت يوسف ؑ جي زماني ۾ مصر ۾ هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو. ڪنهن سبب هو ان لاءِ راضي ٿي ويو ته حضرت يوسف کي پنهنجي سياسي نظام ۾ هڪ با اختيار شريڪ جي حيثيت سان شامل ڪري. حضرت يوسف ؑ پنهنجي هم عصر بادشاهه جي ان پيشڪش تي راضي ٿي ويو ۽ سندس سياسي نظام ۾ هڪ حڪومتي عهدو قبول ڪري ورتائين. هيءُ عهدو بظاهر بادشاهه جي ماتحت وزيرِ خوراڪ ۽ زراعت جو هو، پر عملي طرح اهو نائب سلطنت جو عهدو رهيو. ڇاڪاڻ ته قديم رزاعتي دؤر ۾ ڪنهن ملڪ جون سموريون اقتصادي ۽ غير اقتصادي سرگرميون زراعت تي مبني هونديون هيون. ان لحاظ کان حضرت يوسف ؑ کي جيڪو عهدو مليو، اهو ڄڻ ته ملڪ جي سڀ کان وڏي ڪليدي عهدي جي حيثيت رکندو هو.
جديد دؤر جا مسلمان جيڪڏهن فقهي تقليد مان نڪري سڌو سئون قرآن تي مجتهدانه غور فڪر ڪن ها ته ڄاڻي وٺن ها ته قرآن ۾ حضرت يوسف جو ڄاڻايل واقعو سندن لاءِ هڪ عظيم پيغمبرانه مثال هيو. اهو کين هيءَ رهنمائي ڏئي ٿو ته هو جمهوريت جي نئين دؤر ۾، اقتدار ۾ شرڪت جي اصول کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪن ۽ هيءُ يقين رکن ته ان جو ائين ڪرڻ پيغمبرانه اسوه جي عين مطابق آهي.
تقليدي نظر ۽ اجتهادي نظر جو فرق
مولانا سيد حسين احمد مدني (وفات ١٩٥٧ع) لکيو هو ته: ”تاريخ ٻڌائي ٿي ته هند ۾ جڏهن مسلمان آيا ته عام طور تي هتان جا رهواسي ٻڌ مذهب رکندا هئا ۽ ڇوت ڇات ته پري رهي، وهانءَ شادي به خوشيءَ سان هڪٻئي سان ڪندا هئا. ان جو نتيجو هيءُ نڪتو ته ميل ميلاپ نهايت سگھارو اثر ڇڏيو. خاندانن جا خاندان مسلمان ٿي ويا. ان کان پوءِ جڏهن محمود غزنوي جو زمانو آيو ته هندن ۾ مختلف سببن ڪري اشتعال پيدا ٿئي ٿو ۽ شنڪر آچاريه ماڻهن کي ٻڌ مذهب مان ڪڍي، برهمڻي مذهب کي اختيار ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ پوءِ برهمڻي مذهب سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويندو آهي. برهمڻ ڇاڪاڻ ته ڏسي رهيا هئا ته اسلام جوسيلاب ميل ميلاپ سبب سندن مذهب کي مٽائي رهيو آهي، تنهن ڪري انهن عوام ۾ نفرت جي پروپيگنڊا پکيڙيندي مسلمانن کي ”مليڇ“ چيو. اڪبر ان تفريقي خيال ۽ عقيدي کي پاڙئون پٽڻ گھريو. جيڪڏهن اڪبر جي جاري ڪيل پاليسي جاري رهي ها ته ضرور برهمڻن جي هيءَ چال دفن ٿي وڃي ها ۽ اسلام جا متوالا اڄ هندستان ۾ اڪثريت ۾ هجن ها. اڪبر عام هندو ذهنيت ۽ نفرت کي اندران ئي اندران کوکلو ڪري ڇڏيو هو. اڪبر (پنهنجي حڪمت عمليءَ سبب) نفس دين اسلامي روايتن سان لاڳاپيل ڪجھه غلطيون پڻ ڪيون جنهن ڪري مسلمان طبقي ۾ ان جي خلاف بدظني پکڙجي وئي. جيتوڻيڪ گھڻا بدظني ڦهلائيندڙ غافل ۽ گھٽ سمجھه رکندڙ هئا. جيئن معلوم آهي ته صلح حديبيه ئي مڪي جي فتح ۽ عرب جي فتح جو پيش خيمو آهي. جنهن ڏينهن صلح حديبيه پوري ٿي، انهيءَ ڏينهن ”انا فتحنا لک فتحا مبينا“جي آيت نازل ٿي. پاڻ ۾ ميل ميلاپ، نفرت ۾ ڪمي اچڻ، مسلمانن جي اخلاق ۽ سندن تعليمات جو معائنو ڪرڻ، دلين مان هٺ ۽ ضد ختم ٿيڻ وغيره، اهي ئي ڳالهيون هيون، جن قريش کي ڇڪي ڇڪي صلح حديبيه کان پوءِ مسلمان بڻائيندي مڪي کان مديني پهچايو. مطلب ته ميل ميلاپ نفرت جي خاتمي جو سبب آهي ۽ اهو قومن کي اسلام ڏانهن آڻڻ وارو آهي ۽ نفرت ضد جو سبب ۽ عدم اطلاع علي المحاسن آهي ۽ اهو اسلامي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ آهي. ڇاڪاڻ ته اسلام تبليغي مذهب آهي، تنهن ڪري ان جو فرض آهي ته جيتريقدر ٿي سگھي، ڌارئي کي پاڻ ۾ شامل ڪري؛ نڪي ان کي دور ڪري. تنهن ڪري جيڪڏهن پاڙيسري اسان سان نفرت ڪن ته اسان کي ساڻن نفرت ڪرڻ نه گھرجي. جيڪڏهن هو اسان کي ناپاڪ ۽ مليڇ چون ته اسان کي کين ائين نه چوڻ گھرجي. هو اسان سان ظالمانه ورتاءُ ڪن ته اسان کي ساڻن ظالمانه ۽ غير منصفانه ورتاءُ نه ڪرڻ گھرجي.“ (مڪتوبات شيخ الاسلام، حصو پهريون، مڪتوب نمبر٦٣، ڇاپو مڪبته دينيه ديوبند. ص – ١٤١ – ١٤٦)
مولانا حسين احمد مدنيءَ جي هن بيان تي غور ڪيو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته مقلدانه نظر ڪيئن شين کي فقط سندن ظاهر (Face Value) تي وٺندي آهي ۽ مجتهدانه نظر ڪيئن لڪل حقيقتن تائين پهچي ويندي آهي. مغل بادشاهه اڪبر جيتوڻيڪ گھڻو تعليم يافته نه هيو، پر هو بي حد ذهين هو. هُن هِن راز کي سمجھي ورتو ته اسلام پنهنجي فطري ڪشش سبب هر انسان کي اپيل ڪندو آهي. شرط فقط هيءُ آهي ته ماڻهن جي وچ ۾ ضد ۽ نفرت جي فضا نه هجي. هن وڌيڪ ان حقيقت کي سمجھيو ته برهمڻن، هندن ۽ مسلمانن ۾ دوري پئدا ڪري اسلام جي پرچار کي مصنوعي طور تي روڪي ڇڏيو آهي. ان دريافت سبب اڪبر هيءُ ڪيو ته ڪجھه بي ضرر هندو رسمن کي پنهنجي درٻار ۾ رائج ڪري ڇڏيو. اڪبرجي هيءَ روش هندو مذهب کي اپنائڻ لاءِ نه هئي، پر اها فقط دل وٺڻ لاءِ هئي. ان جو اصل مقصد اسلام جي پرچار ۾ پيدا ٿيندڙ رڪاوٽن کي دور ڪرڻ هيو.
پر اڪبر جا همعصر عالم ان راز کي سمجھي نه سگھيا. سندن نظر فقط اڪبر جي گيڙوءَ ڪپڙي کي ڏسي سگھي. اڪبر جنهن گھري پاليسيءَ تحت وقتي طور تي گيڙوءَ ڪپڙي کي اختيار ڪيو هو، ان حڪمت کي سمجھڻ کان هو قاصر رهيا. انهن هن جي خلاف ايترو طوفان مچايو، جو سندس منصوبو پنهنجي تڪميل تي پچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويو. ان معاملي کي غلط رنگ ڏيڻ جو نتيجو هيءُ نڪتو جو هندستاني تاريخ جو سفر اسلام جي موافقت ۾ جاري ٿيڻ بدران اسلام جي خلاف جاري ٿي ويو. مولانا سيد حسين احمد مدني ان معاملي تي جيڪو تبصرو ڪيو آهي، اهو مجتهدانه نظر جو هڪ واضح مثال آهي. هو پنهنجي مجتهدانه بصيرت سبب هن راز کي دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته معتدل حالتن ۾ مسلمانن ۽ غير مسلمانن جي وچ ۾ ميل ميلاپ هميشه اسلام جي اشاعت جي صورت ۾ ظاهر ٿيو . ڇري ۽ گدري جي وچ ۾ جيڪڏهن ٽڪراءُ هجي ته فتح هميشه ڇريءَ کي ئي ٿيندي. پوءِ ڇريءَ کي گدري مٿان رکيو وڃي يا گدري جي هيٺان، ايستائين جو ان وقت به گدري کي ئي نقصان رسندو آهي، جڏهن ڇريءَ بظاهر پنهنجو پاڻ کي گدري جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو هجي.
صحيح معيار ۽ غلط معيار
مقلدانه فڪر جا تمام گھڻا نقصان آهن. انهن ۾ شايد سڀ کان وڏو نقصان هيءُ آهي ته اهڙا ماڻهو حق کي خود حق سان نٿا سڃاڻن، پر هو ان کي ماڻهن جي نسبت سان سڃاڻن ٿا. اهڙن ماڻهن جو سڀ کان وڏو مرجع سندن مفروضه بزرگ بڻجي ويندا آهن. هي مفروضه بزرگ جنهن شيءِ کي حق ٻڌائين ان کي هو حق مڃين ٿا. ڪو به شخص جيڪو سندن مفروضه بزرگن جي فهرست ۾ شامل نه هجي، اهي جيتوڻيڪ ڪيترن ۽ گھڻن دليلن سان ڪنهن ڳالهه کي ڇو نه پيش ڪري، هو ان کي مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي اندر هيءَ صلاحيت ئي نه هوندي آهي ته هو دليل جي ذريعي ڪنهن شيءِ کي سڃاڻن ۽ ان کي اختيار ڪن.
اهو ئي واحد سڀ کان وڏو سبب آهي، جنهن ڪري هر دؤر ۾ پيغمبرن جو انڪار ڪيو ويو. پيغمبر پنهنجن همعصرن کي هڪ نئون شخص ڏسڻ ۾ ايندو هو، جيڪو سندن مفروضه بزرگن جي فهرست کان ٻاهر هو. تنهن ڪري هو پيغمبر کي سندس زندگيءَ ۾ لحاظ جوڳي شخص جو درجو نه ڏيئي سگھيا. وڌيڪ هي ته پيغمبر جڏهن سندن محبوب شخصيتن تي تنقيد ڪندو هو ته هو ان سان ويتر وڌيڪ ڀڙڪي پوندا هئا ۽ ان جي پيغام تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندا هئا.
مقلدانه ذهن ۽ مجتهدانه ذهن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم فرق هيءُ آهي ته مقلدانه ذهن رکندڙ ماڻهو، حق کي فقط پنهنجين شخصيتن جي حوالن سان سڃاڻن ٿا. ان جي ابتڙ مجتهدانه ذهن رکندڙ ماڻهن ۾ هيءُ صفت هوندي آهي ته هو حق کي خالص دليل جي زور تي سڃاڻن ۽ ان کي پوري آمادگيءَ سان اختيار ڪري سگھن.
انهيءَ فرق جو هي نتيجو آهي ته مقلدانه ذهن رکندڙ ماڻهو عين انهيءَ شيءِ کان محروم ٿي ويندا آهن، جنهن کي دين ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم حيثيت حاصل آهي. يعني ”معرفت وارو ايمان“. معرفت واري ايمان جو سرچشمو ذاتي دريافت (Self Discovery) آهي. مقلدانه ذهن رکندڙ ماڻهو خود پنهنجي ذهن کي آزادانه طور تي استعمال ئي نه ڪندا آهن. تنهن ڪري هو معرفت واري اسلام کان واقف نه ٿيندا آهن.
مجتهدانه ذهن رکندڙن جو معاملو ان جي بلڪل ابتڙ آهي. اهڙن ماڻهن جي ذهن جون دريون هر وقت کليل رهنديون آهن. هو سدائين آزادانه طور تي غور فڪر لاءِ تيار رهندا آهن. اهي هيءَ صلاحيت رکندا آهن، ته جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جو حق هجڻ ظاهر ٿئي. ته هو فورا ان کي سڃاڻي وٺن ۽ ڪنهن جھجھڪ کان سواءِ ان کي مڃي وٺن.
موجوده دنيا ۾ ڪنهن انسان لاءِ سڀ کان وڏي شيءِ هيءَ آهي ته هو حق کي دريافت ڪري. اهو احساس ته مون سچائيءَ کي ماڻي ورتو آهي، بيشڪ هن دنيا جي سڀ کان وڏي نعمت آهي. پراها عظيم ترين نعمت فقط انهن ماڻهن کي ملندي آهي، جيڪي مجتهدانه فڪر رکندڙ هجن. جيڪي مقلدانه فڪر جي اونداهين ۾ گم هوندا، اهي ڪڏهن به معرفت جي سچائيءَ جو تجربو نٿا ڪري سگھن.